Saturday, March 29, 2025

ھڪڙو جرنيل لائبرريءَ ۾ - اِٽالو ڪيلوينو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھڪڙو جرنيل لائبرريءَ ۾

(مختصر اطالوي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: اِٽالو ڪيلوينو 

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پينڊوريا جي مشھور قوم ۾ ھڪ ڏھاڙي، اعليٰ حاڪمن جي مغز منجھ اھو شڪ اچي اڀريو ته ڪتابن ۾ اھڙا خيال ملن ٿا، جيڪي عسڪري عزت ۽ وقار جي رد ۾ آھن. اصل ۾ ٿيو ھيئن ته پڇا ڳاڇا ۽ قائم ڪيل مقدمن، انھيءَ مامري جي نشاندھي ڪئي ھئي ۽ اھا اھڙي لھر ھئي جيڪا ماڻھن منجھ ججھي ڦھليل ھئي. انھن سمجھيو پئي ته جرنيل ئي اھي ماڻھو آھن، جيڪي اصل ۾ غلطيون ڪن ٿا ۽ آفتن ۽ جنگين جا ذميدار ٿين ٿا.... ٻيو ته اھو سڀ ڪجھ قوم کي شاندار نصيب ڏانھن نيو نه پيو وڃي ۽ نه ئي قوم کي بچائڻ خاطر ڪيو ٿو وڃي. اھي خيال گھڻن ڪتابن منجھ ساڳيا ئي ھيا، چاھي اھي آڳاٽا ھيا يا ھاڻوڪا، ڪتاب پينڊوريا جا ھيا يا پرڏيھي.

پينڊوريا جو ’جنرل اسٽاف‘ گڏجي ويٺو ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگھي. کين، ليڪن اھا سڌ ئي نه ھئي ته ڪاٿان کان شروع ڪجي ڇو جو منجھانئن ڪو به خاص طور تي ڪتابيات جي معاملن کان واقف نه ھيو. تنھنڪري انھن جنرل فيڊينا جي سربراھيءَ ۾ ھڪ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي. اھو جرنيل، سخت طبيعت جو ليڪن فرض شناس آفيسر ھيو. انھيءَ ڪميشن کي، پينڊوريا جي مڙني کان وڏي لائبرريءَ ۾ موجود سمورن ڪتابن جي جاچ پڙتال ڪرڻي ھئي.



ھيءَ لائبرري، ھڪڙي جھوني عمارت اندر ھئي، جنھن ۾ اڀا سٿيل اڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ ڏاڪڻيون ھيون. ان جي ڀتين جو پلستر ھنڌئون ھنڌئون اکڙيل ھيو. بلڪ ڪيترين جاين تي ته اھو ڇڻي ڪرڻ تي ھيو. ان جي ٿڌن ڪمرن ۾ ڪتاب ائين دٻي ڦسي ڀريل ھيا جو ڪيترن ڪتابن تائين پھچڻ به ڏاڍو ڏکيو ھيو. منجھن ڪي کُھريون ڪنڊون اھڙيون به ھيون جن مان رڳو ڪوئا ئي ڪا شيءِ ڳولي پئي سگھيا. ھيڪاندن فوجي خرچن ھيٺئون دٻيل پينڊوريا جي رياست، ان سلسلي ۾ ڪنھن مالي مدد جي قابل نه ھئي.

فوج نومبر ۾ ھڪڙي صبح، وسندي مينھن ۾ ئي لائبرريءَ تي قبضو ڪري ورتو. جرنيل، پنھنجي گھوڙي تان لٿو. پيرَ ڦٻائي، سيٽجي بيٺو. ڏاڙھي ڪوڙيل ھيس، ڪنڌ ٿلھو ھيس ۽ نڪ تي رکيل عينڪ جي مٿئون سندس ڀروون ڪاوڙ منجھئون ڦڙڪيا پئي. چار لمڍينگ (ڊگھا پر ڏؤڙا) ليفٽيننٽ، وات پٽيو ليڪن اکيون ھيٺ ڪيو ڪار مان ٻاھر نڪتا. ھر ھڪ جي ھٿ ۾ بريف ڪيس ھيو. ان کان پوءِ سپاھين جو ھڪڙو جٿو آيو. انھن لائبرريءَ جي آڳر تي وانڍ ھنئي. جنھن ۾ خچر ۽ انھن لاءِ گاھ جون ڀريون، خيما، کاڌي پچائڻ جو سامان، ٿانءَ ٿپا، ڪئمپ ريڊيو ۽ سگنل ڏيڻ واريون جھنڊيون شامل ھيون.

دروازن تي نه رڳو سنتري بيھاريا ويا ھيا بلڪ مٿن اھڙا نوٽيس به ٽنگيا ويا ھيا جن تي لکيل ھيو؛ ”اوستائين اندر وڃڻ جي منع آھي، جيستائين وڏي پيماني جي ھيءَ مشق جاري آ.“ ائين ڪرڻ ان لاءِ به ضروري سمجھيو ويو ھيو ته جيئن ھيءَ انڪوائري انتھائي رازداريءَ سان ڪري سگھجي. ڪتابن جا شوقين، جيڪي سيءَ کان بچڻ خاطر ڳؤرا ڪوٽ، ڳچين جا مفلر ۽ ڪنٽوپ پايون، لائبرريءَ ويندا ھيا، تن کي موٽي وڃڻو پيو پوي. مونجھاري ۾ ڦاٿل اھي ماڻھو ھڪٻئي کان پڇن ته؛ ”لائبرريءَ ۾ وڏي پيماني تي ھيءَ فوجي مشق ڇا لاءِ آ؟ ڇا ھي ھتي پيل ھر شيءِ ھيڏي ھوڏي نه ڪري ڇڏيندا؟ ڇا ھيءُ ھتي نشاني بازي به ڪندا؟ يعني گوليمار وارو ڪم ڪندا؟“

لائبرريءَ جي عملي منجھان فقط ھڪڙي ڪراڙي شخص، سينيور ڪرسپينو کي ساڻ رکيو ھيائون ته جيئن ھو آفيسرن کي ٻڌائي سگھي ته ڪتاب ڪھڙي ترتيب سان رکيل آھن. ھو عملي منجھ، مڙني مان ننڍي قد جو ھيو. سندس بيدي جھڙو مٿو، گنجو ھيو ۽ سندس اکيون عينڪ جي پويان ننڍڙن بٽڻن وانگر ھيون. جنرل فيدينا لاءِ ھن آپريشن جي ھر چرپر اولين ۽ اھم ترجيح ۾ شامل ھئي، ڇو جو کيس اھو حڪم ڏنو ويو ھيو ته انڪوائري مڪمل ڪرڻ کان اڳي ڪميشن جو ڪو به فرد لائبرريءَ کان ٻاھر نه ويندو. ھيءُ ھڪ اھڙو ڪم ھيو، جنھن جي لاءِ وڏي ڌيان جي ضرورت ھئي. ٻيو ته ڪميشن، پاڻ کي ان ڳالھ جي اجازت نه پئي ڏئي سگھي ته منجھس شامل فوجين جو ڌيان ڪنھن به طرح ھيڏي ھوڏي ٿئي. تنھنڪري ضرورت جون سموريون شيون حاصل ڪيون ويون ۽ بيرڪن ۾ ھلايا ويندڙ چلھا ۽ ڪاٺين جو کوڙُ ھنيو ويو. انھن ڪاٺين سان گڏ پراڻن رسالن جو ڍير سٿيو ويو، جن کي غير دلچسپ ڄاتو پئي ويو. ھونئن ھيءَ لائبرري، سياري جي موسم ۾ ايتري گرم نه ٿي ھئي، جيتري ھيل ٿي ھئي. جرنيل ۽ سندس آفيسرن لاءِ به ڀريل گاديلا ٿانيڪن ھنڌن تي وڇايا ويا ۽ انھن جي آسپاس ۾ ڪوئن پڪڙڻ واريون ڪوڙڪيون به رکيون ويون ھيون.

اھو سڀ ڪرڻ کان پوءِ ذميداريون ورھايون ويون. ھر ليفٽيننٽ کي ھڪڙي مخصوص شاخ يا وري تاريخ جي ڪا مخصوص صدي ڏني وئي. جرنيل کي، پاڻ ڪتابن جي جلدن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي ھئي ۽ رٻڙ جو ھڪڙو ٺپو مٿن ھڻڻو ھيو ته ھر ھڪ ڪتاب آفيسرن، نان ڪميشنڊ آفيسرن، سپاھين چڱيءَ طرح سان پرکيو آھي يا نه، ٻيو يا ٻيھر انھن کي فوجي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آ.

ائين ڪميشن کي سونپيل ڪم شروع ڪيو ويو. ھر شام جو جنرل فيدينا جي رپورٽ ڪيمپ ريڊيو جي ذريعي، ھيڊ ڪوارٽر کي موڪلي ويندي ھئي؛

”ھيترن ڪتابن جو جائزو ورتو ويو. ھيترا مشڪوڪ سمجھي، ضبط ڪيا ويا. ھيترا آفيسرن ۽ فوجين جي لاءِ مناسب سمجھيو ويو.“

ڪڏھن ڪڏھن انھن انگن اکرن (انگوئڙن) سان گڏ، عام ڳالھين کان ھٽي ڪري ڪا ھيئن به موڪليو ويندو ھيو، جيئن ھڪڙي آفيسر جي لاءِ ھڪ عدد عينڪ جي ضرورت آ ته جيئن صحيح نموني پڙھي سگھي، ڇو جو ھو پنھنجي ڀڃي ويٺو آ. يا وري ھيءَ خبر نشر ڪئي ويندي ھئي ته ھڪڙي خچر، سيسيرو جو ھڪڙو نادر قلمي مسودو کائي ڇڏيو آ، ڇو جو ڪنھن جي به مٿس نظر نه ھئي.

ليڪن اھڙيون ڳالھيون به ٿيون پئي، جيڪي انھن کان گھڻيون اھم ھيون، جيڪي ڪيمپ ريڊيو، پھچايون نه پئي. لڳو ائين پئي ته ڪتابن جو ڍير کُٽڻ بجاءِ وڌيڪ گڊمڊ ٿيندو ۽ گينڊاڙبو پئي ويو. جيڪڏھن سينيور ڪرسپينو، مدد لاءِ نه ھجين ته ھوند آفيسر پنھنجو رستو به وساري ويھن.

مثال جي طور تي ميز تي ويٺل ليفٽيننٽ ايبروگاٽي، ڪتاب پڙھندي پڙھندي ٽپو ڏئي اٿي بيھندو ۽ ڪتاب پري اڇليندو؛ ”پر ھيءُ ته ڀڙڪائيندڙ آ. پيونڪ جنگين بابت، ھن ڪتاب ۾ ڪارٿيجن کي سٺو ڏيکاريو ويو آ ۽ رومين تي تنقيد ڪئي وئي آھي! ھن ڪتاب جي ترت رپورٽ ڪرڻ گھرجي!“ (ان ۾ ته اھو چوڻ گھربو ھيو ته پينڊوريا جا ماڻھو پاڻ کي رومين جو اولاد سمجھندا ھيا. پوءِ اھو سچ ھيو يا ڪوڙ). ڪراڙو لائبررين، پنھنجي نرم چپل ۾، وٽس ايندو؛ ”ھيءُ ته ڪجھ به ناھي.“ ھو چوندس؛ ”ھيءُ پڙھو! رومين بابت ھتي ڇا لکيل آھي. اوھان پنھنجي رپورٽ ۾ ھيءُ به لکي سگھو ٿا ۽ ھيءُ به... .. ھيءُ به.“ وري ھو ڪتابن جو ٻيو ڍڳ، کيس اچي ڏيندو. ليفٽيننٽ پھرين ته حيران ٿي ڪتابن جا پنا اٿلائي ڏسندو، ۽ جيڪڏھن اھي کيس دلچسپ لڳا ته اھي پڙھڻ لڳندو ۽ نوٽس ٺاھڻ کي لڳي ويندو. ھو مٿو کنھندو ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندو؛ ”حيرت آ! ڇا ته ڄاڻڻ لاءِ پيو ملي! مان ڀلا ائين ڪيئن ٿو سوچي سگھان.“

سينيور ڪرسپينو، ليفٽيننٽ لوچيٽيءَ وٽ ويندو، جيڪو جوش وچئون ھڪڙو ڪتاب ٺپيندي پيو چوندو ھوندو؛ ”ڇا ته ڀلو مواد آ! انھن ماڻھن ڪيڏي نه دليري ڏيکاري آ ۽ انھن نظرين جي پاڪائيءَ کي شڪ جي نظر سان ڏٺو آھي جيڪي صليبي جنگين جو سبب بڻيا.... جي جناب!.... صليبي جنگيون.“

سينيور ڪرسپينو مرڪندي چوندو؛ ”اوھ! ليڪن ڏسو اگر اوھان کي ان موضوع تي رپورٽ ٺاھڻي آ ته ڇا مان اوھان کن ٻين ڪتابن کي ڏسڻ جو مشورو ڏيان! جن ۾ اڃا گھڻا تفصيل ڏنل آھن.“ پوءِ ھو ڪتابن سان ڀريل، اڌ خانو سندس آڏو اچي ڍير ڪندو. ليفٽيننٽ لوچيني، اڳتي نِوڙندو ۽ منجھن گم ٿي ويندو ۽ ھفتو کن ته ويٺو انھن جا پنا اٿلائيندو، چپن ئي چپن ۾ پيو چوندو؛ ”مان اھو ضرور چوندس ته اھي صليبي جنگيون ھيون شاندار!“

ڪميشن جي شام وارين رپورٽن ۾ انھن ڪتابن جو تعداد ويو وڌندو، جن جو جائزو ورتو ويو ھيو۔ ليڪن اھي رپورٽون، انھيءَ نسبت جو تعداد چٽو نه پئي ڪري سگھيون ته حتمي طور تي مثبت ڪھڙيون ۽ منفي ڪھڙيون ھيون. جنرل فيدينا جا رٻڙ وارا ٺپا پئي پئي بيڪار ٿيڻ لڳا. جيڪڏھن ھو پنھنجي ڪنھن ليفٽيننٽ جي ڪم جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پڇندو؛ ”ليڪن توھان ھن ناول کي پاس ڪيئن ڪيو؟ ھن ۾ ته سپاھي، آفيسرن کان ڀلا ڏيکاريل آھن! انھيءَ مصنف وٽ ته درجي بندي ۽ تنظيم جي ڪا عزت ئي ناھي!“

ليفٽيننٽ جواب ۾ ٻين مصنفن جا حوالا ڏيندي تاريخ، فلسفي ۽ معيشت جا معاملا پاڻ ۾ گڏ-مس ڪري ويندو. ان سان کليل بحث جو سلسلو شروع ٿيو، جيڪو پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ روان رھڻ لڳو. سينيور ڪرسپينو پنھنجي نيري قميص ۾ لڳ ڀڳ گم، پنھنجي چپل ۾ ڇپ ڇپ ڪندو ھميشہ اھڙي وقت اچي پھچندو ۽ بحث ھيٺ موضوع تي اھڙا وڌيڪ ڪتاب پڙھڻ لاءِ پيش ڪندو، جيڪي سندس نظر ۾ دلچسپ معلومات رکندڙ ھوندا ھيا ۽ اھي ڪتاب پڪ سان جنرل فيدينا جي پڪن عقيدن کي به کائي ويندا ھيا.

انھيءَ دوران سپاھين وٽ، ڪرڻ لاءِ ڪجھ به نه ھوندو ھيو ۽ بيزار ٿيڻ لڳندا ھيا. انھن پيادن ۾ ھڪڙو براھاسو ھيو، جيڪو مڙني کان سرس پڙھيل لکيل ھيو. ان، آفيسرن کان پڙھڻ لاءِ، ھڪڙو ڪتاب گھريو. پھرين ته کيس، انھن چند ڪتابن منجھان ھڪڙو، جيڪو فوجين جي پڙھڻ لاءِ موزون چيو ويو ھيو، ڏيڻ چاھيائون، ليڪن کين وري انھن ھزارن ڪتابن جو خيال پيو جن جو اڃا جائزو وٺڻو ھيو. جنرل فيدينا به اھو ئي سوچي گھٻرايو ته ائين براھاسو ڊيوٽيءَ تي ھوندي به اھڙا ڪتاب پڙھڻ ۾ وقت وڃائيندو، جيڪي پھرين پڙھجي چڪا آھن. ھن کيس اھڙو ڪتاب ڏئي ڇڏيو، جنھن جو جائزو وٺڻ اڃا رھيل ھيو. اھو ھڪڙو ناول ھيو، جيڪو ڏسڻ ۾ سھنجڙو پئي لڳو. اھو ناول به سينيور ڪرسپينو ئي تجويز ڪيو ھيو. براھاسو کي ھدايتون ڏنيون ويون ته ھو اھو ناول پڙھي، جنرل کي رپورٽ پيش ڪري. ٻين پيادن به ساڳيون فرمائشون ڪيون ۽ کين پڻ اھڙيءَ طرح ڪم تي لڳايو ويو. پيادي توماسن پنھنجي ھڪڙي سنگتي پيادي کي وڏي آواز ڪتاب پڙھي ٻڌايو. ڇو جو ھو پڙھي نه ڄاڻندو ھيو. توماسن چاھيو پئي ته ھو به انھيءَ ڪتاب تي پنھنجا تاثرات ڏئي. ائين فوجي جوان به، آفيسرن سان کليل بحث ۾، حصو وٺڻ لڳا.

ڪميشن جي ڪم ۾ ڪھڙي اڳڀرائي ٿي، تنھن بابت ته ڪا گھڻي ڄاڻ ناھي ڇو جو سياري جي انھيءَ ڊگھي موسم ۾، ڪيترن ئي ھفتن تائين اھا رپورٽ نه موڪلي وئي ته لائبرريءَ ۾ ڇا پيو ٿئي. اسان کي فقط اھا ڄاڻ ملي آ ته جنرل اسٽاف ھيڊڪوارٽر کي جنرل فيدينا جون اھي رپورٽون ڏھاڙي وڃڻ بجاءِ پھرين وِٿين سان وڃڻ لڳيون، پوءِ انھن ۾ به بي قاعدگي وڌندي وئي ۽ نيٺ ھلي اھي به بند ٿي ويون. چيف آف اسٽاف کي ان تي ڳڻتي ٿي ۽ ان حڪم موڪلرايو ته انڪوائري، جلد کان جلد سميٽي ان جي مڪمل ۽ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

لائبرريءَ منجھ، انھيءَ حڪم، فيدينا ۽ سندس ماڻھن تي مختلف قسم جا اثر ڇڏيا. ھڪ طرف ھو لڳاتار نيون دلچسپيون لڀي رھيا ھيا ۽ پنھنجي مطالعي ۽ پڙھائيءَ مان مزو ماڻي رھيا ھيا، جيئن اڳي ڪڏھن نه ٿيا ھيا ۽ کين ان جو تصور به نه ھيو. ٻئي طرف ھو پنھنجي دنيا ۾ موٽي وڃڻ لاءِ پڻ آتا ھيا ۽ زندگي ٻيھر شروع ڪرڻ پئي چاھيائون، ھڪ اھڙي زندگي ۽ دنيا، جيڪا ھاڻ سندن لاءِ اڳي کان الائي ڪيترو پيچيده ٿي چڪي ھئي، جنھن جي انھن پاڻ پنھنجي اکين سان نواڻ ڪئي ھئي. انھيءَ تضاد جو ھڪڙو ٻيو رخ اھو به ھيو ته اھو ڏھاڙو گھڻي تيزيءَ سان ويجھو اچي رھيو ھيو جنھن ڏينھن کين ھن لائبرريءَ مان موڪلائي نڪرڻو ھيو. سندن دليون شڪ جو شڪار ھيون، ڇو جو کين پنھنجي نصب العين جي مڪمل رپورٽ پڻ ڏيڻي ھئي. سندن مغزن ۾ اھڙا خيال ٻڙڪيا پئي، جن بابت کين پاڻ کي به خبر نه ھئي ته انھن کين ڪيڏانھن کان ورائي سرائي اچي ڪھڙيءَ سوڙھيءَ گھٽيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ھيو.

ھو شام ڌاري، لھندڙ سج جي روشنيءَ ۾، درين مان ٻاھر ليئا پائيندا ھيا. اتي ٽارين تي نوان گؤنچ پيا ڦٽندا ھيا. شھر جون بتيون ٻري رھيون ھيون. ايتري ۾ منجھانئن ڪو ھڪڙو وڏي آواز سان شعر پڙھڻ لڳندو ۽ باقي ويٺا ڪنڌ ڌوڻيندا. فيدينا، ساڻن نه ھوندو. ان اھو حڪم ڏئي ڇڏيو ھيو ته کيس سندس ميز تي اڪيلو ڇڏيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي رپورٽ کي آخري شڪل ڏئي سگھي... ليڪن رکي رکي سندس گھنٽي وڄندي ھئي ۽ ھي سڀ سندس ’ڪرسپينو‘!.. ’ڪرسپينو‘! جا سڏ ٻڌندا ھيا. ھو انھيءَ ڪراڙي لائبررين جي مدد کان سواءِ ڪاٿي به پھچي نه پئي سگھيو... ۽ پوءِ ھيءُ ٿيو جو اھي ٻئي ھڪ ئي ميز تي، گڏ ويھي رپورٽ لکڻ لڳا.

ھڪڙي چٽي صبح جو، ڪميشن لائبرريءَ کي خدا حافظ چيو ۽ چيف آف اسٽاف وٽ رپورٽ ڪرڻ لاءِ ھيڊ ڪوارٽر ويو. فيدينا جنرل اسٽاف جي آڏو، انڪوائريءَ جا سمورا نتيجا رکڻ شروع ڪيا. سندس تقرير، انساني تاريخ جي منڍ کان موجوده زماني تائين جو ھڪڙو نچوڙ ھيو. اھو خلاصو ھيو، پينڊوريا جي ڏاھن جي انھن مڙني خيالن جو، جن کي بنا ڪنھن بحث مباحثي جي، تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ھيو ۽ منجھس اھو چيو ويو ھيو ته؛ حاڪم طبقا ئي ھن قوم جي بدقسمتيءَ جو سبب ھيا ۽ ان جي عوامَ سندن غلط پاليسين ۽ اجاين جنگين جو شڪار بڻي ھئي. اھا ھڪ قسم جي گڏ-مس تقرير ھئي، جيئن ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جي ھجي، جنھن نون خيالن، چند موت-نامن ۽ دستاويزن جو تازو مطالعو ڪيو ھجي ۽ ھو انھن مڙني جي اندرين پيچيدگين کان اڻ واقف ھجي ۽ انھن جي پاڻ ۾ اختلافن کان پڻ اڻ ڄاڻ ھجي. ھا البته، عام طور تي ڏسڻ سان اھا تقرير پنھنجي مطلب جي باري ۾ واضح پيغام رکندي ھجي.

سمورن جرنيلن جون وايون بتال ھيون ۽ ھڪا ٻڪا ٿيا ويٺا ھيا. ڄڻ گونگا ھيا ۽ اکيون پٽي فيدينا کي تڪي رھيا ھيا. جڏھن سُرت ۾ ٿيا ۽ ڳالھائڻ کلين ته وٺي شور ڪيائون.

فيدينا کي پنھنجي ڳالھ پوري ڪرڻ جو موقعو ئي نه ڏنائون. اتي ئي ڪورٽ مارشل جون ڳالھيون ٿيڻ لڳيون. سندس عھدو گھٽائڻ جي پڻ چڻ ڀڻ ٿيڻ لڳي... ليڪن وري اھو سوچي ته ڪٿي وري ھيءُ به نه وڏو ۽ سنجيده اسڪينڊل ٺھي وڃي، جنرل فيدينا ۽ سندس چار ئي ليفٽيننٽ، صحت جي خرابيءَ جي بھاني سان رٽائر ڪري پينشن تي لاٿا ويا. چيو ھيءُ ويو ته پنھنجي فرضن جي بجا آوريءَ دوران، تشويشناڪ حد تائين نروس بريڪ ڊائون جو شڪار ٿي ويا ھيا.

ان کان پوءِ، ماڻھو کين اڪثر انھيءَ جھوني لائبرريءَ ڏانھن ويندي ڏسندا ھيا. کين عام شھرين وارو لباس پھريل ھوندو ھيو. ٿلھا سوئيٽر ۽ ڳؤرا ڪوٽ پاتل ھوندا ھين ته جيئن پاري ۾ ڄمي نه وڃن.... ۽ جھوني لائبرريءَ ۾ ڪراڙو سينيور ڪرسپينو، ڪتاب کنيو سندن انتظار ۾ بيٺل ھوندو ھيو.


(قيصر نذير خاور جي اردو ترجمي تان کنيل)


No comments:

Post a Comment