Monday, September 30, 2024

الزام تراشي - منظور ڪوھيار

الزام تراشي

(ننڍڙي ڪھاڻي)

منظور ڪوھيار



اڄ ڪکو خان جي طبيعت ۾ ڄڻ ھيجاني ڪيفيت ھجي. ويٺي ويٺي عجيب سڌ ڪيائين،” دل چوي ٿي ته ڪنهن تي الزام ڌرجي!“

”ڇو؟“ پڇيومانس.

چوڻ لڳو؛ ”اڳلي جھان ۾ ٿيان نه ٿيان، پر ھن جھان ۾سرخرو ٿيڻ ٿو چاھيان.“

”خوامخواھ جي الزام تراشي ته توکي وڏي بدنامي ڏيندي!“

”اڄڪلھ شھرت ۽ بدنامي ۾ تر جيترو به فرق ناھي رھيو !“

Friday, September 20, 2024

هوا جهوٽي جيان آ هوءَ - احسان لغاري

هوا جهوٽي جيان آ هوءَ!

(ننڍڙي ڪھاڻي)

احسان لغاري


"اڄ لفٽ نه ڏيندا ڇا؟"

هڪڙو سُندر آواز ڪنين پيو، ڪنڌ ڦيرائي ڏسان ته هڪ سهڻي صورت سامهون بيٺي آهي.

"معاف ڪجو، مون اوهان کي ڪونه سڃاتو!؟"

هن ماسڪ کي هيٺ ڪيو ته بي اختيار رڙ نڪري ويم: "اڙي نڀاڳي تون، اچ تون پويان ويهه. آئون ڊرائيور سان گڏ ويهان ٿو." تڪڙو رڪشا مان لهي پيس.

"مان ته توهان کي شريف ماڻهو سمجهندي هيس، ان ڪري سلام ڪيم، توهان مونکي نڀاڳي ڇو چيو." هن وراڻيو.