نصيرَ ڪُنڀرَ وٽ زندگي ۽
آرٽ جا ڪُجهه پُورا اَڻپورا عَڪسَ
(تنقيد)
خليق ٻُگهيو
نَصير ڪُنڀر جو ڪھاڻي مجموعو
بعنوان ”جهرڪيون اُڏامي ويون“ پوئين سال ٻه هزار ٻاويهه عيسويءَ ۾ شايع ٿيو آھي.
هن ڪھاڻي-مجموعي ۾ سترهن ڪھاڻيون ڏنيون ويون آھن. ڪتاب جو توصيفي مُھاڳ شوڪت
حسين شوري جو لِکيل آھي. هِن کان اڳ، ٻه هزار ڏَھ عيسويءَ ۾ نصير ڪنڀر جو ڪھاڻي-ڪتاب
”وارياسا وجود“ پڻ شايع ٿيو هو، جنھن جو ھاڻي ٻيو ايڊيشن شايع ٿي رھيو آھي. نصيرَ
جي ڪھاڻي ڪتاب ”جهرڪيون اُڏامي ويون“ جون ڪھاڻيون پڙھندي، اُھا ڳالهه منھنجي شعور
جي دائري هيٺ آئي ته هُو مشاھداتي ڪھاڻيڪار آھي. جيستائين ماحول ۽ واقعا سندس
مُشاھدي جي دسترس ۾ شامل نٿا ٿين، تيستائين سندس ڪھاڻي وجود وٺڻ کان نابيري واري
بيهي ٿي. اُھا ڳالهه به فني تقاضا رکي ٿي ته نصير ڪنڀر جون ڪھاڻيون طوالت جو شڪار
نٿيون ٿين، جنهنڪري پڙھندڙ بوريت جو شڪار نٿو ٿئي. Edgar
Allan Poe جو چَوڻ آھي ته: