Tuesday, August 29, 2023

روئڻي شڪل - ھينرخ ٿيوڊور بوائل - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

روئڻي شڪل

(جرمن ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: ھينرخ ٿيوڊور بوائل (۱۹۱۷-۱۹۸۵ع)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



مان بندرگاھ جي ڪناري تي بيٺو ھيس ۽ منھنجي ديد، سامونڊي پکين ۾ ھئي، جيڪي پاڻيءَ ۾ ٽٻڙڪيون ڏئي ۽ وري پُسيل تن تان پاڻي ڇنڊڻ خاطر پَرَڙا ڦَڙ-ڦَڙائي رھيا ھيا. سندن پَرن مان پاڻي ائين پئي ٽميو، جيئن گلن تان ماڪ ٽمندي آھي.

مان جُوھ وجھيو، سندن اھو تماشو ڏسي رھيو ھيس. منھنجي اکين، شايد ان نظاري کان علاوه ٻيو ڪجھ ڏسڻ چاھيو ئي نه پئي...



سامونڊي سطح مٿان پکڙيل تيل، سطح کي چمڪيلو ۽ ڳُوڙھو بڻائي ڇڏيو ھيو. اوس پاس ۾ ڪو بحري جھاز به بيٺل ڪو نه ھيو. بندرگاھ تي بيٺل زنگاليل ڪرينون خاموش ۽ لاوارث، نظر اچي رھيون ھيون. ساحلي اڏاوتن تي ڀڙ ڀانگ ھئڻ جو گمان ٿي رھيو ھيو. ويرانيءَ جو اھو حال ھيو جو ڪو ڪُئو به منجھن نه پئي گھڙيو. لڳو ائين پئي ڄڻ انھيءَ ساحل تي، پرڏيھي جھازن جي اچ-وڃ تي بندش پيل ھجي.

اوچتو ئي اوچتو، ھڪڙو پکي ٽٻڙڪو ھڻي، ڦرڙاٽ ڪندو، اُڏاڻو ۽ مٿي اٿي وري ٻيھر ساگر منجھ گُھتَ ھنيائين. جھٽ کن کان پوءِ ڳچيءَ تائين ٽٻي ھنيائين ۽ پَرَ ساھي، پنھنجو تن ھوريان ھوريان توريندي، اُڏام جي تياري ڪرڻ لڳو... مون محسوس ڪيو ته کيس پاڻيءَ سان راند روند ڪندي مزو پئي آيو. ھوا ۾ کيس ھيڏي ھوڏي اُڏندو ڏسي مون کي گمان ٿيو ته ھو پرينءَ جي ڳولا ۾ آھي. ليڪن حقيقت اھا آھي ته ان وقت کيس پرينءَ کان وڌيڪ کاڌ-خوراڪ جي لوڙ ھئي. تڏھن ته ھو ساگر جي لوڻياٺين لھرن جي پرواھ ڪئي بغير، پنھنجو وجود پاڻيءَ جي حوالي ڪندي، شڪار جي تاڙ ۾ ڀٽڪيو پئي. جيترو ساھي منجھائي سگھيو پئي، اوترو ھو پاڻيءَ ۾ منڍي وجھي ويھي پيو، ليڪن سندس چھنب شڪار کان وانجھيل رھي پئي. تنھن ھوندي به ھِيڻِي نه پئي ٻوليائين...

مان دل ۾ سوچڻ لڳس ته ڪاش مون وٽ ان ويل ڍٻل روٽيءَ جو ڪو ڳترو ھجي ھا ته مان کيس ائين ھڻ وٺ ڪرڻ، ڀٽڪڻ ۽ تڙپڻ نه ڏيان ھا. کيس ڍٻل روٽيءَ جا ڳترا وجھندو وڃان ھا ۽ پاڻيءَ جي سطح تي ساڻس انھيءَ راند روند ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيان ھا. ليڪن ان وقت مون وٽ ڍٻل روٽيءَ جو ھڪڙو ڀور به ڪو نه ھيو. مان خود بک کان بيتاب ۽ سندس وانگر بيوس ھيس....

مون پنھنجا ٺلھا ھٿ، کيسن ۾ وڌا ۽ پنھنجي خواھش دل ۾ ھَپُ ڪري ڇڏيم...

اچانڪ ڪنھن منھنجي ڪلھي تي پنھنجو ڳؤرو ھٿ رکيو. مون لؤڻو ورائي ڏٺس، ھو ھڪڙو پوليس وارو ھيو...

مون کي سندس رخنو وجھڻ واري ڳالھ تي ڏاڍي مُٺيان لڳي. دل چيو ته سندس ھٿ کي ڇنڊي اڇليان ۽ ٻيھر ان معصوم پکيءَ جو نظارو پيو ڪيان، ان وقت تائين، جيستائين ان پکيءَ جي چھنبڙيءَ ۾ کاڄ جو ڀور نه اچي وڃي. ليڪن ھاڻ ته مان پاڻ، ان سپاھيءَ جي ڦندي ۾ شڪار وانگر، ڦاسي چڪو ھيس.

”ڪامريڊ...!“ ھن منھنجي ڪلھي کي جُھڪائيندي چيو.

”جي سائين!“ عاجزيءَ مان وراڻيومانس.

”سائين...!؟ سائين به ڪو ڀلا لفظ آھي؟ ھتي سڀ ماڻھو ڪامريڊ آھن، ڪامريڊ..“ سندس لھجي ۾ چَٿَر چِٽي ھئي.

”ته پوءِ.. پوءِ تون مون کي پڪڙي ڇا لاءِ بيٺو آھين...؟ ڇا مون کئون ڪو ڏوھ ٿي پيو آھي؟“

ھو مُشڪيو؛ ”ڏوھ! تون روئڻھارڪو پيو ڏسجين.“

سندس ڳالھ ٻڌي، مان ٽھڪ ڏئي کليس.

”ان ۾ ٽھڪ ڏيڻ جي ڪھڙي ڳالھ آھي؟“ ٻوٿ ٽامڻي ھڻي ويس.

مان سوچي رھيو ھيس ته شايد ان وقت ھو مردم-بيزاريءَ جو شڪار ھيو، جنھن ڪري ڪاوڙ ڏيکاري رھيو ھيو. اڄ شايد ساحل تي کيس ڪو شڪار ھٿ نه آيو آھي... نه ڪو نشي ۾ ڌُت شرابي ۽ نه وري ڪو لليچو.. ليڪن جھٽ کن ۾ مون کي اندازو ٿي ويو ته ھو سچ پچ ڪاوڙ منجھ ھيو ۽ مون کي شڪار ڪرڻ پئي چاھيائين. ھاڻ ھن ٻيو ھٿ به وڌايو ۽ مون کي کڻي سڪ ڪيائين. ان وقت منھنجي حالت ان پکيءَ جھڙي ھئي، جيڪو ڄار ۾ ڦاٿو ھجي ۽ منجھانئس نڪرڻ لاءِ ڦٿڪندو ھجي...

سندس ڦندي ۾ ڦاٿل ھوندي، مون صاف شفاف فضا جو جائزو ورتو. سمونڊ کي پنھنجي نظرن ۾ اوتي ڇڏيم ۽ ساڻس گڏ ھلڻ لڳس. مون کي ڄاڻ ھئي ته پوليس جي پڪڙ ۾ اچڻ جو مطلب اھو آھي ته ھاڻي ڊگھي عرصي جي لاءِ مون کي اونداھين ۾ اڇلايو ويندو.. اھو سمونڊ ۾ اڇلي ڇڏڻ کان وڌيڪ اذيتناڪ آھي. جيل جو خيال ايندي ئي مان پنھنجي خيالي دنيا منجھان ٻاھر آيس ۽ ھٻڪندي چيم؛

”ڪامريڊ!.. منھنجو قصور ته ٻڌاءِ..؟!“

”قصور...! ھن ملڪ جو قانون آھي ته ھر شخص، ھر وقت خوش نظر اچي!“

”ليڪن مان ته گھڻو خوش آھيان.“ مون وڏي جوش مان ورندي ڏنس.

”بلڪل غلط!“

”ليڪن مان ته ملڪ ۾ رائج ان قانون کان اڻ واقف آھيان.“

”ڇو...؟ ان قانون جو اعلان ڇٽيھ ڪلاڪ پھرين ٿي چڪو آھي... تو ڇو نه ٻڌو..؟ چوويھ ڪلاڪن گذرڻ پڄاڻان ھر اعلان، قانون ۾ بدلجي ويندو آھي.“

”ليڪن.. ليڪن، مان ته اھو اعلان ھاڻ پيو ٻڌان!!“

”اھو اعلان، مڙني اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آھي. ان کان علاوھ ھنڌين ماڳين لائوڊ اسپيڪرن جي ذريعي ان اعلان جو پڙھو گھمايو ويو آھي. انھن ڇٽيھن ڪلاڪن ۾ تون ڪاٿي ھئين..؟!“

ھو اڃا به مون کي پاڻ سان گھليون پئي ويو. سيئاندي سبب، مان بري نموني سان ڦرڪيس پئي. بک الڳ تپايو ھيو. منھنجا ڪپڙا ھنڌئون ھنڌئون چِيھون ٿيل ھيا، ڏاڙھي وڌيل ھئي، جڏھن ته اعلان جي مطابق ھر ماڻھوءَ تي لازم ھيو ته ھو ٻھڪندو چھڪندو نظر اچي.

ته اھو ھيو منھنجو ڏوھ...!

ٿاڻي ڏانھن ويندي، مون محسوس ڪيو ته ھر واٽھڙوءَ ٻوٿ تي خوشيءَ جو ٻوٿاڙو چاڙھي ڇڏيو ھيو. اسان کي ڏسي ڪيترا ئي واٽھڙو بيٺا پئي ته سپاھي، ھر بيھندڙ جي ڪن ۾ ڪجھ چيو پئي ته ان جو چھرو خوشيءَ مان ٻھڪڻ پئي لڳو. حالانڪ مون کي لڳو پئي ته ھر ھڪ پريشان حال ۽ وائڙائپ ۾ ورتل آھي. ھر شخص سڄي ڏينھن جي ھڻ وٺ پڄاڻان جلد کان جلد پنھنجي گھر پڄڻ چاھيندو آھي. اسان جي رستي ۾ اچڻ وارو ھر ماڻھو، اسان کان پاسڙو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ھيو. گمان آھي ته ھو ڊڄي رھيو ھيو ته سپاھيءَ جي تکي نگاھ، سندن اصلي چھرو نه پڙھي وٺي ۽ سندن خوشيءَ جي ماسڪ چڙھيل چھري جي پريشاني نه ڏسي وٺي.. چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ پئي آيو ته ھر ڪو پوليس واري جي نظرن کان بچڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي. ھڪ چؤواٽي تي اسان ھڪڙي ڪراڙي سان آمھون سامھون ٿي وياسين. ھو حليي مان ڪنھن اسڪول جو ماستر پئي لڳو. اسان سندس ايترو ويجھو پھچي چڪا ھياسين جو ھو ڀڄي پاسو نه پئي ڪري سگھيو. قاعدي جي مطابق ھن وڏي احترام مان سپاھيءَ کي سلام ڪيو ۽ منھنجي منھن ۾ ٽي دفعا ٿڪون ھڻي چيائين؛ ”غدار ڪنھن جاءِ جا...!“

سندس ان حرڪت سان قانون جون گھرجون پوريون ٿي ويون. مگر مون کي چٽيءَ طرح محسوس ٿيو ته ان فرض جي ادائگيءَ ۾ سندس نڙي سڪي وئي آھي... مون ٻانھوٽي سان پنھنجي چھري تي لڳل ٿڪ اگھڻ جي جسارت ڪئي ته منھنجي چيلھ ۾ زمائتي مڪ لڳي. سپاھيءَ، وک جھلي چيو؛

”وک وڌاءِ!“

مون پنھنجي سزا ڏانھن وک وڌائي ڇڏي.

اسڪول جو ماستر، تڪڙيون وکون وجھندو، ڪنھن پاسي گم ٿي ويو. ھاڻ رستو بلڪل صاف ھيو. ڇو جو سمورا واٽھڙو، اسان کان پاسڙو ڪيون، پري پري کان پئي لنگھيا. نيٺ اسان پڇا ڳاڇا واري ھنڌ پھچي وياسين.

اوچتو ئي اوچتو گھنڊ وڄڻ جو آواز آيو. جنھن جو مطلب ھيءُ ھيو ته سمورا مزدور پنھنجو پنھنجو ڪم ڇڏين ۽ وھنجي سھنجي، صاف سٿرو لباس پائي، خوش ۽ خرم نظر اچن. قانون جي مطابق، فيڪٽريءَ کان نڪرڻ وارو ھر مزدور خوش نظر آيو پئي. ليڪن ايترو به نه جو ان خوشيءَ مان اھو تاثر ملي ته ھو ڪم مان ڇوٽڪارو ملڻ تي بغليون پيو ٿو ھڻي.

اھا به منھنجي ڀلائي جو اھو گھنڊ ڏھ منٽ اڳي وڄايو ويو. شڪر آھي جو اھي ڏھ منٽ مزدورن ھٿ منھن ڌوئڻ ۾ گذاري ڇڏيا. ور نه ته قاعدي مطابق مان جنھن مزدور وٽئون گذران ھا، سو ٽي دفعا مون کي ٻوٿ ۾ ٿڪون ھڻي ھا.

مون کي جنھن عمارت اندر وٺي ويا ھيا، سا ڳاڙھي پٿر مان اڏيل ھئي. ٻه سپاھي دروازي تي پھرو ڏئي رھيا ھيا. انھن به قانون مطابق منھنجي پٺيءَ ۾ پنھنجي بندوقن جا قنداق ٺوڪيا. اندر ھڪ وڏي ميز ھئي، جنھن جي آڏو ٻه ڪرسيون پيون ھيون ۽ ميز تي ٽيليفون رکيل ھيو. مون کي ڪمري جي وچ ۾ بيھاريو ويو. ميز جي آڏو ھڪڙو ھمراھ ويٺل ھيو. ھڪڙو ٻيو شخص، ماٺ ميٺ ۾ اندر آيو ۽ اچي ڀر ۾ ويھي رھيس. ان کي سادا ڪپڙا پاتل ھيا، جڏھن ته ٻيو فوجي ورديءَ ۾ ھيو. ھاڻ مون کان پڇا ڳاڇا شروع ٿي وئي..

”تون ڇا ڪندو آھين..؟“

”ھڪڙو عام ڪامريڊ آھيان..“

”ڄم جي تاريخ..؟“

”پھرين جنوري اوڻويھ سؤ ھڪ.“

”ھتي ڇا ڪندو آھين..؟“

”جي! مان ھڪڙي جيل ۾ قيد ھيس..“

منھنجو جواب ٻڌي، ھڪٻئي کي گھورڻ لڳا ۽ پوءِ پڇيائون؛ “ڪھڙي جيل ۾..؟“

”جيل نمبر ۱۲، ڪوٺڙي نمبر ۱۳.. مان ڪالھ ئي ڇٽو آھيان.“

”ڇٽڻ وارو پنو ڪاٿي آھي.؟“

کيسي منجھان ڇٽڻ وارو ڪاڳر ڪڍي، سندن سامھون رکيم.

”تنھنجو ڏوھ ڪھڙو ھيو؟“

”جي! مان تن ڏينھن ۾ خوش خوش نظر پئي آيس...“

ٻئي، وري ھڪ ٻئي جو ٻوٿ تڪڻ لڳا.

”کُلي ڳالھاءِ..“

”ان ڏھاڙي ھڪ وڏو سرڪاري ڪامورو گذاري ويو ھيو. سرڪار طرفان اعلان ٿيو ھيو ته سمورا ماڻھو سوڳ ۾ شامل ٿين. مون کي ان ڪاموري سان ڪا به واسطيداري ڪا نه ھئي. تنھن ڪري الڳ ٿلڳ ئي رھيس. ھڪڙي پوليس واري مون کي گرفتار ڪري ورتو ۽ اھو بيان ڏئي اندر ڪرائي ڇڏيائين ته مون سوڳ ۾ ٻڏل عوام کان الڳ ٿلڳ ٿي، خوشيون پئي ملھايون..“

”تو کي ڪيتري سزا ملي..؟“

“پنج سال ٽيپ..؟“

پڇا ڳاڇا پوري ٿي ته اچانڪ ٻه پوليس وارا اندر آيا ۽ مون تان مار موچڙو ختم ڪيائون. ستت ئي منھنجو فيصلو ٻڌايو ويو. مون کي ھن ڀيري سزا، ڏھ سال ٽيپ لڳي ھئي.. جي ھائو! خوشيءَ مان ٻھڪندڙ چھرو، منھنجي لاءِ پنج سال ٽيپ جو سبب بڻيو ھيو ۽ ھاڻ منھنجي روئڻي شڪل مون کي ڏھ سال ٽيپ ڏياري ھئي. مان سوچڻ لڳس ته جڏھن مان ڇٽي ايندس ته شايد منھنجو ڪو چھرو ئي نه ھجي...

نه خوش ۽ ٻھڪندڙ، نه غمگين ۽ روئڻو.....

 

(آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو جي مئگزين سمبارا ۲۰۲۳ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment