Sunday, September 17, 2023

سانڊو - انتون چيخوف - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سانڊو

(روسي ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: انتون چيخوف

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پوليس انسپيڪٽر اوچوميلوف، نئون اوورڪوٽ پايو، ھٿ ۾ ھڪڙو بنڊل کنيو، بازار جي چؤنڪ تان لنگهيو پئي. ڳاڙهن وارن وارو ڪانسٽيبل، سڀڪجھ سھندو، ڪنن کان مٿي ٽٻ ڀريل ڇٻي کنيون، سندس پويان پويان ھلي رھيو ھيو. چؤڏس چُپڙا چُپِ لڳي پئي ھئي... چؤنڪ ۾ ھڪڙو به ساھدار نظر نه پيو آيو..... ننڍڙن ننڍڙن ھٽڙن ۽ گُتن جي کليل دروازن، وڏين بکايل ڏاٺن وانگر، خدا جي دنيا کي اداسيءَ منجهئون تڪيو پئي. انھن آڏو ڪٿي ڪو پينڙيات به بيٺل ڪونه ھيو.



”اڇا! ته تون چڪ پائيندين! رولو ڪتا!“ اوچتو اوچوميلوف جي ڪنن تي پڙلاءُ پوي ٿو. ”اڙي ڇورئو! ڀڄڻ نه ڏجوس، ان کي. چڪڻ جي اڄڪلھ اجازت ناھي. وٺوس ڪمبخت کي! او!...“

پوءِ ڪنھن ڪتي جي ڪؤنڪاٽن جا آواز ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. اوچوميلوف، ان رخ ڏانھن نگاھ کڻي ڏسي ٿو ۽ اھو سڀڪجھ ڏسي ٿو. پيچوگين واپاريءَ جي عمارتي ڪاٺ جي گودام مان، ھڪڙو ڪتو ٽن ڄنگهن تي ڊوڙندو ٻاھر ڀڄي ٿو. ھڪڙو ماڻهو پويان پيل اٿس، جنھن جي ڇيٽ جي قميص کي ڪلف ٿيل آھي، واسڪيٽ جا بٽڻ کليل اٿس ۽ سڄو بت، اڳتي جي طرف نِوڙيل اٿس. اھو ھمراھ ٿاٻو کائي به ڪتي کي پوين ڄنگهن کان پڪڙڻ ۾ سرسي ماڻي ٿو. ھڪڙو دفعو ٻيھر ڪتي جا ڪيڪٽ ۽ ڪؤنڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا؛ ”ڀڄڻ نه ڏجانس، ان کي!“ دڪانن منجهان اوٻاسيون ڏيندڙ چھرا، ٻاھر واجهائين ٿا ۽ ڏسندي ڏسندي گودام آڏو ھجوم ڪٺو ٿي ٿو وڃي، جيڪو لڳي ٿو ته، ڄڻ ٻِرُن مان اوچتو نڪري آيو ھجي.

”لڳي ٿو ته ڪو جهيڙو ٿيو آھي، منھنجا سائين!..“ ڪانسٽيبل چوي ٿو.

اوچوميلوف، مُڙي تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي، ھجوم وٽ پھچي ٿو. کيس پڌر واري گيٽ جي بلڪل نڪ سامھون کليل بٽڻن واري واسڪيٽ وارو مٿي ٻڌايل شخص بيٺل نظر اچي ٿو، جيڪو پنھنجو ساڄو ھٿ مٿي ڪيون، جنھن جي ھڪڙي آڱر مان رت پيو ڳڙي، ماڻھن کي ڏيکاري رھيو آھي. سندس سرسيءَ واري چھري تي ’مان تنھنجا آنڊا ڪڍي ڇڏيندس! ڪميڻا!‘ لکيل معلوم ٿئي ٿو ۽ آڱر خود فتح جي جهنڊي وانگر نظر اچي ٿي. اوچوميلوف سڃاڻي وٺيس ٿو ته اھو ھمراھ ته سنارخريوڪين آھي. ھجوم جي بلڪل وچ ۾ ڏوھي، چھنبياري نڪ ۽ پٺيءَ تي ھڪڙي پيلي چُٽي وارو اڇو، ننڍڙو ’بورزوئي‘ ڪتو، پنھنجيون اڳيون ٽنگون ٽيڙيون پٽ تي پيو آ ۽ بڇڙي نموني سھڪي رھيو آھي. سندس زوريءَ ٻوٽجندڙ اکيون، پريشانيءَ ۽ ڀؤ جي چغلي ھڻي رھيون آھن.

”ھتي ڇا پيو ٿئي؟“ اوچوميلوف ماڻهن کي ڪلهن سان ڌڪيندو ڌوڻيندو اڳيان وڌي پڇي ٿو؛ ”۽ اوھان ھتي ڇا پيا ڪيو؟.. رڙيون ڪنھن پئي ڪيون؟“

”اڙي سائين منھنجا! مان ته مسڪينڙن وانگر چُپڙي ڪيو پئي ويس.“ خريوڪين، پنھنجي مُٺِ ۾ کنگهي، شروع ٿئي ٿو؛ ”مون کي ھتي ٿورو ڪاٺ بابت ميتري ميترچ سان ڳالھائڻو ٻولھائڻو ھيو. اوچتو ھن ھچا، جنھن جو مون ڪجھ نه بگاڙيو ھيو، اچي منھنجي آڱر ۾ چڪ ھنيو... معاف ڪجو! مان ھڪڙو پورھيت آھيان. منھنجو پيشو وڏو منجهيل ۽ ڏکيو آھي. اوھان مون کي ڌڻيءَ کان معاوضو وٺائي ڏيڻ جي تڪليف ڪيو ڇو جو شايد ھفتي تائين اھا آڱر چوري نه سگهان... قانون ڀلا اھو ڪڏھن ٿو چوي، سائين منھنجا ته اسان کي چيريندڙ ڦاڙيندڙ درندن سان به نڀائڻو پوندو. ھر ھڪ چڪڻ شروع ڪري ته پوءِ مرڻ جيئڻ، ھڪ ئي ٿي ويندو...“

”ھون!.. اڇا! اڇا!“ اوچوميلوف، کنگهندي ۽ ڀروونئن ۾ سونڊ وجهندي ڪڙاڪيدار لھجي ۾ پڇي ٿو؛ ”اڇا! اڇا!.... ڪتي جو ڌڻي سائين ڪير آھي؟ مان ان ڳالھ کي ائين اڌ-گيدو ڇڏڻ وارن مان ناھيان.. مان ماڻھن کي، ڪتا ڇيڪ ڇڏڻ تي، مزڙو چکائيندس! اھڙن معتبرن جي خلاف ڪو نه ڪو قدم کڻڻ جو وقت اچي ويو آھي، جيڪي قانون کي راند سمجهيو ويٺا آھن! مان اھڙي بدمعاش تي ايڏو ڏنڊ وجهندس، جو مغز ٺڪاڻي اچي ويندس. سمجهي ويندو ته اھڙن تھڙن ڪتن ۽ جانورن کي، آل جال نوس نوس ڪرڻ لاءِ، ڇيڪ ڇڏڻ جو نتيجو ڇا نڪرندو آھي! مان ان جو دماغ ٺيڪ ڪري ڇڏيندس.... ايلدرين!“ ھن ڪانسٽيبل ڏانھن مڙندي، ڳالھ جاري رکندي چيو؛ ”خبر چار وٺ ته ڪتو ڪنھن جو آھي ۽ ھڪڙو بيان تيار ڪر! باقي بچيو ڪتو، تنھن کي ته ڦٽاڦٽ مارڻ گهرجي.. شايد ڇتو آھي... نيٺ ھيءُ آھي ڪنھن جو؟“

”شايد جنرل زيگاليف جو آھي.“ ھجوم منجهان ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”جنرل زيگاليف! ھون! ايلدري! ٿورو ڪوٽ لاھڻ ۾ مون کي ھٿ ته ونڊاءِ! توبنھ! ڪيڏي نه قيامت جي گُهٽَ ۽ ٻُٽَ آھي! شايد برسات وسڻ واري آھي.. “ ھيءُ خريوڪين ڏانھن مڙي ٿو؛ ”ھڪڙي ڳالھ مون کي سمجھ ۾ نه ٿي اچي پئي.... آخر انھيءَ تو کي چڪيو ڪيئن؟ ڀلا اھو تو واري آڱر تائين پڳو ڪيئن؟ ھيترڙو پستڙو ڪتڙو ۽ تون آن جو ڊگهو ڏُوت مڙس... ضرور تو ڪنھن ڪوڪي سان آڱر رھڙي ھوندي ۽ پوءِ تو کي ان جو معاوضو وٺڻ جي سُجهي ھوندي... مان تو جھڙن جي رڳ رڳ کان واقف آھيان. بدمعاشن جا ٽولا!“

”در اصل منھنجا سائين! ھن کينچل طور دکندڙ سگريٽ سان ڪتي جي نڪ جي چوٽي ڏنڀي ھوندي ۽ موٽ ۾ ڪتي کڻي چڪ پاتو ھوندس، چريو ٿورئي آھي... خريوڪين کي سدائين ڪا نه ڪا کينچل پئي سُجهندي رھندي آھي، منھنجا سائين!“

”اڙي ڪاڻا! آسمان ۽ زمين جا ڪولابا پاڻ ۾ تون نه ملاءِ. تو مون کي ائين ڪندي ڏٺو ئي نه ھيو ته پوءِ ايڏو وڏو ڪوڙ ڇا لاءِ ٿو ھڻين؟ سائينءَ جن پاڻ ئي اڏامندڙ جهرڪيءَ جا پَرَ ڳڻڻ ڄاڻندا آھن. خبر اٿن ته ڪير ڪوڙ پيو ھڻي ۽ ڪير سچ... مان ڪوڙ پيو ھڻان ته ماجسٽريٽ مون تي ڪيس ھلائي! قانون ۾ چيل آھي... ھاڻ مڙني کي برابريءَ جا حق مليل آھن... منھنجو به ھڪڙو ڀاءُ خود پوليس ۾ آھي.. اگر ڄاڻڻ ٿو چاھين ته پوءِ...“

”بحث نه ڪر!“

”نه سائين! ھيءُ جنرل صاحب جو ڪتو ناھي..“ ڪانسٽيبل، وڏي سنجيدگيءَ سان چوي ٿو؛ ”وٽس اھڙو ڪتو آھي ئي ڪو نه. سندس ته ھڙ ئي ڪتا، شڪاري ڪتا آھن..“

”تون اھا ڳالھ، پڪ سان ڄاڻين ٿو؟“

”بلڪل پڪ سان! سرڪار....“

”اھو مان پاڻ ڄاڻان ٿو! جنرل صاحب جا ڪتا قيمتي ۽ اوچي نسل جا آھن ۽ ھيءُ... ٿورو مٿس ھڪڙي نظر ته وجهو! بدصورت ۽ گَڊو ڪتو آھي. آخر ڪو به اھڙي قسم جو ڪتو ڇو ڌاريندو؟ پاڳل ٿي ويو آھين ڇا؟ اھڙي قسم جو ڪتو پيٽرس برگ ۽ ماسڪو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ته خبر اٿئي ته ان جو حشر ڪھڙو ٿيندو؟ قانون متعلق ته ڪو سوچيندو به ڪو نه ۽ ٿڏي تي ان جو ڪم لاھي ڇڏيندو. خريوڪين، تو کي ايذاءُ پھتو آھي ۽ ان معاملي کي ايتري ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ڌڻيءَ کي سزا ملڻ گهرجي! وقت اچي ويو آ....“

”شايد جنرل صاحب جو ئي آھي....“ ڪانسٽيبل، گمان ظاھر ڪيو؛ ”ان کي رڳو ڏسي ڪجھ به چئي نه ٿو سگهجي... مون تازو ڪالھ ئي جنرل صاحب جي پڌر تي اھڙي قسم جو ڪتو ڏٺو ھيو.“

”پڪ سان جنرل جو ئي آھي.“ ھجوم منجهان ھڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.

”اڙي ايلدرين! اوور ڪوٽ پائڻ ۾ ته منھنجو ھٿ ونڊاءِ... مون کي ھوا جي جهوٽي جو اثر پيو ٿئي.... مون کي سيئاندو پيو وٺي.... اھو جنرل صاحب وٽ ڪاھي وڃ! ۽ اتي وڃي ان بابت پڇا ڳاڇا ڪر! ٻڌائجانس ته اھو مون کي مليو آھي ۽ مون ئي اھو ڏياري موڪليو آھي... ۽ چئجانس ته ان کي رستن تي ائين اوڦٽو ڇڏي نه ڏئي... شايد ھيءُ قيمتي ڪتو آھي ۽ جيڪڏھن ھر ظالم سمجهي ٿو ته پاڻ ان جي دُوناڙ تي سگريٽ وسائيندو ته ھيءُ جلد ئي مري ويندو... ڪتو ڏاڍو نازڪ ساھدار آھي... ۽ تون اڌ-مغزي! پنھنجو ھٿ ھيٺ ڪر! پنھنجي انھيءَ واھيات آڱر جي نمائش به بند ڪر! غلطي ته تنھنجي پنھنجي آ...“

”ھو ڏسو! جنرل صاحب ڪوچوان پيو اچي، کانئس پڇي ٿا وٺون...“

”اڙي او! پروخور! ٿورو ھيڏانھن ته اچ! ھي ڪتو ڏس!... ڇا اھو تو واري جنرل صاحب جو ڪتو آھي؟“

”حد ٿي وئي يار! اھڙو ڪتو اسان ڪڏھن به نه ڌاريو آھي.“

”اڃا وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ جي ڪا به ضرورت ناھي.“ اوچوميلوف چوي ٿو؛ ”ھيءُ ڪو رولو ڪتو آھي. ھتي بيٺي بيٺي بحث ڪرڻ اجايو آھي. تو کي چيم ته رولو آھي ته پوءِ رولو ئي آھي. ماريوس نڀاڳي کي ۽ معاملي کي ئي دفن ڪيو.“

”ھيءُ اسان جو ناھي.“ پروخور، پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيو؛ ”ھيءُ جنرل صاحب جي ڀاءُ جو آھي، جيڪو ٿورا ڏينھن ٿيا اٿس ته آيو آھي. اسان جو جنرل صاحب اھڙن ڪتن ۾ ٽڪي جي به دلچسپي نه وٺندو آھي. سندس ڀاءُ آھي نه، اھو اھڙا پسند ڪندو آھي.“

”ڇا چيئي! جنرل صاحب جو ڀاءُ آيل آھي؟ ولاديمير ايوانچ؟“ اوچوميلوف، چئي ٿو ڏئي ۽ سندس چھري تي انتھائي خوشيءَ جي مرڪ نچڻ ٿي لڳي؛ ”ٿورو ڏس ته! ۽ مون کي خبر ئي ناھي ته مھمان آيو آھي؟“

”جي ھائو....“

”ٿورو ڏس ته! ان جي پنھنجي ڀاءُ سان ملڻ لاءِ دل گهرندي ھئي!.... ۽ مون کي ٻڻڪ ئي نه پئجي سگهي ته سندس آھي ھيءُ ڪتو؟... ھن جي آڱر ۾ چڪيو اٿائين؟ ھا! ھا! ھل! اٿي! ٿڙڪي ٿڙڪي نه ڏڪُ! غر! غر!... ننڍڙو شرارتي ڪاوڙ ۾ آھي.... ڇا ته شاندار ڪتو آھي؟“

پروخور ڪتي کي سڏيندو ۽ کيس ساڻ ڪيو عمارتي ڪاٺ جي گودام مان ٻاھر نڪري ٿو وڃي... ھجوم خريوڪين تي کِلُون ڪرڻ لڳي ٿو..

”تون ھاڻ به مون کان بچي نه سگهندين!“ اوچوميلوف، کيس ڌمڪي ڏئي ٿو ۽ پنھنجو اوور ڪوٽ، جسم تي باقاعدي ويڙهي، بازار جي چؤنڪ تان گذرڻ لڳي ٿو.

 

(منظر سليم جي اردو ترجمي تان الٿو ڪيل)

 

(ماھوار ھمسري آنلائين حيدرآبد جي سيپٽمبر ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ شايع ٿيل)


No comments:

Post a Comment