Thursday, August 3, 2023

بملدا - گلزار - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

بملدا

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: گلزار

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ان کي ”جوڳ اشنان“ جو ڏھاڙو سڏيندا آھن.

الله آباد ۾ تروينيءَ جي سنگم تي، جتي گنگا، جمنا ۽ سرسوتي ملنديون آھن، چوندا آھن ان ڏھاڙي، انھيءَ سنگم تي ڪير به وھنجي ته ان جا سڀ روڳ ختم ٿي ويندا آھن، سمورا ڏوھ گناھ ڌوپي ويندا آھن ۽ ان شخص جي عمر سؤ سال جي ٿي ويندي آھي.

مون بملدا کان پڇيو؛ ”ڇا، تون مڃيندو آھين؟“

بملدا مرڪي ڏنو؛ ”عقيدي جي ڳالھ آھي. ائين شاسترن ۾ لکيل آھي.“



ايسٽراناميءَ جي مطابق، ھيءُ ڏھاڙو ھر ٻارھين سال کان پوءِ ايندو آھي، جڏھن سج جي چوڌاري گھمندڙ نون جا نو ئي سيارا ھڪڙي سڌي قطار ۾ اچي ويندا آھن ۽ ان ڏھاڙي تي سج اڀرندو آھي ته سندس پھريون ڪِرڻو انھيءَ سنگم تي پوندو آھي. انھيءَ ھڪڙي ڏھاڙي جي لاءِ ھتي ڪمڀ جو ميلو لڳندو آھي، جنھن جي تياري مھينا، اڳي کان شروع ٿي ويندي آھي. ڇو جو ھتي ايندڙ ياترين جو ڳاڻيٽو، ڪروڙن تائين پڄي ويندو آھي. الله آباد کان وٺي پرياگ شھر تائين، ڪلھو ڪلھي سان پيو گَسندو آھي. اوس پاس جي سوين ڳوٺن ۾ پير پائڻ جي جاءِ نه ملندي آھي. ان کي ”ڪمڀ-ڪَرڻ“ جو ميلو پڻ سڏيندا آھن. ميلو ته گھڻي ئي ڏينھن رھندو آھي، ليڪن آخري نو ڏھاڙا خاص ڳڻيا ويندا آھن، جنھن ۾ نائون ڏھاڙو ”جوڳ اشنان“ جو ھوندو آھي.

۱۹۵۲ع جي ڳالھ آھي ته ان ميلي ۾ ھڪڙو ”ڀاڄُڙ“ (stampede) جو حادثو ٿيو ھيو، جنھن ۾ لڳ ڀڳ لک کن ماڻھو ماريا ويا ھيا. ان حادثي جي صحيح سبب جي خبر پئجي نه سگھي. گھڻين انڪوائري ڪاميٽين، گھڻي ئي سبب معلوم ڪيا. ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته ناگا ساڌوئن جا ھاٿي مڇرجي پيا ھيا، جنھنڪري ماڻھن ۾ ڀاڄڙ شروع ٿي. ان ڀاڄُڙ سان ھوم گارڊز ۽ ملٽريءَ جون جوڙيل ڪاٺين جون ڪچيون پُليون ڪِري پيون. ماڻھو بدحواسيءَ جي حالت ۾ وٺي ڀڳا، ڊوڙيا، ڪريا، لتاڙيا ويا. ھزارين ٻيڙيون گنگا ۾ اونڌيون ٿيون، ٻڏي ويون. ڪمڀ ميلي جي تاريخ ۾ ان کان وڏو سانحو ڪڏھن نه ٿيو.

سمريش بسوءَ ان حادثي جي پس منظر ۾ ھڪڙو ناول لکيو ھيو؛ ”امرت ڪمڀ جي ڳولا“ ۽ بمل راءِ، جنھن کي سڀئي بملدا ڪري سڏيندا آھيون، انھيءَ ناول تي فلم ٺاھي رھيو.

مان بملدا جو اسسٽنٽ ھيس. ڪڏھن ڪڏھن سندس فلم ۾ گانو به لکي وٺندو ھيس. پر پھريون ڀيرو ساڻس سندس فلم جو اسڪرپٽ لکي رھيو ھيس. بملدا کي شايد ڪنھن ھڪڙي ليکڪ جي ضرورت ھئي، جيڪو ڪنھن به وقت، سندس واندڪائيءَ جي حساب سان، ساڻس ويھي سگھي ۽ منظر داخل ڪندو وڃي. ٻيو سبب شايد اھو ھيو، مان بنگالي ۽ ھندي، ٻئي ٻوليون ڄاڻندو ھيس.  ناول بنگاليءَ ۾ ھيو ۽ اسڪرپٽ ھنديءَ ۾ پئي لکيو ويو. پنھنجي واندڪائيءَ واري وقت ۾ ھو مسلسل انھيءَ ناول تي ڪم ڪندو رھندو ھيو. ناول جي حاشين تي ايترا حوالا ۽ نوٽس درج ٿيل ھيا جو سندس ڪتاب ڏسي لڳندو ھيو ڄڻ ناول جي سٽن جي وچ ۾ ٻيو ناول لکيل ھجي. پَنن ۾ ھنڌ ھنڌ تي لکيل نوٽس به ڪتاب جي صفحن تي پِنن سان ٽاڪيا ويا ھيا. ھڪڙو ته ائين ئي ناول وڏو ضخيم ھيو، مٿئون انھن ٽنبيل ڪاڳرن مان لڳو پئي ڄڻ ڪتاب جو پيٽ آڦرجي پيو ھجي. ناول، ڄڻ پيٽ سان ھجي. جُلد ڇڄندو پئي ويو.

ھر ڪردار جو تفصيل ڪجھ اھڙي نموني سان حفظ ھيس، جو بملدا کي لڳندو ھيو ڄڻ ڪمڀ سندس رڳن ۾ وھندو ھجي. ان کي ڪنھن، سندس سسٽم ۾ نائي ڇڏيو آھي.

”اھو ناول توھان ڪڏھن پڙھيو؟“ مون ھڪڙي دفعي پڇيو ھيس.

”۱۹۵۵ع ۾، جڏھن پھريون ڀيرو قسط وار شايع ٿيڻ شروع ٿيو ھيو.“

”ڪٿي؟“

”ڪلڪتي جي اخبار ھئي ’آنند بازار‘. سمريش، تن ڏينھين، انھن جي اداري ۾ ڪم ڪندو ھيو.“

”اوھان سڃاڻندا ھيئو سمريش کي؟“

”ھون!“ بملدا، گھڻو جھلي جھلي ڳالھ ڪندو ھيو ۽ سندس ”ھون“ ته ڪمال جي ھوندي ھئي. ھڪ ”ھون“، ھزار مطلب. ان دفعي مون سمجھيو، ھو ڳالھ اڳتي وڌائڻ نه ٿو چاھي. عادتًا گھٽ-ڳالھائو ھيو. ليڪن سگريٽ جو ھڪ ٻه ڪش ھڻڻ کان پوءِ پاڻ ئي ڳالھ وڌايائين. ”Originally سمريش، ناول پنھنجي نالي سان نه ڇاپيو ھيو. ھڪڙي فرضي نالي سان ھيو- ڪال ڪوٽ!“

”ڪال ڪوٽ!“ مون ورجايو.

”ھون!“ مان ٿورو ترسيس.

ھو وري چوڻ لڳو؛ ”ڏھن پندرھن قسطن کان پوءِ ناول ۾ وقفو اچي ويو ھيو. مان ٿورو بي چين ٿي ويم. مون ’آنند بازار‘ اخبار کي خط لکيو ته سمريش جو جواب آيو. خبر پئي ته..“ ھن دفعي ھو کنگھندي، ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ سگريٽ اڇلڻ لاءِ بالڪونيءَ تائين ھليو ويو.

ناول ۾ پلاٽ نه ھيو، ليڪن ان جا ڪردار ڏاڍا جاندار ھيا ۽ خاص طور تي اھو رائيٽر جنھن جي نظر سان اھا ڪھاڻي ٻڌائي وئي ھئي. ان جي ڊائريءَ جا حصا ورائي ورائي بملدا مون کان پڙھائيندو ھيو. ناول جي منڍ ۾ ماڻھن سان کچاکچ ڀريل ھڪ ريل گاڏي ”پرياگ“ اسٽيشن کان نڪري الله آباد طرف رواني ٿيندي آھي. بس ٿورن منٽن جو ئي سفر باقي آ، جو ماڻھو جوش ۾ اچي ڀڄن ڳائڻ شروع ڪندا آھن. ٽرين جي ڇت تي ويٺل ماڻھو، ڇت وڄائي وڄائي نعرا ھڻڻ لڳندا آھن. ٽرين رڙھندي رڙھندي الله آباد جي پليٽ فارم ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ مسافرن جو ھجوم ائين ٻاھر نڪرڻ لاءِ وڌندو آھي جيئن ڪنھن بليڪ ھول مان نڪرندو ھجي... اھڙي گڙديءَ ۾ تپ دق جو ھڪڙو مريض، جيڪو پنھنجو روڳ ڇڏرائڻ، سؤ سال جي عمر وٺڻ، جوڳ اشنان ڪرڻ وڃي رھيو ھيو، سو ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙجي، مري ويو.

بملدا کي اعتراض ھيو؛ ”اھو موت، سمريش جلدي ڪرايو آھي.“

وڏي احترام سان مون راءِ ڏنس؛ ”دادا! اھو اڪيلو موت ئي ناول جي انجام ڏانھن اشارو ٿو ڪري ۽ توازن به ڏئي ٿو.“

”ھون... ليڪن فلم جي لاءِ، ٿوري اُٻھر آ! خير بعد ۾ ڏسي وٺنداسين. تون اڳتي ھل...“

اڳتي ھلندي ھلندي، انھيءَ اسڪرپٽ کي اڃا ٽي سال ٻيا لڳي ويا. اھا ۱۹۶۲ع جي ڳالھ ھئي. انھيءَ وچ ۾ بملدا ٻه فلمون ٻيون ٺاھيون. ”بندني“ ۽ ”ڪابلي والا“، ليڪن ”امرت ڪمڀ“ تي ڪم ھلندو رھيو. ننڍا ننڍا ڪجھ حصا، فلمائجندا به رھيا. خاص طور تي ”آئوٽ ڊور“ جا حصا. ميلي جا اھي حصا، جيڪي مصنوعي طور تي تخليق نه ٿا ڪري سگھجن، اسان تن جي شوٽنگ ٻين ميلن ۾ وڃي ڪندا ھياسين. الله آباد ۾ سنگم تي، ٻيو ميلو به لڳندو ھيو. ھر سال، مانگھ جو ميلو. ۱۹۶۲ع جي سياري ۾ اسان اھو فلمائڻ جون تياريون ڪرڻ لڳاسين، ڇو جو ان کان ٻه سال پوءِ ئي ”ڪمڀڪرڻ“ جو ميلو اچڻ وارو ھيو.

مانگھ ميلي جون تياريون ڪندي ڪندي ئي، بملدا جي طبيعت ٿوري ڊانوانڊول ٿيڻ لڳي. ٿورا ڏھاڙا، بخار ۾ به، آفيس ايندو رھيو. آفيس ۾ ويھڻ کان سواءِ کيس قرار نه ايندو ھيو. بملدا جي لاءِ چيو ويندو ھيو ته ان جو فلمن سان پرڻو ٿيل آھي. سندس وھاڻن منجھ، فلمن جا ريل ڀري ڇڏيو ته ڏاڍو قرار سان سمھندو.

پوءِ ڪجھ ڏھاڙا آفيس نه آيو ته اسان کي ڳڻتي ٿي پئي. مان سندس گھر پھتس. مون سان گڏ، اسان جو ڪيميرا مين به ھيو- ڪمل بوس. بملدا، ٻاھر ويرانڊي ۾ ئي ويٺو ھيو. اڳيان چانھ پئي ھيس ۽ چيسٽرفيلڊ سگريٽن جو پاڪيٽ. سدائين وانگر، سگريٽ آڱرين ۾ دکيس پئي.

اسان طبيعت پڇيس ته ورندي ڏنائين؛ ”مان الله آباد وڃي نه سگھندس. توھان وڃو ۽ وڃي ميلي جا شاٽز وٺي اچو.“ ۽ ان کان پوءِ ڪلاڪ تائين اسان کي شاٽز سمجھائيندو رھيو. شاٽز جا پاسا سمجھائيندو رھيو. ”ڪمڀ“ جي اسڪرپٽ تقريبًا زباني ياد ھئي کيس... شاٽز جي تفصيلن جي وچ ۾ سگريٽ جا ڪش به ھنيائين پئي، کنگھيو به پئي ۽ چانھ جي به سڙڪ سڙڪ ھيس.

ڪملدا، ھڪ ٻه ڀيرو بنگاليءَ ۾ چيس به ته توھان سگريٽ نه پيئو. گھٽ ڪري ڇڏيو. ليڪن ھر دفعي ’ھون‘ چئي، اسڪرپٽ جي ڳالھ ڪرڻ لڳندو ھيو.

الله آباد ويندي ايندي گھٽڪ بابوءَ کان خبر پئي ته بملدا کي ڪينسر ٿي وئي آھي.

”بملدا کي ڄاڻ آھي؟“

”نه!“

نِڙيءَ جي خبر ناھي ڪھڙي نَڙي يا پائيپ ٻڌايو ھيو گھٽڪ بابوءَ، ڪملدا چيو؛ ”ليڪن ان لاءِ ته سگريٽ گھڻو ھاڃيڪار آھي.“

”ھائو! مگر بمل مڃي ئي نه ٿو. کيس ڪيئن سمجھايان؟ چوانس ته تو کي ڪينسر آ ته صبحاڻي مري ويندو. ھو ڏاڍو ڊڄڻو آھي.“ سڌيش گھٽڪ، اسان جو مينيجر به ھيو ۽ بملدا جو نيو ٿيٽرز جي زماني جو دوست به.

الله آباد ۾ شوٽنگ ڪندي، عجيب قسم جي بددليءَ جو احساس ٿيو. ڪم ته ٺيڪ ٿي رھيو ھيو، ليڪن بي-چَسو. سدائينءَ وارو جوش نه. ڪملدا به چپ ھيو، مان به. ڪا ڳالھ ھئي جيڪا اسان چوڻ چاھي پئي ليڪن ڳالھائي نه پئي سگھياسين. دماغ جي پٺيئون، بملدا جي ڪينسر وارو خوف ڇانيل ھيو ۽ ذھن جي ڪنھن ھڪڙي سطح تي اھا ڳالھ چِٽجي رھي ھئي ته ھيءَ شوٽنگ بيڪار آھي. ھيءَ فلم ٺھي نه سگھندي. بملدا ھاڻي، گھڻا ڏينھن، جيئرو رھي نه سگھندو. ليڪن اھا ڳالھ واتئون اُڳرڻ مشڪل ھئي.

ڪملدا، ھڪڙي شام جو شوٽنگ تان موٽي اچي پڇيو؛ ”ھيءَ فلم ڇو ٿو ٺاھي، بملدا؟“

”مون ته پڇيو ھيس، ھڪڙو دفعو.“

”پوءِ؟... ڇا چيائين؟“

مون ان سٽنگ (گڏجاڻيءَ) جي ڳالھ ٻڌايس جڏھن بملدا چيو ھيو؛ ”اھو جيڪو رائيٽر آھي نه، جنھن جي نظر سان اھا ڪھاڻي ٻڌائي وئي آھي، جيڪو امرت جي ڳولا ۾ ويو آھي، مون کي لڳي ٿو سو مان آھيان... “ ھن سگريٽ جي دونھين ۾ کنگھيو. چھرو ڳاڙھو لال ٿي ويس. وري جڏھن ساھ ۾ ساھ آيس ته چوڻ لڳو؛ ”مون کي به ان امرت جي ڳولا ھئي.“

ڪجھ سمجھندي، ڪجھ نه سمجھندي مون پڇيو ھيس؛ ”ڇا سچي پچي سؤ سال جي عمر ٿا چاھيو اوھان؟“

”ھون...“

ان ڏھاڙي، ڳالھ اتي ختم ٿي وئي ھئي. اڳئين ھڪڙي موقعي تي چوڻ لڳو؛ ”سؤ سال مان مراد، ڳاڻيٽي جا سؤ سال نه ھوندا آھن. ان جو مطلب آھي ماڻھو امر ٿي ويندو آھي، ان امرت سان.“

”اھو ڪھڙو امرت آھي...؟“ گھڻو دير، گھڻو دير تائين ڏٺو، بملدا. ھاڻي ٿو سوچيان ته لڳي ٿو، شايد ڄاڻ ھيس ته کيس ڪينسر آھي. چيائين؛ ”تھذيب، ثقافت! مان ھن ڌرتيءَ جي تھذيب جو حصو بڻجي وڃڻ ٿو چاھيان ته جيئن...“ چوڻ پئي چاھيائين؛ ”تان ته زندھ رھان، لافاني ٿي وڃان.“ پر چئي نه سگھيو.

بمبئيءَ واپس پھتاسين ته بملدا جي بيماري وڌي وئي ھئي ۽ اھو اَوِرچ فلمڪار، ھڪ ٻي فلم شروع ڪرڻ جو پروگرام رٿي ويٺو ھيو، جنھن جو نالو ان وقت ”سھارا“ سوچيو ويو ھيو.

”۽ امرت ڪمڀ؟“ مون پڇيس.

”اھا ته ٺھندي رھندي. ۶۴ع ۾ ٻارھن سال پورا ٿيندا. ’ڪمڀڪرڻ‘ جو ميلو وري لڳندو. تنھن کان پوءِ اھا فلم مڪمل ڪنداسين.“

۶۴ع ۾ اڃا دير ھئي ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ بملدا وٽ گھڻو وقت ڪونھي. ”سھارا“ شروع ٿي. ٽي چار ڏھاڙا شوٽنگ ٿي ۽ ھڪ ڏينھن سيٽ ڇڏي جو بملدا ويو ته وري ڪڏھن اسٽوڊيو ڪو نه موٽيو. اچانڪ ڪينسر جي وڌڻ ۾، تيزي اچي وئي ۽ سندس سگريٽ ڇڏائجي ويا. ھو سمجھي ويو ته کيس ڪھڙي بيماري آھي. ڪن اسپتالن ۾ ٽيسٽون ٿيون. پوءِ علاج لاءِ لنڊن وٺي ويس. ليڪن اتئون به ستت مايوس ٿي موٽي آيو.

”مان پنھنجي گھر مرڻ ٿو چاھيان.“ ھن، ڪنھن کي چيو. انھيءَ تڪليف ۽ ڀڄ ڊڪ ۾ سال کان وڌيڪ وقت ڳري ويو. آفيس گھڻو تڻو بند رھڻ لڳي. يونٽ، ھڪڙي فلم شروع به ڪئي ”دو دني چار“ جي نالي سان، ليڪن بس ائين ئي. بي تُڪي ڄڻ. ھڪڙو عجيب قسم جو ماحول ٿي ويو. سڀني کي خبر ھئي ته ڪنھن ڏھاڙي بملدا جي موت جي خبر اچي ويندي. اھو خوف به ھيو ۽ انتظار پڻ! ھڪڙو عجيب بي بسيءَ جو احساس ھيو.

ھڪڙي ڏھاڙي بملدا مون کي گھرايو ۽ پڇيائين؛ ”تون ’امرت ڪمڀ‘ جي اسڪرپٽ تي ڪم ڪرين پيو يا نه؟“

مون کي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته کيس ورندي ڪھڙي ڏيان؟ ڏانھنس ڏسان ته روئڻ پئي آيو. جسماني طور بملدا پاءَ کن جو وڃي بچيو ھيو. صوفي جي ھڪڙي ڪنڊ ۾، ڪُشن وانگر پيو ھيو. کڻيس ته تريءَ تي اچي وڃي.

ناراض ٿي ويو؛ ”تو کي چيو ھيو بلرام جو موت، گھڻو جلدي آھي. اھو منظر اتان ھٽائي، ميلي ۾ کڻي آءُ! جڏھن نون ڏينھن جي پوڄا شروع ٿيندي، ته پھرئين ڏينھن ان جو موت ٿو ٿئي.“

مان ماٺ ئي رھيس. ھو وري چوڻ لڳو؛ ”صبحاڻي کان اسان ڏھاڙي شام ڌاري، اسڪرپٽ تي ئي ويھنداسين. ھن سال ’ڪمڀڪرڻ‘ جو ميلو آھي. ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو.“

مون چيس؛ ”جي ھائو! ۳۱ ڊسمبر کان نون ڏينھن جي پوڄا شروع ٿيندي. اشنان جوڳ جو ڏھاڙو جنوري ۶۵ع ۾ ٿيندو.“

”ھون...“ چئي، چپ ٿي ويو.

منظر جي تبديليءَ کان پوءِ، مان ورندي ڏھاڙي تي، وري پھتس. اسڪرپٽ اڃا تائين بملدا کي حفظ ھيو. پنھنجو ڪتاب گھرايائين. جلد، ھاڻي ڇڄي پيو ھيس. پنا ڦاٽندا پئي ويا. ڪجھ ٻين منظرن جي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ وري ساڳيو بلرام....

”بلرام جو موت، اڃا به اڳتي کڻي وڃ. اھو به جلدي آھي.“

مون بحث به ڪيس پر سندس دل رکڻ خاطر.

”اصل ۾ رائيٽر ۽ شياما جي وڇڙڻ کان پوءِ اھو موت ڪراءِ! پوڄا جي پنجين ڏھاڙي! ۽ جڏھن ميلي ۾ شوٽنگ ڪنداسين ته ياد رکجانءِ ته....“

اسڪرپٽ فائينل ڪرڻ سان گڏوگڏ، بملدا شوٽنگ جون تياريون ڪندو ھلندو ھيو. گھٽڪ بابوءَ کي گھڻيون ھدايتون به ڏنيون وينديون ھيون، جيڪي ھو وڏي فرمانبرداريءَ سان درج به ڪندو ھلندو ھيو.

ٻن ٽن ڏھاڙن کان پوءِ، بلرام جو موت وري مٽيو. اسڪرپٽ جي منڍ کان ھٽي، ھاڻي اھو اسڪرپٽ جي پڇاڙيءَ واري سيڪوئنس تائين پھچي چڪو ھيو. ليڪن بملدا کي ڪنھن به طرح جي تسلي نه ٿي. ٻن ٽن مھين جي بحثن ۾ بلرام ڪڏھن ٻه ڏھاڙا اڳي پيو مري، ڪڏھن چار پنج ڏينھن اگتي جي حياتي مليو وڃيس. ليڪن آھستي آھستي اھو موت اڳتي کسڪندو پئي ويو. اچانڪ ئي ھڪ ڏينھن مان ويومانس ته خوش ٿي چيائين؛ ”ھاڻ صحيح ھنڌ مليو ان سين جو. ’جوڳ اشنان‘ جو ڏھاڙو. صبح جو پرھ ڦٽندي ئي، جڏھن سج جو پھريون ڪِرڻو سنگم جي پاڻيءَ تي پوندو آھي، تڏھن....“ جوش ۾ ھو ٿورو کنگھيو. سندس سڄو بت سيٽجي ويو. ”تڏھن! تڏھن بلرام جو موت ٿيندو آھي. اھو پھريون موت، ڪلائيميڪس جي ”ڀاڄُڙ“ (stampede) کي ٿورو توازن ڏيندو. بلرام، جوڳ اشنان واري ڏھاڙي تي مرندو.“

مون به حامي ڀري، گھٽڪ بابوءَ به. بملدا، وڏي جوش ۾ ھيو؛ ”سڌيش! ھڪڙو سگريٽ ڏي!“

”ڇو؟... ڇا ٿيو؟.. اوچتو؟“

ٻنھي بنگاليءَ ۾ پئي ڳالھايو؛ ”اڙي! ڏي نه!“

”نه نه سگريٽ نه ملندو!“

”ڇو.... ان سان ڇا ٿيندو؟“

”چيو نه! منع آھي.. ڊاڪٽر منع ڪيو آھي.“

بملدا جي ڏرا ڏئي ويل اکين ۾، پوريل ڳوڙھا، نه ٻاھر نڪري سگھيا، نه اندر موٽي ويا. تُنرن تي پيا ڏڪندا رھيا. مان سھي نه سگھيس. بھانو ڪري اٿي آيس ۽ وري ڪڏھن نه ويس. مون کان ھاڻ سندس اھا حالت برداشت نه پئي ٿي. منھنجي حالت به سڀني جھڙي ٿي وئي ھئي. ھڪڙو خوف! ھڪڙو انتظار!

۶۴ع ڏاڍو تيزيءَ سان ختم ٿي رھيو ھيو ۽ بملدا به. سندس، بستري تان اٿڻ ويھڻ، بند ٿي ويو ھيو. گھٽڪ بابو، ساڻس آخر تائين ساڻ رھيو. سڄي رات سندس ڪمري ۾ سمھندو ھيو. ھڪ ڊگھي آرام ڪرسيءَ تي.

جنھن رات گذاري ويو، گھٽڪ بابوءَ ٻڌايو؛ ”مان کنگھ جو آواز ٻڌي اٿيس. ڏسان ته بمل پنھنجي بستري تي ويھي سگريٽ پي رھيو آھي. مون پڇيس، ’اھو ڇا ٿو ڪرين؟‘ ته چٽائيءَ سان ورندي ڏنائين؛ ’سگريٽ پيو پيان.‘ مون اٿڻ جي ڪوشش نه ڪئي. اتان ئي منع ڪئيمانس ته چيائين؛ ’ڇا ٿيندو؟ جڏھن نه پيئڻ سان ڪجھ نه ٿيو ته پيئڻ سان ڇا ٿيندو؟‘ کيس وري کنگھ اُپڙي. مون وري چيس؛ ’بمل! بس ڪر! ڦٽي ڪرينس. نه پي!‘

’ڇو؟ ڪو پھريون ڏينھن آھي؟ مان ته ڪيترن ڏھاڙن کان پيئندو آھيان. اڄ تنھنجي اک کلي آھي ته خار پيو کائين..‘

بمل آرام سان سگريٽ پيتو ۽ سمھي پيو. سدائينءَ لاءِ. وري نه اٿيو.

مون کي صبح صبح جو خبر ملي ته ڄڻ ايترن ڏھاڙن کان سر مٿان ڊپ جي لڙڪندڙ تلوار ھٽي وئي ۽ جان ۾ ساھ پوندي ئي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي پيا. اھا تاريخ ھئي ۶۵ع جي اٺين جنوري. ۽ ان ڏينھن ھيو ’جوڳ اشنان‘ جو ڏھاڙو.

 

(دھواں تان ترجمو ڪري کنيل)

 

(ماھوار آن لائين ھمسري حيدرآباد جي آگسٽ ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment