Tuesday, July 18, 2023

آکيرو - يرمو ڪابريرا انفانتي - انجنيئرعبدالوھاب سھتو.

آکيرو

(ڪيوبا جي ڪھاڻي)

ليکڪ: يرمو ڪابريرا انفانتي

سنڌيڪار: انجنيئرعبدالوھاب سھتو.



۱۹۵۷ع ڌاري، آمريڪي جھونڙن جو ھڪڙو جوڙو، اسان جو پاڙيسري ھيو. جيڪو حد کان وڌيڪ کان اڻ لڀ ھيو. اسان ٻنھي جي گھرن جا ٽيريس، ڳنڍيل ھيا. وچ تي ڪانڪريٽ جي ننڍڙي ڦڙدي ڏنل ھئي. مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آھي ته اسان راھ ويندي، لفٽ ۾ يا گھر اندر گھڙندي وقت، ڪڏھن به ھڪ ٻئي سان ڪو نه ٽڪرياسين. سچي ڳالھ اھا آھي ته مون کين سياري ۾ به، اس تي جان سيڪڻ لاءِ، ٽيريس تي ويٺي به نه ڏٺو. مان ۽ مون واري زال به لڪيا سڪيا رھندا ھئاسين ۽ اشد ضرورت وقت ڪو ٻاھر نڪرندا ھياسين.



مون کي ياد آھي ان ٽيريس تي سائي رنگ جي ترپال وڌل ھئي، جنھن کي ھڪڙي ليور سان کولبو ۽ بند ڪبو ھيو. کلڻ تي اھا ترپال، سڄي ٽيريس مٿان ڇٽيءَ وانگر ڇانئجي ويندي ھئي. مون کي ياد آ! اھو بلڪل ائين ئي جيئن ڊيموڪليس چيو ھيو؛

”مون کي ياد آھي ته منھنجي مٿئون ڪا به تلوار ٽنگيل ناھي.“

”ياد، ڇڏيوس يار! ياد ڪرڻ جو مطلب آھي؛ اوھان پھرين ڪا ڳالھ وساريو. ۽ مان ڪيئن ٿو وساري سگھان؟“

جيڪو واقعو مان ٻڌائڻ ھليو آھيان، ان کان اڳي اھا سائي رنگ جي ترپال، منھنجي گھر واريءَ جي چڙ ٿي چڪي ھئي. ”اھي ته اھا ڪڏھن کولين ئي ڪو نه ٿا. سدائين ويڙھي پئي آھي.“ اھو سندس تڪيو ڪلام بڻجي چڪو ھيو. ھوءَ لاشعوري طور تي پئي ڀِڻِ ڀِڻِ ڪندي ھئي؛ ”بيڪار آمريڪي! بيڪار آمريڪي ترپال! بيڪار انگريزي ٻولي، بصر، گوشت، پٽاٽا، بيڪار ترپال، ترپال، اغيره وغيره. انھيءَ ترپال کي اتي نه ھجڻ گھرجي ھا.“ ھوءَ گھڻو ڪري، فيصلي واري لھجي ۾ چوندي ھئي؛ ”رڳو پئسن جو زيان آھي.“

ھڪڙي ڏھاڙي ٽيريس تي ويٺي، پوري ڌيان سان ھڪڙو ڪتاب پئي پڙھيم. گھرواريءَ اچي ٻڌايو: ”انھيءَ سدا بند ترپال تي جھرڪين اچي آکيرو اڏيو آھي. ھو ڏس!“ ھن ھٿ جو اشارو ڪيو؛ ”اھا جھرڪي سڄو ڏينھن آکيري ۾ ويٺي ئي ويٺي آھي. جڏھن ته ٻي وري ڪک ڪاڄر کڻي آڻڻ ۾ رڌل آھي.“

”زبردست!“ مون مٿئون چيس.

”اھو ڪيئن؟“

”جيڪا ٺٺ سان آکيري ۾ ويٺي آھي، سا مادي آھي.“

”تو کي ڪيئن خبر پئي؟“

”سڀ ماديون، ائين ئي ھونديون آھن. نَرَ ئي ڪم ۾ ئي ڌُتِ ھوندا آھن.“

ڪڇيائين سو ڪو نه، باقي مٿئون بيھي ڏند ڪُرٽيندي رھي. مون کيس مشورو ڏنو؛ ”اسان يعني اھو پاڙيسرين کي ٻڌايون ته سندن ترپال تي جھرڪين آکيرو اڏيو آھي، تنھن ڪري پاڻ اھو ڪنھن به حالت ۾ ھاڻ نه کولين.“ گھرواريءَ مرڪي، ڏٺو. ائين ڏسڻ تي مون کي حيرت به ٿي ته پريشاني به. مون سبب پڇيس ته چوڻ لڳي؛

”تون دل جو ڏاڍو نرم آھين. ماديءَ جو ائين ويھڻ جو مطلب آھي ته آنن تي ويٺي آھي. جيڪڏھن اسان پاڙيوارن کي نه ٻڌايو ته ھنن گگدامن جو تُور ئي چٽ ٿي ويندو.“

مون فقط ڪنڌ ئي ڌوڻيو ۽ وري ڪتاب ۾ کُپي ويس. ھن مون سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”تو کي انگريزي ڀلي ڳالھائڻ ڏانءُ ايندي آھي. تون ئي وڃي کين ٻڌاءِ!“

 

مون واري انگريزيءَ ۽ ھنن جي ترپال جو پاڻ ۾ ڪھڙو واسطو! منھنجو ته وات ئي ڦاٽي ويو. مون فقط ايترو چيس؛ ”ٻڌائيندوسانِ!“

گھرواريءَ جو ٻوٿ ئي ڳاڙھو ٿي ويو. ھن وڏي سنجيدگيءَ سان، پر جِھڪي لھجي ۾، چيو؛ ”ته پوءِ اڄ ئي وڃي ٻڌائين.“

”ھاڻ ته مان نه ٿو وڃي سگھان. مون کي ھيءُ ڪتاب پڙھي پڄائڻو آھي.“

سندس ٻوٿ تان نرمائي گم ٿي وئي. ڏاڍي ڏکاري لھجي مان چيائين؛ ”ته اھو ڪتاب، ھنن گگدام جھرڪڙين ۽ سندن آنن کان به وڏي حيثيت ٿو رکي.“

”مان صبحاڻي ٻڌائيندوسانِ!“

”تون جھرڪين جي زيان ٿيڻ کان پوءِ ويندينِ!“

”ڏس! پياري! مون کي وڏو اھم مقالو لکڻو آھي، ۽ ان لاءِ ھيءُ ڪتاب پڙھڻ انتھائي ضروري آھي.“

گھرواريءَ جي اکين جي پنبڻين جا تُنر ڀرجي ويا. مون يڪدم چيس؛ ”چڱو پياري! مان بس ھيءُ ھڪڙو صفحو پڙھي وٺان ته وڃانِ ٿو.“

مون کيس اھو صفحو به ڏيکاريو. ھن ڪنڌ ڌوڻيو. جيئن ئي مون صفحو پورو ڪيو، مان اٿي وڃڻ لڳس ته گھرواريءَ جھليو؛ ”تون کين صبحاڻي ٻڌائجان! ھاڻ رات ٿي وئي آھي. ھونئن به انھن اڄ تائين اھو کوليو ته ڪونھي.“

”بلڪل ٺيڪ! جيئن تون چوين! صبحاڻي مان اسڪول کان موٽندي، وٽن بيھندس ۽ ٻڌائيندومانِ.“

”ھا! مگر صبحاڻي يادگيريءَ سان ٻڌائجانِ.“

ورندي ڏھاڙي تي، ڪم تان موٽندي، مان سندن فليٽ آڏو رڪيس. پنج لڳي ڏھ منٽ ٿيا ھيا. اھا عمارت (ڪاغذ ۾ ته اڃا به مان ان ئي عمارت اندر رھندو آھيان. مگر ۱۹۶۵ع ۾ اھا عمارت ۽ ان جي اوس پاس واريون سموريون جايون گم ٿي ويون آھن) ننڍن بلڪ آرامده فليٽن تي مشتمل ھئي. ٻيو ته چؤڦير، سھڻا وڻ پوکيا ويا ھيا. پاڙيسرين جو دروازو، مھاگنيءَ جي مضبوط ڪاٺيءَ جو ٺھيل ھيو. ٻه ڀيرا گھنٽي وڄائڻ کان پوءِ ھڪڙي نوجوان ڇوڪريءَ در کوليو. سندس عمر ارڙھن يا ويھ سال کن ھوندي. ايڏي سھڻي ته نه ھئي پر عمر جي اھڙي حصي ۾ ھئي، جنھن ۾ بدشڪل ھئڻ جو ته سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي. ڊگھو چولو پاتل ھيس، جنھن جا سمورا بٽڻ کليل ھيا. سونھري وارن جو جُوڙو، ٻڌل ھيس ۽ جينز پاتل ھيس. کيس ڏسي منھنجو ڪنھن آمريڪي اداڪاره ڏانھن خيال ھليو ويو؟ شايد ڊورس ڊي، نه! اگر ڪيرل لنلي، جوان ٿي پوي ته بلڪل اھڙي ئي نظر اچي.

غير ارادي طور تي منھنجي واتان اسپيني نڪري وئي.

ھن مرڪي چيو؛ ”مان اسپيني ٻولي نه ڄاڻندي آھيان.“

کيس اسپيني نه پئي آئي ۽ مون واري انگريزي اڃا بانبڙا پئي پاتا.

”ھو ڪراڙو چاچو! جيڪو ھتي رھندو آھي، گھر ۾ آھي.“

”منھنجو ڏاڏو، ڏاڏي! اھي ته ٻئي ٻاھر آھن. رات جي مانيءَ تائين موٽي ايندا.“

”اھو! مان انھن جھرڪين جي باري ۾... انھن جي ڄار (net) اوھ ساري آکيري (nest) بابت مان ٻڌائڻ آيو آھيان.“

”اڙي نه! مون کي ته ڪا خبر ئي ناھي ته ڏاڏي جھرڪيون به ڌاريون آھن.“

پھرين ته مون کي لڳو، مون تي چٿرون پئي ڪري. پوءِ مون پاڻ سنڀاليو ۽ سوچيو؛ ڪا به ڇوڪري ڪيڏي به تيز ڇو نه ھجي پر پھرين ملاقات ۾ ائين نه ٿي ڪري سگھي. مان جيتري سٺي انگريزي ڳالھائي سگھيس پئي، ڳالھايم ۽ کيس آکيري بابت ٻڌائيندو رھيس. ڳالھ پوري ڪرڻ تي مون کي خيال ٿيو ته مون ڪھاڻيءَ ۾ پنھنجي گھر واريءَ جي ڳالھ ئي نه ڪئي آھي ۽ نه ئي اھو ٻڌايم ته مان ڀر واري گھر ۾ رھندو آھيان.

ھوءَ مون واري ڳالھ ٻڌي، ٽھڪ ڏئي کلي. وري مون کي چتائي ڏٺائين ۽ بي يقينيءَ مان چوڻ لڳي؛

”اوھان اندر اچي، مون کي اھو آکيرو ڏيکاريو. جيئن ئي منھنجو ڏاڏو ڏاڏي موٽندا، مان کين ان بابت پڪ سان ٻڌائيندس.“

مان گھر ۾ گھڙيس. منھنجو گمان ھيو ته اھو فليٽ سھڻي نموني سان سجايل ھوندو. مگر مون کي ڏاڍي مايوسي ٿي. (مون کي پنھنجي انھيءَ عادت تي پاڻ تي به ڪاوڙ ايندي آھي ته مان سدائين ٻين جي گھرن جي سجاوٽ بابت سٺو گمان رکندو آھيان). بورچيخانو، ننڍڙو ھيو. مگر فرنيچر جي اڻاٺ سبب، لائونج اسان واري کان وڌيڪ کليل لڳي رھيو ھيو. اسان جي گھر جي سجاوٽ به لڳ ڀڳ اھڙي ئي ھئي، جڏھن ته اسان وٽ فرنيچر ججھو ھيو. ھا البتہ سڄي فليٽ ۾ قالين وڇايل ھين.

اسان ٻئي بيڊ روم منجھئون ٿيندا، ٽيريس ۾ پھتاسين. مون کي ائين، ڪنھن جي بيڊ روم ۾ گھڙڻ نه وڻندو آھي، پر کيس آکيرو ڏيکارڻ اشد ضروري ھيو. شام، رات ۾ گھڙي پئي. آسمان، اونداھ جي چادر ويڙھڻ وارو ھيو. اسان جي فليٽ جي درين جا پردا وريل ھيا. مون کي اھو ٿورو عجيب لڳو پر ستت ياد اچي ويو ته اڄ ته جمعو آھي ۽ مون واري گھر واري اڄ فرانسيسي ٻولي سکڻ ويندي آھي. ترپال تي جھرڪيون پنھنجي آکيري کي اڃا سُڪَ ڪرڻ ۾ لڳيون پيون ھيون. ھڪڙي جھرڪيءَ جي چھنب ۾ سٻر ڪک ھيو ۽ اھا ان کي آکيري منجھ ٽنبڻ ۾ لڳي پئي ھئي.

”اڙي ھيءُ ڪھڙيون نه پياريون آھن.“ ڇوڪريءَ چيو ۽ اڳتي چوڻ لڳي؛ ”۽ بي سمجھ به آھن. منھنجي خيال ۾ پياريون به آھن ته بي سمجھ به آھن.“

پوءِ پھرين ته کلي، وري پوءِ ٽھڪ ڏيڻ لڳي. مون کي اھا ڇوڪري ٿورو، توازن ۾ ھيٺ مٿي لڳي. سندس ٽھڪن جو انداز به ڏاڍو عجيب ھيو، ڄڻ ھوءَ اندر جي ڳڻتي لڪائڻ لاءِ کلندي ھجي. مون کي سندس کلڻ ۽ ٿڌڙي ھوا، پريشان ڪري رھيون ھيون. پاڻ ئي چيائين؛ ”ھليا! اندر اچ!“

ٻئي، بيڊ روم ۾ آياسين. ھن ويھڻ جي صلاح ڪئي ۽ مان بجاءِ جو ٻاھر لائونج ۾ وڃي ويھان، اتي ئي بيڊ روم ۾، ھڪڙي اسٽول تي ويھي رھيس. ھوءَ لائونج ۾ داخل ٿي چڪي ھئي. مگر مون کي بيڊ روم ۾ ويٺل ڏسي، واپس موٽي آئي ۽ بيڊ تي ويھي رھي. مون کي پنھنجي بيوقوفيءَ جو احساس ٿيو، مگر ھاڻ ته اھا بيوقوفي مون کان ٿي چڪي ھئي. (مون کي کيس بيڊ تي ڏسي، اھو قصو ياد اچي ويو ته ھڪڙي بادشاھ وٽ ھڪڙو مھمان آيو ۽ مانيءَ کان اڳ ھٿن ڌوئڻ لاءِ کيس ليمون-پاڻي، ھڪڙي پيالي ۾ ڏنائون. ھن اھو پي ڇڏيو. بادشاھ مھمان کي شرمساريءَ کان بچائڻ لاءِ منجھس، چپٽي کنڊ جي ملائي، پاڻ به پي ڇڏيو. اھو پاڻي ايڏو لذيذ ھيو جو بادشاھ ان کي ھر مانيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو.) منھنجي ٻي بيوقوفي وري ڏسو! مون ڌنارن واريءَ اٻھرائيءَ مان کانئس نالو پڇي ورتو. (کيس به منھنجي اٻھر تي حيرت ٿيندي ھوندي.)

”توھان جو نالو ڇا ھي؟“

ھن مرڪيو. جھٽ سوا لاءِ مون کي لڳو، ڄڻ ھوءَ نالي جي بجاءِ ٻي ڪنھن سوچ ۾ آھي.

”جِلِ! ۽ تنھنجو؟“

”سلويسٽر!“

”نالو، سٺو آھي.“

مون انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. مون کي پنھنجي نالي کان بڇان ھئي.

”منھنجو مطلب آھي، مون کي اھو نالو ته وڻيو پر اُچاري به سگھندس الائي نه!“

”ڇو نه؟ تون پڪ سان اھو اچاري ويندينءَ.“

”مان اچاري نه ٿي سگھان.“

”ھڪڙو دفعو ته چئي ڏس!“

”مان اھو ڪڏھن چئي نه سگھندس.“

“ڪوشش ڪر!“

ھن منھنجو نالو ورتو پر مون کي افسوس ٿيو ته مون ھن کي زور ڀريو ئي ڇو. ھن چيو؛ ”سلور ٽري (Silver Tray).“

”اڙي نه! مان ٽري ناھيان! نه ئي چانديءَ مان ٺھيل آھيان. سڌو سادو نالو آھي ’سل ويس ٽر‘.“

اچي کلڻ ۾ ڇٽي. سچ پچ ته سندس کلڻ جو انداز، ھاڻ اڳ کان سٺو ٿي چڪو ھيو. ھاڻ ھوءَ دل سان کلي رھي ھئي. ھوءَ چڱو دير تائين کلندي رھي. جڏھن ھن نيٺ چپ ڪئي مون صرف ايترو چيس؛ ”تنھنجو نالو به سٺو آھي.“

ھوءَ اوچتو ڏکاري ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي؛ ”منھنجي ڪا به شيءِ سٺي ناھي.“

”منھنجو نالو به سٺو ناھي.“ ھن پنھنجا ڏند ڪُرٽيا ۽ چپ ڀڪوڙي چوڻ لڳي؛ ”خاص طور تي منھنجو نالو ته بلڪل ئي اڍنگو آھي. مان آھيان ئي عجيب! منھنجي ھر شيءِ عجيب آھي. ڪجھ به ٺيڪ ناھي.“

سندس آواز ڇُلڪي پيو ۽ ھوءَ سڏڪا ڀرڻ لڳي. مان اسٽول تي ويٺي، ساھ مٺ ۾ ڪيو، کيس ڏسي رھيو ھيس. ھوءَ لاڳيتو، سڏڪا ڀري رھي ھئي. مون کي ٻي ڪا ڳالھ نه سُجھي ته ڀرسان وڃي بيٺومانس. منھنجي به حالت ٿوري عجيب ٿي رھي ھئي. منھنجي دل ۾ خواھش جاڳي ته کيس ڀاڪر ۾ ڀري ماٺ ڪرايان. مگر ڀؤ ھيو ته ھوءَ متان ان کي منھنجي اڳرائي سمجھي. مان اتي ئي بيٺو ھيس جو ھوءَ اوچتو اٿي ۽ مون کي چنبڙي پئي. ھن ھاڻي باقاعدي روئڻ شروع ڪيو ھيو. منھنجا ٻئي ھٿ اٿيا ته جيئن سندس چوڌاري ورائي وٺان، مگر منھنجا ھٿ ھوا ۾ ئي ٽنگيل رھجي ويا. ھوڏھئون ھن روئندي روئندي، ڀڻڪڻ شروع ڪيو.

”مان ھر شيءِ ۾ ناڪام آھيان. پڙھائي ھجي توڙي واسطيداري. منھنجو بواءِ فرينڊ مون سان گھڻن پئسن جو فراڊ ڪري ويو آ ۽ ڏاڏو آ جو بجاءِ منھنجي مدد ڪرڻ جي، ھٿئون مون کي پيو موٽائي موڪلي. صبحاڻي منھنجي فلائيٽ آھي ۽ مان آمريڪا وڃڻ نه ٿي چاھيان. مان ھتي خوش آھيان، مگر.....“

مون دل ٻڌي، ٻئي ٻانھون سندس ڪنڌ جي چوڌاري ورائي ڇڏيون. کيس ڄڻ ڪرنٽ لڳو. ھڪدم مون کان پري ٿي بيٺي.

”تون ڇا پيو ڪرين؟“

”مان، ھو، تون اوچتو مون سان چنبڙي پئين ۽ مان ته بس....“

”منھنجو فائدو وٺڻ ٿو چاھين؟“ ھن تکي آواز ۽ تکين نظرن سان چيو.

”نن، نه ته، مان ته، بس.....“

”ھاڻ تون ھتان ھل!“ اھو چئي، ھوءَ دروازي ڏانھن وڌي. مان ال وانگي وات ڦاڙيو، سندس پويئون ويس. منھنجو آواز صفا گھوگھرجي ويو ھيو.

”ڏس! مون کي غلط نه سمجھ. اچ ته ويھي ٿورو ڳالھايون ٿا. تو پنھنجي بواءِ فرينڊ جي ڳالھ پئي ڪئي....“

ھن چپ چپات ۾ دروازو کوليو ۽ ٻاھر وڃڻ جو اشارو ڪيائين.

”اوھان سان وري ملاقات ڪڏھن ٿيندي؟“

منھنجي ٻي بيوقوفي به ڏسو!

”مان صبحاڻي موٽي پئي وڃان.“ ھن دروازو، پوري نموني کولي چيو؛ ”او ڪي!“

مون کيس آخري دفعو ڏسندي چيو؛ ”خدا حافظ! جِلِ!“

”گڊ باءِ سلور ٽري!“

۽ دروازو بند ٿي ويو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ، مان ھڪڙي ٻئي ڪتاب جي پڙھڻ ۾ گم ھيس، مگر مغز ۾ جِلِ سان ملاقات وارو واقعو ڦيراٽيون ڏئي رھيو ھيو. جڏھن اھو دروازو بند ٿيو ته مان احمقن وانگي ان کي گھوريندو ئي رھيس. مھاگنيءَ جي ڪاري ۽ مضبوط دروازي کي اجايو تڪيندو ئي رھيم. مان پاڻ کي سدا کان بيوقوف ئي سمجھندو رھيو آھيان. ان ڏينھن پنھنجي ئي اھا ڳالھ ثابت ڪري ويٺو ھيس. ورندي ڏينھن، ڪم تي ويندي، مان وري ساڳئي دروازي تي رڪيس. دل ۾ آيو ته ساڻس ھڪ دفعو ٻيھر ملي، وضاحت ڪري ڇڏيانس ته منھنجو اھو عمل بي اختياري ھيو ۽ مان ھڪڙو شريف ماڻھو آھيان. مگر ھمت نه ساري سگھيس. بس ھن دفعي سو، دروازي سان لڳل ھڪڙي ڪارڊ تي منھنجي نظر پئجي وئي. ان تي مسٽر ۽ مسز ڪليمنٽ لکيل ھيو. تڏھن مون کي احساس ٿيو ته ھيءُ فليٽ ته خالي آھي. مون کي ياد آيو، اڄ ته جِلِ جي فلائيٽ ھئي.

اوچتو مون کي خالي-پڻي جو احساس ٿيڻ لڳو. اھو فليٽ خالي ھيو. مون کي لڳو ته ھيءَ عمارت، ھوانا، ڪيوبا ايستائين جو ھيءَ سڄي دنيا خالي آھي. منھنجي چئني ڏِسائن ۾ سانت آھي ۽ ان سانت ۾ ھڪڙو سرٻاٽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته جِلِ نالي سان ڪا ڇوڪري مون سان ڪڏھن ملي ئي نه ھئي. اھو سڄو منھنجي مغز جو ويڳ ھيو ۽ ٻيو ڪجھ به نه ھيو. مان ڀڻ ڀڻ ڪري اٿيس. ڪنھن وڏي سڏ منھنجو نالو ورتو ھيو. مون ڪتاب تان نظرون ھٽايون. منھنجي زال، وڏي سڏ مون کي سڏي رھي ھئي.

”سلوسٽر!“ ھن ھٿ سان اشارو ڪيو؛ ”ھو ڪيڏا نه ظالم ۽ پٿر دل آھن.“

”ڪير؟“ مون ڏانھنس ڏٺو ۽ پوءِ وري سندس ھٿ جي اشاري ڏي ڏٺو.

”اسان جا پاڙيسري ۽ ٻيو ڪير!؟ ڏاڍا بي رحم بلڪ پاڳل آھن.“

مان ڪرسيءَ تي اڀو ٿي ويم ۽ اھو منظر ڏٺم، جنھن جي ڪري منھنجي زال ڇِري بيٺي ھئي. ھڪڙو پوڙھو (پوءِ غور سان ڏسڻ سان خبر پئي ته اھا ڪراڙي ھئي) ان ترپال کي، جيڪا سدا کان بند رھندي آئي آھي، کولي رھيو ھيو.

”اھا ڪراڙن جي جوڙي، اڄ پنھنجي ترپال پئي کولي.“

”مان به ڏسان پيو! سُھجان!“

ٻه آنا ته پٽ تي پيا ھيا، مگر ھڪڙو ڀڄي پيو ھيو. پوڙھي به اوتري ئي حيران ھئي جيترو جھرڪيون ھيون. ٻئي، آنن جي چؤڦير، ڦيراٽن ۾ ھيون. پوڙھي، ’والٽر! والٽر!‘ جا سڏ ڪندي اندر ڀڳي. جھرڪيون بيوسيءَ مان رڳو تکا ۽ تيز چرڙاٽ ڪري رھيون ھيون. جھرڪي، آکيري ڏانھن ڀڳي، مگر اھو وکري چڪو ھيو ۽ اتي چند ڪک پئي لڙڪيا. اھا وري ڀڳل آني وٽ اچي ويھي رھي. جھرڪ، وري ڪک ڪھڄر ڪٺا ڪري آکيري ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو. مگر جيئن ئي ھن ڪَکُ، آکيري تي رکيو پئي، تيئن ئي اھو ھيٺ اچي پئي ڪريو. ايتري ۾ پوڙھي، پوڙھي کي وٺي ٻاھر نڪري آئي. منھنجي زال، بالڪونيءَ جي گڏيل ڦڙديءَ وٽ وڃي، کين ڪاوڙ منجھان گھُورڻ لڳي. مگر ٻئي، جھرڪين ۽ آکيري کي ڏسي رھيا ھيا. پوءِ ھوءَ مون ڏانھن مُڙي ۽ لفظ چٻي چٿي چوڻ لڳي؛

”تو کين آکيري جي باري ۾ نه ٻڌايو ھيو؟“

مون ھڪ نظر کيس ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيم.

اڄ ان واقعي جي سالن پڄاڻان، بس ايترو خيال ايندو آھي ته جِلِ ائين ڇو ڪيو؟ ھن پنھنجي ڏاڏي کي انھيءَ آکيري، انھن جھرڪين، انھن آنن بابت ڇو نه ٻڌايو؟ وري ھڪڙو ٻيو خيال اٿندو آھي: ڇا جِلِ جو ڪو وجود به آھي؟ يا اھو صرف منھنجو وھم ھيو؟ يا منھنجو خواب ھيو؟

 

(محمد فيصل (ڪراچيءَ واري) جي اردو ترجمي تان الٿو ڪيو ويو)

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي جولاءِ ۲۰۲۳ع واري پرچي ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment