Sunday, June 4, 2023

ھاٿيءَ جو پُڇُ - ويڪوم محمد بشير - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ھاٿيءَ جو پُڇُ

(ملايالم ڪھاڻي)

ليکڪ: ويڪوم محمد بشير (۲۱ جنوري ۱۹۰۸ع- ۵ جولاءِ ۱۹۹۴ع)

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھيءَ ھڪڙي چوريءَ جي ڪھاڻي آھي. ھڪڙو وڏو ھاٿي ھيو، جنھن ٻن مھابتن کي پنھنجي پيرن ھيٺئون لتاڙي ماري ڇڏيو ھيو. انھيءَ ھاٿيءَ جي دُمِ مان ھڪڙو وار چورائڻو ھيو ۽ چورائڻو اھڙي نموني ھيو جو ڪير ڏسي نه سگهي. نه ابو، نه امڙ ۽ نه وري مھابت. مون کي سندس دُمِ مان ھڪڙو وار، فقط ھڪڙو ئي وار کپندو ھيو. اتي فقط ھڪڙو نه بلڪ ٽي ھاٿي ھيا. مون کي ان وڏي ھاٿيءَ جي دُمِ جو وار کپندو ھيو، پنھنجي لاءِ نه، بلڪ راڌا مني لاءِ. راڌا مني، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي ڌيءَ ھئي ۽ مون سان گڏ پڙھندي ھئي. انھيءَ، ڪتاب ۾ رکڻ لاءِ مون کي مور جو کنڀ ڏنو ھيو. اڙي ھا! تن ڏِھاڙن ۾، منھنجي ھڪڙي عرفيت ھئي؛ ’ھاٿيءَ جو پُڇُ.‘ منھنجا سنگتي مون کان پڇندا ھيا؛ ”ھاٿيءَ جا پُڇَ! ڪاڏي ٿو وڃين؟“ يا وري ”ھاٿيءَ جي پُڇَ جو جواب غلط ٿي ويو. ٻڙي مليس.‘ دراصل مان ’ھاٿيءَ جي دُمِ‘ کي عام طور تي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ چوندو ھيس.

”ھاٿيءَ جو پُڇُ“



ھيءُ واقعو، ڪئي سال پراڻو آھي. مان اٺن يا نون سالن جو ھيس. منھنجو ڀاءُ عبدالقادر، مون کان سال ننڍو ھيو. اھو آڪھ جو ئي دادلو ھيو. مان درگاھن ۽ مزارن تان پنيل ۽ باسيل ججهين مرادن ۽ باسن کان پوءِ ڄائو ھئس. تنھن ھوندي به مان ڪيترن ئي ڏينھن تائين گھر وارن جو دادلو نه ٿي سگهيس. عبدالقادر جي ھڪ ٽنگ خراب ھئي، جنھن ڪري ھر ھڪ جي ھمدردي ساڻس ھئي. پر شرارت جي پڇا ڳاڇا مون کان ٿيندي ھئي. اڻ ڪيل گناھن جي سزا به مون کي ملندي ھئي. مان پنھنجي سر ھٽو ڪٽو ۽ مضبوط ھيس. مان ترڻ، ٽٻي ھڻڻ ۽ وڻ تي چڙھڻ جو ماھر ھيس. سيٽي به زور سان وڄائيندو ھيس، ٻه بلڪ ھڪ آڱر وات ۾ وجهي، وڏي واڪي سان سيٽي وڄائي سگهندو ھيس. عبدالقادر، اھڙن عظيم فنن کان اڻ واقف ھيو. اھڙا ڪمال منجهس نه ھيا. ھا! ھو پڙهائيءَ ۾ مون کان ٿورو سرس ھيو. ھو مون کي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ سڏيندو ھيو.

تن ڏھاڙن ۾، گهمندي ڦرندي، اسان جي اکين آڏو سڀني کان اڳ، ھاٿي ئي ايندو ھيو. منھنجو پيءُ، تعميراتي ڪاٺ جو واپاري ھيو. ڪداياٿر جي ٻيلن مان وڻ وڍائي، شھتيرن منجهئون جڙيل ٻيڙا ڀرائي، درياھي رستي آڻيندو ھيو. انھن شھتيرن کي گهرن جي اڱڻن تي ڪٺو ڪرائڻ جو ڪم، ھاٿين کان ورتو ويندو ھيو. ھاٿين کي ناريل يا کجيءَ جا پُوٽا کارائڻ منھنجي ذمي ھيا. ان جو مطلب اھو آھي ته مان اتي بيھي ڏسندو ھيس ته ھاٿين کي راتب چڱي نموني سان ملي ٿو يا نه... ڄڻ ھاٿين جو مالڪ ئي مان ھجان. مٽيءَ جا وڏا وڏا ڀينڊَ، ھاٿين جي پيٽ تي ھڻي، ڀڃڻ به، ڏاڍي دلچسپ راند ھوندي ھئي. مگر مان بھرحال ان راند کيڏڻ واري پنھنجي خواھش کي قابوءَ ۾ رکندو ھيس. اھا ٻي ڳالھ آھي ته پنھنجن دوستن يارن کي، ھاٿيءَ جي پيٽ تي مٽيءَ جا وڏا وڏا ڦوڙھ چُٽيندي، ڏسندو ضرور ھيس. ھڪ دفعي مون اُلو داموءَ کي ان راند کيڏڻ جي ڇوٽ ڏني ھئي. ان ھاٿيءَ جي پيٽ تي ھڪڙو وڏو ڀينڊ وھائي ڪڍيو ۽ بدلي ۾ مون کي ھڪڙو ننڍو پڪل انب ڏنائين.

اُلو دامو، عمر ۾ مون جيترو ھيو. اسان ٻئي ساڳئي ڪلاس ۾ پڙھندا ھياسين. اُلو داموءَ جون اکيون گول ۽ اڀريل ھونديون ھيون. سندس پورو نالو دامودرن ھيو. سندس پيءُ سنڪرن ڪٽي، منھنجي پيءُ جو ڪمدار ھيو. سنڪرن ڪٽيءَ جي ماءُ ننگيلي، اسان وٽ ماني پچائيندي ھئي ۽ منھنجي ماءُ جي ٻانھن ٻيلياڻي ھوندي ھئي. ھڪ دفعي اُلو داموءَ، مون کي ’ھاٿيءَ جو پُڇُ‘ ڪري سڏيو. ان ڳالھ تي ننگيلي، کيس پڪڙڻ لاءِ، سڄي گهر ۾ سندس پويان ڀڄندي رھي. پوءِ مون ئي وڃي کيس پڪڙيو ۽ تيستائين جهلي بيٺومانس، جيستائين ننگيليءَ کيس ٺاھوڪو ڪُٽڪو نه چاڙهيو.

”ته پوءِ تون مون کي اُلو دامو ڇو ڪوٺيندو آھين؟“ ھن چيو.

”اڄ کان پوءِ نه سڏيندومانءِ! .. چڱو مون کي ھڪڙو پڪل ڪيلو ڏي نه ته مان مھابت کي ٻڌائيندس ته تو ئي ھاٿيءَ کي ڦوڙھ ھنيو ھيو.“

”مون ھنيو ھيو ڪن تو؟.. مون کئون پڪل انب وٺي، موڪل ته تو ڏني ھئي.“

مون گھرئون ٿورا ڪيلا چوري ڪيا. ھڪڙو اُلو داموءَ کي ڏنم. ھڪڙو عبدالقادر کي، ھڪڙو پاڻ کاڌم. باقي مھابتن کي ڏنم.

مان مھابتن جو لڳ ڀڳ ھر وقت جو ساٿي ھيس. مان سندن گهرجن جو خيال ڪندو ھيس. اھي سموري جا سمورا ھندو ھيا. انھن ديون جيڏين آفتن جي سار سنڀار لھڻ ۽ کين ڌت ڪرڻ ۽ چياڪر بڻائڻ وارا اھي ماڻھو، بشريت کان مٿي ۽ دنيا جا سپرمين ھيا. مان سندن عزت نه بلڪ پوڄا ڪندو ھيس. وڏو ٿي، مھابت ٿيڻ، منھنجي خواھش ھئي. سندن حڪم جو جادوئي لفظ ”سيتيانا“، جيڪو نڪئون نڪرندو ھيو، ھاٿين کي سندن مرضيءَ مطابق چرڻ پرڻ تي مجبور ڪندو ھيو. مون ان لفظ کي نڪئون ڪڍڻ سکيو، جيتوڻيڪ ان ۾ اڃا ٿورو گهڻو پڙاڏو ھوندو ھيو.. ”سيتيانا...“ مون ڌاتوءَ مان جڙيل انگاس کي چمڪائڻ به سکي ورتو ھيو، جنھن سان مھابت وڏا وڏا ڪن پڪڙي ھاٿين کي ڇڪيندا ھيا. مان سندن لٺين جي ڌوڙ به ڇنڊيندو ھيس ۽ گهر جي ورانڊي ۾ رکيل سندن وڏن وڏن نيزن کي به ڪنھن کي ھٿ لائڻ نه ڏيندو ھيس. مھابتن سان منھنجا تعلقات ڏاڍا ڀلا ھيا. مان گهرئون پان، سوپاريون ۽ ڇڪڻ وارو تماڪ کڻي وڃي، انھن مھابتن کي ڏيندو ھيس جنھن مان ھو پنھنجو پان ٺاھيندا ھيا. مان سندن ڳالهين کي عجب منجهئون ۽ ڪنھن حد تائين عقيدت سان ٻڌندو ھيس. واھ! مھابت ٿيڻ به.....

ڇا ته ڏينھن ھيا ۽ ڪيڏا نه مختلف ھيا. تن ڏينھين سج به چمڪندڙ اڀرندو ھيو، چانڊوڪي پڻ گھڻي سحر انگيز ھوندي ھئي، گلن ۾ رنگت وڏي ھوندي ھئي، انھن جي سرھاڻ ۾ تِکُ ۽ مٺاس ھوندو ھيو. جهرڪين جي چر چر ۾ سُر ھوندو ھيو. درياھ جو پاڻي گهڻو صاف شفاف ھوندو ھيو. درياھي مڇيءَ ۾ سواد وڏو ھوندو ھيو. او ھو ھو! اسان ڪھڙي نموني جهرڪين ۽ گلن جي وچ ۾ پيا ٺينگ ٽپا ڏيندا ھياسين. اسان اٺن سالن وارا، دنيا جي جان ھياسين، روح ھياسين. ھيءَ دنيا اسان جي چوڌاري پئي چڪر ڪٽيندي ھئي. اسان پاڻان وڏن کي گٺل پيٺل ۽ لاچار سمجهي نظر انداز ڪندا ھياسين. اسان کان ننڍا، ”ٻار“ ھيا. اسان کان وڏا، جهونا ۽ بيڪار ھيا. اسان، سورھن سالن جي ڇوڪرن کي، ماڻهو سمجهندا ھياسين. ليڪن ھڪڙي ڳالھ ھئي.... اسان، وڏيءَ عمر وارن جو، احترام ضرور ڪندا ھياسين.

تن ڏينھين، وقت جي ڪا ئي اھميت نه ھئي. ھٿ واريون واچون، ورلي ڪي ھيون. جيبي گهڙين جو رواج وڌيڪ ھيو. منھنجي پيءُ وٽ، وڏي ڳؤري، چمڪندڙ جيبي گهڙي ھئي. ابو ان سان وقت ائين ٻڌائيندو ھيو، ڄڻ پاڻ جادو ڄاڻندو ھيو. ماڻهن کي، کانئس وقت پڇڻ، ڏاڍو وڻندو ھيو. ھو به وڏي ٽانءِ ۽ ھڪڙي مخصوص مرڪ سان پنھنجي گھڙيءَ واري کيسي مان گھڙي ڪڍندو ھيو. گھڙي ڪڍندي ئي وقت ٻڌائڻ ناممڪن ھيو. ان کي پھرين ھڪ پاسي ڏانھن کولڻو پوندو ھيو. ان کي احتياط سان کولڻ کان پوءِ، ابو وقت ٻڌائيندو ھيو. اسان کي سمجھ ۾ ئي نه ايندو آھي ته اھو ھوندو ڇا آھي. وقت جيڪو ابدي آھي، لامتناھي آھي، گهڙيءَ نالي واري مشين ۾ قيد ڇو ڪيو ويو آھي؟ ڪنھن ڪيو آھي؟ اسان کي ڪو به اندازو نه ٿيندو ھيو. وڏڙا ان بابت گهڻيون ڳالهيون ٻڌائيندا ھيا. اسان سندن ٻڌندا ھياسين، ليڪن پَتِ نه ڪندا ھياسين. اسان سندن وِڏُ يا نافرماني نه ڪري سگهندا ھياسين، ان ڪري چُپِ ئي رھندا ھياسين. وقت جي معاملي ۾، اسان جي رھنمائي، سج ڪندو ھيو. سج ئي اسان جي گهڙي ھيو. اسان پنھنجا پاڇا ماپي، وقت جو حساب ھڻندا ھياسين.

جيتوڻيڪ اسان وٽ کيسي واريون گهڙيون نه ھيون، مگر گهڙيءَ وارا کيسا ضرور ھيا. اسان جي قميصن اندر سُبِيَل. عبدالقادر ۽ مون وٽ اھڙن کيسن واريون قميصون ھيون. اسان وٽ ٽوپيون به ھيون. اسان کي مليالم اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليو ويو ھيو. انگريزي اسڪول ۾ وڃڻ لاءِ ڪوٽ ۽ ٽوپي پائڻا پوندا ھيا. انگريزي اسڪول پنج ڇھ ميل پري ھيو. انگريزي اسڪول جا شاگرد ڪوٽ پائي، ٽوپلو ھڻي ۽ انگريزي ڳالهائيندا وڏي شان سان اسڪول ويندا ھيا ۽ اسان کين حيرت منجهئون ڏسندا ھياسين. عبدالقادر ۽ مون، عربي پڙھي. اسان به انگريزي پڙھنداسين. ابي واعدو ڪيو آھي؛ جڏھن اسان مليالم اسڪول ۾ چوٿون درجو پڄائينداسين ته اسان جي داخلا، انگريزي اسڪول ۾ ڪرائي ويندي. اسان کي شوق ۽ محنت سان پڙھڻ جو چيو ويو ھيو. اسان جي سر (Sir)، پڊوسري نرائن پلي اسان کي شوق ۽ دل سان پڙھايو. ڪڏھن ڪڏھن ھو اسان کي مار به ڏيندو ھيو پر تنھن جي باوجود به ھو اسان کي وڻندو ھيو. اسان سندس عزت ڪندا ھياسين. ان زماني ۾ ھڙتالون ڪو نه ٿينديون ھيون. نه شاگرد اسٽرائيڪ ڪندا ھيا ۽ نه استاد. اسان کي نظم ۽ ضبط جي پابندي ڪرڻي ھوندي ھئي. ڀڃڪڙيءَ تي سيکت ملندي ھئي. نافرمانيءَ ۽ حڪم عدوليءَ جي سزا، مار جي ھوندي ھئي. اگر ان کي ڪافي نه سمجهبو ھيو ته پوءِ شاگرد کي بئنچ تي اڀو بيھڻو پوندو ھيو. اڳيون قدم اھو ھوندو ھيو ته ڇوڪري کي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏبو ھيو ۽ کيس ڪمري کان ٻاھر بيھڻو ھوندو ھيو. مون کي ڪيترا ئي ڀيرا، اھي سزائون مليون؛ بئنچ تي بيھڻ جي به، ڪمري کان ٻاھر بيھڻ جي به.

تنھن زماني ۾، اسان کي ھڪڙو سبجيڪٽ ”وفاداري“ به پڙهايو ويندو ھيو. رياست تي راجا جي حڪومت ھئي، اسان جي پياري حڪمران، مھاراجا آف ٽرانڪور جي. ھڪ ٻيو به مھاراجا ھيو، مھاراجا ڪوچين. مون کي ياد ناھي ته ڪو ان زماني ۾ اسان مالابار جو نالو ٻڌو ھيو يا نه. تن ڏينھين ڪيرالہ به ڪو نه ھيو. ٽرانڪور، ڪوچين ۽ مالابار، ملايالم ڳالهائڻ وارا علائقا ھوندا ھيا. مالابار تي ھڪڙو گورنر راڄ ڪندو ھيو. اھو گورنر ڏورانھين جزيري جي بادشاھ جو نمائندو ھيو. اھو بادشاھ، ھندستان جو به بادشاھ ھيو. انھن ڳالهين جي، تن ڏينھين مون کي ڄاڻ نه ھئي. مان فقط ايتري ڳالھ ڄاڻندو ھيس ته مون کي مھاراجا جو وفادار ھئڻ کپي، جنھن کي ظل الاھي سمجهيو ويندو ھيو. مھاراجا جو لفظ به عام طور تي استعمال نه ڪيو ويندو ھيو. اھو پيارو حڪمران ھيو، وڏي مرتبي وارو، پوڄا لائق. اسان الله کان دعا گهرندا ھياسين ته ھو رياست تي مھاراجا جي حڪومت تيستائين رکي، جستائين سج ۽ چنڊ تا ابد آھن. سمورا اسڪول، پنھنجا ڪلاس، تراني کان پوءِ شروع ڪندا ھيا. سمورا شاگرد ۽ سمورا استاد ھٿ ٻڌي بيھندا ھيا ۽ رياست جو ترانو ڳائيندا ھيا. ان تراني کي ”ون چيا منگلم“ چوندا ھيا. ان ۾ پروردگار کان دعا گھربي ھئي ون چنا دو (ٽرانڪور جو ٻيو نالو) جي حڪمران جي بادشاھيءَ جي استحڪام، فتح ۽ ڪامرانيءَ جي.

اسان، اسڪول پنڌ ويندا ھياسين. حقيقت ته اھا آھي ته اسان مڙني ھنڌن تي، پنڌ ئي ويندا ھياسين. تنھن زماني ۾ نه بسون ھيون ۽ نه ڪارون. رستن تي ڳاڙهي رنگ جي واري پيل ھوندي ھئي. اھي رستا وڏيون شاھراھون سڏرائبا ھيا. ڪي ماڻهو ڏاند گاڏين تي سفر ڪندا ھيا. ڪي گهوڙن تي سواري ڪرڻ وارا به ھيا. ليڪن ماڻهن جي اڪثريت، پنڌ ھلڻ وارن جي ھئي. فقط اھي ماڻھو باقاعدي شھري سڏيا ويندا ھيا، جيڪي زمين جي ڍل ڀريندا ھيا. صرف انھن ئي ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل ھوندو ھيو. منھنجو پيءُ، ٽيڪس جمع ڪرائيندو ھيو.

وڻن جي واڍيءَ واسطي، پھاڙن تي ابو، پيرين پنڌ ويندو ھيو. ڪم جي ھنڌ تي پڄڻ ۾ کيس ٻه ڏھاڙا لڳندا ھيا. کيس پھاڙن تان چڙھڻو ۽ ٻيلن مان لنگھڻو پوندو ھيو. سفر ۾ اُلو داموءَ جو پيءُ سنڪرن ڪٽي، ابي جو ساٿي ھوندو ھيو. ھو راھ ۾ کائڻ واسطي، ڀُڳل چانور ساڻ کڻندا ھيا. اھي ڀُڳل چانور ڏاڍا ڀلا ھوندا ھيا. انھيءَ ڪري سنڪرن ڪٽي، ٿورا ڀُڳل چانور گهر ۾ به ڇڏي ويندو ھيو، جيڪي عبدالقادر، اُلو دامو ۽ مان گڏجي کائيندا ھياسين.

تنھن زماني ۾ اسان کي بک به ڏاڍي لڳندي ھئي. ساڳيو حال، اُڃَ جو به ھيو. کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ھيو به ججھو جالارو، مگر اھو سڀڪجھ اڻپورو لڳندو ھيو. کاڌي جي شيءِ، جيڪا به نظر تي چڙھندي ھئي، سا کائي وٺندا ھياسين. پاڻي به مٽن جا مٽ، چٽ ڪري ڇڏيندا ھياسين. نڪتل ڍِڍَن سان، اسان ڪاٿي به ليٽي، سمھي پوندا ھياسين. اھو ته وري امڙ يا ننگيلي، رات ڌاري اسان کي کڻي وڃي ھنڌن تي سمھارينديون ھيون. عبدالقادر ۽ مان، گھڻو ڪري، بابا سان سمھندا ھياسين. ھيٺان وڇائڻ واري پٿراڻي، انناس جي پُوٽَن جي ھوندي ھئي، جيڪا ھٿ سان ٺاھبي ھئي. ابو، عبدالقادر ۽ مان، ان ئي ترتيب سان پلنگ تي سمھندا ھياسين. امڙ، اسان کان ٿوري پر-ڀري، ٻي کٽ تي وڇايل ھنڌ تي سمھندي ھئي. ائين اسان ڏاڍي آرام سان رھندا ھياسين جو ھڪ ڏينھن ھڪڙو ڀيانڪ واقعو ٿي پيو. حق، انصاف ۽ اخلاق وڏي بيرحميءَ سان پائمال ڪيا ويا ۽ دنيا جي تباھيءَ جي شروعات ٿي وئي. ان جو سبب ھيو، ھنڌ ۾ مٽڻ. ڪو ھڪڙو، رات جو ھنڌ ۾ مٽندو ھيو.

ڪير ھيو؟ عبدالقادر، يا مان؟

ثبوت، ڪو به نه ھيو. سزا ڪنھن کي ملڻ گھرجي؟ امان ۽ ابي، ان جي باري ۾، غور ويچار ڏاڍو ڪيو. مگر ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا.

اھو ئي وقت ھيو، جڏھن سچائيءَ، انصاف ۽ اخلاق جو خون ڪيو ويو. اھا ڪڌي ڪارروائي، ھڪڙي شام ڌاري ٿي ھئي. سج اڃا لٿو نه ھيو. سج، اسان جي گهر جي اولھائين ٻنڀي آڏو ناريل جي وڻن منجهئون، ھر شيءِ تي نفرتي نگاھ سان تڪي رھيو ھيو. سج کان سواءِ ٻيو ڪو شاھد اوگاھ نه ھيو. مان ئي ملزم بڻايو ويس.. ۽ دنيا، پھريون دفعو، منھنجو شرم کئون ڪنڌ جهڪايل ڏٺو.

اھو سڄو منظر منھنجي ذھن تي چٽو پٽو چِٽيل آھي. جيڪو ڌنڌلو ٿي ئي نه ٿو سگهي.

گهر جي سامهون، چانديءَ وانگر چمڪندڙ واريءَ جو ڦھليل ميدان ھيو. معزز جج صاحبَ، واريءَ تي ويٺا ھيا. انھن کان سواءِ به اتي کوڙ ماڻھو ھيا. ھر ڪو اتي موجود ھيو. ابو ۽ سندس دوست، ماڌون نائر، ڪرشنن، اوسپ ماپلا، سنڪرن ڪٽي ۽ مھابت. انھن سڀني سان گڏ بابا جو پيارو سالو، پالاسري محمد، يعني منھنجو مامو به ھيو. منھنجي مامي جو ڏيل پھلوانن جھڙو ھيو ۽ آواز وڏو ۽ کھرو ھيس. مامي جي ھنج ۾ خاندان جو دادلو، منڊو عبدالقادر ويٺو ھيو. عزت مآب وڏڙن، سڀ کان پھرين کير ۽ کنڊ واري گهاٽي چانھ پيتي ھئي ۽ ھاڻ اھي سڀ، اعليٰ قسم جي سرھي تماڪ وارو پان چٻاڙي رھيا ھيا. عبدالقادر، مامي جي ڏنل گلاس ۾ چانھ پي رھيو ھيو.

ابي، ان سڄي ڪٺ جي اڳيان مون کي سڏيو. مان انھن ماڻھن جي اڳيان وڃي پھتس، جيتوڻيڪ مون کي سڌ نه ھئي ته ڇو بابا مون کي پنھنجي ويجهو بيھڻ لاءِ چيو. منھنجي گوڏ ڇڪي لاٿائين ۽ مان اتي اگهاڙو بيٺو ھيس. منھنجي چيلھ تي چانديءَ جي ويڪري زنجيري ٻڌل ھئي ۽ زنجيريءَ ۾ چانديءَ جا ڪجھ گهنگهرو پڻ لڳل ھيا. انھن جي چمڪ ختم ٿي چڪي ھئي ۽ ميرانجهڙا پئي نظر آيا. بابا، اتي ويٺي ماڻھن جو ڌيان ڇڪايو. سندس انداز اھڙو ھيو، ڄڻ سڄي دنيا سان مخاطب ھجي؛ ”توھان سڀ ھيءُ ڏسو ٿا؟ سڄي چاندي ڪاري ٿي وئي آھي ۽ سندس چمڪ اڏامي وئي آھي.“ ان پنھنجي ڳالھ، اتي پوري نه ڪئي. بابا سچائيءَ، انصاف ۽ اخلاق، مڙني جو خون ھڪ ئي ڌڪ سان ڪيو. ھن چيو؛ ”ھيءُ ڇورو! رات جو ھنڌ ۾ مٽندو آھي.“

 

آسمان پرزا پرزا نه ٿيو، وِڄُ ڪا نه ڪڙڪي، اُسَّ شايد ٿوري ڦڪي ٿي وئي، سج ٿورو ڌنڌلڙو ٿيو. ماڌون نائر وڏي باوقار لھجي ۾ چيو؛ ”نائيٽ فيور... رات وارو تپ.“

مون چيو؛ ”ھنڌ ۾ مٽڻ وارو مان ناھيان، عبدالقادر آھي.“

عبدالقادر چيو؛ ”اھو ادو ئي آھي، مان ناھيان.“

پلنگ تي ٽي ماڻهو سمھندا ھياسين. صبح جو ھنڌ ڀِڳَل ھوندو ھيو. ٽنھي منجهان ڪو ھڪڙو ئي ڀِڄائيندو ھيو. سو ڪير ھيو؟ اھو سوال ھيو.

”ثبوت ڪھڙو آھي ته مان آھيان؟“ مون اعتماد ۽ يقين سان چيو؛ ”مان ناھيان.“

مگر دنيا منھنجي ڳالھ کي مڃي نه ٿي سگهي. دنيا ته سچ، انصاف ۽ اخلاق جو نانءُ نشان ئي ميٽي ڇڏڻ ٿي چاھي ۽ اھو ڪم منھنجي مامي رڙ ڪري چيو؛ ”ھيءُ اھو ناھي، تون آھين!“

ھر ماڻھوءَ جون نظرون مون ۾ کتل ھيون. مون کي ھنڌ تي مٽڻ وارو ھڪڙو شرمناڪ فرد ٺھرايو ويو. مون سج ڏانھن ڏٺو. اھو ٽِڪَ ٻڌو بيٺو ھيو. مون امڙ کي سڏيو. ان به ڪو نه ورنايو. دنيا مون کي بي واھو ڪري ڇڏيو ھيو.

ھو سڀ ٻِٽُ ٿي ويا ۽ گڏيل فيصلو ڏنائون؛ ”نائيٽ فيور، يعني رات جو ھنڌ تي مٽڻ جو فقط ھڪ ئي علاج آھي.. ڏند واري ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچان ريڙھيون پائي نڪري اچجي.“ فيصلو ٻڌائي، ھر ڪو ھر ڪو ٿي ويو. علاج بابت سوچي، مان بي ھوش ڪو نه ٿيس. نگاھ ڊوڙائي ته ڏٺم ھاٿي پنھنجي سونڍ سان پنھنجي پٺيءَ تي واري وجهي رھيو ھيو. اڇا چُھنبيارا ڏند، ڪيڏا ته ڀيانڪ ھيس. خوني اکيون، ھمدرديءَ جي ھر جذبي کان وانجهيل ھيس.

مان امڙ وٽ ويس ۽ ڊڄ-وتي لھجي ۾ چيومانس؛ ”امڙ! تو ٻڌو؟ ائين ٿو لڳي، مون کي چُھنبيارن ڏندن واري ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچئون، ريڙهيون پائي نڪرڻو پوندو.“

”تون ھنڌ ۾ مُٽندو آھين نه؟ ناھين مُٽندو؟!“ امڙ ورندي ڏني.

ننگيليءَ پاٻوھ مان مون کي سمجهايو؛ ”ٻچڙا! تو کي نائيٽ فيور آ.“

ابي چيو؛ ”جيڪڏھن تون ھنڌ ۾ مُٽڻ جي عادت ڇڏڻ ٿو چاھين ته ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچئون نڪرڻو پوندءِ!“

”جيڪڏھن ھاٿڻ جي ڄنگهن وچئون نڪران ته ٺيڪ آ؟“

”نه! تو کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچئون ٽپڻو پوندو. تون پاڻ نَرُ آھين!؟

بلڪل ٺيڪ! انھن مڙني اھو فيصلو مڙھي ڇڏيو. مان ئي آھيان جيڪو رات جو ھنڌ ۾ مٽندو آھي. مان ئي اھو شخص آھيان جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچئون لنگهڻو پوندو. ھلو! ائين ئي ٺيڪ! جيڪڏھن ھاٿيءَ مون کي ماري وڌو ته ھي سمورا خوش ٿيندا. مان شھيدن ۾ ڳڻيو ويندس.

پنھنجي شھادت جو منظر اکين ۾ اٽڪايون، مان ھيڏي ھوڏي گهمندو رھيس. مگر مان ڪو سڪون سان ڪاڏي اچي وڃي سگهين پئي ڇا؟ ڪٿان اھڙي نموني ڪو گذري پئي سگهيس پئي ڇا، جو ماڻھو ھنڌ ۾ مٽڻ واري ڳالھ چوري، مون کي تنگ نه ڪن؟

”وڏو ادو، نائيٽ فيور مان جان ڇڏائڻ لاءِ، ھاٿيءَ جي ڄنگهن وچئون لنگھندو. ھنڌ ۾ مٽندو آ نه!“ عبدالقادر، اھا خبر، اسڪول ۾ ھڙني کي ٻڌائي ڇڏي. الو دامو، ان ڳالھ جو پڙھو ڏيڻ ۾ ساڻس ٻِٽُ ھيو. اھو ته ھاڻي عبدالقادر جو اڻ ٽٽ ساٿي ٿي ويو. دامو منھنجو ڀلو دوست ھوندو ھيو، ليڪن ان به پنھنجون وفاداريون مٽائي ڇڏيون ۽ ٻئي طرف جو ٿي بيھي رھيو. عبدالقادر، پڪ کيس چڱو خاصو مال، رشوت ۾ ڏنو ھوندو. خير! ڪا ڳالھ ناھي.. منھنجو وقت به اچڻ ڏي... اھو الو دامو مون وٽ به ايندو.. ھونئن مون کي به کيس ڏيڻو ئي پوندو. اھو ڪھڙي شيءِ آھي، جيڪا مون کيس ھڪ ڀيرو به نه ڏني آھي... کارڪون، سيرو، ڀڳل گوشت. ناشڪرو، احسان فراموش دامو! شڪرگذاري ۽ احسانمندي ته ھن دنيا مان لڏي وئي ۽ ان جو اصل ذميوار اھو الو دامو ئي آھي.

”ھنڌ-مُٽڻو!“ مون کي ڏسي ھنن ھوڪريا ڪيا. ڪو ھڪڙو ڇوڪرو نه، ھڙ جو ھڙ، پورو ولر.

”ھنڌ-مُٽڻو!“

مون جهيڙو جوٽيو. منجهائن ڪن کي ته سيکت به ڏني. مون ٿورن کي ته مار ڏئي سگهيس مگر موٽ ۾ منھنجا کنڌا کڻي ڇڏيائون. اڃا جهيڙو ختم ئي ٿيو ھيو جو اسان ڏٺو ته اسان جي آڏو ’پدوسري نارائڻ پلي سار‘ بيٺو آھي. سندس ھٿ ۾ بيد جو لڪڻ ھيو. الو داموءَ مون لاءِ چيو، ان جهيڙو جوٽيو ھيو. عبدالقادر به سندس وٽ وراڻ ڪئي. ھڪ دفعي، جڏھن ناريل جي ٿڙن مان ٺھيل پل تان عبدالقادر نھر ۾ ڪريو ھيو ته اھو مان ئي ھيس، جنھن نھر ۾ ٽپو ڏئي کيس نھر مان ڪڍيو ھيو. جڏھن سندس پيٽ ۾ پاڻي ڀرجي ويو ھيو ۽ ھو ٻڏڻ وارو ئي ھيو، اھو مان ئي ھيس جنھن کيس بچايو ھيو. انھن ڳالھين کان به وڏي ڳالھ ته سندس وڏو ڀاءُ ھيس.. ۽ ھاڻي اھو به منھنجي خلاف ڳالھائڻ ۾ اڳرو ھيو. ڏوھن سان ڀريل ھن دنيا کي تباھ ڪرڻ جي لاءِ اڃا ڪنھن ٻي شيءِ جي ضرورت آھي؟

مان ماٺ ڪري بيٺو رھيس.

الو داموءَ ۽ عبدالقادر، جهيڙي ۾ منھنجي رول کي وڌائي ڪڏائي، گمراھ ڪرڻ واري ڍنگ ۾ پيش ڪيو. مون بي سبب ھر ھڪ کي ڪٽيو ھيو ۽ ٻيو ته مون کي نائيٽ فيور آھي ۽ مان ھنڌ ۾ مٽندو آھيان ۽ اھو به ٻڌايائونس ته مون کي ھاٿيءَ جي ڄنگهن جي وچئون لنگهڻو آھي.

”اڳ ۾ ڪنھن چيو ته ھيءُ ھنڌ ۾ مُٽندو آھي؟“ پدوسري نارائڻ پلي سار پڇيو.

عبدالقادر چيس؛ ”پر ھيءُ ھنڌ ۾ مٽندو آھي!“

”مان نه مٽندو آھيان.“ مون مٿئون چيس.

پدوسري نارائڻ پلي سار، پھرين مون ڏانھن وريو؛ ”اھو تون نه ھئين جنھن تريل مڇيءَ جي بدلي ۾، پنھنجي حساب جو سبق ڏيکارڻ لاءِ چيو ھيو؟“

”ھا! اھا ڳالھ صحيح آھي. پر ان جو واسطو ھن وقت جيڪو ٿئي پيو، تنھن سان ڪھڙو آ؟“

ٿيو ھيئن ھيو جو مان ۽ عبدالقادر حسابن ۾ جڏا ھياسين. سوال جو جواب، غلط ڪڍڻ تي، اسان ٻئي اڻيھي موچڙا کائيندا ھياسين. ٿورن ڏيھاڙن کان پوءِ، بھرحال عبدالقادر غلط جوابن جي سزا ۾ مار کائيندو رھيو. ھڪڙي مسلمان ڇوڪري، ڪلاس ۾ منھنجي ويجھو ويھندي ھئي. ان پنھنجا جواب، مون کي ڏيکارڻ شروع ڪيا. جنھن ڪري مون واري زندگي، انھيءَ پن منگ واري قابليت جي سھاري سان، مزي ۾ گذرڻ لڳي. ھڪ رات ماني کائيندي، منھنجي اک، عبدالقادر جي پليٽ تي وڃي پئي. سندس چانورن جي مٿئون تريل مڇيءَ جو ٻيرو پيو ھيو. پاڻ وارو حصو ته مان کائي ويٺو ھيس. اھا مڇي، منھنجي دلپسند مڇي ھئي، جنھنڪري امڙ کان ٻيو ٻيرو گھريم. عبدالقادر واري مڇيءَ جي ٻيري مان حصو ڪيئن تڳائجي؟ ھو پاڻ ته کائڻ جي ڌُنِ ۾ رُڌَل ھو.

”ڳالھ ٻڌ! تون پاڻ وارو مڇيءَ جو ٻيرو مون کي ڏي، مان حسابن جي سوالن جا جواب تو کي ڏيکاريندم.“ غلط جوابن تي ملڻ واري سزا جو سوچي، عبدالقادر تريل مڇيءَ وارو پنھنجو ٻيرو، ٿورو ڪرڪندي مون کي ڏنو. مون ڏاڍو لست وٺي اھو کاڌو.

ڳالھ، آئي وئي ٿي وئي. مون کان اھا ڳالھ ئي وسري وئي ۽ ڀلا اھا ڳالھ پنھنجي مغز ۾ رکان به ڇو؟ مان پنھنجي پاڙيسرڻ ڇوڪريءَ جي جوابن تان اتاري، پنھنجا سوال صحيح ڪندو ھيس. اھي ٻين کي ڪيئن پئي ٻڌائي سگھيس؟

ٻئي ڏينھن، عادت سارو، مان جواب نقل ڪري، چپڙي ڪيو ويٺو ھيس. عبدالقادر پنھنجا سوال نه ڪيا ھيا. مان پنھنجا جواب کيس ڪيئن ڏيکاريان؟ جي ائين ڪيان ته سڄو ڪلاس ڏسي وٺندو ۽ انھن سان پدوسري نارائڻ پلي سار پڻ. تريل مڇيءَ جي ٻيري جو مان سندس ٿورائتو ته ھيس مگر ھن وقت مان ڪجھ نه پئي ڪري سگھيس. جيڪي ڇوڪرا پنھنجا سوال نه ڪري سگھيا، تن کي اٿي بيھڻو پيو. عبدالقادر به منجھن ھيو. اھو منھنجي پويان يارھون ڇوڪرو ھيو. پدوسري نارائڻ پلي سار، کين قطار جي ھڪڙي ڇيڙي کان ڪٽڻ شروع ڪيو. عبدالقادر، پنھنجي واري اچڻ کان اڳي ئي رينڀٽ ڪرڻ شروع ڪيا.

”تون!.. عبدالقادر! تون ڇو ٿو روئين؟“ ماستر پڇيس.

”مون پنھنجي حصي جي تريل مڇيءَ جو ٻيرو به ڏنو، وري ھاڻ مار به مون کي ٿي کائڻي پوي.“

”ڇو؟ ڇا ٿيو؟“

”وڏي ادي، منھنجو مڇيءَ جو ٻيرو کاڌو ھيو ۽ انجام ڪيو ھيائين ته سوالن جا جواب ڏيکاريندو. ان جواب ڏيکاريا ئي نه ۽ ھاڻي مون کي لڪڻ کائڻا ٿا پون.“

اھي سموريون ڳالھيون، وڏي واڪي ٿيون ھيون. پھرئين ۽ ٻئين درجي وارن ڇوڪرن به ٻڌيون ھيون. مان ڏاڍو لڄي ٿيس. پدوسري نارائڻ پلي سار، منھنجي ھٿن جي ترين تي نيٽ جا ٻه لڪڻ وھائي ڪڍيا. ڇو ھنيائين؟ ڇا ان لاءِ ته مون مڇي کاڌي ھئي؟ ڪن ان لاءِ ته مون عبدالقادر کي پنھنجا جواب نه ڏيکاريا ھيا؟ مان اھو سمجھي نه سگھيس. ماستر جڏھن ٻارن کي ڪٽڪو ڏين ته کين مار ڏيڻ جو سبب پڻ ٻڌائڻ گھرجي. ھن، بھرحال، مون کي ڪو سبب نه ٻڌايو.

جيئن مون چيو ته، دنيا ۾ حق ۽ انصاف کي ڳچيءَ کان وٺي گھٽو ڏنو ويو آھي ۽ ھاڻ ان جي ڪو ڳالھ به نه ٿو ڪري. پدوسري نارائڻ پلي سار، نيٺ تريل مڇيءَ واري دفن ٿيل مردي کي وري ڇا لاءِ کوٽڪو ڏنو؟ نُڪتو اھو ھيو ته مون کي رات جو ھنڌ ۾ مٽڻ وارو سڏيو ويو... جھيڙو ان تان ٿيو ھيو.. ۽ بھرحال اھو مان ھيس، جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون نڪرڻ لاءِ چيو ويو ھيو. مون ھر ڳالھ چٽي کري ٻڌائي. مگر پدوسري نارائڻ پلي سار چيو ته سندس سمجھ ۾ ڪا ڳالھ نه ويٺي. ھر ڇوڪري کي ھڪ ھڪ لڪڻ وھايو ويو، مگر ھن مون کي ٻه ھنيا. اھو ڪو انصاف آھي؟ مگر دنيا جو اھو ئي وحدون رھيو آھي. مون اوھان کي ٻڌايو ھيو نه ته حق، انصاف ۽ اخلاق دنيا مان کڄي چڪا آھن.

اسان اسڪول کان گھر پئي موٽياسين جو واٽ تي عبدالقادر آھستڙي چيو؛ ”ھنڌ-مُٽڻو!“

اوھان ان ڳالھ تي ڌيان ڌرجو ته عبدالقادر پنھنجي وڏي ڀاءُ تي ٺٺوليون پيو ڪري. ڇا اھڙي کي سزا ڏيڻ جي ضرورت نه ھئي؟ مون کيس ھڪڙو ٺونشو وھائي ڪڍيو. ھو روئندو وٺي ڀڳو ۽ سڌو وڃي بابا ۽ ماما کي دانھن ڏنائين. انھن منھنجي مٿي تي زور سان ھڪ ھڪ چپاٽ ھڻي ڪڍي ۽ ڪَنَ به پٽيائون. ڇا اھو سڀ انصاف ھيو؟ مون کي ته نه ٿو لڳي.

زندگي، انھن ئي ناانصافين ۽ ارھ-زوراين ۾ گذرندي رھي. مگر مان دلگير نه ٿيس. ھاٿيءَ جي ڄنگھن جي وچئون لنگھڻ لاءِ مان ئي چونڊيو ويو ھيس. اھو انتھائي اڻ لڀ اعزاز ھيو. اھڙو ڪارنامو شھر ۾ ٻئي ڪنھن سر انجام ڪو نه ڏنو ھيو. .. ۽ مان.. ايڏو وڏو ڪارنامو ڪرڻ وڃي رھيو ھيس. منھنجي ڪلاس جا منھنجا سنگتي، مون کي ريس مان ڏسي رھيا ھيا. مان خوش ھيس. منھنجي ھلڻيءَ ۽ منھنجي وک کڻڻ جي انداز ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو ھيو. ايستائين جو منھنجي ڳالھائڻ جو لھجو ئي مٽجي ويو ھيو. منھنجي وِکَ اھا ڏِکَ پئي ڏني ته ڄڻ مون کي ان ڳالھ جي ٽڪي جي به پرواھ ناھي. جيئن جيئن ڏينھن ويجھا پئي آيا، تيئن تيئن منھنجي مغز ۾ ٿورا گھڻا وسوسا پوڻ شروع پئي ٿيا ۽ ڀو جو ھڪڙو احساس پيدا ٿيڻ لڳو ھيو. ڇا ھاٿي مون کي پنھنجي پيرن ھيٺان لتاڙي ماڙي ڇڏيندو؟ مون ٻڌو ھيو ته ڪنھن ڏورانھين ڏيھ ۾ ھڪڙي ھاٿيءَ پنھنجي مھابت کي ڏند گپائي گپائي ماري ڇڏيو ھيو.

جنھن ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون لنگھڻو ھيو، سو ڪنھن وقت ۾ مڪنو پڻ رھي چڪو ھيو. گھاٽي جھنگ ۾ مست الست پيو ڦرندو ھيو. کيس اتئون پڪڙي آندو ويو ھيو ۽ ھيرايو ويو ھيو. تنھن ھوندي به پوريءَ طرح وَٺَ ۾ نه ايندو ھيو. مھابت اگر کيس ساڄي پاسي ڦرڻ لاءِ چوندو ته اھو کاٻي پاسي گھمي ويندو، يا ڊُھي ھڻي بيھي رھندو ۽ ڪنھن پاسي به ڪو نه ڦرندو. اگر مھابت انگوڙيءَ سان ڪن ڇڪيندس ته وٺي کڻي ڀوائتي داھوڙ ڪندو. سندس ان ڪيفيت ۾ به سندس پٺيءَ تي چڙھي ويھندو ھيس. مھابت مون کي جھلي ويھندو ھيو. ھڪڙي ڀيري، مھابت جو چوڻ آھي ته مون ڀؤ ۾ ڦَرڪيس پئي ۽ ڀؤ ۾ مون کان ھاٿيءَ جي پٺيءَ تي ويٺي مٽ وھي ويو ھيو. اھا ڳالھ، ظاھر آھي، سڄي جي سڄي ڪوڙي ھئي. مگر ھاٿيءَ ائين چوندي کيس ٻڌي ورتو ھيو. فرض ڪيو منھنجي خلاف اھا ڳالھ ان جي دل ۾ ويٺل ھجي ته؟!

نيٺ اھو ڀلارو ڏھاڙو به اچي ويو. جنھن ڏھاڙي تي مون کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون لنگھڻو ھيو.

ھاٿيءَ کي وھنجاري سھنجاري اڱڻ تي آندائون. مان به وھنتس. مطلب آھي ته اسان ٻئي درياھ ۾ وھنتاسين. مون کي نئين گوڏ، نئين قميص ۽ نئين ٽوپي پارايائون. منھنجي قميص ۾ گھڙيءَ وارو کيسو لڳل ھيو. تنھن ۾ مون ھڪڙو وڏو ڪچو انب لڪائي رکيو ھيو. اھو کائڻ لاءِ به ويساند نه ملي ھئي. وري ان کي کائڻ لاءِ لوڻ جي به ضرورت ھئي. ھلو، ايترو ته اوسيئڙو ڪري سگھجي ٿو. ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون نڪرڻ کان پوءِ کائي وٺندس.

مون ھاٿيءَ کي چتائي ڏٺو؛ جنھن جو رنگ نِڀُور ڪارو ھيو ۽ پٿريلي پھاڙ جيان پئي لڳو. ٺُلَھ جھڙيون چار ٿلھيون ڄنگھون، ٿلھي سونڍ، ٿلھڙو پڇ ۽ وڏا وڏا نوڪدار ڏند. سندس اکين ۾ شرارت ھئي، بي رحم چمڪ ھين. مون کي لڳو ڄڻ منھنجو ساھ ٻوساٽجي ويندو. ڇا ھاٿي مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو؟ يا پنھنجي سونڍ ۾ وڪوڙي کڻي مون کي پنھنجي وات جو گرھ ڪندو. گھرئون ڀڄي وڃڻ تي، منھنجي دل پئي گھريو. مگر ڀڄان به ته ڪاڏي ڀڄان؟ ۽ ڪيئن ڀڄان؟

چؤڦير ماڻھو بيٺا ھيا. ھڪ پاسي منھنجي ڪلاس جا شاگرد ھيا. ڇوڪرا به ھيا ته ڇوڪريون به. انھن ئي منجھ اھا مسلمان ڇوڪري به ھئي، جيڪا لڪائي لڪائي مون کي پنھنجا جواب ڏيکاريندي ھئي. راڌا مني پڻ ھئي. ٻئي پاسي، ھاٿيءَ کان ٿورو ھٽي ڪري، بابا، ماما ۽ ماڌو نارائڻ بيٺا ھيا. ساڻن سنڪرن ڪٽي، ڪرشنن ۽ اوسپ ماپلا بيٺا ھيا. اھي سڀئي، ڌرتيءَ تي وڇايل ناريل جي ڦرھن تي ويٺا، رسيل ڪيلا کائي رھيا ھيا. عبدالقادر، عادت سارو، ماما جي ھنج ۾ ڏسي سگھجي پيو. ان دادلڙي به ڪيلا پئي کاڌا. ھڪڙو ڪيلو وات ۾ ھيس ۽ ھڪ ھڪ ٻنھي ھٿن ۾ ھيس.

بابا، ھڪڙو وڏو ڏونگر، پال ٿيل ڪيلن جو، کڻي آيو ھيو. منجھانئن ته ھن ججھا ته ھاٿيءَ جي لاءِ مھابتن کي ڏنا ۽ ٿورا ڪن ٻين ماڻھن ۾ ورھايائين. چوٿائي کن بچيل ڏونگر، عبدالقادر جي آڏو ڌرتيءَ تي رکيو پيو ھيو.

مون رڙ ڪئي؛ ”بابا! تو مون کي ڪيلو نه ڏنو آھي.“

”مون تو لاءِ ھتي رکيا آھن. رڳو ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان ريڙھيون پائي نڪري آءُ!“

مون واري پاسي کان مايون بيٺيون ھيون. امان ۽ سندس ننڍي ڀيڻ، امان جي امڙ، منھنجي چاچي، نانگيلي ۽ اوسپ ماپلا، سنڪرن ڪٽيءَ ۽ ڪرشنن جون زالون. انھن ئي ماين جي وچ ۾ الو دامو به ھيو. اھو ويٺو مزي سان ڪيلا کائي رھيو ھيو۽ مون کي صلاحون به ڏئي رھيو ھيو؛ ”وڃ! ھاٿيءَ جي ھيٺئون چُپڙا چُپِ ۾ لنگھي آءُ! تون ڊڄين ڇا لاءِ ٿو؟ اڙي آخرڪار مان ھتي ويٺو آھيان نه؟!“

اھو ئي ھيو جيڪو پاسو مٽي وڃي دشمنن سان ٻِٽُ ٿيو ھيو. مگر چوندا آھن؛ ماڻھوءَ کي پنھنجي دشمن سان به محبت ڪرڻ گھرجي. مون گھڙيءَ واري کيسي مان ڪچو انب ڪڍيو ۽ داموءَ کي ڏئي ڇڏيم.

”متان ھاٿي مون کي پيرن ھيٺان لتاڙي ماري ڇڏي. تون بھرحال ھيءُ انب کاءُ. چڱيان لوڻ ھڻي کائجانس. انب ڏاڍو ڀلو اٿئي ۽ کٽو به ٽِڙُھ اٿئي.“

”اڙي بڇڙي ذات! متان ڊڄين!“ امان چيو.

ڀؤ کان وڌيڪ مون کي ڪيلي کائڻ جي سَڌَ ستائي رھي ھئي. ڪيلو نه ملڻ تي، مايوس ھيم. مان ماين جي ويجھو، ھاٿيءَ جي ھڪڙي پاسي بيٺو ھيس. ڪيلي جي خيال کان منھنجو وات پاڻي پاڻي پئي ٿيو، جڏھن ته ڀؤ به ٿيو پئي. ائين پئي لڳو، ڄڻ مون واريون ڄنگھون زمين ۾ کُپي ويون ھجن. منجھن چرپر ختم ھجي. مان پگھر ۾ ڇَلِ ٿي ويس. اچانڪ ائين لڳو ڄڻ منھنجو وات صفا سڪي ويو آھي. منھنجي دل، پيشاب ڪرڻ پئي گھريو. مون کي گرمي لڳڻ لڳي ۽ ائين لڳو ڄڻ مان بيھوش پيو ٿيان. ڇا مون کي چڪر پيا اچن؟ ڇا منھنجي اکين جي ديد ختم ٿي وئي ھئي؟ نه! مان پنھنجي پيءُ ۽ اتي ويٺل ٻين ماڻھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچان، ڄڻ ھڪ وڏي ڪاري دروازي منجھان، ڏسي رھيو ھيس. عبدالقادر، پنھنجي ھٿن وارا ڪيلا پورا ڪري چڪو ھيو ۽ ڌرتيءَ تي رکيل ڏونگر منجھئون ٻيا ڪيلا پٽي رھيو ھيو.

مون رڙ ڪري چيو؛ ”بابا! ھيءُ ته سڀئي ڪيلا پورا ڪري ڇڏيندو.“

بابي ڪيلا کڻي، مون کي ڏيکاريا. مامي ڪڙڪي سان مون کي حڪم ڏنو؛ ”اڙي ھيڏي آ شيطان!“

مان ھڪو ٻڪو ٿي، سُن ٿيو بيٺو رھيس.

”ٻچا! لڄي به نه ٿو ٿين؟ تون ايڏو ڏگھ ٿيو آھين جو ھاڻي تو کي پرڻائجي ۽ تنھن ھوندي به تون رات جو ھنڌ ۾ ٿو مُٽين!“

”مان ھنڌ ۾ نه مُٽندو آھيان. اھو عبدالقادر آھي، جيڪو مُٽندو آھي.“

”نه! اھو تون ئي آھين!“ امان چيو.

”تو کي ڪيئن خبر پئي.“ مون به ڦھڪائي ڏنس.

”مون تو کي ڄڻيو ناھي ڇا؟ مون تو کي ڄڻي ھيءُ جھان نه ڏيکاريو آ ڇا؟ عبدالقادر ڄائو ته به لڪي لڪي منھنجي ٿڃ نه ڌائيندين ھئين ڇا؟“

”مون لڪي ڪنھن جي ٿڃ نه ڌاتي آھي!“

”اڙي تو کي ته موسي ماڌوي ڪٽيءَ به ٿڃ پياري آ.“

الو داموءَ ڳالھايو؛ ”ھان! تو منھنجي ماءُ جي به ٿڃ ڌاتي آھي. تو ۾ جوش ۽ جولاني انھيءَ ڪري آ. ور نه ته آھي ڪو ٻيو جيڪو ڊڪي مون کي پڪڙي سگھي.“ ماڻس ڏانھن منھن ڪري چوڻ لڳو؛ ”منھنجي حصي جو کير، ٻئي کي پيارڻ جي تو ھمت ڪيئن ڪئي؟“

”مون ڪنھن جي ٿڃ نه پيتي آ.“ مون چيس.

”بھرحال! مون تو کي ڄڻيو آ؟“ امان پڇيو.

”مون کي ڪنھن به نه ڄڻيو آ.“

”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“

”مان پاڻ ئي ڄائو آھيان.“

”آدم کي الله خلقيو ھيو. آدم، پھريون ماڻھو، جنھن کي نه ماءُ ھئي نه پيءُ! آدم کي ڪنھن ٿڃ ڪو نه پياري ھئي. اھي سموريون ڳالھيون، مان ڄاڻان ٿو.“

امان چيو؛ ”نو مھينا تو کي پنھنجي ڪُکِ ۾ سانڍي پئي گھميس. جڏھن ڄائين ته صفا ھيڻو ۽ ننڍيڙو ھئين. مون پنھنجي ڇاتيءَ مان تو کي ٿڃ ڌارائي ڌارائي وڏو ڪيو، تو کي تاتيو نپايو، ايتري تائين جو ايڏو وڏو، تندرست ۽ توانو ٿئين. ھاڻي ٿو تون چوين ته مون تو کي نه ڄڻيو آ؟ ايڏي تنھنجي ھنياري آ!“

”تنھنجو شاھد ڪير آ؟“

”پڻھين!“

”جيڪو به ھجي، مان ھنڌ ۾ مُٽندو ناھيان.“

”تون ئي مُٽندو آن.“

”مان نه مُٽندو آھيان.. ھاٿي مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو.“

ننگيلي چوڻ لڳي؛ ”پٽ! ڊڄ ڌُڄ نه! مھابت ته اتي ھوندا.“

الو دامو چوڻ لڳو؛ ”تون ڊڄين ڇو ٿو! مان ويٺو آھيان نه!“

منھنجي اندر ۾ آيو ته گھٽو ڏئي پورو ڪيانس.

”ھل! الله جو نالو وٺي، ڄنگھن وچئون ريڙھيون پائي نڪر.“

مون اھا عبارت ورجائي، جنھن سان قرآن مجيد جي ھر سورت شروع ٿيندي آ؛ ”بسم الله الرحمٰن الرحيم.“ مان، بابا کي ڪيلن جو ڏونگر کنيو بيٺل ڏسي رھيو ھيس. ڪيلا ڏسي، منھنجي دل ھرکي پئي. مون کي ھاٿيءَ کان ڀؤ به ٿيو. عبدالقادر کي ڪيلا کائيندو به مان ڏسي رھيو ھيس... جيڪڏھن انھيءَ رفتار سان کائيندو رھيو ته ڪيلن جو سڄو ڏونگر چٽ ڪري ويندو.

مان ھلي پيس، پر ائين جيئن ڪو خواب ۾ ھلندو آ. ھاٿيءَ جي جسم مان ھڪڙي ڌپ اٿي. مان سندس ڄنگھن وچئون ريڙھيون ڏئي ٻئي پار وڃي پڳس ۽ ائين لڳم ڄڻ اونداھي غار مان لنگھي آيو ھجان. ھاٿيءَ مون مٿان مٽڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس مٽ اوچتو ھڪڙي آبشار وانگر آيو. منھنجو مٿو بس، الائي ڪيئن بچي ئي ويو.

تماشو ڏسندڙن وڏيون تاڙيون وڄايون. بابا مون کي اچي ھنج ۾ کنيو. سندس ٻانھن مان ڇڏائي، مون ڪيلن جي ڏونگر کي وڃي ٻَکُ وڌو. عبدالقادر کان ھٿ وارو ڪيلو به ڦُريم. پوءِ پنھنجي ڪلاس وارن کي ھڪڙو ھڪڙو ڪيلو ڏنم. مون ان مسلمان ڇوڪريءَ کي ٻه ڪيلا ڏنا، جيڪا مون کي جواب ڏيکاريندي ھئي. ٻه ڪيلا راڌا منيءَ کي به ڏنم.

الو داموءَ به ٻانھن ڊگھي ڪندي چيو؛ ”۽ مون کي؟ مان زمين جي ڍل نه ڀريندو آھيان؟“

کيس ھڪڙو ڪيلو ڏنم. ڪيلن جون سڀئي کلون ڪٺيون ڪيوسين ۽ ھاٿيءَ جي آڏو اڇليوسين. مھابت سموريون کلون، ھاٿيءَ کي کارائي ڇڏيون.

مان اھو بھادر ڇوڪرو ھيس، جيڪو ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون ريڙھيون ڏئي پار پيو ھيو. بنا شڪ شبھي جي، اھا تمام وڏي ڳالھ ھئي.

بس ھاڻي اسان ماڻھو کل خوشيءَ سان رھڻ لڳاسين ۽ زندگي مزي سان گذرڻ لڳي. ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون ريڙھيون پائي نڪرڻ پڄاڻان، امڙ چيو ته؛ ”تون ھاڻي ھنڌ ۾ ڪو نه مٽندو آھين.“ سڌي ڳالھ ھيءَ ھئي ته مان ھاڻي بابا سان گڏ، سمھندو ئي نه ھيس. امڙ سان گڏ سمھڻ لڳو ھيس. گھر ۾ ھر ڳالھ ٺيڪ ٿي وئي ھئي.

وري ھڪڙي رات اچي ممڻ متو. بابا، عبدالقادر کي سيکت ڏئي رھيو ھيو. امڙ ماچيس سان شمعدان ٻاريو ته ڏسي ته عبدالقادر ھنڌ ۾ مٽيو آھي.

ڪير ھيو اھو بي شرم جيڪو بابا جي ھنڌ ۾ اڃا تائين مٽندو رھيو ھيو؟ ۽ ڪير ھيو اھو معصوم، جنھن تي اھو الزام لڳندو رھيو. دنيا جا رنگ ته ڏسو. ڇا اھو عبدالقادر نه ھيو، جنھن کي ھاٿيءَ جي ڄنگھن وچئون ريڙھيون پائڻيون ھيون؟ مگر عبدالقادر، جيڪو پنھنجي ٻنھي ھٿن سان، بابا جي ٺونشن ۽ مڪن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشس ڪري رھيو، تنھن رينڀٽ ڪيو؛

”مون ناھي ڪيو. وڏو ادو آيو ھوندو ۽ ابي جي ھنڌ ۾ مٽي ويو ھوندو.“

”اھو، ڏوھدار ناھي.“

”ھيءُ صحيح چوندو ھوندو.“ امڙ چيو.

ڪيڏي نه بي انصاف آھي دنيا. بي گناھن کي پئي ٿي سزا ملي. ٿورو سوچيو؛ مون کي ڏوھدار چيو ويو. عبدالقادر، جنھن ڊرم پيشاب جا ڪيا ھوندا، تنھن کي سٺو ڇوڪرو چيو ويو.

بھرحال ڪو اتو پتو نه ھيو جنھن مان سُڌِ سوڌ پوي ته اصل ۾ پيشاب ڪندو ڪير آ. امڙ ۽ ابي کي ٿورا گھڻا شڪ شبھا ھيا. اھي به پڪ سان نه پئي چئي سگھيا عبدالقادر مٽندو ھيو يا مان. دنيا، ٻن ٽولن ۾ ورھائجي وئي ھئي. اسڪول ۾ عبدالقادر، ڪيترن ئي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي رشوتون ڏئي پاڻ ڏانھن ڪري ڇڏيو ھيو. الو دامو، ڪنھن جي پاسي نه ھيو. سندس خيال ھيو ته؛ نه عبدالقادر مٽيو ھيو ۽ نه مون.. اھو ڪم ڪرڻ وارو ھيو بابا.

جڏھن ننگيليءَ اھا ڳالھ ٻڌي ته ان ۽ سنڪرن ڪٽيءَ وڃي الو داموءَ کي ڊيڪائي ڊيڪائي چڱي ڦيھ ڏني.

راڌا مني، عبدالقادر جي ٽولي کي ڇڏي مون ڏانھن اچي وئي ھئي. عبدالقادر، راڌا منيءَ کي ھڪڙي وڏي قسم جي گدامڙي ڏني ته اھا وري سندس ٽولي ۾ شامل ٿي وئي. گدامڙيءَ جي ھڪڙي ذري لاءِ، وفاداريون ائين مٽي ڇڏڻ ڪا صحيح ڳالھ ھئي؟ مون کيس ٿورا تريل کاڄا ڏنا ته وري منھنجي پاسي ٿي وئي. ۽ رڳو اھو نه ته منھنجي ٽولي ۾ شامل ٿي، پر وڏي جوش جذبي سان پڙھو وڃي گھمايائين؛ ”ھنڌ ۾ عبدالقادر ئي مُٽندو آھي.“

مان خوشيءَ ۾ ماپيس ئي ڪو نه پئي.

راڌا منيءَ جي دل جي ھڪڙي سَڌَ ھئي. ھڪ ڏينھن سرٻاٽ ۾ مون کي ٻڌائي وڌائين؛ ”مون کي ھاٿيءَ جي پڇ جو ھڪڙو وار کپي. اھو تون مون کي آڻي ڏيندين؟“

جيڪڏھن مون وٽ پنھنجو ھاٿي ھجي ھان ته مان اھو سڄي جو سڄو راڌا منيءَ کي ڏئي ڇڏيان ھا. مون اھا ڳالھ کيس ٻڌائي ڇڏي. ھن موٽ ۾ چيو؛ ”مون کي سڄو ھاٿي نه کپي. مون کي ته ان جي پڇ جو فقط ھڪڙو وار کپي.“

”مان آڻي ڏيندوسانءِ!“ مون چيس. اھا ڳالھ مون الو داموءَ ۽ عبدالقادر جي سامھون چئي. مون بابي ۽ امڙ جي ھندو دوستن کي ھاٿيءَ جي پڇ جي وار کي استعمال ڪندي ڏٺو ھيو. اھي، ان کي پنھنجين منڊين ۾ وڪوڙي، پنھنجين آڱرين ۾ پائيندا ھيا. ڪي ماڻھو پنھنجي ڪاراين تي به وڪوڙيندا ھيا. ماڻھن جو خيال ھيو ته ھاٿيءَ جو وار، پنھنجي اندر ۾ وڏا معجزاتي اثر رکندو آھي.

مان ھاٿيءَ جي پڇ جو وار وڏي سولائيءَ سان ھٿ ڪري پئي سگھيس. سمورا مھابت، بھرحال منھنجا سنگتي ھيا. تنھن جي جي باوجود مون سوچيو ته بابا ۽ امان کان پڇان. تن ته ٺپ منع ڪري ڇڏي.

”تو کي ھاٿيءَ جي وار جي ڪا ضرورت ناھي.“

اھا ڳالھ، انھن مھابتن جي منھن سامھون چئي. مون کي ان ڳالھ جو اندازو ئي نه ھيو ته انھن ماڻھن به پنھنجيون وفاداريون مٽي ڇڏيون آھن. الو دامو ۽ عبدالقادر، تن ماڻھن کي منھنجا قصا ٻڌايا ھيا. ٻيو ته انھن کين، ھڪڙو ناريل ۽ ٻيا تريل کاڄا پڻ ڏنا ھيا.

مون ھڪڙي مھابت سان ڳالھ چوري؛ ”مون کي ھاٿيءَ جو پڇ کپي.“

مھابتن مون تي چٿرون ڪندي چيو؛ ”ھاٿيءَ کي ٿيندو ئي ھڪڙو پڇ آھي، سو به ڪپي ڏيون تو کي ته پوءِ ھاٿي ويچارو ڇا ڪندو؟“

مون چين؛ ”مون کي سڄو پڇ نه کپي. مون کي ته فقط ھڪڙو وار کپي. ھڪڙو وار، اُنَّ جھڙو نرم.“

مھابت کليا؛ ”ھاٿيءَ جي اُنَّ. ڄڻ ھاٿي، رڍ ھجي.“

”ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، فقط ھڪڙو وار.“ مون خوشامد ڪين. مھابتن اھو ھڪڙو وار مون کي ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ۽ سا به ان منڊي عبدالقادر ۽ الو داموءَ جي سامھون.

منھنجو ايترڙو سولو ڪم، کين ڪري ڇڏڻ نه گھرجي ھا؟ ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، اھي مون لاءِ نه پئي آڻي سگھيا؟ مون کين ڇا ڪجھ نه ڏنو ھوندو؟ پان، سوپاريون، ڪچا ناريل، سُرھا تماڪ، ڪيلا، حلوو ۽ کارڪون. ٿلھا ٿلھا سگار، جيڪي بابو پيئندو ھيو. ڇا مون آڻي ڪو نه ڏنا ھيا؟ اھي ھڙئي مھابت ايڏا احسان فراموش ڇو ٿيا آھن؟ مون ھاٿيءَ جي ھڪڙي وار جي ئي فرمائش ڪئي ھين. اھي نابري واري بيٺا ھيا. مان به کين ست سُري ٻڌائيندس. وڏو ٿيڻ کان پوءِ، مھابت ٿيڻ کان نابري واري ويھندس ۽ پنھنجي ٽولي ۾ ھڪڙي سٺي ساٿيءَ کان محروم ٿيندا... سدائينءَ جي لاءِ.

مون ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار، چورائڻ جو فيصلو ڪيو.

مان اھا چوري، ڪيئن ڪندس؟

مان ان بابت ڏينھن رات سٽون سٽيندو رھيس. ھڪڙي جيئري ھاٿيءَ جي پڇ مان ھڪڙو وار، مان نيٺ چورائيندس ڪيئن؟ انھيءَ ڳڻتيءَ ۾ گم، گھميس پئي جو فضا ۾ ”ھاٿيءَ جو پڇ“ جھڙو چيڙائيندڙ آواز گونجيو. ائين پئي لڳو ڄڻ اسڪول جا سمورا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، مون کي ان نالي سان پيا سڏين. اھو منڊو ۽ اھو الو دامو، ٽولي جا چڱا مڙس ھيا. مون پاڻ کي انتھائي اڪيلو محسوس ڪيو. ايستائين جو راڌا مني به دشمنن سان ملي وئي ھئي. ائين پئي لڳو ڄڻ ھر ماڻھو مون کي ”ھاٿيءَ جو پڇ“ ۽ ”ھنڌ-مُٽڻو“ سڏي رھيو ھيو. جھيڙو ٿيو ۽ پدوسري نرائن پلي سار مون کي ڦيھ ڪڍي.

گھر ۾ رات جو سمھڻ ويل به عبدالقادر پنھنجي ھنڌ تي ليٽئي ليٽئي مون کي چيڙائي؛ ”ھاٿيءَ جو پڇ! مُٽڻو.“

”مان مڙني کي ڏيکاريندس.“ مان دل ئي دل ۾ قسم پيو کاوان؛ ”مان ھاٿيءَ جو وار چورائيندس.“ بس اھو ڪرڻ جو سھڻو طريقو ھٿ اچي وڃي!

ڏينھن گذرندا ويا. ھڪ ڏينھن صبح صبح جو مان ڪلاس ۾ وڏي سورھيائيءَ واري انداز سان گھڙيس. مون وڏي آواز، پنھنجي دوستن دشمنن کي، سڏيو. مون الو داموءَ ۽ منڊي عبدالقادر ڏانھن گھوري ڏٺو. پوءِ راڌا منيءَ کان پڇيم؛ ”توھان منجھان ڪنھن ھاٿيءَ جو وار ڏٺو آھي؟ ڪڏھن ان کي ھٿ لاتو اٿائين؟“

سڄي ڪلاس مان ڪنھن به موٽ نه ڏني. ھڙئي چپ ويٺا ھيا. مون راڌا منيءَ کي ھاٿيءَ جو ھڪڙو ڊگھو وار ھٿ ۾ پڪڙايو. ان کان پوءِ سڄي ميڙ تي حقارت واري نگاھ وجھندي چيم؛ ”ٽِلي لي لي!“

ھر ماڻھو اھو ڄاڻڻ لاءِ ھٿئون نڪتو پئي ويو ته ھاٿيءَ جو وار مون کي مليو ڪيئن. الو داموءَ ۽ منڊي عبدالقادر پڻ اھو ڄاڻڻ پئي چاھيو ته مون کي وار ھٿ آيو ڪيئن. مون کان ورجائي ورجائي پڇيائون. مان اھو راز ٻڌائڻ وارو ھيس ئي ڪو نه. مون کي اھا ڪھاڻي اڃا، گھڻا ڏينھن ٻڌائڻي ناھي.... پر.. اڄ ٻڌائي ٿو ڇڏيان.

چھنبيارن ڏندن واري ھيڏي ساري ھاٿيءَ جي پڇ منجھئون ھڪڙو وار ڪيئن چورايو؟ جڏھن ھاٿي وڻ سان ٻڌل ھجي، ان وقت ته سندس ھڪڙو وار پٽي سگھجي ٿو. مگر فرض ڪيو ھاٿي گھمي پوي ۽ گھمري ڏئي اوھان کي پنھنجي سونڍ ۾ ويڙھي وٺي يا مارڻ لڳي؟ جيئن ته مون اوھان کي ٻڌايو ھيو؛ مان ڏينھن رات سوچيندو وتندو ھيس. مان گھڻو تڻو مھابتن سان، گول گول پٿرن سان ھاٿين جي جسمن کي کرکنو ھڻڻ ۾ رَلجي ويندو ھيس.

ڳوٺ جا سمورا ماڻھو، درياھ ۾ پتڻ جي ويجھو، وھنجندا ھيا. ھاٿين کي به اتي وھنجاربو ھيو. اھو ھڪ وڏو ويڪرو درياھ ھيو ۽ پاڻي ايڏو صاف جو ھيٺ تھ ۾ ويٺل واري، چٽي پٽي ڏسي سگھجي. مٽي يا گند جو نانءُ نيشان ئي نه ھيو. درياھ جي پرينءَ ڀر، تاڙيءَ جو جھونو دڪان ھيو. درياھ منجھ ترندڙ سمورا ماڻھو، تاڙيءَ جي دڪان جو چڪر ضرور ھڻندا ھيا. ماڻھو وھنجندا به ھيا ۽ ٿوري تاڙيءَ چڪي پيئڻ جو به کين موقعو ملي ويندو ھيو. درياھ جي ڪپر جي بلڪل ويجھو، ٽي ھاٿي پاڻيءَ ۾ ليٽيا پيا ھيا. ڏندن وارو ھاٿي، ٻن ھاٿڻين جي وچ ۾ ھيو. مون کي ڏندن واري ھاٿيءَ جي پڇ مان ئي ھڪڙو وار چورائڻو ھيو.

ان وقت گھڻي ئي ماڻھو وھنتا پئي. گھڻا اھڙا ھيا جيڪي تارَ ھڻي، پار به وڃي نڪتا پئي. ڪي ماڻھو پاتڻي ٻيڙين ذريعي پار پھتا پئي. وھنجڻ وارن ۾ بابا ۽ ماما به ھيا. ٻيو سنڪرن ڪٽي، ڪرشنن، پدمناڀن نائر ۽ اوسپ ماپلا به. الو داموءَ ۽ مون پنھنجي پنھنجي گوڏ لاٿي ۽ درياھ منجھ ٽپو ڏنوسين. الو داموءَ جي پيءُ، سندس بت کي مھٽي مَرُ لاٿي ۽ بابي منھنجي بت کي صاف سٿرو ڪيو. ان کان پوءِ اسان ٻنھي کي درياھ ۾ ۽ ھيڏي ھوڏي ترڻ لاءِ ھٿ ڪڍيائون. مون ٽپ ڏنو، ٿوري دير ٽٻيون ھڻندو رھيس. ھڪڙي ٽٻيءَ مان ٻوٿ ڪڍي، چؤطرف نگاھ ڦيرايم. ڪناري تي ڪو به نه ھيو. مون کي ڪنھن ڏٺو به نه پئي. بس اھو ئي مناسب موقعو ھيو. مون ٽٻي ھنئي ۽ اوڏانھن ويس جيڏانھن ھاٿي پاڻيءَ ۾ ليٽيا پيا ھيا. مون سرڪائي پنھنجو مٿو پاڻيءَ مان ڪڍيو ۽ ڏند واري ھاٿيءَ کي تاڙيم. ھاٿيءَ کي تاڙڻ پڄاڻان مون ٻيھر ٽٻي ھنئي ۽ سڌو وڃي آھستڙي سان ھاٿيءَ جو پڇ پڪڙيم. ڏاڍو کھرو ھيو. مون سوچيو چڪ سان ھڪڙو وار ٽُڪي وٺان، مگر وار کي پوريءَ طرح سان پڪڙي نه سگھيس. مون پڇ کي زور سان سٽ ڏني ۽ مٿانئس ڏند سان چڪ ھنيم ۽ ان کي ٻيھر ڇڪڻ جي ڪوشش ڪيم. اھو انھيءَ واويلا کان اڳ، منھنجو آخري عمل ھيو، جيڪا ان کان پوءِ ستت مچڻي ھئي.

ھاٿي راڙ ڪري اٿي بيٺو. مون پڇ مان ھٿ ڪڍيس ۽ پاڻيءَ مان مٿي نڪتم. ھاٿي مڙيو ۽ مون کي ڏٺائين. مون ٻيھر گُھتَ ھنئي. پاڻيءَ ۾ ھيٺئون ئي ھيٺئون ڇوھي تارَ ھڻي، ھاٿيءَ کان جيترو پري وڃي سگھيس پئي، ھليو ويس. ايترو وقت پاڻيءَ ۾ گھُتَ ھڻڻ ڪري منھنجو ساھ ٻوساٽجيو پئي، مگر مان لڳاتار تارَ ھڻندو ويم تان جو درياھ جو ھڪڙو سنسان حصو اچي ويو. مان ايڪسائيز اسٽيشن جي ويجھو، ھڪڙي وڻ جي درياھ مٿان لڙڪندڙ لام ھيٺان ھيس.

مڙي ڏٺم.

ھاٿي اڀو ٿيو بيٺو ھيو ۽ پنھنجي سونڍ ۽ پنھنجا ڏند به اڀا ڪيو بيٺو ھيو. دڙھا ھڻي رھيو ۽ ڀيانڪ قسم سان رڙيو پئي. ٻئي ھاٿڻيون به اٿي پيون ھيون ۽ اھي پڻ وڏي آواز، رڙيون پئي. ماڻھو ھيڏي ھوڏي ڀڳا پئي. ھر طرف افراتفري متل ھئي. نپٽ ننگو ھيس. ڪپر تي چڙھي ويس. کڏن ۾ ڪرندو چڙھندو، ٻوڙن ۾ ٿاٻڙندو ويس پئي جو منھنجو ھٿ ھڪڙي وڏي وڻ مان لڙڪندڙ ول ۾ پئجي ويو. ان جي ٽيڪ تي، بانبڙا ڏئي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙھي ويس. پنھنجي پاڻ کي وڻ جي ٽارين ۽ پنن ۾ لڪائي ڇڏيم. ڳاڙھا ماڪوڙا منھنجي سڄي بت کي چنبڙي ويا ۽ مون کي ڀُڃي لاٿائون. پنھنجي بت تان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ ڪرينڊڙو ٿيو، وڻ جي ٽاريءَ کي چنبڙيو رھيم. مون کي ياد ناھي ته مان ائين ڪيترو وقت ويٺو رھيم. ڳچ وقت گذرڻ پڄاڻان، ھاٿين جو رڙڻ ۽ ماڻھن جي ڀاڄڙ، لڳو ته ڄڻ ختم ٿي وئي ھجي. ائين لڳو پئي ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ڪو نه ھيو ۽ جيڪو ڪجھ ڏٺو ھيم سو ڄڻ ھڪڙو خواب ھيو. منھنجو پُسيل بت، سڪي چڪو ھيو. ماڪوڙن جي چَڪَن جو سور اڃا ھيو. مان اھڙي نموني ويٺو ھيس جو مون کي بابا جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. مون کي، منھنجو نالو وٺي، سڏي رھيو ھيو. مون ورندي ڏنس؛ ”جي بابا“ ۽ ھوريان ھوريان ڪري وڻ تان ھيٺ لھي آيس. بابا مون کي ٽوال ڏنو، جيڪو ھو ساڻ کنيو آيو ھيو. مون ٽوال ويڙھيو. ھن منھنجي بت تان، ماڪوڙا ڇڏايا، جيڪي اڃا تائين چنبڙيا پيا ھيا. نرم ھٿن سان منھنجي بت جي مالش ڪيائين ۽ منھنجي مٿي تي پنھنجو ھٿ گھمايائين.

اسان موٽي گھر آياسين. مون امان کي ٻڌايو ته مان گوڏ وڃائي آيو آھيان.

امان چيو؛ ”ھڙئي پنھنجا لٽا وڃائي آيا آھن.“

جنھن ويل ھاٿي، چڙي ٻڦرجي پيا ھيا، تنھن ويل ھر ھڪ پنھنجي پنھنجي جان بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو ھيو. ڀاڄڙ ۾ ڪنھن جي گوڏ لٿي، ڪنھن جو ڪڇو اتي ڪريو. اھي ماڻھو جن جا سڀ لٽا رھجي ويا ھيا، تن ۾ بابا ۽ ماما به ھيا. پدمناڀن نائر، ڪرشنن، سنڪرن ڪٽي، الو دامو ۽ اوسپ ماپلا پڻ ھيا. اھي ھڙئي ٻنن ۽ پيچرن تان وٺي ڀڳا، نالو اڪريا ۽ پوءِ اسان جي گھر اچي پھتا. ان ڀاڄڙ دوران، اوسپ ماپلا ھڪڙي پٿر سان وڃي ٽڪريو. سندس گوڏا ڦٽجي پيا. ھاٿيءَ، ھڪڙي ھاٿڻ کي ڏند جو نيش ڏنو پر گھڻو ڦٽي نه ڪيائينس. مھابتن وڏي مصيبت کان پوءِ وڃي ھاٿين کي ڌَتِ ڪيو ۽ نيٺ انھن کي وڃي جَنجيرن ۾ جڪڙيائون.

انھن ٻڌايو ته ھاٿي؛ ”مڪنو ٿي ويو ھيو.“

اھا ڳالھ، بھرحال صحيح نه ھئي. اھو جيڪو به ڪجھ ٿيو ھيو، تنھن جو ذميوار مان ھيس. مگر اھا ڳالھ مان کوليان ته ڪيئن کوليان؟ جي بابي کي خبر پئي ته پوءِ مون کي اونڌو لڙڪائيندو؟

”بابا! ھاٿي مڪنو نه ٿيو ھيو.“ مون چيس.

”پوءِ ڇا ٿيو ھيو؟“

”ان کي ڪنھن، چڪ پاتو ھيو.“

”ڪنھن چڪ پاتس؟“

”بابا! .. مون پاتو ھيس.“

”ھاٿيءَ کي تو چڪ پاتو ھيو؟“

”ھائو! مان پاڻيءَ مان اندران اندران تارَ ھڻي ويو ھيس ۽ مون ڏندن سان پڪڙي سندس پڇ مان ھڪڙو وار ڪڍڻ جي ڪوشس ڪئي ھئي.“

بابي کان ٽھڪ نڪري ويو. وڏا ٽھڪ ڏئي دير تائين کلندو رھيو. پوءِ پڇيائين؛ ”تو کي ھاٿيءَ جي وار جي لوڙ ڪھڙي پئي ھئي؟“

مون ٻڌايس؛ ”بابا! ھو اوھان جو دوست آھي نه، اڙي ھا اھو ئي ايڪسائيز انسپيڪٽر. ان جي ڌيءُ راڌا منيءَ گھريو ھيو.“

اھو ٻڌي، ھاڻي امان به ٽھڪ ڏنا.

”اڙي منھنجا پيارا پٽڙا!“ امڙ چيو؛ ”اھا الله سائينءَ جي مھرباني ٿيئي جنھن تو کي ايڏي وڏي خطري مان بچائي ورتو.“ پوءِ بابا سان مخاطب ٿيندي چيائينس؛ ”ھاٿيءَ جو ھڪڙو وار ھن کي وٺرائي ڏي! ور نه ته ھيءُ وري وڃي ائين ئي ڪندو ۽ ويچاري ھاٿيءَ کي وري وڃي چڪ وجھندو.“

بابا چيو؛ ”بدمعاش! تو کي، ھاٿيءَ کي چڪ پائڻ کپي؟“

”مون ان کي چڪ نه پاتو ھيو! مون ڏند سان پڪڙي، ھڪڙي وار کي سٽ ڏني ھئي.“

”چڱو ڇڏ ان قصي کي، ۽ اھا ڳالھ ڪنھن سان ڪجان به نه!“

بابا مون کي ان ھنڌ وٺي ويو جتي ھاٿي ٻڌا بيٺا ھيا. ھڪڙيءَ ھاٿڻ جي اڳين ٽنگ تي ھڪڙو ڳاڙھو گھاءُ آيل ھيو. مھابت، ڪي جڙي ٻوٽيون گھوٽي ان جو ليپ، ڦٽ تي لڳايو ھيس. مگر ڦٽ مان خون اڃا رِسِيو پئي. بابا، مھابت کي ھاٿيءَ جي پڇ مان ھڪڙو وار ڪڍي، مون کي ڏيڻ لاءِ چيو. مھابت ان جو ھڪڙو وار پٽي مون کي ڏنو. ھاٿيءَ مون ڏانھن مُڙي ڪاوڙ مان ڏٺو. سندس ان ڪاوڙ ۾ کل به ھئي. سندس پيٽ ۾ ٿورو ڦٽ ڦٽ جو آواز ٿيو ۽ ائين لڳو ڄڻ چوندو ھجي؛ ”اڇا ته تون ئي اھو چور ھئين، جنھن لڪي لڪي منھنجي پڇ جو وار پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي؟“

 

(ملايالم ٻوليءَ مان انگريزيءَ معرفت اردوءَ ۾ مسعودالحق (باره بنڪي، ڀارت) جي ترجمي تان، سنڌيءَ ۾ الٿو ڪيو ويو)


(ماھوار ھمسري حيدرآباد آنلائين جي جون ۲۰۲۳ع واري شماري ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment