Tuesday, July 23, 2013

ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ - عبدالعزيز چنڊ

ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ
عبدالعزيز چنڊ
وڏي جشن جو ماحول هو، پراڻي پرنسپال رٽائر ٿي وئي هئي ۽ نئين پرنسپال کي چارج سنڀالڻي هئي. هي قدامت جو نشان پوڙهيون، جديد دنيا جي نوجوان ٽيچرس تي بادشاهي ڪرڻ لاءِ تيار هيون. هڪڙي بادشاهي ڪري، نوجوان ماين جي دلين تي مڱ ڏري، نوڪري جي Finishing line پار ڪري وئي هئي، ٻي پويان سينارٽي جي زور تي کيس Follow ڪندي، اچي اقتدار جي ڪرسي کي ويجهو پهتي هئي.

ڪرسي تي ويهڻ کانپوءِ هنن جهونين جي دنيا روشن ٿي ويندي هئي، جنهن زندگي ۾ هڪ ڏينهن به نه پڙهايو هوندو، پرنسپال ٿيڻ کانپوءِ پڙهائي جي باني ٿي پوندي. ٻڌڻ وارو سمجهندو ته علم جي بحر بيڪران ۾ جهوني سڄي عمر لهرن وانگر، علم کي وڌائڻ لاءِ هلچل مچائي هوندي. اها خبر ڪن خاص کي هوندي ته جهوني جوانيءَ کان وٺي، علم جي ڪنهن واٽر ڪورس ۾ به پير ڪونه ٻوڙيا هوندا. سندس هٿ رڳو سموسه ۽ چاٽ ۾ ٻڏل ضرور هوندا.
اهڙي ئي هڪ تقريب اڄ جاري هئي، وڏي عمر جي ڪري کين ننڍو وڏو آپا چوندو هو. هڪڙي آپا سٺ سالن جي سرحد پار ڪري، گهر ڏانهن رواني ٿي رهي هئي، ٻي آپا اقتدار جي ڦِرڻي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ تيار هئي.
سينارٽي ۽ اقتدار انسان کي عقلمند، سهڻو، علم وارو، جهانديده ۽ قابل بنائي ڇڏيندو آهي.
جنهن آپا کي هفتو اڳ مٿي جي ڦيري ۽ ڪمزور نظر ڪري ڪلاس هٿ ڪونه ايندو هو، هاڻ هو سڄي ڪالج کي ڪرسي تي ويهي ڪنٽرول ڪندي، سندس بصارت ۽ بصيرت ڪرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ ائين وڌي وئي جهڙو مهانگائي وڌي ويندي آهي.
آپا کي گوڏن جو سُور به آهي. جڏهن ٽيچر هوندي هئي ته مٿي ڪلاسن ۾ چڙهي نه سگهندي هئي، هاڻ هو پاڻي جي ٽئنڪي به پاڻ چيڪ ڪندي آهي.
مسٽر رول (Muster roll) چيڪ ڪرڻ، موڪلون هڻڻ آپا کي ڏاڍو پسند آهي. آپا کي پڙهائڻ واريون ٽيچر گهٽ نظر اينديون آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي ڪلاسن ۾ هونديون آهن. انهيءَ ڪري حاضر ٽيچر کي غائب ڪرڻ ۽ غائب کي حاضر ڪرڻ آپا جو ڏائي هٿ جو ڪم آهي.
آپا جي چوڌاري ڏاهين، هوشيار ۽ داناءَ قسم جي آپائن جو وڏو قلعو ڏنل آهي. هي مصر جي ممين وانگر هر دور ۾ حاضر هونديون آهن. ڪابه پرنسپال هنن جي ڏاهپ کان گهڻو وقت پري رهي نه سگهندي آهي. هنن وٽ پنهنجي Subject کان علاوه باقي دنيا جهان جي معلومات ۽ هُنر هوندو آهي. انهيءَ هنر سان هو پرنسپال کي پنهنجو ڪنديون آهن، پوءِ پرنسپال ڪنهن پالتو اُٺ جيان انهن جي پويان هوندو آهي.
پٽيوالا ۽ ڪلارڪ آپائن جي ڏاهپ ۽ سياڻپ جا سٽيل هوندا آهن.
هي هڪ عجب دنيا آهي. آپا جي عينڪ گم ٿيڻ جي صورت ۾، ڪالج جو سڄو اسٽاف ۽ گهر جا ڪل ڀاتي، عينڪ جي تلاش ڪندا آهن، آپا جو پوڙهو مڙس به عينڪ جي تلاش ڪندي پاڻ گم ٿي ويندو آهي، پوڙهو نظر ڪمزور هئڻ سبب هر انهيءَ عورت جي پٺيان هلي پوندو آهي، جنهن جا وار ڪٽيل هُجن، انهيءَ ڪمزوري ڪري سڀ ليڊيز ڪالج لتاڙي چُڪو آهي.
آپا جون مددگار مايون، ڪالج کي Smooth هلائڻ لاءِ، روزانه آپا کان هڪ Ordinance جاري ڪرائينديون آهن. هڙ ڪالج جي موڪل بند ڪرائي آخر ۾ آپا کي چونديون؛ آپا اڄ صبح جو توهان جي ڀاءُ کي منهنجي هٿان ڪوسو چمٽو لڳي ويو هو. بيهوش ته ڪو نه ٿيو هو، البت صوفي تي وڃي ڪريو هو. ڏسان وڃي ته اُٿيو آهي يا ڏيانس ٻيو ڏنڀ.
هتي هر شيءِ جو ٽائيم ٽيبل آهي، پڙهائي کان وٺي پارٽين تائين. هر مهيني پارٽي لازمي آهي. هر ماڻهو کان چندو ايترو ورتو ويندو آهي جهڙوڪر استادن جي نه پهلوانن جي دعوت هجي، پئسا ايترا ورتا ويندا جو ڄڻ هر ٽيچر لاءِ الڳ ٻڪر يا دُنبي جو انتظام ڪيو ويندو.
وڻيس ته کائي، وڻيس ته جيئرو ٻڪر گهر کڻي وڃي ۽ تصور ڪيو ڪنهن ليڊي ٽيچر جي ڪلهي تي زنده ٻڪر ٽيچر نه ٿي افغاني پٺاڻ خاتون ٿي.
انهيءَ صورتحال ۾ مرد ٽيچر جو هُجڻ ۽ سلامت رهڻ، الله جي خاص فضل کانسواءِ ڪجهه به نه آهي.
وڏي آپا جي نظر وڏي هئڻ سبب کيس پٽيوالا، ڪلارڪ ۽ ميل استاد، سڀ هڪ جهڙا لڳندا آهن. ڪئين دفعا پٽيوالا آپا جي نادري حڪم سبب ڪلاس ۾ ڪيمسٽري پڙهائي ايندا آهن. ٽيچر کي آپا ڪار جي صفائي کان بچائڻ لاءِ ڪل ننڍيون ٽيچرس ۽ پٽيوالا شاهدي ڏيندا آهن ته آپا هي سر فلاڻو آهي انگريزي وارو، شڪور پٽيوالو توهان جو پرس پيو ڌوئي، آپا کي صفائي وڻندي آهي، ڪار کان وٺي پرس تائين، پٽيوالن کان ڌئاريندي آهي. ڪئين دفعا پٽيوالا آپا جو موبائل ۽ ڪالج جو ٽيليفون سيٽ به ڪاوڙ ۾ ڌوئي چُڪا آهن.
هڙتال وارن ڏينهن ۾ آپا ٻارن جي حاضري چيڪ ڪندي آهي. ٻار موجود نه هجڻ جي صورت ۾ ٽيچرس کي ويهاري، پرنسپال شپ جي عظمت تي روشني وجهندي آهي، ٻڌائيندي آهي ته بابا، پرنسپل شپ وڏو عظيم منصب آهي. تاريخ ۾ تمام گهٽ ماڻهن کي پرنسپال ٿيڻ نصيب ٿيو آهي ۽ جن کي اهو اعزاز نصيب ٿيو اُهي باقي ڪي چند دُنيا ۾ زنده آهن. ڇاڪاڻ ته هي تمام سينئر عهدو آهي، انهيءَ ڪري يا ته انسان پرنسپال هوندو آهي يا بهشت ۾ هوندو آهي. ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آپا وڌيڪ فرمايو،
بابا، جڏهن آئون پرنسپال ٿيس، تڏهن تعليم جو معيار زيرو هو. ڪالج جهالت جي انڌيري ۾ ڪريل هو. استاد سست ۽ شاگرد ڇڙواڳ ٿي ويا هئا.
ڪو پڇندو، آپا توهان جي هوندي، توهان جي اکين آڏو، تعليم جو معيار ڪِري پيو. توهان ٽيچر هئا، تعليم جو معيار بلند نه ڪري سگهيا، گهٽ ۾ گهٽ معيار کي ڪرڻ کان بچايو ها.
بابا، معيار کي بلند صرف پرنسپال ڪندا آهن، ويندڙ پرنسپال وائڙي هئي. معيار کي سنڀالي نه سگهي، کڻي هٿ ڪڍيائين، تعليم جي معيار وڃي ڦهڪو ڪيو.
هو ڪمزور پرنسپال هئي، هن کان پاڻ ڪونه کڄندو هو، ٻي ڳالهه ته بابا، معيار وزني به آهي، اسان سروس جي شروعات کان وٺي توجه کاڌي پيتي تي ڏنو. انهيءَ ڪري ڪجهه توانائي ۽ طاقت اسان ۾ آهي. اڳين پرنسپال سڄي عمر ڊائٽنگ تي رهي. انهيءَ ڪري ڪمزوري سبب معيار سنڀاليو ڪونه ٿيو. هاڻ ڏسجو ته آئون ڪيئن ٿي معيار کي بلند ڪيان.
جيڪڏهن سمجهيم ته معيار کي کڻڻ ۽ بلند ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي ته کُدن پيءَ کي وٺي اينديس. کُدن پيءَ تعليم جي معيار کي ته ڪڏهن ڪونه کنيو آهي، پر هنڌ ۽ کٽون کڻڻ جي مشق، مون سان شادي ڪرڻ کانپوءِ مسلسل ڪندو اچي. کٽون کڻي کڻي پٺن تي چُٽا ٺهي ويا اٿس، کٽ جو واڻ کهرو ٿيندو آهي، پر علم جي معيار ۾ ته ڪا کهرائي يا ڪو ڪنڊو نه آهي.
پرنسپال ٿيڻ کانپوءِ آپا تي علم جي پالوٽ ٿيندي هئي، ڪرسيءَ تي سمهي رهندي هئي ۽ ڪاليج هلندو رهندو هو.
سندس مددگار برگيڊ جون مايون، آڱرين تي حساب ڪري هڪ ٻئي کي ٻڌائينديون ته هي آپا ٻن سالن کانپوءِ رٽائر ٿي ويندي، Next Senior خوش ٿي چوندي، پوءِ ڪير ٿيندو پرنسپال، مستقل مددگار برگيڊ جون مايون کيس خوشخبري ڏيندي چونديون، آپا توهان جو حق آهي ۽ توهان ئي ڪاليج کي سڌاري سگهو ٿيون. آپا ته چانهن جو ڪوپ پيو، سمهيو رهي، پنهنجو معيار ٺيڪ ڪري ته وڏي ڳالهه، اسين توهان سان گڏ آهيون.
اوچتو پرنسپال جاڳي پوندي، مايون ڇا پيون چئو، جواب ايندو، آپا توهان جي ايڊمنسٽريشن جي تعريف پيا ڪريون. سُتا پيا آهيو تڏهن به ڪاليج ڪهڙو سٺو پيا هلايو، ڳڻتي انهيءَ ڳالهه تي آهي ته آپا جي توهان رٽائر ٿيندا ته ڪاليج ڪير سنڀاليندو.
هائو مائي مون پاڻ ننڊ ۾ اهو پئي سوچيو، ته مون کان پوءِ ڪاليج ۽ تعليم جو ڇا ٿيندو.
واهه آپا واهه، توهان جي جذبي کي سلام، ننڊ ۾ به ڪاليج جي ڳڻتي، هاڻي پڪ ٿي ته تعليم جو معيار توهان جي ننڊ سان ڳنڍيل آ، سڀاڻي کان توهان کي چانهن ۾ ننڊ جي ٽِڪي وجهي ڏينداسون، جيتري توهان جي ننڊ گهري هوندي، ڪاليج به اوترو سٺو هلندو.


No comments:

Post a Comment