Monday, June 17, 2013

”فيس بوڪ“ جي ڪهاڻين جي ڪهاڻي - نصير سومرو

”فيس بوڪ“ جي ڪهاڻين جي ڪهاڻي
افلاطون جي اوطاق ۾ زير بحث
نصير سومرو
سانجهيءَ جي ويل آهي. لالٽين جي ڌيمي روشني ۾ مختصر ڪهاڻي (شارٽ فڪشن جي ڪهاڻيءَ تي دلارام، جنهن کي افلاطون چيو پئي ويو پر پاڻ يونان جي افلاطون کي روحاني استاد مڃيندي کيس افلاطون ۽ خود کي افلاطون ثاني، سوبه شاگردن جي اصرار تي سڏائڻ تي مس مس راضي ٿيو آهي. هن کي لقبن جي ونڊ ورڇ وسيلن ۽ اختيارن جي ورڇ ۾ ڪا دلچسپي ناهي، جو هو پنهنجي ڪاڻ پسند جو لقب کڻي لاڳو ڪري ۽ پوءِ والز آئيس ڪريم جي رينگٽ (ميوزڪ) وانگر پيو جتي ڪٿي وڄي. هو ڪهاڻيءَ تي ليڪچر ڏئي ٿو ۽ سوالن جوابن ذريعي، شاگردن سميت، ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”فيس بوڪ“ جو سرسري جائزو پيش ڪري ٿو.

افلاطون ثاني:
سقراط کان سکيم ته ڪيئن سوال مان سوال ڪڍي اصل جواب تائين پهچي سگهجي ٿو. ڪهاڻيءَ مان ڪهاڻي نڪري ٿي. هڪ ڪهاڻي ساڳئي هوندي به الڳ الڳ آهي. ڪهاڻي ڪيئن ٿي جنم وٺي. جنم وٺي ٿي ته ڪهاڻي مرندي به هوندي؟ پر ايئن ڪونهي. ڪهاڻي جي پڄاڻي نئين ڪهاڻي جي شروعات آهي. ڪهاڻي شارٽ فڪشن آهي. فڪشن ۾ ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ناٽڪ نويس الائجي ڪيتريون زندگيون جيئندو آهي. هڪ ۽ سابه بنهه مختصر زندگيءَ جي وٿين ۾ سڌن جو انبار کٽائڻ ممڪن ڪونهي. تخيلاتي جهانن جي ڳولها ۽ مطلب جي حياتيءَ جي گزر بسر جا امڪان ڳولهي لهڻ ۽ ان مان لطف وٺڻ ۽ حقيقي مشڪلاتن جو توڙ پيش ڪرڻ جي طلب ئي ڪهاڻيءَ جي وجود جو ڪارڻ آهي. ڪهاڻي ڪنهن مان ورتل لفط آهي. ڪهڙي هنڌ ۽ ڪهڙي مهل ڪهڙي ڳالهه چوڻ جي ضرورت پيش اچي سگهي ٿي، اڳواٽ ڪهاڻيءَ جو عنوان لکي ان جي اُڻت ۽ سٽاءَ جو پورائو ڪرڻ ڪهاڻي ڪانهي. لهه وچڙهه جي حاصل تجربي مان ڪهاڻي وجود ۾ اچي ٿي. اها ڳالهه، جيڪا زبان سان نه چئي سگهجي، فرصي ڪردارن ۽ واقعن جي علامتي انداز ۾ ”ڪهت“ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪلائميڪس، اڻ چئي ڳالهه جو اشارو آهي. اشاري مان گهڻا مطلب نڪرن ته اها ڪهت جي ڪاميابي آهي. ٻوليءَ جي ڄاڻ ڪهاڻيءَ ۾ لهرون (تحرڪ) پيدا ڪري ٿي. اسٽيج جي پردي تي تصويري ڪهاڻي بنا اکر اچارڻ جي پلاٽ چٽو ڪري ڏسندڙن تائين پوري ابلاغ جو باعث بڻجي ٿي. چارلي چپلين ۽ مسٽر بين جي خاموش اداڪاري ڳالهائيندي نظر ايندي آهي. ڪهاڻي ڪاميڊي ۽ ٽريجڊ مان ڪنهن هڪ رخ ۾ وڌيڪ هجڻ ڪري مٿس نالو هڪ صفتي پوي ٿو. آرٽ جي ساگردن آڏو زندهه ڪهاڻيءَ جو مثال محترمه بينظيرڀٽو جي شهادت آهي. سوچيو ته اهو واقعو ٽريجڊي ۾ شمار ٿئي ٿو يا ڪاميڊي ۾؟
(پاڻيءَ جو ڍُڪ پيئندي) جيئن مون کي نڙي آلي ڪري ڳالهائڻ جو رستو هموار ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، تيئن ليکڪ کي ڪجهه چوڻ ۽ ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. گهاريل زندگيءَ جا ڦٽ، ڦٽن جا داغ  ۽انهن پٺيان موجود نادانين، اڃ بک وسائڻ جي جائز ناجائز ڪوششن ۽ انهن جي نتيجن مان ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون. ساڳيا تجربا پڙهندڙ پنهنجا سمجهندي آئيندي واسطي سبق پرائڻ ۽ هيانءُ هلڪو ڪرڻ جو وسيلو سمجهندو آهي. خانواهڻ کان ڪراچي تائين ڪهاڻيڪار منظّور قادر جي حياتي هڪ ڪهاڻي آهي. بصر جي کلن وانگر ڪهاڻيءَ منجهان ڪهاڻيءَ جا ڪردار کوڙ اڃا لکت ۾ اچڻ جا منتظر آهن. ڊاڪٽر صاحب جو اسلوب بيان ۽ جنسي ميلاپ ۽ ان جي سگهه ۽ اسگهه جي اپٽار نهايت مهذب آهي. هن جي ڪهاڻين مان اڄوڪي زندگي جون وارتائون ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ مٿن سوچڻ ۽ ڪو رستو ڪڍڻ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي ڪلينڪ هلائي رهيو آهي. مٿي تان کُسي ويل وارن کي ٻيهر لڳائي جوان ڪري ڇڏڻ جي خدمتن سان واڳيل آهي. ڪراچي جي وڳوڙي ۽ سٽيل انتشاري حالتن کان پريشانيءَ جو ڪرب پڙهندڙن سان ونڊي ٿو. اسي کان پوءِ جن حالتن ۾ ڀتا خوري، قبصا گيري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ قومي معاهدن ۽ تقاضائن جي لتاڙ انارڪي جو سبب آهي، ان کان بيزاري ڏيکارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو موثر مورچو ادب آهي. شاعري به ادب آهي. شاعريءَ ۾ اسلوب بيان جو دائرو محدود ۽ مختصر آهي. ڪهاڻيءَ جو ميدان وسيع آهي. ڪهاڻي کان ناوليٽ ۽ ناوليٽ کان ناول تائين هڪ وڏي گنجائش واري ادب جي طلب موجود آهي. پبلشر، جهڙوڪ ثقافت کاتو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا سرڪاري توڙي پرائيويٽ ڇاپيخانا سماجي حالتن جي تناظر ۾ شاعري ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ ناول نٿا ڇاپين، نان فڪشن ۾ به اهڙا ڪتاب ۽ اهي به مهانگا ڇپرائي سماج جون گهٽ ۽ ماورائي ضرورتون وڌيڪ پوريون ڪندڙ آهن. آزاداڻي اسلوب بيان جون لهرون جمود جي ڪنارن سان ٽڪرائي، جيڪا تبديلي آڻي سگهن ٿيون ان کان ناديده قوتون ڊنل رهيون آهن. ان جي باوجود ذاتي کيسي مان خرچ ڪري آزاد ادب ليکڪ پاڻ خود ڇپرائي رهيا آهن. ان لاڙي جي خلاف به اهي ليکڪ ۽ اديب آهن، جيڪي نٿا چاهين ته ڪو پبلشر جوبه احتساب ٿيڻ کپي. اعجاز منگيءَ جي بقول ته اديبن ۽ شاعرن جي هلچل کي سياستتدان ميڊيا جي مدد سان هائيجيڪ ڪري ويا. ڪتاب جي ليکڪ کي لکڻ مان فائدو نٿو ٿئي ۽ جن ڌرين کي فائدو ٿئي ٿو اهي آهن واپاري، واپاري ليکڪ ۽ صحافين سان واپار جي ڏي وٺ ۾ ڳالهائيندا آهن. آفاق صديقيءَ جي لفظن ۾:
دم گهٽ رها هي گرميءَ بازار مين،
ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻي ”مرد“ جي ڪهاڻي آهي. مرد واسطي عورت ڇاهي، ڇا هجڻ کپي، سڀني اسرارن تان پردو کڻڻ واسطي سندس ڪتاب ”فيس بوڪ“ پڙهڻو پوندو. سندس لفظن ۾ ته ”منهنجي ڪابه ڪهاڻي عورت کانسواءِ ناممڪن آهي.“ هيءَ ئي ڪهاڻي ۽ هيءَ ئي زندگي آهي. ادب جي دنيا ۾ اعتراف ڪرڻ ۽ مٿس اڏول رهڻ وڏي جرئت جي ڳالهه آهي. ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي ڳالهه ڪهڙو شخص ڪهڙي هنڌ ۽ ڪهڙي وقت ڪري ٿو. ڊاڪٽر منطور ذميدار شخص آهي. مونجهارن کان پري ۽ سجدن جي ويجهو آهي. هو ڪهاڻيءَ پٺيان پنهنجن تجربن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ڪتاب ڇپجڻ کان اڳ پندره روزه عبرت مئگزين، ماهوار پرک ۽ ماهوار ڪهاڻي ڊائجيسٽ ۾ ڇپجي چڪو آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي جو ڳوٺائي ٻهراڙي ۽ شهر جي گڏيل ڪلچر مان ناخوش احساس رکي ٿو. جيتوڻيڪ شاعري پڻ ڪيائين، پر وجد ان جي وڇڙيل ۽ پيچيدي تخليقي عرق ريزي کان نثري ڪاوشون وقتائتي ضرورت جو پورائو ڪندڙ آهن. شاعريءَ جي ماترا نثر جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجڻ سببان ڏانهس ڌيان گهٽ وڃي ٿو ۽ ان جو مطلب اهو بنهه ڪونهي ته شاعري معياري ۽ لاڀائتي نه ٿئي پئي. مهاڳ ۾ اعجاز منگي ڄاڻائي ٿو ته ڊاڪٽر منظور ريڊيو  ۽ ٽي وي لاءِ ناٽڪ لکيا پر شوبز جي دنيا کيس تسڪين نه ڏئي سگهي. ڪهاڻي ننڍپڻ جي معصوميت جي ڳولها آهي. اڃا به پوئتي جي گڏيل لاشعور ۾ ٽٻي هڻڻ ۽ واپس موٽڻ ۽ وارتائن کان آگاهه ڪرڻ ڪهاڻيءَ جي ڪهت آهي.
ڪجهه نه هو سنسار مين الڪو نه هو
۽ نه هو ڪم ڪارڪو کٽڪو نه هو.
سگمنڊ فرائيڊ جي حوالي سان اعجاز لکي ٿو ته ”انسان کي ڪڏهن به هن جو ننڍپڻ نٿو ڇڏي.“ هي نسٽلجيا جو وسري ويل جهان آهي جيڪو ليکڪ ياد ڪرڻ لاءِ خوابن جي وادين ۾ سئر ڪري ۽ ڪرائي ٿو.
سادا سادا خواب ايڏا
ڄڻ سدائين ٻار ماڻهو.

ڪهاڻي شخصي تاريخ به آهي ۽ گڏيل ورثي جو پوتاميل پڻ، جانورن جي ڪا تاريخ نه ٿيندي آهي. آدم مان انسان بڻجڻ  جي ڏس ۾ تاريخ سان جڙي وڃڻ ۽ خودي تلاش ڪرڻ جو حق ڊاڪٽر منظور قادر کان ڪير به کسي نٿو سگهي.

No comments:

Post a Comment