Wednesday, July 24, 2013

رٺلن کي پرچائڻ ڏوهه - سرور بلوچ

رٺلن کي پرچائڻ ڏوهه
سرور بلوچ
”هيلو! هيلو ڀائو فون کڻ! هيلو هيلو! اڙي ٻڌين ڪو نه ٿو! فون کڻ!“
موبائل واري رنگ ٽون جي آواز تي، مائي ڇرڪ ڀري اٿي ۽ چوڻ لڳي؛ ”اڙي مئا! کڻ ڀلا فون! ڇو اچي اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي!؟“
مائين جي آواز تي، چڱن چڱن جو ساهه نڪريو وڃي. اسان جي مجال جو هڪ سڏ تي نه اٿون. مان به اکيون مهٽيندي، اُٿي فون ڏي نهاريندي چيو؛ ”اڙي! هي ته ڪالُو سانولا جو نمبر آهي! ايڏو ساجهر جو فون ڪيو اٿس، خدا خير ڪري الائي ڇا ٿيو آهي!“

جيئن فون کنئين ته سامهون کان آواز آيو؛ ”بادل ڀائي! ڪٿي آهين؟“
مون به اڌ ننڊ اڌ سجاڳ ۾ جواب ڏنو؛ ”مان پنهنجي گهر آهيان! اور وري ڪدهر هوندس؟“
اڳيان وري آواز آيو؛ ”تو کي خبر آهي ته پاڻ واري ليڊر، پارٽيءَ جي اڳواڻي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي؟“
مون رڙ ڪندي جواب ڏنو؛ ”سانولا ڀائي! خدا جو سُونهن! پاڻ کي ڪا به خبر نه آهي. باقي رات گهڻي ڪوشش ڪيم. نيٺ وڃي ظهور وانگر خاب ڏٺم ته اڄ ڪنهن کي پرچائڻو آهي.“
وري ٻئي پاسي کان آواز آيو؛ ”سڀ ڳالهيون ڇڏ! جهٽ نڪر! شهر پهچ! پارٽيءَ جي گاڏي نڪرندي. ٻين دوستن سان گڏ، تو کي به اچڻو آهي.“
فون بند ٿيندي ئي، مان کٽ تان اُٿي، آواز ڏنو؛ ”سڀاڳي! اُٿي! قهر ٿي ويو! ڀائي وري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.“
سامهون جواب مليو؛ ”تو وارو ڀائي پالٽي ڇڏي يا جهان، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو هيڏو ساجهر اسان جي ننڊ ٿو ڦٽائين؟!“
”اڙي نڀاڳي! اُٿي! سانولا ڀائي چيو آهي ته ارجنٽ ۾ شهر پڄ! گاڏي نڪري ويندي، ۽ پنڌ به وڏو آهي.“
”ها ته پوءِ وڃ نه ڀلا! مون تو کي جهليو آهي ڇا؟“ مائي به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏيئي، کٽ تان اُٿي.
”اڙي مائي مصيبت! تو کي خبر آهي ته ڀائيءَ کي پرچائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي؟ ۽ جي نه پرچايوسين ته هو روئڻ شروع ڪندو. ۽ ڀائي جڏهن رنو ته پوءِ هتي ڳوڙهن جا درياھ وهي ويندا. اُٿي! جلدي ڪر! چار مانيون، مکڻ ۽ ٻه گلاس لسيءَ جا ڏي ته کائي وڃان. اسان کي بک هڙتال تي ويهڻو آهي ۽ جيسين اُن کي نه پرچائينداسين حرام جو هڪ گرھ به کائون. پر ٻڌ! هڪ اڌ ماني مون واري ٽوال ۾ به ويڙهي ڏجانءِ! وچان گهُت هڻي کائي وٺندس ۽ هونءَ به ليڊر پرچائڻ ايڏو سولو ناهي. ٿي سگهي ٿو اڳين واري ڪلاڪن وارا ريڪارڊ ٽوڙي وجهي ۽ تقرير وڌي وڃيس. اهڙي ۾ پنهنجو بندوبست به ته ڪرڻو آهي. اُٿي شابس! جلدي ڪر ماني هڻي ڏي ته نڪران.“
نيٺ منٿ ميڙ سان مائي ماني تيار ڪري ڏني.
ماني کائي، لسيءَ جو وٽو چٽ ڪري، ٽوال ڪلهي تي ويڙهي، روڊ تي پهتس ته دوسُوءَ واري کٽاري ڊاٽسن، هيٺان مٿان ڦُل ٿي، بتيون ٻاري جهاز وانگر پئي آئي. مان به پاسي ۾ ٽنگجي ويس. جيڪي دعائون ياد هئم، سي پڙهي نيٺ خيريت سان پهتس.
آفيس سامهون جي وين بيٺي هجي ۽ ان جي آسي پاسي بيٺل سڀني جون اکيون گهڙين ۽ موبائلن ۾ هجن. مان چيو؛ ”ڀائو ڇا ٿيو آهي؟“
سڀني چيو ته؛ ”يار! جلدي گاڏي اسٽارٽ ڪر! بادل اچي ويو. هاڻ نڪرو دير نه ٿي وڃي.“
وين تي چڙهي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. ڏهين وڳي کان ڪجهه دير اڳ ئي، ڀائيءَ جي گهر آڏو پهچي وياسين. اُتي ته ميلو متل هو. شاميانا لڳا پيا هجن. هيٺ دريون وڇايل هيون. ٽيبل تي هڪ ٽيليفون، ان جي پاسي گل پيل هئا. چينلن جا مائيڪ فون، جي آسي پاسي ايئن پيا هئا ڄڻ، اجهو ٿو هن مان ڪو نڪري ڳالهائڻ شروع ڪندو. ڪو چينل وارو هڪڙي کي جهلي ڪجهه پڇي رهيو هو ته ڪو وري ڪنهن ٻئي کان. مون ڏانهن نه ڪنهن نهاريو، نه وري ڪنهن پڇا ڪئي. هڪ ننڍي قد واري ۽ هلڪي ڏاڙهيءَ واري ڀائيءَ، ٻئي هٿ پويان ٻڌي، ڏاڍو پريشان هيڏانهن هوڏانهن ايئن پئي چڪر ڪاٽيا ڄڻ ڪو سندس کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجي. ٿوري دير مس گذري ته فون جي گهنٽي وڳي. سڀ ايئن چپ ٿي ويا ڄڻ ڪو نانگ سنگهي ويو هجي، خطاب شروع ٿيو. اسان وارو ليڊر ڏاڍو پريشان پي لڳو. هو چوڻ لڳو؛ ”منهنجي خلاف انگريز سازش ڪري رهيا آهن. هنن کي الائي ڪنهن اهو ڪوڙ ٻڌائي منهنجي خلاف ڪيو آهي ته منهنجي وڏن انهن کي جنهن جي ملڪ ۾ رهان پيو هندستان مان ڀڄايو هو. خدا ٿو ڄاڻي ته اسان جو ان ۾ هٿ نه هو. پر اصل قصو اڃا ٻيو آهي. اصل ۾ دنيا اندر هاري، پورهيت، مزدور ۽ مسڪينن جو مان آخري سهارو آهيان. مان پورهيت ۽ هاري جو پُٽ آهيان ۽ انهن جو خادم آهيان. جيڪو گهڻن ماڻهن کي برداشت نٿو ٿئي. ان ڪري ئي مون کي مارائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. رات مون جڏهن خواب ۾ خوابن وارو سائين ڏٺو، جنهن مشورو ڏنو ته پارٽي مان هٿ ڪڍ، سر بچاءِ ۽ ٻي کي وارو ڏي. سائين درويش ماڻهو آهي. سدائين سچا خواب ڏسندو آهي. منهنجي خواب ۾ آيو آهي. شايد منهنجو ڀلو چاهي ٿو. ان ڪري مان پارٽي جي اڳواڻي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو.“
ڀائي جو رڳو ايترو چوڻ هو ته پنڊال ۾ رڙيون مچي ويون. جوان پوڙها روئڻ شروع ٿي ويا. انهن کي ڏسي مائين به رينگٽ شروع ڪئي ۽ مائرن کي ڏسي ٻار به روئڻ شروع ٿي ويا. مان پريشان ته ڪنهن کي پرچايان؟! نيٺ پاسي ۾ ويٺل هڪ مائيءَ جي مٿي تي هٿ رکي چيم؛ ”ادي رب خير ڪندو! تنهنجو ڀائي اڃا جيئرو آهي.“
مائيءَ مون ڏي ڪاوڙ ۾ نهاريندي جيئن جوتي ۾ هٿ وڌو مان به سمجهي ويس ته اڳئين قطار ۾ ويهڻ لاءِ پئي چوي. سو اٿي عزت ۽ مٿو بچايم. اوچتو هڪ پوڙهو بگي ڏاڙهيءَ وارو اُٿي زاروقطار روئڻ شروع ٿي ويو، ته فون تي هڪ زوردار آواز آيو؛ ”خاموش، خاموش، خاموش!“ پر پوڙهو مجال جو ماٺ ڪري. پوڙهي چيو؛ ”اڄ خاموش نه ٿينداسين، اڄوڪو اوهان جو نائون استعيفيٰ آهي. مان شگر، بلڊ پريشر، سائي ۽ دم جو مريض آهيان. هتي دم ڏيئي ڇڏيندس پر ڳالهه ڪنهن هڪ پاسي ڪري پوءِ اٿبو. ايتري ۾ ڏٺم ته پوڙهي جي وات ۾ رت وهي رهيو هو ۽ قميص ڳاڙهي ٿي ويئي. مون کان پوڙهي جو خون، مائين ۽ ٻارڙن جون رڙيون ٻڌيون نه ٿيون. مان به ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي بيهي رهيس. پويان ڪنهن رڙ ڪئي؛ ”بيٺ جائو!“
”ڇو ويهان؟!“
”سڀ مري ويندا پوءِ راضي ٿيندو ڇا؟“
مان به پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيس. ڀائي کي چيم؛ ”اسان جو هتي ڪير به ناهي، تون ئي ڏاڏو، تون ئي بابو، تون ئي امان ۽ تون ئي ماسي آهين. اڄ هن پنڊال ۾ سڀ گڏ ٿيا آهيون ته اوهان کي پرچائبو. اوهان نه هوندا ته پرچين جا پئسا ۽ کلون ڪير کڻندو. اسان به ته ان ئي آسري آيا آهيون. جي اهو سڀ بند ٿي ويو ته پوءِ اوهان جي پويان ڪير به نه هوندو.“
پويان هڪڙي اڳريون پئي هنيون. ڪنهن قميص پئي ڇڪي. پر مان به چيو؛ اڄ ڪجهه به ٿي وڃي پر ڪم پورو ڪري پوءِ ويهبو. مان وري رڙ ڪندي چيو؛ ”ڀائو اسان صبح کان بکارا آهيون. صبح کان ڪجهه به ناهي کاڌو.“
نڀاڳي اوڳرائي به ان مهل ئي اچڻي هئي.
هيڏانهن هوڏانهن نهاري وري ڳالهائڻ لڳس؛ ”ڀائو اسان اوستائين هتان نه اٿنداسين، جيسين اوهان فيصلو واپس نٿا وٺو. مان به ارڙي، پوليو، ڪاري سائي، سهڪي جو مريض آهيان. مان به پوڙهي وانگر رت جون الٽيون ڪري مري ويندس.“
اڃا ڳالهه کٽي نه هئي ته سامهون ننڍي قد واري ۽ ننڍي ڏاڙهي واري زور سان رڙ ڪندي چيو؛ ”اڙي ويهاريو ان کي! هي ڪهڙي مصيبت آهي!“
ايتري ۾ فون تان وري آواز آيو؛ ”خاموش ڪير هو هي ڪارڪُن؟“
ڪالُو ڀائي رڙ ڪئي؛ ”هي بادل آهي. ڪجهه عرصو اڳ ئي پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي.“
اڳيان وري آواز آئي؛ ”بادل ڀائي توهان ٺيڪ چيو آهي. سڀ ڪم ڪير سنڀاليندو. هونئن به ڪجهه عرصي کان ڪم به گهٽ آهي. ٻيا به گهڻا ئي ساڳئي ڪم تي لهي پيا آهن. اڄ تون منهجون اکيون کولي ڇڏيون. مان اڄ وري تنهنجي ۽ ڪميٽي جي اصرار تي پنهنجو اعلان واپس ٿو وٺان.“
ڀائي خدا حافظ ڪري فون بند مس ڪئي ته ٻه ماڻهو مونکي ٻانهن مان جهلي گهليندا هڪ ڪنڊ ۾ کڻي ويا. اُتي بيٺل ويهارو کن ماڻهن جي سامهون ڪالُو سانولا ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو هو. سامهون هڪ وڏن مڇين وارو چشمو پاتل ڪالُو کي دڙڪا ڏيندي پئي چيو؛ ”اڙي تون هن کي وٺي آيو آهين. تو کي خبر نه هئي ته اهڙن پروگرامن ۾ نون ماڻهن کي ناهي آڻبو. تو کي ته پوءِ ٿا ڏسون، پهرين هن سان ڳالهائي وٺان.“ مون ڏانهن ڪنڌ ورايائين ته مان سمجهي ويس ته مائي جي مٿي تي هٿ رکيو هئم ان شڪايت ڪئي آهي. هاڻ خير ڪونهي، پر هتي ته ڳالهه ئي ڪا ٻي هجي.
چشمي وارو مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳو؛ ”اڙي تو کي ڪنهن چيو ته تون هيرو ٿي اُٿي تقرير ڪر.“
مون چيو؛ ”ڀائي ايڏا ماڻهو پيا روئن ۽ مان ڪمزور دل ماڻهو، عورتن، ٻارن جو روئڻ مان ڪيئن سهان. مجبور ٿي بيٺس. پر اوهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي. مون ڀائي کي پرچائي ڇڏيو.“
”اڙي نڀاڳا! تو کي ڪنهن چيو ته اسان سڀ، ڪنهن کي پرچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. اسان کي جيئن صبح ساجهر خبر پئي ته ٻاهر حالتون خراب ٿي ويون آهن ۽ ڀائي وري استعيفيٰ ڏني آهي ته سک سان سمهي رهياسين ته اوچتو فون آيو ته خطاب جو پروگرام آهي. اسان کي پڪ ٿي ته اها استعيفيٰ اڳ جيان واپس وٺبي. اسان سڀ گڏ ٿياسين ته هن کي چئون ته استعيفيٰ واپس نه وٺ! روز روز جي استعيفيٰ ڪري گهڻائي خوار ٿي ويا آهيون، ۽ تون چڱو مڙس وري پرچائڻ آيو آهين. نڪر ته هڻئين نه جوتا!“
مون پهرين هن ڏانهن نهاريو، پوءِ ڪالُو ڀائي ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”عجب آهي هتي ته رُٺلن کي پرچائڻ به ڏوهه آهي.“
ٽوال ڇنڊي وڃڻ لڳس ته سامهون اهو چاچو قميص ڌوئي واپس اچي رهيو هو. پڇيومانس؛ ”بابا ڏي خبر طبيعت ڪيئن آهي؟ تو کي ڊاڪٽر وٽ نه وٺي ويا ڇا؟ پر وٺي به ڇو وڃن تو به ته مون وانگر ڀائي کي پرچائڻ جي غلطي ڪئي هئي نه؟“
هن مون ڏانهن چتائيندي چيو؛ ”اڙي مان تو وانگر چريو آهيان ڇا؟ مون ڪنهن کي به نه پي پرچايو ۽ مان بيمار به ناهيان.“
مون حيران ٿيندي چيو؛ ”تون بيمار ناهين ته رت جون الٽيون ڇو ڪيئي؟“
”اڙي چريا! مون رت جي اُلٽي نه ڪئي. اهو ته جذباتي تقرير ۾ وات مان پان ٻاهر نڪري ويو هو.“


No comments:

Post a Comment