ڳچيءَ پائي هارُ
(مختصر ڪهاڻي)
عبيد راشدي
ھونئن
ته مس رعنا کي پنھنجي زندگي ڪراچي شھر جي ٽرئفڪ جھڙي منجهيل ۽ گدلي محسوس ٿيندي
ھئي، سچ ته ھوءَ جڏھن صبح جي پي اي سي ايڇ سوسائٽي مان ڪار ڊرائيو ڪندي صدر ٽائون
جي ھڪ معياري گرامر اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ويندي ھئي ته پراڻي نمائش محمد علي
جناح روڊ جي ٽرئفڪ جو گوڙ ۽ گاڏين جي سيلينسرس مان نڪرندڙ دونهون پنھنجي زندگي
جھڙو ڪڙو محسوس ٿيندو ھئس. سندس ننڍڙي آلٽو ڪار وڏين ڪارن ۽ بسن جي وچ ۾ بي امان ۽
جيتامڙي لڳندي ھئي. پر اڄ جڏھن ھن معمول جيان سوسائٽيءَ جي ساڳي ٽرئفڪ مان ڪار
ڊرائيو پئي ڪئي ته ڏاڍيrelax هئي. بلڪه ھيڏي ڳُتيل ٽرئفڪ ۾ ڊرائيونگ مکڻ مان وار ڪڍڻ جيان پئي
لڳس. آخر ڪالھه سندسclose friend
مس فيروزه کيس ويساھ ڏياريندي پروپوزل جي حقيقت ٻڌائي ھئي
ته پھرئين ته کيس اعتبار ئي نه پئي آيو، ڇو ته سندس زندگيءَ ۾ ڪيئي رشتا آيا ۽
خواب خيال ٿي ويا، پر پوءِ جڏھن مس فيروزه کيس پڪ ڏياري ته خوشيءَ مان ماپي نٿي.
ھونئن صبح صبح سان سندس گھر جي ڏاڪڻ تي جھوليندڙ بوگن ولا جي ول ۾ جھرڪين ۽ بلبلن
جو چھچٽو کيس وڻيو ٿي. مس رعنا جناح روڊ کان ايمپريس مارڪيٽ وڃڻ وارا سگنل کليل
ڏسي ڪار ڪجھه اھڙي تيزيءَ سان ڪڍي جو سگنل تي بيٺل ٽرئفڪ سپاھيءَ ۽ اسڪول جي گيٽ
ڪيپر کيس حيرت وچان ڏٺو. اسڪول جي پارڪ اڳيان ڪار پارڪ ڪندي ھن پھرئين شولڊر بئگ
ڪلھي ۾ ڪيو. پارڪ مان تازا گل سندس نيڻن آڏو جھوميا ته ھڪ وار انھن منجھان ھڪ گلاب
پٽي زلفن ۾ سَجائڻ لاءِ سوچيو، پر پوءِ اسڪول جي رُوڊ پرنسپال جو چھرو ياد ڪري پاڻ
تي ضبط ڪيائين ۽ عادت موجب ٿڌو ساھ کڻي گرائونڊ طرف وک وڌايائين. اڄ سندس وک ۾ لاڏ
ھو، ڊيل جي چال ھئي.