اڳوڻي وزير جو موت
(مصري ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪاره: نوال السعداوي
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
امڙ
سائڻ! منھنجي مٿي تي ھَٿُ ڦيرِ. منھنجي وارن، منھنجي ڪنڌ ۽ منھنجي ڇاتيءَ تي
ھوريان ھوريان ٿڌڙا ڪڍ. اُئين جيئن تون منھنجي ٻاروتڻ ۾ ڪندي ھئينءَ. ھن دنيا
اندر، تون ئي منھنجي وڃي بچي آن ۽ تو وارو چھرو. جيڪو مان پنھنجي پڇاڙڪن پساھن ۾
پيو ٿو پسان ۽ پسڻ گھران ٿو. منھنجي دل ته گھڻو ئي گھري ٿي ته تون مون کي ڇِڙٻِ ته
مان پنج سال تو وٽ ڇو نه آيس. مگر ڇڙي تون ته نه ھئينءَ، جنھن کي مون وساري ڇڏيو
ھيو. مون ته سڄي دنيا کي وساري ڇڏيو ھيو. حتانڪ مان ته پنھنجي پاڻ کي به وساري
ويٺو ھيم. پنھنجو گھر، پنھنجا ٻارَ ٻچا ۽ پنھنجا سنگتي ساٿي به وساري ويٺو ھيم. مون
کي گولف کيڏڻ جو ڪيڏو نه خفت ھوندو ھيو، ليڪن پنج سال اھا به نه کيڏي سگھيم. مان
ته پنھنجي تنھن ننڍڙي پياري ڌيئڙيءَ کي به نه ڏسي سگھيس، جنھن سان مون کي مڙني کان
وڌ پيار ھيو. منھنجو پنھنجو چھرو! امڙ سانئڻ! مون ان عرصي دوران خود پنھنجو چھرو
نه ڏٺو. تَڙَ تڪڙ ۾ گھران نڪرندو ھيس ته آئيني آڏو رڳو ان ڏسڻ لاءِ ويندو ھيم ته
ٽاءِ ته ٺيڪ ٻڌل آ ۽ قميص ٽاءِ سان ميچ ڪري ٿي ڪن نه! جيڪڏھن پنھنجي چھري تي نظر
پئجي به ويندي ھئي ته ان کي ڏسندو ئي نه ھيم. مان پنھنجي آفيس منجھان يا ڪار جي
شيشي منجھان بازار منجھ ماڻھن جا چھرا ڏسندو ھيس ته تن کي به تڪيندو نه ھيس. اھي
رڙيون ڪري پيا ڳالھائيندا ھيا، تڏھن به ڏانھنِ ڪنُ نه ڏيندو ھيس. ڪار جو ھارُن به
مون کي ٻڌڻ ۾ نه ايندو ھيو، ڀل اھا منھنجي پويان ئي ايندي ھجي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪار منھنجي
مٿان اچي ڪڙڪندي ھئي ۽ مون کي بيھڻو ئي پئجي ويندو ھيو.
