حج اڪبر
ننڍڙي ڪھاڻي
منظور ڪوھيار
ڪکو خان، اڄ ٽپهري ڌارا گھر آيو
۽ چيائين؛ ”صرف چانھ پيئندس، ٻي ڪا تڪليف نه ڪجانء!“
”اڄڪلھ ڊائيٽنگ ٿو ڪرين ڇا؟“ پڇيومانس۔
”ڊائيٽنگ ڪرڻ واري تي لعنت ڪر!“
حج اڪبر
ننڍڙي ڪھاڻي
منظور ڪوھيار
ڪکو خان، اڄ ٽپهري ڌارا گھر آيو
۽ چيائين؛ ”صرف چانھ پيئندس، ٻي ڪا تڪليف نه ڪجانء!“
”اڄڪلھ ڊائيٽنگ ٿو ڪرين ڇا؟“ پڇيومانس۔
”ڊائيٽنگ ڪرڻ واري تي لعنت ڪر!“
مشڪرو
(برازيلي ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: جُوزي بنٽُو مونتيارو لُوباتو
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
(۱)
پيڊرو
لوڪس، حياتيءَ جا ٻٽيھ کن بھارَ ماڻڻ پڄاڻان، سنجيدگيءَ سان ڪجھ ڪرڻ جو سوچي رھيو
ھيو. ھو پنھنجي فطرت ۾، ھڪڙو مشڪرو ھيو. ھيل تائين ته، ڏاتار جي ڏنل انھيءَ ڏات
ذريعي، پنھنجو گذر سفر ڪندو پئي آيو. وٽس رھڻ لاءِ ھڪڙو آرامدھ گھر ۽ اُوچو لباس
مطلب ته ھر سھوليت ھڪي حاضر ھئي. انھن مڙني جا خرچا پکا، ھو پنھنجي فن جي ڪمائيءَ
مان ڪندو ھيو. ڪڏھن مزاحيه شڪليون ٺاھيائين، ڪڏھن لطيفا ٻڌايائين، ته وري ڪڏھن
انگريزن تي ڊونگل اڇلايائين. پيڊرو اصل ۾، ھڪڙو نفسيات جو ماھر ھيو ۽ اڳلي جي
نفسيات آھر، ڪھاڻيون گھڙي وٺندو ھيو.