ڪرپٽ
سيد حبيب الله شاهه
ڪراچيءَ
جي دل جي بيماريءَ جي وڏي انسٽيٽيوٽ اسپتال (NICVD) جو اڱڻ. پنج ماڙ
خوبصورت عمارت جي ٻي ماڙ هيٺ ٺهيل شاندار پورچ ۽ ان جي ڀاڪر ۾ سهڻو ننڍرو پارڪ.
چئوطرف ول چڙهيل، داخل ٿيڻ لاءِ ننڍڙو رستو، جنھن
تي به ڪنڊا وڇايل، جيئن ڪو به داخل ٿي نه سگهي. گلن جي حفاظت
لاءِ ڪنڊا، صدين جي ريت/ روايت، ڪنڊن جي ڪري ئي سائو لان – ناريل ۽ سرو جي وڻن جو
اڻ کٽ سلسلو سنڌ ميديڪل ڪاليج جون هاسٽلون ۽ هوٽل تاج محل، صبح، ٻپهر، شام، رات،
چار پهر، جدا جدا ڪهاڻيون، ڪاڪ محل جي ڪهاڻين کان به وڌيڪ رومينٽڪ! خبر ناهي ته
هتي ڪيترين ڪهاڻين جنم ورتو هوندو ۽ ختم ٿي ويون هونديون.