Wednesday, November 16, 2016

نئين آکيري جي تلاش - تاج جويو

نئين آکيري جي تلاش
نئين لوڪ ڪهاڻي
تاج جويو
زماني جون ستايل، تاسايل هڪڙيون چار خانه بندوش جهرڪيون، ڌار ڌار ڏِسائن کان اُڏامنديون، ‘ڄام نگر’ ويجهو سنڌو درياهه تي اچي پهتيون. کين اُڃ به ڏاڍي لڳي هئي. هنن درياهه تي هڪ ٿَريو ڏٺو، جيڪو به هنن جيان اُڃارو هو، ۽ وڏو پنڌ ڪري درياهه جي ڪنڌيءَ تي صدين جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ پهتو هو. ٿريي ڏٺو ته درياهه جي تانگهي پاڻيءَ ۾ هڪ ڇوڪري وهنجي رهي هئي. هُو اِهو سوچي اُڃارو موٽي ويو ته جيڪڏهن درياهُه لٿو ته ڇوڪري اُگهاڙي ٿي ويندي!


چار ئي جهرڪيون به پنهنجي اُڃ وساري، درياهه جي ڪنڌيءَ تي ويهي رهيون، ۽ ويٺيون هڪ ٻئي کان خبرون چارون پُڇڻ، اُنهن چئن مان ڊِگهي ڳچيءَ ۽ خوبصورت پرن واريءَ جهرڪيءَ پنهنجو اندر هن ريت اوريو:
”اديون! آءٌ ‘سَيتانگر’ جي جهرڪي آهيان، آءٌ پنهنجي ڪيڙَ ۾ خُوش خُوش گذاريندي هيس. شهر جا ماڻهو امن پسند ۽ ڏاڍا ڀلا هئا. هنن ڪڏهن به ڪنهن پاڙي واري، توڙي ڪنهن به جانور ۽ پکي پکڻ کي تنگ نه ڪيو. نه گلوليون کڻي جهرڪين جو شڪار ڪيو ۽ نه ڍٻيون وجهي ڪڏهن ڪا جِهرڪي ڦاسائي. اسان جهرڪين ڪڏهن ڪنهن مسجد جي ڪانِس تي ته ڪڏهن ڪنهن مندر جي ڪَلس تي، ڪڏهن ڪنهن ڇپرَ جي مٿان ته ڪڏهن ڪنهن ماڙيءَ جي ڪُنگرن تي ٽپڪيون ڏيندي، کلندي کيڏندي، آسپاس جي پوکن ۾ ڪڏهن ڪڻڪن جا آڀون کائيندي، ڪڏهن ٻاجهر ۽ جوئر جي سنگن جا داڻا کائيندي، ته ڪڏهن ڪنهن پيڍيءَ اڳيان هاريل اَن جا ڪڻا چُڳي پئي گذران ڪيو ۽ خُوش خُوش زندگي پئي گذاري.
هڪ ڏينهن هڪ خوفناڪ ۽ وحشي باز خبر ناهي ڪٿان اُڏامي اچي ‘سيتانگر’ جهڙي سانتيڪي شهر ۾ پهتو. هن وڏي آواز چرڙاٽ ڪري چيو ته جهرڪين جي ڇا مجال آهي، جو اسان بازن جي اڳيان آزاديءَ سان پيون لامارا ڏين! هن خوفناڪ بازَ جهٽ هڻي ڪيترين معصوم جهرڪين کي کائي ڇڏيو. ماڻهو ويچارا حيرت ڀرين اکين سان هي بيداد ڏسندا رهيا، جيڪڏهن ڪنهن ساڃهه وند ماڻهو اُن خوفناڪ بازَ ڏانهن ڪرڙي اک سان ڏٺو ٿي ته هڪدم بازَ سندس اکين ۾ چنبا ۽ چهنب هڻي کيس بَي نُور ڪري ٿي ڇڏيو. هڪ ڏينهن اُهو باز ٻيا ڪيترائي باز وٺي شهر ۾ اچي پهتو، شهر مٿان بازن تيز رفتاريءَ سان ٽي چار ڦيرا ڏنا، جنهن بعد بازن جي اڳواڻ وڏي آواز چِرڙاٽ ڪري اعلان ڪيو ته ‘هن شهر جو نالو هاڻي ‘سيتاپور’ نه رهندو. سيتا هندوئاڻي هئي، هن شهر جو نالو اڄ کان پوءِ، اُتر ڏِس کان آيل پرديسي پير ‘رحمانيءَ’ جي نالي سان ‘رحماني نگر’ سڏيو ويندو، ۽ اڄ کان پوءِ رحماني نگر ۾ جهرڪين جي آزاد چُرپر تي بندش آهي. اُهي شهر ۾ هم جنس جهرڪَن سان آزاديءَ سان گُهمي فَحاشي پکيڙين ٿيون. اُن ڪري اڄ کان پوءِ، رحماني نگر ۾ ڪا به جهرڪي ٻاهر نڪتي يا ڪنهن جهرڪَ سان گڏ گهُمندي ڏٺي وئي ته اسان جي جهڙپ کان بچي نه سگهندي!” سو، سرتيون! اُن خوفناڪ ۽ ظالم بازَ جي ظلم کان ڀڄي، اڪثر جهرڪيون ديس جي مختلف ڏِسائن ڏي نڪري ويون، ۽ آءٌ خانه بندوش بڻجي، ٿڪجي چُور ٿي، ڪيترن ئي ڏينهن کان تاساري، هتي اچي پهتي آهيان، ٻيو مڙيئي خير!”
اُن کان هڪ ننڍڙي، سُهڻي من موهڻي ۽ سياڻي جهرڪيءَ، چُهنب کولي چيو ته: “جيڏيون! آءٌ ‘ميرپور’ جي جهرڪي آهيان. اسان جو سڄو ويڙهو ٻروچن جو آهي، جن وٽ ڇوڪرين جو آزاديءَ سان گهمڻ، وار ڪٽائي ڇوڪرن وانگي اسڪولن ۾ پڙهڻ منع آهي. هو تعليم جا مخالف هئا. مون کي پڙهندڙ ڇوڪريون ڏاڍو وڻنديون هيون. هو جڏهن سهڻا سهڻا ڪتاب پڙهڻ ويهنديون هيون، ته آءٌ اُنهن جي آڏو ٽيلارا ڪندي هئس ته هو مون کي پيار ڪنديون هيون، مون کي چوڳو ڏينديون هيون، ڪُٽي ۽ چُوري کارائينديون هيون، اوچتو اسان جي شهر ۾ هڪڙو نوجوان ‘سياستباز’ اچي پهتو ۽ اعلان ڪيائين ته هن گُهٽ ٻوسٽ ۽ ٻانهپ واري وايو منڊل ۾  ڇوڪريون ۽ جهرڪيون ڪيئن پيون رهن؟ هن پوئتي پيل ۽ گهٽيل ماحول ۾ هو ٻُوساٽجي مري وينديون. آءٌ کين مشورو ڏيان ٿو ته منهنجي شهر ‘حيدرپور’ ۾ اچي رهن. کين جان ۽ عزت جي سلامتيءَ سان گڏ هر طرح جي آزادي هوندي. ڇوڪرين کي آزاديءَ سان گهمڻ ۽ پڙهڻ جي آزادي هوندي ۽ جهرڪين کي به آسمان ۽ زمين تي آزاديءَ سان اُڏامڻ، گهمڻ ۽ چوڳو چڳڻ جي آزادي هوندي. هن سياستباز جون ترقي پذير ۽ آزاد خيال ڳالهيون ٻُڌي، ڪيتريون ڇوڪريون ۽ جهرڪيون ‘حيدرپور’ اچي پهتيون. ٿورڙا ئي ڏينهن مس گذريا ته اُنهيءَ سياستباز جي ساٿين گهٽَ گهٽَ تي ڍَٻيون کوڙي ڇڏيون. داڻي ۽ دام جي آسري جيڪي جهرڪيون ڦاسنديون هيون، تن کي ڪُهي، ٽانڊن تي سيڪي کائيندا هئا- ته ٻئي طرف آزاديءَ سان پڙهڻ ۽ گهمڻ لاءِ آيل ڀورڙيون ڇوڪريون به محسوس ڪرڻ لڳيون ته ڪي ماڻهو سندن پيڇو پيا ڪن. هڪڙي ‘مهناز’ نالي خوبصورت ۽ ذهين ڇوڪريءَ کي سياستباز جي هڪ ويجهي ساٿيءَ سان زوريءَ پرڻايو ويو. مهناز جي سهيلين ‘چنبيلي’، ‘پرهه’ ۽ ٻين ڇوڪرين گوڙ ڪيو ته هيءَ بي جوڙ شادي آهي ۽ زوريءَ ڪرائي وئي آهي، زوريءَ جو پرڻو نامنظور آهي. اُن تان ‘مهناز’ کي گهر نيڪالي ڏني ويئي ۽ هوءَ اباڻي ڳوٺ هلي وئي. سندس ڳوٺ جو ماحول قبائلي ۽ ٻروچڪو هو، خبر ناهي هوءَ ‘ڪاري’ ڪري ماري وئي، يا ‘ڳاڙهيءَ’ جي روپ ۾ اڃا زندهه آهي. اهڙيءَ ريت اسان جهرڪيون به پنهنجي جان بچائي، مختلف ڏسائن ڏانهن اُڏري ويون سون. اُنهن مان هڪڙي آءٌ، ڀٽڪندي ڀٽڪندي، اُڃاڻل، ٿڪاڻل ۽ اُڀراڻي پيرين هتي درياهه جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتي آهيان. اديون، ٻيو مڙوئي سُک!”
ٽين جهرڪي، جيڪا سڀني کان وڏي هئي، ۽ جنهن جي چهري تي زماني جي ستم ظريفين جا گُهنجَ هئا، گهگهي آواز ۾ چوڻ لڳي: “آءٌ ساهتي پرڳڻي جي هڪ ڳوٺڙي جي رهاڪو جهرڪي آهيان، اسان جي ڳوٺ جو به ٻروچڪو ماحول هو، آءٌ آزاد خيال هئس، اُن ڪري منهنجي اُٿڻي ويهڻي به ‘جهرڪاڻي ماحول’ ۾ پسند نه ڪئي وئي. اُن ڪري آءٌ ‘مائي ڪولاچيءَ’ جي ڳوٺ ۾ وڃي نِڪتس ۽ اُتان ڍومڪيون کائي ‘حيدرپور’ اچي اُتي پهتس ۽ اُتي هڪ ‘گوشي’ ۾ رهان ٿي. پر اُتي جي ‘قاسو پُور’ پاڙي جو پاڻي گندو آهي، ماڻهو ته ويچارا ڪاڙهي پيئن ٿا، پر اسان پکين کي به اُهو ڌپارو پاڻي نه ٿو وڻي، سو اڄ آءٌ به اوهان وانگر هتي اچي پهتي آهيان ته جيئن سنڌوءَ مان ٻه چار چُهنبون پاڻيءَ جون پي اُڃ اُجهايان!”
چوٿين جهرڪي، جيڪا عُمر ۾ سڀني کان ننڍي، پر زرق برق پرن ۽ خوبصورت چُهنب واري هئي، اُن پنهنجو داستان هن ريت ٻڌايو ته:
“سهيليون! آءٌ ‘مٽن واري شهر’ جي هڪ شاهاڻي حويليءَ ۾ ٽپڪيون ڏيندي، حويليءَ جي ڇانو دار گهاٽن وڻن ۾ چهڪندي ٻهڪندي ۽ گيت ڳائيندي وڏي ٿي آهيان، پر حويلين ۾ سيدن جي نياڻين کي آزاد نموني گهُمڻ جي آزادي نه آهي، اُتي ڪيتريون نينگريون اڇن مٿن سان اچي ٿيون آهن، جن جون شاديون نه ٿيون آهن، ڪن ويچارين جا ته قرآن پاڪ سان حق بخشايا ويا آهن. اسان جي شهر جا سيد هونئن ته سُڀاءَ جا سُٺا آهن، پر جهرڪين جي شڪار ڪرڻ جا ڏاڍا شوقين آهن، هر وقت گليليون هٿن ۾ اٿن ۽ وتن وڻن مان جهرڪيون چُٽيندا ۽ ماريندا. آءٌ به اُن ‘شاهاڻي ۽ شڪاري ماحول’ مان جند آجي ڪري، حيدرپور جي هڪ گُلن واري سانتيڪي وستيءَ ۾ رهان ٿي. پر ڪيترن ڏينهن کان مُنهنجي دل اُچاٽ ٿي پئي آهي، هر وقت چَپَ خُشڪ رهن ٿا، شهر جو پاڻي منهنجيءَ اُڃ جو احساس مِٽائي نه سگهيو آهي، اُن ڪري آءٌ به اُڏرندي اُڏرندي، اڄ هتي درياهه تي اچي پهتي آهيان، پر هي ڇا پئي ڏسان؟ هي درياهه ته ڍوريون ڍوريون ٿيو پيو آهي، رُڳو واري پئي اُڏامي. اديون، هلو ته پَرينءَ ٻيٽاريءَ تي هلي پرڙا پُسايون، جتي ٿورو پاڻي ڏسڻ ۾ پيو اچي. اُتي هلي وهنجون به ۽ ٻه ڍُڪ پاڻيءَ جا پي اُڃ اُجهايون!”
هن سُهڻيءَ جهِرڪيءَ جي صلاح تي چارئي جهرڪيون اُڏامي وڃي ننڍڙي ٽوڀي تي پهتيون. ٽوڀي ۾ پِنيءَ ٻوڙ پاڻي مس هو. پوءِ به غنيمت سمجهي، پر پُسائي ڦڙڪائڻ لڳيون ۽ چُهنبن ۾ پاڻيءَ جون بُوندون کڻي، تاس اُجهائڻ لڳيون.
جڏهن سندن اُڃ اُجهاڻي ۽ ڪُجهه سامت ۾ آيون ته گڏجي ‘حيدرپور’ طرف اُڏاڻيون، کين سنجها ٿي ويئي هئي. حيدرپور جي ٿڌين ۽ خماريل هوائن سندن اکين ۾ ننڊ جا کيپ ڀري ڇڏيا هئا ۽ هنن اچي هڪ وڏي ۽ گهاٽي وڻ ۾ آجهاپو ورتو، جتي ٻيون به ڪيتريون جهرڪيون ۽ پکيئڙا آرامي هئا.
سنجها ويلي چار ئي ڄڻيون، وڻ ۾ رهيل ٻين جهرڪين جي چِر چِر تي جاڳيون ۽ ٻين جهرڪين سان حالي حوالي ٿيندي کين ڄاڻ پئي ته هن گهاٽي ڇانودار وڻ جو نالو ‘سڀيتا وڻ’ آهي. هنن خانه بدوش جهرڪين کي گهاٽي ۽ ٿڌي وڻ جو وايو منڊل ڏاڍو وڻيو. اُهو وڻ هڪ باغيچي ۾ هو، جنهن جا ڪيترائي ننڍا وڏا مالهي هئا. هنن کي اها به سُڌ پئي ته هن ‘سڀيتا وڻ’ ۽ باغيچي جي ‘سرواڻ’، ‘ڀنڀور نگر’ جي هڪ خوبصورت مائي هئي، جنهن هن ‘سَڀيتا وڻ’ ۾ جهرڪين، جهَرڪن، ڳيرين، ڳيرن ۽ ٻين پکين کي آزاديءَ سان آکيرا جوڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. اُن کان پوءِ هڪ ٻي سنهڙي سيپڪڙي مائي، ڀنڀور نگر واري مائيءَ جي جاءِ تي هن ‘سڀيتا وڻ’ ۾ هڪڙو سندر ۽ سٻنڌڙو وڏيرڙو آکيرو اچي جوڙيو، جيڪو ٻين آکيرن کان نه رڳو وڏو هو، پر اُتي مختلف پاڙن جون جهرڪيون، جهرڪ، ڳيرا ۽ ڳيريون، مِيٽر، هيڙها، ڪوئلون ۽ ٻيا پکي به اچڻ لڳا. هري هري هن آکيري ۾ جهرڪن ۽ جهرڪين جي راڳ جا مقابلا ٿيڻ لڳا، ميٽرن، هيڙهن، ڳيرين ۽ ڪوئلن جون ڪچهريون ٿيڻ لڳيون. ڀر وارن پرڳڻن مان به ڪيترا ساڃهه وند جهرڪ ۽ جهرڪيون هن خوبصورت آکيري ۾ اچي اندر اورَ ڪندا هئا، ناٽڪ ۽ نِرت ڪندا هئا. هر وقت ميلو متل هوندو هو. هڪ ڏينهن “سڀيتا باغيچي” جو هيڊ مالهي اچي نڪتو، جنهن کي هڪ مَسهو مالهيءَ شڪايت ڪئي ته ‘سڀيتا وڻ’ ۾ چئن خانه بدوش جهرڪين هڪڙو وڏيرو آکيرو جوڙيو آهي، جتي سوين جهرڪ ۽ جهرڪيون اچي شادمانا ڪن ٿا ۽ ٻين پکين اعتراض ڪيو آهي ته سندن آرام ۾ خلل ٿو پوي. ‘هيڊ مالهي’ انڪوائري ڪرائي ته کيس ڄاڻ پئي ته “سڀيتا وڻ” جا سمورا پکي هنن خانه بدوش جهرڪين جي سرگرمين مان خوش آهن ۽ کين برابريءَ سان محفل ۾ شريڪ ٿيڻ جو وجهه ملي ٿو. ‘هيڊ مالهيءَ’ خوش ٿي ‘خانه بدوش آکيري’ جي جوڙيندڙن کي هر قسم جي سهولت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ شڪايت ڪندڙ شرارتي مالهيءَ کي تنبيهه ڪئي ته هو گلائن کان باز نه آيو ته کيس معطل ڪيو ويندو يا بدلي ڪيو ويندو. هن خانه بدوش جهرڪين تان ‘رائر’ به معاف ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ ريت خانه بدوش جهرڪين ڏيڍ سال ۾ چاليهن کان مٿي پروگرام ۽ جشن ڪيا ۽ سڄيءَ سنڌ مان ساڃهه وند جهرڪيون ۽ ٻيا پکي انهن محفلن ۾ شريڪ ٿيندا رهيا.
اوچتو ماحول مٽيو، ‘سڀيتا باغيچي’ جو ‘سرواڻ’، ‘هيڊ مالهي’ ۽ مقامي مالهي نوان مقرر ٿيا. شرارتي مالهيءَ کي هيءَ موقعو غنيمت ٿي آيو ۽ هن ‘سوشل ميڊيا’ جي هڪ گھاگھه سان مشورو ڪري، ‘خانه بدوش آکيري’ جي مهندارن خلاف درخواستون مٿي موڪلڻ شروع ڪيون، جنهن جي روشنيءَ ۾ ‘سڀيتا باغيچي’ جي انچارج مالهيءَ کي مٿان هدايتون (Directives) جاري ٿيون ته ‘خانه بدوش آکيري’ جي مهندار جهرڪين کي نوٽيس موڪليو وڃي ۽ هن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ته:
“اوهان ‘سڀيتا وڻ’ جي پُر سڪون ماحول کي شوريلو بنائي ڇڏيو آهي، پراڻا رهواسي پکي اوهان جي خلاف آهن، ان ڪري جيترو عرصو ‘سڀيتا وڻ’ ۾ آکيرو جوڙي رهيا آهيو، ان عرصي جو ‘رائر’ ڏيو، ٻيءَ صورت ۾ پنهنجو آکيرو ڊاهيو ۽ پنهنجا ڪک پن کڻي وڃو ۽ ‘سڀيتا وڻ’ جون قبضي ڪيل ٽاريون آجيون ڪريو.” چئني جهرڪين ساڃهه وند ساٿياڻين سان مشورو ڪري، پٽ سٽ ڪري مڙهيل ‘رائر’ ادا ڪيو، ۽ ‘آکيرو’ هڪ مهيني تائين پاڙيسري جهرڪين کي ‘امانت’ طور ڏئي، هڪ ڀيرو وري چارئي ڄڻيون اُڏامنديون درياهه تي پهتيون، جتان کان هنن سفر شروع ڪيو هو، کين اڃ به اچي ستايو هو، سو درياهه جي ‘دٻون ۾ وهنجي، اُڃ اجهائي، نئون جوڻ وٺي ڄام نگر جي پُل تي ويهي سوچ ويچار ڪرڻ لڳيون. اوچتو کين درياهه مان ‘هاتفي’ آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
پاڻ مَ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌُ،
لالڻ تنين لَڌُ، عشق جنين جي اڳ ۾!
کين محسوس ٿيو ته اهو آواز ڀٽ ڌڻيءَ جو هو، ۽ پوءِ هُو ڀٽ ڌڻيءَ جي ڏَس تي، ‘عشق کي اڳ’ ۾ ڪري، نئين آشياني جي تلاش لاءِ ڪنهن نامعلوم ڏِس طرف وٺي اُڏاڻيون!


No comments:

Post a Comment