Tuesday, November 15, 2016

امير - ڪمل ڪيولراماڻي، ”پياسي“

امير
ڪمل ڪيولراماڻي، ”پياسي“
خبر ناهي، ته سندس مائٽن مٿس ”امير“ جو نالو ڇو رکيو هو. هو مائٽن کي سِڪيلڌو به ته ڪين هو. کيس هڪ ننڍڙي ڀيڻ به هئي، جنهن کي هو پيار مان ’بلبلي‘ ڪري پڪاريندو هو. بلبلي ۽ امير ٻه ننڍڙا معصوم، ٻه ابهم ۽ ٻيئي ڏاڍا پيارا ٻار هئا. ’بلبلي‘ اڃا ٿڃ پياڪ هئي، ۽ امير جي عمر ٻارنهن سال کن ٿيندي، سندس مٺڙو ڳالهائڻ ۽ مٺڙو ورتاءُ اهڙو ته هوندو هو، جو هو سڀني کي موهي ڇڏيندو هو. البت ڪڏهن ڪڏهن سندس اَبو امان ڇڙٻ ڏيندا هئس، پر هو، انهيءَ کي پنهنجي مشڪ سان ٽاري ڇڏيندو هو. امير مون کي وڻندو هو ۽ منهنجي ونيءَ کي به وڻندو هو، ۽ ائين ئي اسان جي گهر ۽ پاڙي ۾ سڀ ڪنهن کي وڻندو هو. پاڙي جي ٻارن لاءِ امير ڄڻ ته رانديڪو هو. هرڪو پيو پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هئس، ڪي کيس ٽول مٺايون کارائيندا هئا، ته ڪي کيس پنهنجي مائٽن سان گڏ گهمڻ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪندا هئا، ڪي ته وري اهڙا به هوندا هئا، جي سندس حرڪتن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا هئا. امير چلولو به هو، پر سندس چلولائيءَ ۾ به واهه جي هٻڪار هوندي هئي. مون سان ته ڏاڍو هري مري ويو هو. آفيس مان موٽندو هئس، ته ڊوڙندو ڊوڙندو اچي ڄنگهن کي پڪڙيندو هو. مان به هنج ۾ کڻي گهر وٺي ايندو هوسانس، ۽ پوءِ هو پنهنجن حرڪتن جو ورنن ڪندو هو.
”چاچا، اڄ مون ڪرموءَ جي ڳچيءَ تان ماڪوڙي پڪڙي وڌي! ماڪوڙي چڪ پئي پاتس، ته ڪرمو رنو پئي ۽ ان سان گڏ ٽپا به پئي ڏنائين! ان کي ائين ڪندي ڏسي ڏاڍو مزو پئي آيم. سندس روئڻ تي امان اچي ڳچيءَ تان ماڪوڙي پٽي ڪڍيس ۽ پوءِ مان ڀڄي ويس!“


يا وري چوندو هو: ”هو جيڪو کيمن لنگڙو آهي نه؟ اڄ مان ان جو هڪ صوف کڻي وٺي ڀڳس، کيمن لنگڙو به منهنجي پٺيان پيو. هو ته لنگڙو هو نه! پوءِ مون سان پڄي ڪيئن؟ مان ڪجهه پنڌ اڳتي ڊڪي جڏهن صوف ٿي ڏيکاريومانس، ته پاڻ وڌيڪ خار ٿي لڳس، ۽ بڙ بڙ ڪندو وري منهنجي پٺيان ٿي پيو. آخر مان به ٿڪجي پيس، ۽ صوف سندس گاڏي ۾ ڦٽو ڪري، گهر موٽي آيس.“ وري ائين چوندي به نه هٻڪندو هو: ”چاچا! دادا، ماءُ تي ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو ڪاوڙبو آهي. ڪلهه سندس ڪوڪيءَ کي امڙ ٿورو سرس گيهه لڳايو، ته آکڻ لڳس: ’هوند آهر ڪين هلندينءَ؟ اسين ڪهڙا راڄ مڙس آهيون جو هيئن گيهه- ڳرنديون روٽيون کائينداسين! ڪجهه پاسيرو هوندءِ، ته ڪٿي هٿ ٽنگڻو ڪين پوندءِ، چاچا، دادا ٿورو گيهه وڌيڪ کاڌو ته ڇا ٿي پيو؟ سڄو ڏينهن ته نوڪري ٿو ڪري..... امڙ کڻي مون کي اڻ مکيل لولي ڏئي ها!“ ۽ پوءِ ويهندو هو منهنجي منهن ۾ تڪڻ، ته مان کيس ان جو ڪهڙو ٿو جواب ڏيان. مان کيس جواب به ڪهڙو ڏيان؟ ڇا کيس ائين چوان ته تون، تنهنجو دادا تنهنجو چاچا پر اسين سڀ نوڪريءَ وارا شخص وچئين منزل ۾ اچي ٿا وڃون، جنهنڪري نه مزدوري ڪري ٿا سگهون، ۽ نه موٽرن ۾ سير ڪري ٿا سگهون! اسان جي بدن جو هر هڪ عضوو مشين جو پرزو آهي. ڄنگهن ۽ ٻانهن جو ٿڪ ته لهي وڃي، پر دماغي ٿڪ لهي ته ڏاڍو ڏکيو آهي. سَرنديءَ وارا انسان ته هر مهيني خرچن جا چٺا ٺاهي ٺاهي پنهنجي زندگي خرچ ڪري ٿا ڇڏين. سمجهيم ته منهنجو اهو چوڻ هن جي ڪچڙي دماغ تي برو اثر ڪندو، تڏهن ڳالهه کي کل ۾ ئي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم.
”امڙ تو کي ڪيئن اڻ مکيل لولي ڏيندي، تون سندس ’امير‘ جو آهين! امير ماڻهو ته وڏا ٿيندا آهن نه؟“
”ڇا امير ماڻهو بُکيا ٿيندا آهن؟“
”نه، بُکيا نه، پر لاٽ صاحب ٿيندا آهن.“
”لاٽ صاحب ڇا کي چئبو آهي؟“
”جنهن وٽ نوڪر هجن، جيڪو گيهه ٻڏل لوليون کائيندو هجي جنهن وٽ موٽرون هجن.“
”پر چاچا، مون کي جو سڀ امير ڪري چوندا آهن!“
”تون اڃا ننڍڙو امير آهين.“
”مان وڏو امير آهيان، چاچا، تمام وڏو!“ ۽ پوءِ ميز تي بيهي قد ڀيٽائيندي چوندو: ”ڏس چاچا، مان تو کان به وڏو آهيان!“
سندس اهي ٻول مون کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا.
”چاچا، ڏسجانءِ!“ مُٺ ڀڪوڙي، پوري همت سان چوندو: ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس! ڀلا ٻڌاءِ چاچا، ته مان وڏو امير ڪيئن ٿيندس؟“ ۽ مان پيار مان پوءِ کيس هڪ مِٺي کڻي ڏيندو هئس.
هو پوءِ هليو ويندو هو، ٻارن جي جهُنڊ ۾، مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويندو هئس. ٻار ڪهڙا نه پيارا ٿا ٿين! پنهنجي ٻاتڙي ٻوليءَ سان هانءُ ئي ٺاريو ڇڏين! واقعي ٻار هينئين جا هار آهن، ٻار خدا جي نعمت آهن، ٻارن کي خلقيندڙ به ايشور، ته پاليندڙ به ايشور، ۽ جڏهن ايشور سڀني ٻارن تائين پهچي نٿو سگهي، ته ’ماتا‘ جي روپ ۾ هر ڪنهن جي پرگهور ٿو لهي!
ڪيترو نه مٺڙو ٻار هو اُهو امير، ملوڪ هو ملوڪ! ڊولائتو بدن، گول گول چهرو، مٺڙو آواز! ڳالهائيندو هو، ته ڄڻ دل پيئي ٺرندي هئي. سدائين پيو ٽڙندو ۽ ٽهڪندو هو. مون ته ڪڏهن به موڙهيل ڪين ڏٺومانس. ننڍو يا وڏو، ٻار يا ٻڍو-سڀني سان ملي هڪ ٿي ويندو هو. مان جي کيس ڪهاڻي ٻڌائيندي چوندو هئس: ”هڪڙو هو راجا“. ته يڪدم وچ ۾ دخل ڏيندو: ”نه چاچا، اهو راجا نه هو، پر امير هو-امير راجا هو!“ ائين ڀانئبو هو، ته ائين چئي هن ڪا کيپ کٽي آهي.
تنهن ڏينهن ٻارن جي ڪٽڪ مان ڪنهن پاڻ سان نئين ٽه ڦيٿي سائيڪل آندي، امير سائيڪل ڏٺي، هن سائيڪل واري سان کڻي پڪي ياري ٻڌي، پوءِ ان تي سواري ڪري، ڄاڻي ٻُجهي ٻارن جي جهنڊ مان پوش پوش ڪندو، نڪري ويندو هو. هو چوندو هو ته: ”سائيڪل منهنجي ريل گاڏي آهي، منهنجي موٽر آهي، منهنجو هوائي جهاز آهي.“ ۽ ائين چوندي هو سائيڪل کي تڪڙو تڪڙو هلائڻ شروع ڪندو هو. سندس دوست موهن، صرف پٺيان ئي ويٺو هوندو هو. جيڪڏهن هن جي اڳيان ڪو ٻار اچڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته امير ان کي رعب سان وٺي ٿيلهو ڏيندو هو، يا جيڪو سائيڪل کي پٺيان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو ‏ ته امير ان کي به هڪ- ٻه گُٿو اکر چئي ويهندو هو. امير ائين سمجهندو هو، ته سائيڪل موهن جي نه، پر سندس جي آهي.
سائيڪل تي چڙهڻ جي اُجوري ۾، امير، موهن کي پنهنجي خرچيءَ مان ٽول به وٺي کارائيندو هو. بعضي جي ماءُ ماني کائڻ لاءِ سڏ ڪندي هئس، ته هو موهن کي به پنهنجي منهن نينڍ ڏيندو هو. ٻنهي جي ٻاراڻي دوستي آهستي آهستي وڌندي رهي. ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ هڪ بيجان شيءِ ٻن جاندار هستين کي ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. موهن، امير جي سائيڪل هلائڻ مان ارهو به ڪين هو. هونئن به ٻارن کي ڪهڙي سُڌ ته نفاق ڇا ٿيندو آهي، هڪ پيار ڏنو، ٻئي ان جي موٽ ڏني، ته اهائي هڪ ٻئي ۾ ٻِـڌي ٿي، ۽ جيستائين اُها ”ٻڌي“، هلندي هئي، ”ڪِٽيءَ“ جو نالو ڪير ڪين وٺندو هو. موهن ۽ سائيڪل کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ امير ٻين ٻارن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ به شروع ڪري ڇڏيو. ”پري هٽ“ چئي، جڏهن سائيڪل کي اڳيان وڌائي ويندو هو، ته کيس هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي ۽ اها خوشي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڄڻ ته هن ساري دنيا تي فتح پائي ڇڏي آهي. ائين ئي هاڻي هو ڪنهن جي اهل ڪرڻ شروع ڪندو هو، ته ڪنهن سان مخاطب به ٿيندو هو، ڪنهن کي چهنڊڙي پائيندو هو، ته ڪنهن کي ٺونٺ هڻي پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مان به جي سڏ ڪري گهمڻ وٺي هلڻ لاءِ چوندو هوسانس، ته يڪدم ”هٽ پري“ چئي،  سائيڪل تي چڙهي، اڳيان وڌي ويندو هو. پنهنجي ماءُ، دادا، ۽ بلبليءَ کي به هو سائيڪل جي روپ ۾ ئي ڏسندو هو، ڄڻ ته سائيڪل ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي! هڪ دفعي سائيڪل منهنجي اڳيان گذاريندي چئي ڏنائين: ”ڏس چاچا، مان وڏو امير لڳان ٿو نه؟“ سندس ائين چوڻ مان سندس خواهشن ۾ مون کي سندس زندگي ٽڙندي ٽهڪندي ڏسڻ ۾ آئي.
”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس، ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس ۽ موٽر رکندس!“
هڪ دفعي جڏهن امير اڪيلي سر سائيڪل هلائي رهيو هو، ته موهن سامهون اچڻ جي ڪوشش ڪيس، عادت موجب امير کيس به چئي ڏنو: ”پري هٽ“، پر موهن لاپرواهه هو.
”پري هٽ موهن! منهنجي موٽر سان ٽڪر نه کائين!“ پر موهن ڪو ڌيان نه ڏنو، امير جيئن ئي سائيڪل جو هٿيو ڦيرائي، سائيڪل جو طرف ٿي بدلايو ته سائيڪل اونڌي ٿي پئي ۽ امير سائيڪل تان ڪري پيو. امير ڪاوڙجي موهن کي چهنڊڙي پائي ڪڍي، ٻارن جي ”ٻَڌي“ ”ڪِٽيءَ“ جو روپ اختيار ڪيو.....
”هيءَ سائيڪل منهنجي آهي ۽ مان ئي ان جو مالڪ آهيان!“ موهن چيو.
”پري هٽ! تو کي هيءَ سائيڪل هلائڻ به ته مون سيکاري آهي؟“ ”نٿو هٽان! تون منهنجي سائيڪل کي هٿ نه لاءِ!“
”لائيندس! اجهو لايان ٿو...... ٻڌاءِ ڇا ڪندين؟“
”هٿ لائيندين، ته مان تنهنجي دادا کي دانهن ڏيندس!“
”دانهن ڏيندين، ته ماريندو ساءِ!“
”وڏو آيو آهي مار ڏيڻ وارو! پڻهين کي چئو، ته سائيڪل وٺي ڏي!“
”پڻهين جا پٽ!“
پوءِ ٻئي ٻار اچي پاڻ ۾ وڙهيا. ويڙهه ۾ ٻنهي ٻارن کي ڌڪ لڳا. موهن امير جي مائٽن کي دانهن ڏني. شيوڪ رام کي امير جي اڙٻنگاين جي ڪا اها پهرين دانهن ڪانه ملي هئي، ڪرمو ۽ کيمن لنگڙي به دانهون ڏنيون هيون، پر هر وقت ماءُ جي گود پڪڙي، امير پيءُ جي ڪاوڙ کان بچي ويو ٿي. ليڪن اڄ ته گهر ۾ گهڙڻ سان ئي امير سائيڪل گهُــرڻ جي رٽ لڳائي ڏني.
شيوڪ رام پوريءَ پُــنيءَ وارو شخص هو. اڪائونٽ جنرل جي آفيس ۾ مٿئين طبقي وارو ڪلارڪ هو. ڪل ڏيڍ سؤ روپين جي پگهار مان گهر جو ڪارخانو هلي، يا امير جي سائيڪل اچي؟ وچئين ڪلاس وارن لاءِ ٻاهريون ڏيک به ته ضروري آهي. وري گهر ۾ ڇا نٿو گهرجي؟ اڄ ٿڌڙي ٿي، هولي يا ڏياري آئي، ته ڀينرن کي ڏهه- پندرنهن رپيا موڪلڻا پوندس، سڀاڻي آفيس جي ڪنهن عملدار جي بدلي ٿيندي، ته اتي به پارٽيءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پيسا ڏيڻا پوندس، گهر ۾ به ڪجهه نه ڪجهه کُٽوئي پيو هجي..... پوءِ ڀلا سائيڪل لاءِ پئسا ڪٿان اچن؟ شيوڪ رام سوچيندو رهيو ۽ ائين ئي سندس چهري جي رنگ ۾ تبديليون اينديون رهيون، مجبوريءَ هن جي جذبن ۾ هڪ اهڙو انقلاب آندو جو هو امير کي پنهنجو نور چشم نه پر هڪ بدمعاش، لُچ ۽ بي مڃت پٽ سمجهڻ لڳو. انهيءَ ڌُن ۾ هو پنهنجي ممتا کي به وساري ويٺو ۽ جيئن ئي امير پيءُ اڳيان اچي چيو ته : ”دادا، مون کي سائيڪل کپي.“ شيوڪ رام سندس ڳل تي هڪ چماٽ وهائي ڪڍي.
امير کي چماٽ لڳي، ته هو رُنو ڪين، خاموش پنهنجي ڳٽي کي مهٽيندو، وڃي کٽ تي سمهيو. امير جي ماءُ به هيءُ سڀ ڪجهه ڏٺو. پر هن ڪجهه به ڪڇيو ڪين، ڇا ڪڇي؟ هو گهر جي حالتن کان بخوبي واقف هئي. امير سمهي پيو ۽ شيوڪ رام گهر کان ٻاهر نڪري ويو. امير کي ننڊ اچي وئي، هن جون اکيون بند هيون، پر تمنا بند ڪانه هئي. هن کي سائيڪل ئي کپندي هئي ۽ سائيڪل ۾ ئي هن کي سڀ ڪجهه ملي ٿي ويو.
رات جو دير سان شيوڪ رام گهر موٽيو. امير جي ماءُ امير کي گود ۾ کنيو ويٺي هئي، امڙ جو منهن پنهنجي لعل ڏي هو. اکين ۾ ڳوڙها هئس، شيوڪ رام جي دل ڀني، هو مُنجهي پيو. هن امير جي بدن کي هٿ لاتو، مچ بخار جا چڙهي ويا هئس، ڊاڪٽر آيو ۽ مان به آيس، ڊاڪٽر دوا ڏني ۽ پٽي رکڻ جي هدايت ڪيائين. مون پٽي رکڻ شروع ڪئي.
رات جو دير سان امير جو بخار گهٽيو. ماءُ کيس دوا ڏني، امير اٿي ويٺو ۽ هن دوا جو پيالو هٿ ۾ ورتو. هن دوا جو پيالو وات تائين آندو پر وري هٽائي ڇڏيائين. ماءُ کيس دوا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي، ته کيس هٿ کي ڇٻي ڏنائين، هن دوا پيئڻ نٿي چاهي. هن پنهنجي حالت سڌارڻ نٿي چاهي. مون به سمجهايومانس، صرف ايترو چيائين: ”چاچا، مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي.“ سندس انهيءَ جملي شيوڪ رام ۽ ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا.... ۽ پوءِ امير دوا جو پيالو وٺي کڻي ڦٽو ڪيو، دوا هارجي پيئي ۽ پيالو ڀڄي پيو.
پيالي جي انهن ٽڪرين ۾ مون کي امير جو احتجاج ڏسڻ ۾ آيو: ”مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي!“ امير جي زندگيءَ جي آس، طرف بدلايو. سندس ارادن جي ٻئي پاسي مون کي ائين ڏسڻ آيو، ڄڻ ته امير چوندو هجي: ”مون کي زندگي نه کپي، مون کي سائيڪل کپي! سائيڪل ئي منهنجي زندگي آهي. سائيڪل ئي منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي، سائيڪل هٿ ڪري مان موهن سان ٽڪر کائي سگهندس، مان کيس شهه ڏيندس، مان زندهه رهڻ چاهيان ٿو، ته صرف سائيڪل لاءِ، هن زندگي لاءِ نه- هن دوا پيئڻ لاءِ نه- نه نه وري دادا، ماءُ، چاچا يا بلبليءَ لاءِ!“
ڪجهه وقت کان پوءِ امير وري اک کولي: ”امان! پاڻي.“ هن پڪاريو. ماءُ کيس پاڻي ڏنو، امير پاڻي پيتو، سندس ماءُ دوا جو  ٻيو وزن ڏنو، امير داو پي ويو. اسان کي آٿت آئي. دوا پي هن پيالو مون طرف وڌايو، خالي پيالي ۾ مون کي امير جي زندگي هاڻ ٻهڪندي نظر آئي. امير هينئر زندهه رهڻ چاهيو ٿي- زندگيءَ لاءِ ۽ ان سان گڏ سائيڪل لاءِ! امير زندهه رهندو، سندس خواهشون حقيقت جو پوش اوڍينديون، سندس اميدون اُماس جي اونداهيءَ کي چيري هينئر چندرما جي سهائيءَ ۾ چمڪنديون ۽ ان سان گڏ سندس دادا، سندس ماءُ بلبلي ۽ مان.... مان ڪجهه وڌيڪ سوچي نه سگهيس.
امير هينئر پورن وقتن تي دوا پيئندو هو. هر ڪنهن جي چئي ۾ هو، ڪِري به ڪندو هو- ڄڻ ته ڏنگاين ۽ اڙٻنگاين کان هن بلڪل ئي پاسو ڪري ڇڏيو. ائين ئي نوبنو ٿيندو ويو. نوبنو ته ٿيو، پر سندس جيون ۾ مون کي هاڻي ڪافي تبديلي نظر آئي. هاڻ هو نه ڪنهن کي چيڙائيندو هو ۽ نه سائيڪل لاءِ ٻين سان وڙهندو هو، نه ڪنهن گاڏي واري کي تنگ ڪندو هو ۽ نه  ڪنهن جي ڪنڌ ۾ ماڪوڙيون وجهندو هو. گهر ۾ سانت ته ٻاهر به سانت، البت پڙهڻ تي وڌيڪ چاهه ڏيندو هو. سمجهيم ته هن پنهنجي منزل جي راهه ڳولي لڌي آهي. اهو سڀ ويچاريندي مون کي امير جا اکر ياد اچي ويندا هئا: ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس، ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا  کائيندس، موٽر رکندس!“

شيوڪ رام تنهن ڏينهن امير کي چماٽ هنئي، سندس انهيءَ چماٽ امير جي آئيندي کي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪرڻو بڻي. شيوڪ رام خود به هڪ دفعي چئي ويٺو: ”منهنجو امير ضرور هڪ ڏينهن وڏو امير ٿيندو!“ ۽ ائين چوندي، سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙندا، سندس ڳلن کان ٿيندا، سندس قميص ۾ جذب ٿي ويا.

No comments:

Post a Comment