ڪير ٿو
ڪنھن لاءِ مري
هندوستان جي راجا جي ڪهاڻي
آدرش
هندوستان تي هڪ راجا راڄ ڪندو هو. هن جو نالو ”ڀرتري هري“
هو. هو هڪ سخي، ديا وان ۽ هڏڏوکي مڙس هو.
راجا جي وني ڏاڍي سهڻي هوندي هئي. اهڙي ڄڻ وڄ هجي. راجا هن
جو بدن ڏسي ٺرندو هو. راڻيءَ جو بدن به نرم ۽ گرم هوندو هو. ڀرتري هري هن ڏانهن پيو
نهاريندو رهندو هو ۽ ڍاپندو ئي نه هو. هن جي اندر جي اُڃ نه لهندي هئي.