Monday, January 5, 2015

ڌوٻيءَ جي بهادري - همايو حفيظ

ڌوٻيءَ جي بهادري
همايو حفيظ
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ ڌوٻي رهندو هو، ڳوٺ وارا کيس بيوقوف سمجهندا هئا. کيس پاڻ کان هميشه پري رکندا هئا. هي ويچارو به پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندو هو ۽ سڄو ڏينهن واهه ڪناري پيو ڪپڙا ڌوئيندو هو.
هڪ ڏينهن هڪ ڌوٻي واهه تي ڪپڙا ڌوئي رهيو هو. کيس اُتي ئي رات پئجي وئي. ويتر جو اچي وڏ ڦڙو مينهن وٺو ۽ سندس ڌوتل ڪپڙا به مينهن ۾ خراب ٿي ويا هئا. هي ويچارو اچي پريشان ٿيو. پنهنجا سمورا ڪپڙا کڻي اچي هڪ وڻ هيٺان ويٺو. هن سوچيو ته؛ ”ڀلا مينهن بند ٿئي ته پوءِ ڳوٺ ٿو وڃان. سڀاڻي وري اچي سڄو ڪم لاهيندس.“


مينهن جڏهن بند ٿيو ته هن به ڳوٺ وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ پنهنجي گڏهه کي ڳولڻ لڳو. هن جو گڏهه مينهن ۽ طوفان ۾ ڪيڏانهن ڀڄي ويو هو. هن کي هڪ جانور نظر آيو. هن سمجهيو ته اهو ئي سندس گڏهه آهي. کيس ڏاڍي مار ڏنائين. پوءِ پنهنجي هڙ پٺيءَ تي رکي، پاڻ به مٿس چڙهي ڳوٺ ڏي ورانو ٿيو... . کيس اها به خبر نه پئي ته هي گڏهه نه پر شينهن جي سواري ڪري رهيو آهي. گهر پهچي ڌوٻيءَ شينهن کي دروازي وٽ ٻڌي ڇڏيو ۽ پاڻ ڪپڙا سولا ڪري سمهي رهيو.
صبح جو سوير ڌوٻيءَ جي زال ڏسي ته دروازي تي شينهن ٻڌو پيو آهي. هوءَ ڊوڙي اندر وئي ۽ ڌوٻيءَ کي ننڊ مان اٿاري چوڻ لڳي: مُئا! رات ڪهڙي جانور کي جهلي آيو آهين؟ ٿورو اٿي ڏس ته سهي! ڌوٻي تڪڙو ٻاهر نڪتو ۽ دروازي تي شينهن کي ٻڌل ڏسي خوف مان پوئتي ڪري پيو. هوڏانهن سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر پکڙجي وئي ته ڌوٻي شينهن کي پنهنجي گهر ۾ ٻڌو آهي. اها خبر جڏهن بادشاهه تائين پهتي ته بادشاهه به ڌوٻيءَ جي گهر شينهن ڏسڻ آيو. بادشاهه ڏٺو ته هي اهو ئي شينهن آهي، جنهن سڄي تر ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. بادشاهه ڌوٻيءَ جي بهادريءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. کيس پنهنجي فوج جو سپهه سالار مقرر ڪيو (جيڪو ان وقت جو سڀ کان وڏو انعام هيو). هاڻي ته ڌوٻي ۽ سندس زال ڏاڍي آرام سان زندگي گذاري رهيا هئا.
هڪڙي دفعي ڪنهن ٻي رياست جي بادشاهه هنن جي ملڪ تي حملو ڪيو، بادشاهه پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن کي گهرايو ۽ فوج کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو. سڀني وزيرن ۽ مشيرن فوج جي اڳواڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. نيٺ بادشاهه انهيءَ ڌوٻيءَ کي گهرايو ۽ فوج سندس حوالي ڪئي. ڌوٻيءَ بادشاهه کي چيو: آئون اڪيلي سر دشمن جي فوج سان وڙهندس، مون سان ٻيو ڪير به گڏ نه هلندو. بادشاهه به اها ڳالهه مڃي ۽ ڌوٻيءَ کي چيو: هاڻي سموري فوج تنهنجي حوالي آهي، پر وري به جيڪا تنهنجي مرضي. ڌوٻي بادشاهه کان اجازت ورتي ۽ گهر ڏانهن روانو ٿيو.
ڌوٻي بادشاهه سان واعدو ته ڪري ويٺو پر هن جي دل ۾ ڏاڍو خوف هو. ڌوٻي گهر آيو ۽ پنهنجي زال سان سموري ڳالهه ڪئي. سندس زال به ڏاڍي پريشان هئي ته آخر هن مصيبت کي ڪيئن منهن ڏجي. ايتري ۾ بادشاهه پنهنجي غلام کي پنهنجو خاص گهوڙو ڏئي ڌوٻيءَ ڏانهن روانو ڪيو ته دشمن جي لشڪر جي خبرچار وٺي اچي.
ڌوٻي ويچارو سڄي عمر گهوڙي تي نه چڙهيو هو، سو بادشاهه جو گهوڙو ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي ويو. هن کي هڪ اٽڪل سُجهي آئي. هن سوچيو؛ ”جڏهن مون بي خبر ٿي، شينهن مار ڏني ۽ هو مون سان سڌو ٿي هليو هو. جيڪڏهن مان دشمن ڏي، شينهن تي چڙهي وڃان ته ڪجهه اثر ضرور پوندو.!!“ هن غلام کي چيو ته؛ ”هي گهوڙو تون پاڻ وٽ رک ۽ مون وٽ پنهنجي سواري آهي.“
هن غلام کي روانو ڪري، هڪ ٿلهو ڏنڊو کڻي، شينهن کي پهرين کان به وڌيڪ مار ڏني. شينهن سوچيو ته؛ هيءُ ته ڪو اسان کان به وڏو ظالم آهي، جو مون جهڙي جهنگ جي بادشاهه سان اهڙو حشر ڪيو اٿس.
ڌوٻيءَ جڏهن شينهن تي چڙهيو ته شينهن سڄي جنگ واري ميدان ڏانهن ڀڄڻ لڳو. اڳيان رستي تي ڪجهه ٻيا به شينهن ويٺا هئا، جن ڏٺو ته اسان جي بادشاهه جو اهڙو حشر ٿي رهيو آهي ته اسان جو ڇا لقاءُ ٿيندو.!! سو اهي به ڌوٻيءَ جي پٺيان ڀڄندا آيا.
ڌوٻي جڏهن شينهَن سوڌو دشمن جي فوج کي ويجهو پهتو ته دشمن جي فوجين ڏٺو ته هڪ همراهه شينهَن جي فوج وٺي اسان سان مقابلو ڪرڻ پيو اچي ته هنن کي ڏاڍو خوف ٿيو ۽ هنن پنهنجي سردار کي چيو: ”اسين اهڙي بهادر بادشاهه سان ڪو نه وڙهنداسون، جيڪو شينهَن جي فوج وٺي پيو اچي.“ انهيءَ تي سردار هڪدم فوجن کي واپس وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ خط لکي پنهنجي تنبوءَ ۾ رکي پاڻ به روانو ٿيو. خط ۾ لکيل هو ته؛ ”اسين آئيندي وري ڪڏهن به اوهان جي ملڪ تي حملو نه ڪنداسين!“ اتي ڌوٻيءَ جو فوج کي واپس ويندي ڏٺو ته سوچيائين ته؛ ”منهنجي اٽڪل ڪم اچي وئي آهي. هاڻ ڇو نه دشمن جي فوج کي وڌيڪ ڊيڄاريان!“ ڌوٻيءَ ڇا ڪيو جو شينهَن کي رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته؛ ”هنن مان هڪ کي به نه ڇڏجو. سڀ فوجي کائي وڃجو.“ فوجين سوچيو ته؛ ”هي وڏو ڪو ظالم آهي، اسان کي شينهن کان کارائيندو.!!“ سو ڊپ مان وٺي ڀڳا، وري انهن انهيءَ ملڪ ڏي نهاريو به ڪونه... .
ڌوٻيءَ شينهن مان هٿ ڪڍيا ۽ انهيءَ تنبوءَ وٽ بيهي رهيو. شينهن به ڀڄي ويا هئا.
ڌوٻيءَ اهو خط کڻي بادشاهه تائين پهچايو.
بادشاهه کي به خبر پئجي وئي؛ دشمن جون فوجون سچ پچ واپس هليون ويون آهن. انهيءَ تي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. بادشاهه هن کي ڏاڍي عزت ۽ مان سان پنهنجي ڀرسان ويهاريو. کيس پنهنجي ملڪ جو سڀ کان اعليٰ وزير مقرر ڪيو.
ان ڏينهن کان پوءِ جتي ڪٿي ڌوٻي جي بهادريءَ جي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون ۽ ماڻهو هن کي عزت ڏيڻ لڳا.

No comments:

Post a Comment