Monday, January 5, 2015

ننڊ نه اچڻ جو ڪارڻ - سعيد سومرو

ننڊ نه اچڻ جو ڪارڻ
ڪھاڻي
سعيد سومرو
”توهان کي ته خبر آهي. زال مُئي سال ٿيا هوس. ويچاري کي چار نياڻيون هيون. الهه بخشيس ... وڏي ويئي پاڙي جي مانڊيءَ واري سان ڀڄي ... ٽئين ۽ ٻئينءَ موبائيل فونن تي گھر ۾ پئي يار گھرايا! پڻهس پڪتو ته چيائون ٿي، ’دوستَ‘ آهن...! هئه ڙي نوان زمانا....!“
ڪٻاڙي دوست ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.


”اسان هوندا هئاسي، پراڻي ڄائين ڏانهن اک کڻي نه ڏسندا هياسي ... نه ئي وري اُهي ئي حيادار ڪڏهن بنا پردي گھر کان ٻاهر نڪرنديون هيون ... هيءُ آهي اڄوڪي دؤر جو حالُ .... گھرن ۾ پيون يار سڏائين ... انهن افعالن تي هن ننڍيءَ ڌيءُ کي ننڍي ڀاءُ وٽ رهايو . چوندا آهن ته رنگُ مٽجي پر عادت نه مٽجي ... ٻه ٽي ڏينهن ٿيندس جو ملڻ ويس ته ننڍي ڇوري به پيٽ سان هيس .... ويچارو جھڙو موٽيو تهڙو نه موٽيو ...“
منهنجو هانءُ ڪچو ٿيڻ لڳو. مان ڪٻاڙي دوست جي صندلي تان اُٿيس ته هن پڇيو: ’ڪاڏي يار! هاڻ ته آيو آهين ... چانهه ته پيئون وڃ!“
”نه مون کي ننڊ ڦٽائيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ نه گھرجن.“
هُن پويان گھڻا ئي سڏ ڪيا پر آئون هوا جو هٿ وٺي، خاموش خاموش، گاڏين کان پاڻ بچائيندو، رستي جي رهيل فٽ پاٿ کي ڇهندو، ننڊ لاءِ ڪنهن مٺيءَ ڪهاڻيءَ کي ڳوليم پئي ته اخبار واري جا هوڪا ڪن پيا.
’شهدادپور ۾ ستن سالن جي ٻارڙيءَ سان ٻن ڄڻن جو ڪارو مُنهن ....
لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙو ....
قنبر مان ٽي اغوا ...“
اخبار وارو ڇوڪرو هوڪا ڏيندو منهنجي اڳيان اڳيان گذريو. مون کي وائڙن وانگر اخبارن ڏانهن ڏسندي، بيٺي پير ئي پڇائين: ’سائين! اخبار کپي ڇا!؟‘
مون ڇرڪندي ’هونهن‘ ڪري هُن ڏانهن ڏٺو. سانوري رنگت، پوريل اکيون، وکريل وار، ميري قميص ۽ ڪيترن ڏينهن کان منهن نه ڌوتل. ... اف! منهنجو ايندڙ نسل .... هيءُ..!؟
’ڪاوش ... سچ ... ڪوشش .... سنڌ ... جيڪا چئو ...!‘ هن وري ڳالهايو.
مون اکين تي نظر جو چشمو ٺاهيندي، روڊ کان ويندڙ گڏهه گاڏي تي ويٺل مايوس شخص ڏانهن ڏسندي هاڪر کي چيو . ’’نه پُٽ .. مون کي اخبار نه گھرجي، اخبار ۾ رڳو ڏکن جون خبرون اچن ٿيون ۽ مان ڏک سهڻ جھڙو ناهيان رهيو ....!‘‘
’سائين! اخبار وٺندوَ ته مون کي روپيو بچندو. مون کي امان جون دوائون وٺڻيون آهن سائين!‘
منهنجو هانءُ اُٻڙڪو ڏيئي ڄڻ پيرن ۾ اچي ڪريو. مون تڪڙ ۾ کيسي ۾ هٿ هنيو ته رڳو ٻه روپيا مس هئا. ڇوڪرو مون کي ائين وساميل ڏسي سمجھي ويو.
’پٽ! مون وٽ پيسا ڪونهن، تون هيءُ ٻه روپيا رک ...! مون هٿ هن ڏانهن وڌائيندي چيو.
’’نه سائين!‘‘ ڪري هن هلڪڙي وک اڳتي کڻندي جھيڻو هوڪو ڏنو. ’س ... چ ... سن ...ڌ...‘
مون کي لڳو ته ڄڻ مان گورڪن ٿي ويو آهيان ۽ ڪي قبرون کوٽڻ ۾ مصروف آهيان.
روڊ تان لهندي سامهون سريچند سوناري جو ننڍو پٽ ملي ويو. نوڙي ملڻ سان چيائين؛ ”ڇو سائين ...! مُنهن جو پنو ئي لهي ويو اٿوَ ... ڪا پريشاني آهي ڇا!؟
مون سان گڏ وک کڻندي، هن هجت مان ڳالهايو.
ها پٽ ...! ٻن ٽن ڏينهن کان ننڊ نٿي اچي ...!“
مون هن جي عمر کي نظر انداز ڪندي ساڻس دل جو احوال اوريو.
’’ڇو ڀلا ... ڪو پرابلم آهي ڇا!؟‘‘ هن وڏڙن وانگر سنجيده ٿي ڳالهايو.
’نه ... نه ائين ئي ....‘
’ائين ئي ڪئين سائين ...! ڪجهه ته هوندو!‘ هن ’ڪجهه‘ لفظ تي زور ڏيندي چيو.
مان کيس ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رکندي چيو.
’’بس ... سمهان ٿو ته ڀوائتا منظر اکين اڳيان ٿا ڦرن ... هر طرف خودڪش بمبار ٿا نظر اچن ... جرگن جا اجتماعي ريپ ... آزاديءَ جا کوکلا نعرا ... بک هڙتالون ... گوليون ... بي عمل ليڊرن جون بڪواس تقريرون .... غريبن جون رڙيون ...ٽڪي پيسي لاءِ ذليل ٿيندڙ عورتن جون بددعائون ... بچايو بچايو!‘
’سائين هاڻي رٽائر ٿيو. توهان کي آرام جي ضرورت آهي!‘ هن صلاح ڏيندي چيو. ’ٻيو نه ته ... اسٽور تان ٻه ننڊ جون گوريون وٺي ڇڏيو ...!‘
’نه ٻچا! اُهي گھڻيون نقصان ڪار آهن ... ماڻهوءَ جي صحت تباهه ....‘
’ڇڏيو سائين! ڇڏيو ... مان ٻه چار رات جو کائي پوءِ سمهندو آهيان .. صبح جو ڪو ٿڪ ئي ناهي هوندو ...!‘
هاڻ مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو. سهڻي ڳٽور ڇوڪري جي اکين جي چوڌاري ڪارا داغ نمايان بيٺل هئا. ڪچي عمر ۾ ننڊ جون گوريون .... يا خدا! ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي!؟
’ڇو پٽ ...! توتي ڪهڙا بار پيا آهن جو هاڻ ئي ننڊ جون گوريون کائي پوءِ ٿو سمهين؟‘ مون هن کان اڌ حيرت مان پڇيو.
جيڪو هاڻ وڌيڪ سنجيده ٿي ويو هو.
’نه پڇو سائين ...! وڏ گھراڻي اولاد .. ڪئين بگڙجي، سنورجي، زنده رهندي آهي!؟ اها ڪهاڻي ٻي دفعي ٻڌائبي توهان کي ...‘ هن سامهون ايندڙ هوٽل تي پير جھليندي چيو: ’سائين موڪلاڻي ناهي ... شو جو ٽائيم ٿي ويو آ!‘

آءٌ اڃان هن ڏانهن تعجب وچان ڏسي رهيو هوس، ته هو سامهون هوٽل ۾ هليو ويو. جتي چوويهه ڪلاڪ اخلاق کان ڪريل فلمون هلڻ اولين فرض سمجھيو ويندو آهي. مون کي پنهنجي نئين نسل جي ڪوري ذهن تي سوچيندي عجيب وحشت ٿيڻ لڳي. مون چڙ مان هوٽل ڏانهن ڏٺو، جيڪو ڀريل سينما جو ڏيک لڳي رهيو هو. هوٽل اڳيان بيٺل ڏسي، هڪڙو سڃاتل، نظرن جي عجيب رنگ سان ڏسندو گذريو ته مون شرم کان وک اڳتي کڻي ڇڏي.

No comments:

Post a Comment