Monday, July 9, 2012

هندستاني انگريز - خوشونت سنگهه طفيل مگسي


هندستاني انگريز
خوشونت سنگهه
طفيل مگسي
سر موهن لال وڏي ٺٺ سان ويٽنگ روم جي آئيني ۾ پنهنجي صورت ڏٺي پر آئينو پراڻو هو، ان طرح هن آئيني تي ٺٺول ڪندي چيو، ته تون به هندستان جي هر شيءِ جيان خراب آهين، ان کانپوءِ هن رڙ ڪئي “ڪو آهي؟”


هڪ بيرو ڊوڙندو آيو، هن آرڊر ڏنو “هڪ ننڍو”
ٻاهر پليٽ فارم تي سندس زال لڇمي ان جي سامان وٽ ويٺي ٽرين جي انتظار ڪري رهي هئي. گرمي جي سبب کان هوءَ هڪ اخبار وٽي سٽي پکي جيان هڻي رهي هئي، سندس وات ۾ پان جي رس هئي، جنهن کي هوءَ چٻاڙي خوب مزو وٺي رهي هئي. هن جون ٻانهون چوڙين سان ڀريل هيون، اوچتو اُتان هڪ ڪولهي گذريو، جنهن کي لڇمي ڏسندي ئي پڇيو “زنانو دٻو ڪٿي اچي بيهندو؟”
ڪولهي وراڻيو “پليٽ فارم جي بلڪل پڇاڙيءَ ۾”
ٽرين اچڻ کان پهرين ڪولهي لڇمي ۽ سندس سامان کي پليٽ فارم جي پڇاڙي ۾ پهچائي ڇڏيو. لڇمي هن کي واپس ويندي ڏسي ڪري پڇيو “ڇا ٽرين ۾ گهڻي رش هوندي آهي؟”
“اڄڪلهه هر ٽرين ڀريل ايندي آهي پر توکي زناني دٻي ۾ جڳهه ملي ويندي.”
لڇمي اهو ٻڌڻ کانپوءِ پنهجون مانيون ڪڍيون ۽ ان تي انبن جي کٽاڻ رکي کائڻ لڳي. ڪولهي هن کي ڏسندو رهيو ۽ چيائين “ڇا تون اڪيلي آهين؟”
“نه جناب! منهنجو مامو مون سان گڏ آهي. هو وڏو سرڪاري آفيسر آهي، هو انگريزن سان گڏ رهندو آهي ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪندو آهي، مان جاهل آهيان نه، ان ڪري هو مون کي پاڻ سان گڏ ناهي ويهاريندو ۽ مان انٽر ڪلاس ۾ سفر ڪندي آهيان.”
لڇمي کي سر موهن لال گهڻو نه وچڙندو هو، ڇو ته هوءَ اڻ پڙهيل هئي ۽ ان سان گڏ سوسائٽي ۾ اٿي ويهي نه سگهندي هئي. لڇمي مٿين ماڙ تي ۽ ڪرما هيٺين ماڙ تي رهندا هئا. هن کي لڇمي جي اڻ پڙهيل ۽ بيوقوف مائٽن کان به نفرت هئي.
ٽرين اچڻ جو سگنل اچي ويو هو، سر موهن لال اسڪاچ پيئڻ ۾ مصروف هو. هن بيري کي هدايت ڪئي هئي ته اهو هنن جو سامان فرسٽ ڪلاس ۾ رکڻ کانپوءِ هن کي ٻڌائي ڇڏي.
سر موهن انگريزن جا طريقا اختيار ڪري رکيا هئا. هن وڏي تعليم حاصل ڪئي هئي. هو هندستاني ٻولي ڳالهائڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهندو هو، ماڻهو هن کي انگريزي ٻولي ڳالهائيندي ڏسي چوندا هئا ته هو بلڪل انگريزن جيان ڳالهائي ٿو، سفر دوران به هو پنهنجا مصنوعي طريقا نه ڇڏيندو هو، جيڪڏهن سفر دوران ان جي ڪمپارٽمينٽ ۾ ڪو انگريز اچي ويندو هو ته هو ڏاڍو خوش ٿي ويندو هو.
بيري هن کي اطلاع ڏنو ته ٽرين اچي وئي آهي ته هو وڏن ماڻهن جيان هلندو ڪمپارٽمينٽ ۾ پهتو پر هن کي ڏاڍي مايوسي ٿي، ڇاڪاڻ ته سڄو ڪمپارٽمينٽ خالي هو.
هو مايوسي وچان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو ۽ “دي ٽائيمز” پڙهڻ لڳو. جيتوڻيڪ هو ان کي ڪافي ڀيرا پڙهي چڪو هو، هن کن پل جي لاءِ دري کان ٻاهر ليئو پاتو ته اوچتو هن جو چهرو خوشي وچان ٻهڪي پيو. ٻه انگريز فوجي آفيسر هن جي ڪمپارٽمينٽ ۾ اچڻ وارا هئا، انهن منجهان هڪ چيو “بل! هتي جاءِ تمام گهڻي آهي.”
ٻي چيو “مگر انهن ڪارن گڏهن کي ته ڪمپارٽمينٽ کان فارغ ڪر.”
ايتري ۾ ٻئي هن جي ويجهو اچي ويا، جم چوڻ لڳو “هي ڪمپارٽمينٽ ريزرو آهي تون هتان کان ڀڃي وڃ.”
سر موهن لال احتجاج ڪيو، چند لمحن جي لاءِ ٻنهي چپ ڪئي، مگر ايتري دير ۾ ٽرين سيٽي هنئي. گارڊ سائو جهنڊو ڦڙڪايو، بل ۽ جم نه هم ڪئي نه تم ڪئي سر موهن لال جو بريف ڪيس، ٿرماس، بسترو ۽ دي ٽائيمز سڀ ڪجهه پليٽ فارم کان ٻاهر ڦٽو ڪري ڇڏيو، سر موهن لال زور سان رڙ ڪئي “بيوقوفو!”
جم چيو “بڪواس بند ڪر” گڏ ئي اُن هن کي زور جي ٿڦڙ وهائي ڪڍي ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي هن کي ٽنگو ٽالي ڪري ٻاهر ڦٽو ڪيو. هن جي واتان گاريون نڪرنديون رهيون ۽ ٽرين ويندي رهي.
ٻئي پاسي انٽر ڪلاس جي زناني دٻي ۾ لڇمي ويٺي مزي سان پان چٻاڙي رهي هئي. جڏهن ٽرين اسپيڊ ورتي ته هن ٻاهر جهاتي پاتي ۽ سموري پان جي رس پليٽ فارم تي ڦٽي ڪئي. پليٽ فارم رس سان رڱجي ڳاڙهو ٿي ويو.

No comments:

Post a Comment