Monday, July 9, 2012

تون اڪيلي ناهين! - نور ڪلهوڙو


تون اڪيلي ناهين!
نور ڪلهوڙو
زاهده تنهنجي پنهنجي غلطي هئي... ها ها تنهنجي.... تنهنجي ئي غلطي هئي. جڏهن تنهنجون ڀينرون تنهنجي بابا سائينءَ سان کيڏنديون ڪڏنديون هيون، تڏهن تون پنهنجي اداس خيالن ۾ وڪوڙيل هوندي هئينءَ! ها مڃان ٿو ته تنهنجي بابا جي به غلطي هئي جو هو تنهنجي ڀينرن سان کيڏندو ڪڏندو هو ته پڇڻ به گوارا نه ڪندو هو ته زاهده ڪٿي آهي. پر هو ته هيو ئي فوجي.... هن کي ڪهڙي خبر ته زندگي رڳو جنگ ناهي هوندي، زندگيءَ ۾ پيار به هوندو آهي، شفقت به هوندي آهي، چاهنا به هوندي آهي، همدردي به هوندي آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته گل ٽڙڻ ڇا کي Symbolize ڪري ٿو... هن کي ڪهڙي خبر ته بهار جي موسم ۽ بهار جي ساوڪ توڙي خوشبوئن جي Value ڇا آهي... هن کي ڪهڙي خبر ته ڍنڍن جو سڪون، دريائن جو شور ۽ سمنڊ جي گهرائي ڇا کي Represent به ڪري ٿي.... هن کي ڪهڙي خبر ته سانوڻيءَ جي مينهوڳي توڙي ڦڙ ڦڙ کانپوءِ اٿندڙ چيڪي مٽيءَ جي خوشبوءِ جي Merit ڇا آهي... هن کي ڪهڙي خبر زاهده! هن جي نسن ۾ هن جي دل ۾ ليفٽ رائيٽ ليفٽ رائيٽ ڀريل هو. زاهده توکي بابا وٽ پاڻ وڃڻو هو.... توکي پاڻ کي قربت وڌائڻي هئي.


زاهده! زاهده! زاهده! روءِ نه! پليز روءِ نه! تنهنجو روئڻ منهنجي ڀرجي ويل ذهن جي ٽانڪن کي ٽوڙي نه ڇڏي. مان رنس ته پوري ڪائنات ۾ پنهنجي روئڻ جو Echo گردش ڪرڻ لڳندو! پوءِ خدا ڄاڻي الائي ڇا ٿي پوي!
اڙي بابا ها! مان مڃان ٿو ته تنهجون ڀينرون Jealous هيون ۽ اڃا به آهن ۽ شايد هميشه رهن. هو ننڍي هوندي تنهنجا رانديڪا لڪائينديون ۽ ٽوڙي ڇڏيندون هيون ۽ هاڻي تنهنجي جذبن سان راند ٿيون ڪن. تون ڇڏ هنن کي! وڃي کڏ ۾ پون.
زاهده توکي مڃڻو پوندو ته تون اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽي ۾ احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار رهينءَ.... تو بولڊ ٿيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.... تون ظاهر ۾ ته بولڊ، اٽريڪٽو، امپريسو ٿي وئينءَ پر باطن ۾ تون ڪمزور ئي رهينءَ. تنهنجي لڪي روئڻ واري Routine اڃا ساڳي ئي آهي. حقيقت اها آهي ته تون روئيندي ناهين ته تنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ Vacuum اچي ويندو آهي. اهو روئڻ تنهنجو Catharsis ٿي ويو آهي. تون روئين نه ته چري ٿي وڃين!
زاهده مون کي اميد هئي ته تنهنجي Scandals وارو سلسلو توکي مضبوط ڪري ڇڏيندو. تون زاهده مان “وينا ملڪ” ٿي وئينءَ.... افيئر مٿان افيئر هلايو... تون ڪوڙ ڳالهائڻ سکينءَ! تو بدنام ٿيڻ لاءِ ڇا نه ڪيو! تو تنهنجي بابا جي توکي Disown ڪرڻ کي به Welcome ڪيو! سڀڪجهه ته ڪري ڇڏيئيءَ زاهده! اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باجود تون زاهده ئي آهين! ساڳي جي ساڳي زاهده! ڊڄڻي، روئڻي ۽ Depressed زاهده.
زاهده مون کي ڊپ آهي ته تون ڪٿي مائيڪل جيڪسن وانگي پنهنجو انت نه آڻي ڇڏين. ويچارو مائيڪل جيڪسن به تو وانگي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي وجود مان مطمئن نه ٿي سگهيو. هو پنهنجي چهري، پنهنجي وجود سان عجيب و غريب حرڪتون ڪندو رهندو هو، ڪڏهن پلاسٽڪ سرجري ته ڪڏهن ڌوڙ ڇائي. هو جتي رهندو هو ان جاءِ کي Nederland چوندو هو. هو پنهنجو پاڻ کي تسلي ڏيندي چوندو هو ته مان هن جهان جو آهيان ئي ڪونه! هو پنهنجو پاڻ کي ٽائيم ۽ اسپيس کان ٻاهر تصور ڪندو هو ۽ تو آخر ۾ ڏٺو ته هو سخت Depression جو شڪار ٿي ويو ۽ حد کان وڌيڪ ننڊ جون گوريون کائڻ سبب فوت ٿي ويو.
ها زاهده ها! منهنجي دل توکي صحيح ٿي مڃي. مون کي خبر آهي ته هيءَ “ڪت خلق” هٿ ڌوئي ڪري تنهنجي پٺيان پئي آهي. پر زاهده هڪڙي ڳالهه ٻڌ! تون پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ڇڏي ڏي. تون هن ڪت خلق کي گاهه وجهڻ ڇڏي ڏي. تون اوشو ۽ خشونت سنگهه وانگي پنهنجي بدناميءَ سان پيار ڪرڻ سک. تون خلق اڳيان رسوا ٿيڻ واري اڪيلي ناهين. ان رسوائي جو ڪئين هستين جام پيتو آهي.
زاهده خبر اٿئي ته دوستو وسڪي وڏو پياڪ، جواري ۽ الائجي ڇا ڇا هو. هو پنهنجن ڪرتوتن ڪري ڪت خلق جي نظر ۾ بدنام هو. دوستو وسڪيءَ جي خوبصورتي بدنام زمانه سگمنڊ فرائڊ کي نظر آئي، جنهن چيو ته دوستو وسڪي اهو واحد رائيٽر آهي، جنهن انساني نفسيات کي مڪمل طور تي سمجهيو آهي. آئين اسٽائين چيو ته مان ايترو رياضيءَ جي “پٽڪي” گراس مان به متاثر نه ٿيو آهيان، جيترو دوستو وسڪيءَ مان ٿيو آهيان. پاڻ واري غالب تي به پياڪ جو ليبل هو، منٽو تي به اهو ليبل هو. ماڻهو ڪارل مارڪس کي گاريون ڏيندا هئا جو هو کين قرض واپس ڪونه ڪندو هو ۽ پنهنجي اولاد کي مرندو ڏسي به “داس ڪيپيٽال” مان هٿ نه ڪڍندو هو. سرفرانس بيڪن رشوت وٺڻ سبب الاهي بدنام ٿيو. شيڪسپيئر چور ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڀڄي وڃڻ واري طور يعني ڀاڄوڪڙ طور بدنام هو. مارلو به بدنام هو ۽ هن جو ته موت به ائين ٿيو جو سنگت سان گڏ ڪمپنيءَ ۾ ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿي پيو، هڪ دوست کيس اک ۾ خنجر هڻي ماري وڌو. ڪالرج آفيميءَ طور بدنام هو. ديوجانس نه وهنجڻ ڪري بدنام هو. پاڻ وارو ناول نگار ۽ صحافي محمد حنيف به مواليءَ طور بدنام آهي. تون رسوائيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ اڪيلي ناهين زاهده!

No comments:

Post a Comment