Monday, June 15, 2015

اڇُوت مٺل جسڪاڻي

اڇُوت
مٺل جسڪاڻي
مُنهن تي ٿوٿر ۽ ساڄي اک جي هيٺان رتائين ليڪ، لڳل ڌڪ جي شدت سان گڏ اهو به محسوس ڪرايو ته؛ ڪنهن سان وڙهي آيو آهي!؟…
پُڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”رات شاديءَ جي دعوت ۾ هڪ نوجوان، جنهن جون اکيون ڳاڙهيون ۽ وات ۾ ڌپ سميت گڦ به هئي، تنهن رعب ۽ دٻدٻي سان پڇيو؛ ”ڪير آهين؟ مون ذات ٻڌائيمانس ته هن نفرت واري انداز ۾ گار ڏني. مون مُڙڻ جي ڪئي، پر هو نه مُڙيو، ڌڪ هڻي ڪڍيائين“…


ڳوٺ وارن پئي ڳالهه ڪئي ته؛ ”هو ڪنهن تپيدار جو کريل پُٽ هو. شاديءَ ۾ شراب پيتو هئائين!؟
مون سوچيو ته ان شاديءَ ۾ ٻن مختلف ذاتين وارا، پر ٻارين ٻچي گڏ هئا. ٻنهي ستن اٺن پيڙهين کان، هڪ ٻئي کي ڏنيون ورتيون آهن. ٻئي پاڻ کي سڌريل سمجهي، هڪ ٻئي سان سنڱين بندين گڏيل آهن، ته پوءِ ڪيئن اندازو ڪجي ته هڪڙا اڇوت آهن ۽ ٻيا…

ڀلا، اهي به ڪي سڌريل سمجهڻ گهرجن، جيڪي رشوت جي پيسن مان سٺا گهر ٺهرائي، گاڏين ۾ گهمن، ننڍي وڏي ڏينهن تي شراب پي شغل ڪن، پاڻ کانسواءِ ٻين سڀني کي اڇُوت سمجهن!؟

No comments:

Post a Comment