Saturday, June 14, 2014

وڏو ماڻهو - دليپ رتناڻي

وڏو ماڻهو
دليپ رتناڻي
اڄ صبح جو مون واري پراڻي سنگتي ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي فون آئي. مون فون کنئي ته آواز سُڃاتم. چيائين ته؛ ”يار! وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين، فون ئي نٿو ڪرين.“
مون کيس چيو ته؛ ”ڇا وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو فون نه ڪري يا فون دير سان ڪري؟“
چيائين ته؛ ”وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو لفٽ نه ڪرائي ۽ فون اٽينڊ نه ڪري. جنهن سان ملڻ لاءِ سفارشي هٿ ڪجن ۽ پوءِ به ملاقات لاءِ راضي نه ٿئي ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته؛ ”اهي نشانيون ته ٽه پتائي قسم جي ماڻهوءَ جون آهن.“


چيائين ته؛ ”اسان وٽ ٽه پتائي ماڻهو ئي ’وڏا ماڻهو‘ سڏبا آهن.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ کي چيو ته؛ ”پوءِ سنئون سڌو تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ٽه پتائي ڇو نٿو سڏين؟“
چيائين ته؛ ”’ٽه پتائي‘ سڏڻ سان دوست ناراض ٿيو وڃن. تنهنڪري آ کين ’وڏو ماڻهو‘ چئي سڏيندو آهيان.“
اڄڪلهه ماڪوڙو مفاهمتي به وڏو ماڻهو سڏرائڻ لڳو آهي. تازو ڀوتار پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تان اليڪشن کٽي اچي اسيمبليءَ ۾ پهتو آهي.
ماڪوڙو مفاهمتي، مون کي اڪثر چوندو آهي ته؛ ”يار! تون الائي ڪڏهن مفاهمت سکندين؟ جنهن ڏينهن تون مفاهمت وارو فارمولو سکي ويندين، يقين ڪر ته تون وڏو ماڻهو ٿي ويندين.“
مون ماڪوڙي مفاهمتي کي چيو ته؛ ”ڀلا پهرين اهو ٻڌاءِ ته، هي ’وڏو ماڻهو‘ تون ڇا کي ٿو چوين؟“
چيائين ته؛ ”’وڏي ماڻهوءَ‘ جي سڀ کان وڏي نشاني اها آهي ته، هن جا دشمن گهڻا هجن ۽ سڄڻ گهٽ هجن. وڏي ماڻهوءَ جي ٻي خاص نشاني اها آهي ته، ان جي بنگلي، اوطاق يا آفيس جي در تي هڪ بندوق بردار همراهه يا چوڪيدار ضرور بيٺل هجڻ گهرجي، جنهن جي اجازت کانسواءِ ڪو به ماڻهو اندر داخل نه ٿي سگهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ کي چيو ته؛ ”ادا! منهنجا گهڻا دشمن نه آهن. آ ته هن دنيا ۾ صرف ۽ صرف سڄڻ ٺاهڻ ئي سکيو آهيان. نه ئي وري منهنجي گهر تي ڪو چوڪيدار يا بندوق بردار همراهه آهي. مان ڪٿي ٿو چوڪيدار ۽ بندوق بردار دربانن جا خرچ ڀري سگهان!“
چيائين ته؛ ”پوءِ تون وڏو ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهين.“
مون چيو ته؛ ”يار! ٻيو ڪو حل ٻڌاءِ ته، مان وڏو ماڻهو ڪيئن ٿو ٿي سگهان؟“
چيائين ته؛ ”وڏي ماڻهوءَ جي هڪ ٻي خاص نشاني اها به آهي ته، هو سچ ٻڌڻ کان نفرت ڪندو هجي يا خوف کائيندو هجي. هن جي منهن تي ڪنهن کي به اها جرئت يا همت نه ٿيڻ گهرجي ته سچ ڳالهائي سگهي. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن جي زبان مان سچ نڪري به وڃي، ته ان کي جوڳي سزا ڏني وڃي يا ڏياري وڃي، جيڪا جيل موڪلڻ تائين به ٿي سگهي ٿي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ کي چيو ته؛ ”يار! ماڪوڙا! مان سچ کان ڪيئن ٿو نفرت ڪري سگهان. سچ ٻڌڻ کان ڪيئن ٿو خوف کائي سگهان! مان ته چاهيان ٿو ته، هر ماڻهو سچ ڳالهائي. هن دنيا ۾ صرف سچ ئي اهڙي شيءِ آهي، جيڪو شڪست نٿو کائي سگهي.“
چيائين ته؛ ”تون وڏو ماڻهو ٿي ئئ نه ٿو سگهين.“
مون وري زور ڀريندي پڇيس ته؛ ”مان ’وڏو ماڻهو‘ ڇو نٿو ٿي سگهان؟“
چيائين ته؛ ”بلڪل نه ٿو ٿي سگھين. تون هرگز وڏو ماڻهو نه ٿو ٿي سگهين.“ ڳالھ کي اينگھائيندي ۽ اڇو ڪندي چوڻ لڳو؛ ”وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي دولت، پهچ ۽ اقتدار جي معيار ۽ ماپي تي پرکي. پوءِ جيڪي کانئس وڌيڪ هجن، تن لاءِ دل ۾ حسد، ساڙ ۽ نفرت رکي. پوءِ ظاهري طرح انهن جي تمام گهڻي خوشامد ڪري. ٻئي طرف جيڪي هن کان گهٽ هجن، انهن کي دل ۾ ۽ ظاهري طور گهٽ سمجهي ۽ انهن سان گهٽ ڳالهائي يا گهٽ ملي جُلي. جيڪڏهن وقتي طور تي ڳالهائڻو پوي، ته رعب تاب ۽ فخريه انداز جو ساٿ نه ڇڏي.“
مون چيو ته؛ ”مان اهو سڀ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. مان ڪيئن ٿو ڪنهن لاءِ ساڙ، حسد ۽ نفرت رکي سگهان؟ مان دل ۾ ۽ ظاهري طرح خوشامد ڪريان، اهو ممڪن ئي ناهي.“
ماڪوڙي مفاهمتيءَ يڪدم رَڙَ ڪندي چيو ته؛ ”يار! مون چيو نه! تون ’وڏو ماڻهو‘ ٿي ئي نٿو سگهين....!“
مون چيو ته؛ ”ماڪوڙا! اهو سڀ مون کان ڪو نه ٿي سگهندو. ڀلا ڪو صفا سولو ۽ آسان حل ٻڌاءِ، ته وڏو ماڻهو ڪيئن ٿو ٿي سگهان؟“
چيائين ته؛ ”هاڻي ٻئي ڪَنَ کولي ٻُڌي ڇڏ! هيءَ به وڏي ماڻهو ٿيڻ جي نشاني اٿئي ته؛ جيڪڏهن ڪنهن پاڻ کان ننڍي ماڻهوءَ يا غريب تي ٿورو يا احسان ڪندو يا ڪرڻو پوندس، توڙي پنهنجي مفاد خاطر ئي هجي، ته اهو عمر ڀر نه ڀاريندو، بلڪ ڳائيندو رهندو ۽ هر وقت هر موڙ تي هن کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو. جيڪو مفادپرست ناهي، تنهن کي ’وڏو ماڻهو‘ نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن ’وڏو ماڻهو‘ ڪنهن جي دعوت ڪندو آهي ته، اها به پنهنجي مفاد خاطر. جنهن ۾ ٻين ننڍن ماڻهن تي رعب رکڻ، پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ ۽ پنهنجو اثر رسوخ ڏيکارڻ شامل هوندو آهي ۽ وري جيڪڏهن ڪنهن جي دعوت کائڻ جي تڪليف گوارا ڪندو آهي، ته اهو صرف ان ڪري ته دعوت ڏيندڙ تي احسان يا ٿورو ٿئي! وڏو ماڻهو پاڻ کي هر معاملي ۾ صحيح ۽ سَچو سمجهندو آهي ۽ سندس پاليسي يا مرضيءَ خلاف ٻين جي ڪمن کي غلط ڄاڻائيندو آهي. هو پاڻ کي عقلمند ۽ الائجي ڇا ڇا سمجهندو آهي ۽ ٻين کي وري ان جي ابتڙ سمجهندو آهي. وڏي ماڻهوءَ جي هڪ هِيءَ به علامت اٿئي ته؛ هو عوام سان يعني پاڻ کان گهٽ دنيا، دولت يا اقتدار وارن ماڻهن سان ملڻ هٿ ملائڻ، ڳالهائڻ يا ڪچهري ڪرڻ ۾ تڪليف يا بيزاري محسوس ڪندو آهي.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ کي روڪيندي چيو ته؛ ”يار! هي جيڪي وڏي ماڻهوءَ جون ’خصلتون‘ جيڪي تون پيو ٻڌائين، اهي ته اهڙيون ڪي خوبيون ته نه آهن!“
چيائين ته؛ ”جيڪڏهن وڏي ماڻهو ٿيڻ جو شوق اٿئي ته هي سڀ خوبيون ڌارڻيون پونديون، نه ته وڏو ماڻهو نه ٿي سگهندين. جيستائين وڏو ماڻهو نه ٿيندين، تيستائين تو کي ڪير پُڇندو به ڪو نه!“
مون ٿورو سوچي وري هڪ دفعو ماڪوڙي مفاهمتيءَ کان وري پڇيو ته؛ ”ڀلا! وڏي ماڻهو ٿيڻ جا اڃا به ڪي ڳالهيون يا طريقا آهن؟!“
چيائين ته؛ ”يار! طريقا ۽ ڳالهيون کوڙ آهن پر تون وڏو ماڻهو ٿي ئي نه ٿو سگهين، ڇاڪاڻ ته تون ذهني طور تي انهن ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهين.“
مون وراڻيو ته؛ ”يار ماڪوڙا! اڃا به ڪجهه ٻڌاءِ! جو ڪجهه به اٿئي ذهن ۾.“
چيائين ته؛ ”رات جو گهڻي دير تائين ڪچهريون ڪرڻ. گپ شپ ڪرڻ. صبح جو تمام دير سان بستري مان نڪرڻ ۽ اُٿڻ مهل منهن جو ’سڄيل‘ هجڻ. اهي پڻ وڏي ماڻهوءَ جون نشانيون آهن. خوشامدڙيا ماڻهو به ڪنهن کي وڏي ماڻهو بڻائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙي قسم جا ماڻهو اُٿندي ويهندي ’وڏي ماڻهوءَ‘ جي خوشامد ڪندا رهندا  ۽ ان کي ’وڏو ماڻهو‘ چوندا رهندا، ته هو جلدي ’وڏو ماڻهو‘ ٿي ويندو.“
مون ماڪوڙي مفاهمتيءَ کي چيو ته؛ يار! مون تنهنجي هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي آهي ته، جڏهن کان تون ڀوتار پارٽيءَ جي سيٽَ کٽي اسيمبليءَ ۾ پهتو آهين، تڏهن کان تون عام ماڻهن کي سلام جو جواب ڏيڻ به تڪليف ٿو سمجهين. اڄڪلهه تون يا ته هٿ جي اشاري سان يا ڪنڌ جي ڌوڻ سان سلام جو جواب ڏيندو آهين. ڇا اها به وڏي ماڻهوءَ جي نشاني آهي؟؟!“
چيائين ته؛ ”هاڻي تون سمجهي ويو آهين، ته ’وڏو ماڻهو‘ ڪيئن ٿو ٿي سگهجي!“
مون چيو ته؛ ”ماڪوڙا! معنيٰ ته جنهن ماڻهوءَ ۾ محنت، جفاڪشي، اخلاق يا ٻئي طرف همدردي، پنهنجائپ ۽ انسانيت جو اونو هوندو سو ’وڏو ماڻهو‘ نه ٿو ٿي سگهي؟“

چيائين ته؛ ”بلڪل صحيح ٿو چوين، اهو ’وڏو ماڻهو‘ ٿي ئي نٿو سگهي!“

No comments:

Post a Comment