Monday, July 9, 2012

درويش - غزالا چنڙ


درويش
غزالا چنڙ
اڄ ڪافي ڏينهن کانپوءِ سنجها آڪاش سان ملي هئي. ٻنهي جي اکين ۾ هڪ جوت اچي وئي هئي. هو هڪ ٻئي ۾ ائين گم ٿي ويا جيئن صدين کان اڃايل ڪنهن مسافر کي ڪو پاڻي جو تلاءُ نظر اچي ۽ هو پنهنجو سڄو وجود ئي ان ۾ ڀڄائي ڇڏي، ان وقت شام جا پنج ٿيا هئا.
ڪجهه ئي پل گذريا هئا جو اچانڪ موبائل جي رِنگ جي آواز تي ٻئي ڇرڪي پيا. آڪاش موبائل کڻي ڳالهائڻ لڳو.
“هيلو”
“اڇا ڪيڏي مهل پهچڻو آهي؟”


“ٺيڪ آ يار مان ست وڳي تائين اچي ويندس”
سنجها منهن ٺاهي پڇڻ لڳي.
“ڪنهن جي ڪال هئي ۽ اوهان کي ڪٿي پهچڻو آ؟”
آڪاش: “ڪجهه دوست آيل آهن آمريڪا مان، انهن لاءِ دوستن ڊنر پارٽي رکي آهي” آڪاش چيو.
اگر اوهان کي وڃڻو هو ته پوءِ پهرين ڇو نه ٻڌايوَ؟” سنجها موڊ خراب ڪندي چيو.
“نه سائين مان نه ويندم، ڪو بهانو ٺاهي ڇڏيندم، هينئر ائين ڳالهائڻ ضروري هو.”
سنجها جي چهري تي هڪ اطمينان واري مرڪ اچي وئي ۽ مسڪرائي آڪاش کي سڏيائين
“جانو”
“جي منهنجي جانِ” آڪاش مرڪي جواب ڏنو.
“جانو، تون مون کي ڪيترو چاهين ٿو” سنجها پڇيو.
جانو پاڻ جو هن وقت هڪ ٻئي سان چهٽيا پيا آهيون اهو پيار نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. ياد اٿئي ڪالهه جا هوءَ تانيه ملي هئي ۽ پاڻ لنچ ڪرڻ هليا هئاسين ته اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ئي پاڻ بيزار ٿي ويا هئاسين ۽ بور ٿيڻ لڳا هئاسين.
جان اسان جنهن سان پيار ڪندا آهيون ان سان گڏ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذاري ڇڏيندا آهيون ۽ وقت جو احساس ئي نه ٿيندو آ. دنيا جهان جا سڀ ڪم وسري ويندا آهن. ٽائيم جي خبر ئي نه پوندي آ. ياد اٿئي ٻه ڏينهن اڳ پاڻ پنج ڪلاڪ فون تي ڳالهايو هو ۽ پاڻ کي ٽائيم جو احساس ئي نه ٿيو هو.
آڪاش ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ ٿوري دير کانپوءِ سنجها کي چوڻ لڳو:
“ٻڌ سنجها مون کي ڇڏجان نه، مان درويش طبيعت جو آهيان، مان اڪيلو ٿي ويندس”
“خبر اٿئي ڪالهه منهنجي هڪ دوست ڏاڍي رني هئي” سنجها چيو.
هوءَ جنهن کي چاهيندي آهي اهو هاڻي بلدجي ويو آهي. فون ته اٽينڊ ئي نه ٿو ڪري.
ڪالهه ته هن حد ڪري ڇڏي، جڏهن اسان هن سان ملڻ هن جي آفيس وياسين ته هن ملڻ به گوارا نه ڪيو، پٽيوالي کي چيائين چئين صاحب ميٽنگ ۾ مصروف آهي.”
“يار! ايڏو بي مروت جو مليو به نه!” آڪاش حيرت مان چيو
“جان، مون وٽ ته اگر ڪنهن جي مس ڪال به لڳل هوندي آهي ته مان ان کي بيڪ رنگ ضرور ڪندو آهيان. اهو منهنجو اصول آهي، پوءِ ڀلي اها ڪال ڪنهن اوپري نمبر تان ئي ڇو نه آئي هجي”
آڪاش پنهنجي ڪانفرنس ۾ مليل بيگ کولي ۽ ان مان ڪجهه بادام جا گورا ڪڍي سنجها کي کارائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو “مائٽ جيئن ڪنهن دعوت تي ويندا آهن ته پنهنجن ٻارن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لڪائي کڻي ايندا آهن. اڄ مان به تو لاءِ اک بچائي ڪجهه شيون کڻي آيو آهيان”
“اوهان نه کائيندا؟”
توکي ته خبر آ نه مان ڪيئن کائيندو آهيان”
سنجها پنهنجي وات ۾ پيل داڻو ڪڍيو ۽ آڪاش جي وات ۾ وڌائين.
“ياد اٿوَ ان ڏينهن جڏهن پاڻ گاڏي ۾ هئاسين ۽ منهنجي دوست صبا به گڏ هئي ۽ مان خاموشي سان پنهنجي وات مان بسڪٽ جو ٽڪرو ڪڍي تري تي رکيو ۽ اوهان کي آفر ڪئي هئي، اها حرڪت هوءَ سمجهي وئي هئي.” سنجها مرڪندي چيو.
آڪاش ٻارن وانگر پريشان ٿي ويو ۽ چيائين
“پوءِ”
“پوءِ ڪجهه نه، هُن کي خبر آ ۽ مان پنهنجي محبت جو ذڪر ڏاڍي فخر سان ڪندي آهيان.
اڇا ان ڳالهه کي ڇڏيو. مون کي چانهه پيڻي آهي.” سنجها چيو.
“کوڙ چانهيون، منهنجي جان”
“چڱو مون سان گڏ هل نه ڪچن ۾”
“مان نه هلندم” سنجها نخري مان چيو.
“هل نه منهنجي جان ناهين، مان بور ٿيندم”
“اڇا ٺيڪ آ”
سنجها ڪچن ۾ هڪ پاسي ڀت سان ٽيڪ لڳائي بيهي رهي.
آڪاش وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳو. هن کي ڪابه شيءِ نه پئي لڌي.
سنجها چانهه جي ڪٽلي کڻي ۽ شرارتي مرڪ سان آڪاش جي هٿ ۾ ڏني، آڪاش به ڪجهه شرمائڻ واري انداز ۾ مرڪڻ لڳو، ڄڻ پنهنجي وائڙائپ تي پاڻ ئي کلندو هجي.
چانهه جي ڪٽلي باهه تي رکي ٻئي هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ سمائجي ويا.
جڏهن چانهه ڪٽلي جو ڍڪ ڪيرائي اچي هيٺ ڇلڪي تڏهن هنن ڇرڪ ڀريو ۽ چانهه جي هارجڻ تي افسوس سان ٻئي هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا.
چانهه پيئندي آڪاش سنجها جي پيرن جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ سنجها ڪنهن اپسرا وانگر هن جي ڳالهه ئي نه پئي ٻڌي، ان تي آڪاش ٿورو رسي ويو ۽ سنجها جا پير پاڻ کان پري ڪري ڇڏيائين، سنجها سايو ڪري پنهنجا پير آڪاش جي ٻانهن تي رکيا.
آڪاش منهن ۾ ٿورو گهنج وجهي چيو “يار پير پري ڪر، مان چانهه ٿو پيان
سنجها پنهنجو پير اڃا هن جي ويجهو ڪيو.
۽ آڪاش پيار مان هن جو پير چمي ورتو
آڪاش پاسي ۾ پيل سنجها جي موبائل کنئي ۽ سنجها کي چيائين.
“سنجها تنهنجا ڪجهه ميسيج آيل آهن”
۽ پاڻ ڪپس ڪچن کڻي ويو، واپس اچي پڇڻ لڳو.
“ڪنهن جا ميسيج هئا”
سنجها: “صبا جا هئا، پڇي پئي ڪيڏي مهل واپسي آ”
“پوءِ ڇا خيال آ، هلون هاڻي”
“ها، هاڻي هلڻ کپي”
ٻئي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي سامان کي سهيڙڻ لڳا ۽ ٻاهر روڊ تي نڪري آيا.
واٽ تي آڪاش جي موبائل وري وڄڻ لڳي ۽ هينئر به اهو ساڳيو دوست هو. آڪاش ڳالهائيندي ڳالهائيندي اڳيان وڌڻ لڳو. هو ٻئي مين روڊ تائين پهچي ويا. آڪاش فون تي ڳالهائيندي روڊ ڪراس ڪري اڳيان نڪري ويو ۽ سنجها اتي ئي بيٺي رهي ۽ آڪاش کي غور سان ڏسڻ لڳي.
آڪاش فون تي ڳالهائڻ ۾ مگن لڳو پيو هو.
سنجها پنهنجي گهڙي ۾ ٽائيم ڏٺو ته ستن ۾ ڏهه منٽ هئا.
هوءَ وري آڪاش کي ڏسڻ لڳي. آڪاش جي چهري تي هڪ عجيب فاتحانا اطمينان هو، ڄڻ هو پنهنجي ان ٽائيم مئنيجمينٽ تي خوش ٿيندو هجي ۽ سوچيندو هجي ته مان اڄ پنهنجي ڊائري ۾ لکيل سڀ ڪم ڪري ڇڏيا. آفيس به اٽينڊ ڪئي، محبوبا سان به مليم ۽ دوستن لاءِ به ٽائيم ملي ويو.
سنجها ٽيڪسي ورتي ۽ هلي وئي ۽ آڪاش ڪاميابي سان اڳتي وڌڻ لڳو.
ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ سنجها ان درويش کي تانيه سان هڪ ڪافي شاپ ۾ هن جي هٿن جي تعريف ڪندي ڏٺو هو.

No comments:

Post a Comment