Thursday, May 24, 2012

تصوير- سعادت حسن منٽو


تصوير
سعادت حسن منٽو/ عبدالواحد سومرو
ٻار ڪٿي آهن؟
مري ويا آهن.
سڀ جو سڀ؟
ها سڀ جو سڀ، اوهان کي اڄ انهن جي متعلق پڇڻ جو ڪيئن خيال آيو آهي؟
مان انهن جو پيءُ آهيان.
اوهان جهڙو پيءُ خدا ڪري ته پيدا نه ٿئي.


تون اڄ ايترو خفا خفا ڇو آهين؟ منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي، پل ۾ رتي، پل ۾ سير، آفيس مان ٿڪجي آيو آهيان ۽ تنهن جي بڪ بڪ شروع ٿي وئي آهي. بهتر هيو ته مان اتي آفيس ۾ پکي جي هيٺان آرام ڪيان ها.
پکو هتي به آهي، اوهان آرام پسند آهيو، هتي به آرام ڪري سگهو ٿا.
تنهن جي ٽوڪ بازي، ڪڏهن ختم نه ٿيندي. منهنجو خيال آهي ته اها شيءِ تو کي ڏاج ۾ ملي هئي.
مان چوان ٿي مون سان اهڙي ڊيگهه نه ڪر، تنهنجي اکين جو پاڻي ئي ختم ٿي ويو آهي.
هتي ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، تنهنجي اها جواني ڪيڏانهن وئي؟ مان ته ائين محسوس ڪيان ٿو جهڙوڪر سئو سالن جو پوڙهو ٿي ويو آهيان.
اهو اوهان جي عملن جو نتيجو آهي، مون ته پاڻ کي ڪڏهن به عمر رسيده محسوس نه ڪيو آهي.
منهنجا عمل ايترا خراب ته ناهن ۽ پوءِ به تنهن جو مڙس آهيان، ايترو به محسوس نٿو ڪري سگهان ته تنهنجي جواني زوال پذير آهي.
مون سان اهڙي زبان ۾ گفتگو ڪر جيڪا سمجهي سگهان، اهو زوال پذير وري ڇا آهي؟
ان کي ڇڏ، اچ، محبت پيار جون ڳالهيون ڪريون.
تو هاڻ ته چيو ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻڪ سئو سالن جو ڪو ڪراڙو هجي.
دل ته جوان آهي.
تنهنجي دل کي مان ڇا چوان، اوهان ان کي دل ٿا چئو، مون  کان ڪو پڇا ڪري ته مان چونديس ته پٿر جو هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو ان شخص پنهنجي سيني ۾ دٻائي رکي ڇڏيو آهي ۽ دعويٰ اها ٿو ڪري ته ان ۾ محبت ڀريل آهي، اوهان محبت ڪرڻ ڇا ڄاڻو، محبت ته صرف عورت ئي ڪري سگهندي آهي.
اڄ تائين ڪيترين عورتن مردن سان محبت ڪئي آهي، ٿورو تاريخ جو مطالعو ڪر، هميشه مردن ئي عورتن سان محبت ڪئي ۽ ان کي نڀايو، عورتون ئي هميشه بي وفا رهيون آهن.
ڪوڙ، شروع کان آخر تائين ڪوڙ، بي وفائي هميشه مردن ڪئي آهي.
۽ ها! هڪ انگلستان جي بادشاهه هڪ معمولي عورت جي لاءِ تخت تاج ڇڏي ڏنو هو، اهو ڇا سکڻو فرضي ڪردار آهي.
بس هڪ مثال پيش ڪيئي ۽ مون تي رعب وجهڻ خاطر.
تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال موجود آهن، مرد جڏهن عورت سان عشق ڪندو آهي ته هو ڪڏهن به پوئتي ناهي هٽندو، ڪم بخت پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏيندو آهي، پر پنهنجي محبوب کي تر جو به نقصان پهچڻ نه ڏيندو آهي، تون نٿي ڄاڻين ته مرد جڏهن محبت ۾ گرفتار هجي، ان ۾ ڪيتري طاقت هوندي آهي.
سڀ ڄاڻان ٿي، اوهان کان ڪلهه الماڙي جو ڄميل دروازو به نه کلي سگهيو، آخر مون کي ئي زور لڳائي کولڻو پيو.
ڏس، جانو! تون زيادتي ٿي ڪرين، تو کي خبر آهي ته منهن جي سڄي ٻانهن ۾ سور هيو، مان ان ڏينهن آفيس به نه ويو هيس سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات سور ۾ ڦٿڪندو رهيوهوس، تو منهنجو ڪو به خيال نه ڪيو ۽ پنهنجي سهيلي سان گڏجي سينما تي هلي وئينءَ
اوهان ته بهانو ڪري رهيا هئا.
ظلم ڙي! يعني مان اهو بهانو ڪري رهيو هوس! سور جي ڪري منهنجو خراب حال هو ۽ تون چوين ٿي ته بهانو بڻائي رهيو هوس . لعنت آهي اهڙي زندگي تي.
اها لعنت منهنجي مٿان وڌي وئي آهي.
تنهنجي عقل مٿان پٿر پئجي ويا آهن، مان پنهنجي زندگي جو سور پٽيان ٿو.
اوهان ته هر وقت روئيندا رهندا آهيو.
تون ته لکندي رهندين آهين، ان جي لاءِ جو تو کي ڪنهن جي پرواهه نه هوندي آهي، ٻار جهنم ۾ وڃن، منهنجو جنازو ڀل نڪري، هي گهر سڙي خاڪ ٿي وڃي پر تون لکندين رهنديئن. اهڙي بي وڙي عورت مون اڄ تائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي.
ڪيتريون عورتون هن وقت تائين ڏٺيون اٿئي؟
هزارين لکين، رستن تي اڄڪلهه عورتون ئي عورتون نظر اچن پيون.
ڪوڙ نه ڳالهاءِ، اوهان ڪا نه ڪا خاص عورت ضرور ڏٺي آهي.
خاص طور تي مان تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي؟
مان اوهان جا راز کولڻ نٿي چاهيان، مان هاڻ هلان ٿي.
ڪيڏانهن؟
هڪ سهيليءَ ڏانهن، ان سان پنهنجو ڏک بيان ڪنديس، ڪجهه روئينديس، ان کي به روئارينديس، ائين من هلڪو ٿي پوندو.
اهو ڏک جيڪو پنهنجي سهيليءَ سان بيان ڪرڻو اٿئي، مون کي ٻڌائي ڇڏ!، مان تنهنجي غم ۾ شريڪ هجڻ جو واعدو ٿو ڪريان.
اوهان جا واعدا ڪڏهن وفا ٿيا آهن؟
تون گهڻي زيادتي پئي ڪرين، مون اڄ تائين جيڪو به واعدو ڪيو آهي، پورو ڪيو آهي، ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو مون کي چيو هيئي چانهه جو هڪ سيٽ آڻي ڏي، مون هڪ دوست کان پئسا قرض کڻي ڪافي سهڻو قيمتي سيٽ خريد ڪري تو کي آڻي ڏنو هو.
مون تي وڏو احسان ڪيئي، اهو ته اوهان پنهنجي دوستن جي لاءِ آندو هو، ان مان ٻه پيالا ڪنهن ڀڳا آهن؟ ڀلا اهو کڻي ٻڌاءِ
هڪ پيالو تنهنجي وڏي ڇوڪري ڀڳو، ٻيو تنهنجي ننڍي نڀاڳي.
سڄو الزام تون هميشه انهن مٿان هڻندين آهين، چڱو هاڻ اهو بحث بند ڪر، مون کي وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي، جوڙو ٺاهي وڃڻو آهي.
ڏس مون اڄ تائين ڪڏهن سختي نه ڪئي آهي، مان هميشه تو سان نرميءَ سان پيش آيو آهيان، پر اڄ تو کي حڪم ڏيان ٿو ته تون ٻاهر نٿي وڃين سگهين.
وڏي ڳالهه آ، وڏو آيو آ، مون تي حڪم هلائڻ وارو، اوهان آهيو ڪير؟
جلدي وساري ڇڏيئي، مان تنهنجو مڙس آهيان.
مان نٿي ڄاڻان، مڙس ڇا ٿيندو آهي؟ مان پنهنجي مرضيءَ جي مالڪ آهيان، مان ٻاهر وينديس ۽ ضرور وينديس، ڏسان ٿي مون کي ڪير ٿو روڪي.
تون نه ويندين، بس اهو منهنجو فيصلو آهي.
فيصلو هاڻ عدالت ئي ڪندي.
عدالت جو هتي سوال ڪٿان آيو، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اڄ تون البتيون ڳالهيون ڇو پئي ڪرين، سڌي فضيلت جي ڳالهه ڪر، وڃي وهنج ته تنهنجو دماغ ٿڌو ٿئي.
اوهان سان رهندي مان مٿي کان پيرن تائين برف ٿي چڪي آهيان.
ڪا به عورت، پنهنجي مڙس مان خوش نه هوندي آهي، ڀل اهو ويچارو ڪيڏو به شريف ڇو نه هجي، ان مان نقص ڪڍڻ عورتن جي فطرت ۾ شامل آهي، مون تنهنجيون ڪافي خطائون ۽ غلطيون معاف ڪيون آهن.
مون خدا نه ڪري ڪهڙِ خطا ڪئي آهي؟
گذريل سال ميگا شلجم جيڪو وڏي ٺٺ سان پچائڻ جو ارادو ڪيو هيئي، شام چلهه تي رکي تون ننڊ پئجي وئينءَ، صبح جو جڏهن مان باورچيخاني ۾ چانهه ٺاهڻ جي لاءِ ويس ته سڙي ڪوئلو ٿي ويا هئا، ان کي لاهي چلهه تي باهه ٻاري چانهه پچائي، تون سمهي رهي هئينءَ.
مان اها بڪواس ٻڌڻ جي لاءِ تيار ناهيان.
ان جي لاءِ جو ان ۾ ڪوڙ ذرو به ناهي، مان اڪثر سوچيندو آهيان ته عورت کي سچ ۽ حقيقت ٻڌڻ کان ڇو چڙ آهي، مان جيڪڏهن چوان ته تنهنجو کٻو ڳل سڄي جي مقابلي ۾ ڪيڏو نه ٿلهو آهي، ته تون سڄي عمر نه بخشين، پر اها حقيقت آهي، جنهن کي شايد تون به ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿي، ڏس! اهو پيپر ويٽ اتي ئي رک! کڻي منهنجي مٿي ۾ هنيئي، ته پوءِ ٿاڻي پهچندين.
مون پيپر ويٽ ان جي لاءِ کنيو آهي ته هي اوهان جي چهري جي عين مطابق آهي، ان جي اندر هوا جا بلبلا آهن.
اهي اوهان جون اکيون آهن، هي ڳاڙهي جيڪا شئي آهي اهو اوهان جو نڪ آهي، جيڪو هميشه ڳاڙهو رهندو آهي، مون جڏهن اوهان کي پهريون دفعو ڏٺو ته مون کي ائين لڳو، اوهان جي اکين جي هيٺان ڳئون جون اکيون آهن، هڪ کي ڪڍي اونڌي منهن ويٺا آهيو.
تنهن جو من هلڪو ٿيو؟
منهنجي دل ڪڏهن به هلڪي نه ٿيندي، مون کي اوهان وڃڻ ڏيو، وهنجي شايد هتان هميشه جي لاءِ هلي وڃان.
وڃڻ کان اڳ اهو ته ٻڌاءِ ته وڃين ڪهڙي سبب جي ڪري ٿي!
مان ٻڌائڻ نٿي چاهيان، اوهان پهرين درجي جا بي شرم آهيو.
جانم تنهنجي ان سڄي گفتگو جو مطلب اڃا تائين منهنجي سمجهه ۾ نه آيو، خبر ناهي، تو کي يڪدم ڪهڙي شڪايت پيدا ٿي پئي آهي.
ٿورو پنهنجي ڪوٽ جي اندر کيسي ۾ هٿ هڻي ڏس.
منهنجو ڪوٽ ڪٿي آهي؟
آڻيان ٿي، آڻيان ٿي.
منهنجي ڪوٽ ۾ ڇا ٿو ٿي سگهي، وسڪي جي بوتل هئي. اها ته مون ٻاهر ئي ختم ڪري اڇلائي ڇڏي هئي، پر ٿي سگهي ٿو ته رهجي وئي هجي.
هي وٺو پنهنجو ڪوٽ.
هاڻ مان هن جو ڇا ڪيان؟
ان جي اندر واري کيسي ۾ هٿ وجهو ۽ ان ڇوڪريءَ جي تصوير ڪڍو جنهن سان اوهان اڄ ڪلهه عشق ٿا ڪريو.
قهر ڙي، تو ته منهنجا حواس خطا ڪري ڇڏيا، اها تصوير منهنجي جان، منهنجي ڀيڻ جي آهي، جنهن کي تو اڃا تائين نه ڏٺو آهي، آفريڪا ۾ آهي، تو هي خط نه ڏٺو آهي، گڏ ئي ته هيو، هي وٺ.
هاءِ ڪيڏي نه خوبصورت ڇوڪري آهي، منهنجي ڀاءُ جي لاءِ بلڪل صحيح رهندي.

No comments:

Post a Comment