اڪيلائيءَ جي آلودگي
ناول جو نفسياتي ۽
تنقيدي جائزو
اڪبر لغاري
مجيب اوٺي جي ناول،
"اڪيلائيءَ جي آلودگي" جو مک ڪردار 'هادي' پنهنجي محبوبه عاليه جي جدائي
کان پوءِ اڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ هر وقت سندس يا دن ۾ گم رهي ٿو. جدائي جي عذاب کي منهن
ڏيڻ لاءِ هو پئسي جو استعمال ڪري ٻين عورتن جي رفاقت حاصل ڪري ٿو پر اها رفاقت
سندس درد جو درمان نٿي بنجي. هو شهوتي خوابن، خود لذتي ۽ تنهائي ۾ پناه وٺي ٿو.
کيس زندگي ۾ بي معنويت نظر اچي ٿي. پر ان سان گڏ هو ڪتابن، موسيقي ۽ سامونڊي ڪناري
جي فطري حسن کي به پنهنجي پناهگاه ٺاهي ٿو. مک ڪردار عملي طرح ڪو به ڪم ڪون ٿو
ڪري. سندس پيءُ زميندار آهي ۽ مال پڙيءَ جي اسي سيڪڙو آمدني کيس ملي ٿي.
سندس دوست عاليه پي ايڇ ڊي ڪندي
هئي. هادي جي ساڻس ذهني هم آهنگي هئي ۽ هو ساڻس شادي ڪرڻ گهرندو هو. عاليه شڪايت
ڪئي هئي ته سندس پي ايڇ ڊي سپر وائيزر پروفيسر اڪرام، ساڻس جسماني تعلق رکڻ ٿو
چاهي ۽ عاليه وٽ صرف ٻه رستا هئا: يا ته هوءَ پروفيسر جي ڳاله مڃي وٺي ۽ ڊگري پوري
ڪري يا ڊگري اڌ ۾ ڇڏي هلي وڃي عاليه ڊگريءَ جي چونڊ ڪئي. هن پروفيسرجي حوس جو شڪار
ٿيڻ قبول ڪيو ۽ هادي جي زندگي مان هميشه لاءِ نڪري وئي. هادي انهيءَ درد کي دٻائڻ
لاءِ سگريٽ، شراب ۽ عورت بازي جي غير فطري چونڊ ڪئي جنهن کيس کوکلو ڪري ڇڏيو ۽
سندس اندر ۾ انتقام جو زهر ڀرجي ويو جنهن ڪيئي زندگيون تباه ڪري ڇڏيون ۽ بربادي
سندس ۽ ٻين جي گهر جو رستو ڏسي ورتو. (اڳتي هلي پروفيسر چوي ٿو ته عاليه پي ايڇ ڊي
اڌ ۾ ڇڏي هلي وئي هئي، جنهن جي تصديق يا تريد ناول ۾ نٿي ٿئي جنهن سبب وڏو ابهام
پيدا ٿو ٿئي.)
هڪ ذيلي ڪهاڻي ڪال گرل تانيه جي
به آهي جيڪا پڻ اڪيلائيءَ جو عذاب سهي ٿي. هاديءَ جي همدردي ڏسي هوءَ ان جي ويجهو
وڃي ٿي پر جڏهن ڏسي ٿي ته محبت سندس لاءِ سراب آهي، ته هوءَ پنهنجي تنهائي سميٽي
چپ چاپ هادي جي زندگي مان نڪري وڃي ٿي. هادي، تانيه کي عاليه جي جاءِ تي رکڻ چاهي
ٿو پر اها عاليه جي جڳه ان ڪري نٿي وٺي سگهي ته عورت سان صرف جسماني هم آهنگي ڪافي
ناهي، روحاني يا نفسياتي هم آهنگي لازمي آهي.
هادي اڪيلائي جو عذاب لاڳيتو
چار پنج سال ڀوڳي ٿو. خود ڪشي ۽ زندگي جي معنويت يا بي معنويت تي سوچيندو رهي ٿو.
بي چيني ۽ بي سڪوني واري ڪيفيت کيس مسلسل پيڙا ۾ رکي ٿي. هڪ گول دائرو آهي جنهن ۾
ڪردار اڻکٽ چڪر لڳائيندو رهي ٿو. اڪيلائي، سگريٽ، شراب، يادون، سوچون وغيره. جنهن
کان پوءِ هُو انتهائي قدم کڻي ٿو ۽ انتقام جي آڙاه ۾ ٻرندي، ڀيانڪ تشدد ڪندي قتل
ڪري ٿو.
ناول جي ٻولي خوبصورت، سنجيده ۽
پر اثر آهي. ڪهاڻي ۾ تجسس سبب پڙهندڙ جي دلچسپي شروع کان آخر تائين برقرار رهي ٿي.
ناول جي اڌ تائين خبر نٿي پوي ته هن ڪهاڻي جو انجام مثبت ٿيندو يا منفي پر اڌ کان
پو ءِ آهستي آهستي آثار نظر اچڻ لڳن ٿا ته انجام منفي ۽ اونداهو ٿيندو.
تنهائي، هڪ اهڙو ٻه واٽو آهي
جنهن مان ڦٽندڙ ٻئي رستا هڪٻئي جا متضاد ۽ مخالف سمت ۾ ويندا آهن. هڪ رستو اختياري
تنهائي وارو آهي جيڪو انسان جي روحاني يا نفسياتي ارتقا لاءِ ضروري هوندو آهي.
فيلسوف، عالم، اديب، شاعر ۽ فنڪار هن رستي جي چونڊ ڪري، خود شناسي ۽ تخليقيت جو
سفر طئه ڪندا آهن ۽ جڏهن تنهائي مان نڪرندا آهن ته پهريان کان بهتر انسان ۽ بهتر
تخليقڪار بنجي پوندا آهن. ٻيو رستو مجبوري يا پنهنجي مرضيءَ سان به اختيار ڪيو
ويندو آهي جنهن ۾ اداسي، ڊپريشن، مايوسي، خود رحمي، منفي خيالن جي يلغار، بي عملي،
نشي جو عادي ٿيڻ وغيره جهڙيون بيماريون گهر ڪري وينديون آهن جن جو انجام پنهنجي ۽
ٻين جي زندگين لاءِ عذابناڪ ثابت ٿيندو آهي. هن ڪهاڻي جومک ڪردار، تنهائيءَ جي
منفي رستي جي چونڊ ڪري هڪ ڀيانڪ انجام ڏانهن سفر ڪري ٿو. مثبت تنهائي ۾ ماڻهو
پنهنجي ذات کي پرت در پرت کولي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هتي مک ڪردار منفي
تنهائي ۾ پنهنجي زخم جون ڪڙيون لاهيندو رهندو آهي ۽ مسلسل اذيت مان گذرندو رهندو
آهي. "اڪسير جدائي کي آلودگي جي عذاب ۾ بدالئڻ." هتي مصنف جيڪي شاندار
ترڪيبون استعمال ڪيون آهن اهي ٻئي تنهائي جي ٻن مختلف رستن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.
هتي هڪڙو سوال اهو ٿو پيدا ٿ ئي
ته عاليه جو عمل سندس چونڊ هئي يا وٽس صرف هڪڙو ۽ آخري رستو بچيو هو؟ جنهن جو جواب
خود مک ڪردار ٿو ڏي ته:" آخر عاليه سپروائزر جي تبديليءَ بابت منهنجو چوڻ ڇو
نه مڃيو هو؟ ٻن راهن کان علاوه ٽين راه به ته هئي...." تنهنڪري پروفيسر کان
بدلو عاليه جي مظلوميت جو بدلو نه پر مک ڪردار پنهنجي انا جي مجروح ٿيڻ ۽ پنهنجي،
"نام نهاد ملڪيت" هٿ مان نڪرڻ جي ڪري وٺي ٿو. عاليه جو بدلو تڏهن ٿئي ها
جڏهن پروفيسر جو مطالبو پورو ڪرڻ کان پو ءِ هادي سان تعلق ختم نه ڪري ها. هادي سان
تعلق ختم ڪرڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي آهي ته جزوي طور عاليه خود به پنهنجي پاڻ کي
ان جو ذميوار سمجهي رهي هئي.
ٻيو سوال اهو آهي ته، هادي،
عاليه کي پروفيسر جي بلئڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ، عاليه جي عملي مدد ڇو نه ڪئي؟ ڇا
صرف مشورو ئي واحد حل هو؟ پروفيسر اڪرام جي مٿان به ته ڪجه ماڻهو هئا، انهن سان
ڳالهائجي ها، ڪنهن عورت پروفيسر کي حقيقت کان آگاه ڪجي ها، حراسمينٽ ڪميٽي وٽ
دانهنجي ها وغيره وغيره پر ان وقت هادي خود مجرماڻي غفلت، بي همٿي ۽ اخلاقي
ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيو هو.
احساسِ ندامت (Feeling Guilty)
هن ناول جو مک نقطو جتي اڪيلائي
آهي اتي احساسِ ندامت ۽ انتقام جي نفسيات پڻ اهم نقطا آهن. انسان ڪو به غلط ڪم
ڪندو آهي ۽ منجهس ضمير جو ڪو ذرو هوندوآهي ته کيس ندامت ضرور محسوس ٿئي ٿي. جيڏي
وڏي غلطي يا گناھه، ندامت اوتري وڌيڪ ۽ گهري. هتي مک ڪردار جا هٿ هڪ سفاڪ قتل جي
رت ۾ ٻڏل آهن جيڪي سندس اندروني دنيا کي تباه ڪرڻ سان گڏ، سندس جسماني صحت ۽ سماجي
تعلقات تي پڻ انتهائي برو اثر ڇڏين ٿا. اهڙي ندامت مان جند آجي ڪرڻ لاءِ انسان وٽ
ٻه رستا هوندا آهن:
هڪ اهو ته هو ان جو ازالو ڪري
پو ءِ کيس ڪيڏي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. جيئن ناول "ڪائيٽ رنر" ۾ امير کان
جيڪا غلطي ننڍي هوندي ٿي وئي هئي ۽ جنهن سبب سندس دوست تمام گهڻو ڀوڳيو هو، ان جي
ازالي لاءِ هو پنهنجي دوست جي پٽ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي کي سخت خطري ۾
وجهندي، ان کي بچائي وٺي ٿو ۽ ائين هميشه لاءِ ندامت جي احساس کان آجو ٿي وڃي ٿو،
ٻيو طريقو اهو آهي جيئن دوستو وسڪي جي ناول، "ڪرائيم ائنڊ پنشمينٽ" جو
مک ڪردار ڪري ٿو. هو پوليس وٽ وڃي، قتل جو اعتراف ڪري، سزا ڀوڳي ٿو ۽ جيل مان نڪرڻ
کان پوءِ پنهنجي طوائف دوست سان شادي ڪري وٺي ٿو جيڪا حالتن جي جبر هيٺ جسم فروشي
لاءِ مجبور ٿي وئي هئي. پر هن ناول جو ڪردار، اهي ٻئي رستا اختيار نٿو ڪري يعني نه
ازالو ڪري ٿو ۽ نه ئي قانوني سزا ڀوڳي ٿو. وٽس اهو به موقعو هو ته هو تانيا سان
شادي ڪري احساس ندامت کي ڪجه گهٽائي سگهيو ٿي پر هو اهڙو ڪجه نٿو ڪري ڇو ته ازالي
ڪرڻ، سزا ڀوڳڻ يا ڪا قرباني ڏيڻ لاءِ جنهن اخلاقي جرئت ۽ بهادري جي ضرورت پوي ٿي
اها مک ڪردار هادي ۾ ناپيد آهي.
ندامت جي گهري احساس کي جيڪڏهن
مثبت طريقي سان ميٽيو نٿو وڃي ته اهو انتهائي خوفناڪ ۽ منفي طريقي سان ظاهر ٿو ٿئي
۽ جسم، ذهن ۽ سماجي تعلقات کي اڏوهي وانگر خاموشي سان کائي ختم ڪندو رهي ٿو. اهو
قضيئه غم جيڪو حل نه ٿئي، تباهڪن ثابت ٿيندو آهي، پنهنجي لاءِ به ۽ پاڻ سان
الڳاپيل ٻين لاءِ به. هتي به ائين ٿيو جيڪو منطقي طور ٿيڻو هو. مک ڪردار خود ڪشي
ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ندامت جو انت آڻي ٿو.
انتقام جي نفسيات
انتقام يا بدلو وٺڻ جي پويان
گهري نفسيات هوندي آهي. صدين تائين ماڻهو هڪٻئي کان بدلا وٺندا آيا آهن. صدين
تائين اهو خيال راسخ رهيو آهي ته بدلي وٺڻ سان بدلي جي باه وسامي يا جهڪي ٿي وڃي
ٿي ۽ ماڻهو اندروني پيڙا مان آجو ٿي وڃي ٿو پر جديد نفسيات ان کي صرف مفروضو سمجهي
ٿي. بدلي وٺڻ سان وقتي طور ته شايد قرار اچي ويندو هجي پر بدلو وٺندڙ مستقل
اندروني خلفشار ۾ مبتال رهي ٿو. ٻڌ مت، صوفي ۽ ڪيترائي فيلسوف انهيءَ ڳالهه تي زور
ڏيندا رهيا آهن ته بدلي وٺڻ کان وڌيڪ سڪون درگذر ۽ معاف ڪرڻ ۾ آهي. بدلي سان
اندروني ڦٽ ڇٽڻ بجاءِ، اٿليو پون.
بدلي جي ڪيفيت مان گذرڻ وقت،
انسان جي اندر ۾ شديد ڪاوڙ، بي چيني، بي سڪوني، پريشان ڪندڙ خواب، روين ۾ تلخي،
روزمره جي ڪمن ۽ معمولات ۾ بي ترتيبي وغيره پيدا ٿي ويندي آهي. هن ناول جو ڪردار
هادي به ساڳين ڪيفيتن مان گذري ٿو ۽ سوچي ٿو ته پروفيسر کان بدلي وٺڻ کان پوءِ کيس
سڪون ملي ويندو. جيڪڏهن مصنف، بدلي کان پوءِ هادي کي پرسڪون ۽ خوش ڏيکاري ها ته
اها هڪ ناڪام ڪردار نگاري هجي ها ۽ ناول نفسياتي حقيقت نگاري جي بجاءِ، عاميانه
ڪرائيم فئنٽيسي بنجي وڃي ها. اهڙي زبردست ۽ گهري ڪردارنگاري تي مصنف کي مبارڪباد
ڏجي ٿي.
منفي هيرو (Anti Hero)
روايتي قصن ڪهاڻين جا مک ڪردار
هيرو هوندا آهن جيڪي هر لحاظ کان مڪمل هوندا آهن ۽ منجهن ڪا ڪمزوري نه هوندي آهي.
اهي بشر هوندي به فوق البشر لڳندا آهن پر ناول جا مک ڪردار بشر هوندا آهن ۽ منجهن
بشري ڪمزوريون به هونديون آهن ليڪن اهي عام انسانن کان بهادري، عقل، علم، يا اخلاق
وغيره ۾ بهتر هوندا آهن ۽ حالتن سان مقابلو ڪندا آهن. ان جي برعڪس، منفي هيرو ۾
عام هيرو واريون خوبيون به نه هونديون آهن بلڪ ڪنهن حد تائين ان جي ابتڙ هوندو آهي
پر ولين نه هوندو آهي.
هن ناول جي مک ڪردار کي تخليق
ڪندڙ مصنف جي ذهانت کي داد ڏيڻ ضروري آهي. هن مڪمل منفي هيرو تخليق ڪيو آهي جنهن ۾
سڀ اهي وصفون موجود آهن جيڪي مڃيل ادبي نقادن وضع ڪيون آهن. هادي ۾ نه ته اخلاقي
جرئت آهي نه ئي هو شخصي يا سماجي طور قابل تقليد آهي پر پو ءِ به ڪنهن حد تائين
پڙهندڙ جي دل ۾ همدردي پيدا ڪري وٺي ٿو. جيڪڏهن منجهس احساس ندامت نه هجي ها ته هي
ڪردار ولين هجي ها.
هن ناول کي فاضل مصنف، اشارن
ڪناين ۾ وجودي ناول ڪري پيش ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي پر آئون هن کي وجودي ناول نٿو
سمجهان. مک ڪردار جي ڀوڳنا جو سبب وجودي بحران يا معنا جي تلاش نه پر قتل ڪرڻ سبب
پيدا ٿيل احساسِ ندامت آهي.
ليکڪ وچ وچ ۾ ڪهاڻي جي رواني ۾
مداخلت ڪري، ڪهاڻي کان ٻاهر جون ڳالهيون به ڪري ٿو وڃي جنهن کي ناول جي فن ۾ سٺي
نظر سان نه ڏٺو ويندو آهي پر مابعد جديد دور ۾ ان کي منهن خراب ڪري ڪڙي گوري وانگر
نڙيءَ کان هيٺ لاٿو وڃي ٿو. انهيءَ کان جيترو بچجي اوترو بهتر، جيئن ڪتابن جو ذڪر،
پارسي جوڙي جي ٽريجڊي، ڪاوئوسجي جو ذڪر، صفدر زيدي جو ناول وغيره.
هادي جو دوست واحد بخش جنهن
بيدردي سان پروفيسر تي تشدد ۽ کيس قتل ڪري ٿو، ان جي وحشت جو ڪو خاص سبب سمجه ۾
نٿو اچي، ڇو ته پروفيسر سندس سنئون سڌو مجرم نه هو.
"خون يعني قتل جي خوشبو" .... هيءَ هڪ غلط ترڪيب آهي. خون يا رت جي مهڪ
ته ٿي سگهي ٿي پر قتل جي خوشبو، درست ترڪيب نٿي لڳي.
ص ۸۴ تي مصنف لکي ٿو، "عاليه جي بي وفائي ڪينسر جيئان لڳي وئي هئم.....bهن مونسان دوکو ڪيو هو.... هن
منهنجي پاران پارايل ڪوڪو نڪ مان لاهي ڇڏيو هو، اهو محبت جي موت جو استعارو
هو...." اڳتي هلي هُو لکي ٿو: "عاليه بابت مون سوچڻ ڇڏي ڏنو هو، مونکي
پڇتاءُ هو ته مون اهڙي محبوبه جي ڪارڻ هڪ انسان جو خون ڪيو هو، جنهن مونسان شعوري
بيوفائي ڪئي هئي، جنهن منهنجو، امانت بڻيل پوتر جسم، ڪنهن ٻئي طلبگار کي تحفي ۾
ڏنو هو ۽ منهنجي روحاني دنيا هميشه لاءِ نابود ڪري ڇڏي هئي!" سوال اهو آهي ته
عاليه مظلوم هئي يا بي وفا؟ بي وفا هئي ته هن قتل ڇو ڪيو ۽ جي مظلوم هئي ته بي وفا
ڪيئن ٿي؟ هتي ڪهاڻي ۾ فڪري جهول آهي.
جيتري سفاڪي سان قتل ڏيکاريو
ويو آهي ايترو وڏو نفسياتي بحران نه ڏيکاريو ويو آهي.
پروفيسر ۽ عاليه جي ڪردارن کي
صفا سرسري انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي، اتي وڌيڪ تفصيل جي ضرورت هئي. تصور ۾ ئي سهي،
پر پروفيسر ۽ عاليه جي گفتگو ڏيکارجي ها، خود عاليه به جيڪو بيان ڪيو، اهو ڪافي
مبهم آهي. عاليه ڪهڙي نفسياتي ڪشمش مان گذري، پروفيسر وٽ وڃڻ کان پهرين ۽ پوءِ هن
ڇا محسوس ڪيو، هو ڪيتري حد تائين ندامت جي پيڙا مان گذري، گذري به يا نه وغيره.
صرف هادي جي يڪطرفه خود ڪلامي سبب ڪهاڻي ۾ ڪجھه کوٽ ۽ ٻنهي جي ڪردار نگاري ڪمزوري
جو شڪار ٿي وئي آهي.
هن ناول جي حيثيت گهڻي بهتر هجي
ها جيڪڏهن پروفيسر تي غير انساني ۽ بدترين تشدد نه ڏيکارجي ها. ڪهاڻي جي ضرورت صرف
قتل ڪرڻ سان به پوري ٿي وڃي ها پر جنهن انداز سان قتل ڪيو ويو، ان ناول جي اڏام جا
کنڀ ڀڃي وڌا آهن.
ڪجھ خامين جي باوجود، هي هڪ
بهتر ناول آهي.
(ٽه-ماھي مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد/ ڄامشورو ڪي ۱/۲۰۲۶ع پرچي ۾ ڇپيل)
ناول اڪيلائي جي آلودگي
جاويد پنهور
جڏهن به وجوديت واري پاسي تي
ناول لکجي ۽ ان ۾ سيڪس جو اظهار ٿيل هجي ته ان کي خواهش-مرڪز نيريٽو (Desire-Centered Narrative) نه هئڻ
گهرجي. هن ناول ۾ ويڳاڻپ جنهن جو بنيادي ڪارڻ سماجي حالتون هونديون آهن، اداسي،
ڪاميو جي بيهودگي، ڪافڪا جو سيلف آئسوليٽيڊ جيتامڙو ۽ جنس/سيڪس پلاٽ جو مرڪز آهن.
اهڙي صورتحال کي "اروٽِڪ ڊِپريسو نيريٽو" چئبو آهي. ان مان مراد اداسي،
ويڳاڻپ، مايوسي ۽ جنس گڏ هجن. ان نيريٽو جو استعمال ناول Lolita، Lust, Eleven Minutes يا
اهڙن ٻين ناولن جي اندر ٿيل آهي، ائين ناهي ته مڪمل اهو نيريٽو استعمال ٿيل آهي پر
ان جي استعمال خاطر مثال طور نالا ڳڻائجن ٿا هتي. جڏهن ڪردار حقيقت ۾ پڇتاءُ،
سماجي اخلاقيات يا ضمير جي سجاڳي ۾ سنجوڳ نه ڪري پر خيالن، خوابن، تصور ۾ اها ڇِڪ،
تڙپ، ڪيفيت محسوس ڪري جيئن هادي آهي ته اهڙي نيريٽو کي ووئِيرِسٽڪ ميلنڪولي (Voyeuristic Melancholy) چئبو
آهي.
ڪهاڻي:
ناول جو هيرو عبدالهادي ۽
هيروئن عاليه آهي. عاليه سان يونيورسٽي جو پروفيسر جنسي تعلق قائم ڪري ٿو ۽ ان جو
اجورو کيس پي ايڇ ڊي ڊگري ڏئي ٿو. ان کان بعد ۾ اها هيرو جي زندگي مان غائب ٿي وڃي
ٿي. هيرو مسلسل اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ مايوسي ۾ رهي ٿو. اڳتي هلي هيرو دوست واحد بخش
سان گڏجي پروفيسر جو قتل ڪري ٿو. اڳتي قتل جو کيس پڇتاءُ ٿئي ٿو. هڪ طرف هيرو وحشي
۽ سيڪس جو بکايل آهي ٻئي طرف ان کي مهذب پيش ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ٿيل آهي. هي هڪ قسم
جي ڊگهي ڪهاڻي به ٿي سگهي پئي يا ناويلا. ناول ۾ الاهي داخلي تضاد ظاهر ٿي پئي
سگهيا جيڪي لاشعوري طور دٻجي ويا آهن. ناول ۾ روايتي يا غير روايتي حوالي سان
ڪلائمڪس ناهي موجود. هيرو ۾ لڪيل ليکڪ جي شعوري خواهش کي چڱئَ طرح محسوس ڪري سگهجي
ٿو. پروفيسر جي زال آخر ۾ هيرو جي خواب ۾ اچي مڙس جو پلاند ڪري ٿي. ناول جي ڪهاڻي
هيرو پاڻ ٻڌائي ٿو.
ناول ۾ ساراھ جي
قابل گُڻ :
مختصر ۽ سگهارا جملا ناول ۾
استعمال ٿيل آهن. جن کي مختصر ۽ معنيٰ خيز جملا (Laconic
style) چئبو آهي. ناول جي اندر اها ليکڪ جي خوبي ڳڻائي سگهجي
ٿي. ٻولي ۽ نثر ٻين ناولن جي بنسبت بهترين آهي. مطالعو پڻ پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو.
ميٽافڪشن ذريعي مختلف قصا ۽ ڪهاڻيون شامل آهن. صفدر زيدي جي ناول "سنڌ
ڪماري" تي پڻ تنقيدي راءِ ڏنل آهي. حقيقت ۾ اهڙا ناول تاريخي بدنيتي جو ثبوت
آهن. سندس پورو ناول بڪواس ۽ پروپيگنڊا تي ٻڌل آهي. جنهن ناول مان فاشسٽ رياست جي
بوءِ ٿي اچي. جنهن ۾ تاريخ جو رهزن شخص محمد بن قاسم کي شريف النفس ڪوٺيو ويو.
راجا ڏاهر جي ڌئُ راج ڪُمارئَ کي ”گاما سوترا“ جي ماهر قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ کي
سيڪيولر جي جاءِ تي هڪ اهڙي ڌرتي لکيو ويو آهي، جتي عربن جي حملي کان پهريان هتي
ڪو به دين، ڌرم نه هيو، هر گهر ۾ ”لنگم“ کي نشاني طور رکيو ويندو هو. اهو ناول
فڪشن ذريعي هڪ ٻيو حملو آهي سنڌ جي تاريخ تي، سيڪيولر سنڌ ۽ سنڌ جي سپوت راجا ڏاهر
۽ راج ڪُمارئَ لاءِ من گهڙت قصا گهڙي سنڌ جي تاريخ سان سازش تحت وڏي هٿ چراند ڪئي
وئي آهي وري شابس اسان جي سنڌيڪار کي جنهن ان ناول جا قصيده ڳائي ترجمو ڪيو. مجيب
اوٺي جي ڪردارن جو ان تي مڪالمو سٺو پاسو آهي سندس ناول جي اندر.
ليکڪ جو بيانيو:
بقول ليکڪ جي "اڪيلا ۽
اداس آهيو ته اوهان خاموشئَ سان انهن ڪيفيتن کي محسوس ڪيو ۽ ماڻيو .. زندگي تنها ۽
اداس به گذري سگهجي ٿي." انسان سماجي وجود آهي. اداسي کي اپنائي اڪيلي زندگي
گذارڻ حقيقت ۾ زندگيءَ کان دستبرداري آهي. سماجي ذميواري کان فراريت ۽ وجودي طور
هيڻائپ، مايوسي ۽ بي شعوري آهي. اڪيلائي اختيار ڪرڻ سياسي بي حسي (political apathy) آهي.
وجودي بي حسي (existential passivity)
آهي. اڪيلائي انساني رشتن جي ناڪامي آهي. بقول ڪاميو جي
"دنيا بي معنيٰ آهي، بيهوده آهي" پر ان دنيا جي اندر ئي معنيٰ جي تلاش ۽
حالتن اڳيان بغاوت ڪرڻ شعوري پختگي ۽ شعوري چونڊ جو نالو آهي زندگي. تضادن کان
فراريت، دراصل تاريخي عمل کان ڪٽجڻ آهي. اتي ليکڪ پنهنجي داخلي سڪون کي اجتماعي
تڪليفن کان مٿانهون رکي ٿو ۽ سماج کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ٿو. سماجي تضادن کان
فراريت اختيار ڪري اڪيلائي کي اپنائڻ ڪو غيرجانبدار يا فطري عمل نه پر نيو لبرل
ازم سوچ جو اظهار ڪرڻ آهي. اها انفراديت پسندي آهي.
اڪيلائي ۽ آلودگي:
اڪيلائي جا آلودگي بدران اها
خشڪ، منفي، شخصي بحران جو سبب بڻيل آهي. جيڪا زندگيءَ جي گهڻ رخي حقيقتن کي ظاهر
ڪري ٿي. ناول ۾ اڪيلائي آلودگي نه آهي پر اها ذات کان فراريت، اخلاقي بحران، سماجي
حالتن کان انڪار ڪري پاڻ کي الڳ سمجهڻ جهڙو ناڪاري ۽ منفي رويو آهي. اڪيلائي پاڻ ۾
ڪڏهن به آلودگي ناهي، پر اها هڪ خشڪ، منفي ۽ شخصيت جو بحران آهي. ڪن مخصوص هنڌن تي
اڪيلائي خودڪلامي، ۽ مثبت، صحتمند ثابت ٿيندي آهي. ڪردار پنهنجي اڪيلائيءَ ۾
پنهنجي وجود سان مقابلو ڪرڻ بدران ان کان پري رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، جنهن سان
اخلاقي، جذباتي ۽ سماجي جمود پيدا ٿئي ٿو. ڪردار جي اڪيلائي صرف اداسي، ويڳاڻپ ۽
ذاتي بحران جي علامت آهي جنهن ۾ آلودگي وارو پاسو غائب آهي. اڪيلائي صرف هڪ نفسياتي
۽ سماجي حالت آهي. اڪيلائي انساني تجربي جي حالت آهي، جيڪا مثبت ۽ منفي ٻنهي جو
سنگم ٿي سگهي ٿي پر آلودگي جو تعلق مادي شين سان آهي. علامتي طور ان جو استعمال ٿي
سگهي ٿو پر ٻولي جي معيار مطابق تمام گهٽ.
تجويز:
هيرو خواب گهڻا ڏسي ٿو. خيالن ۾
رهي ٿو. هڪ هنڌ انهئَ ڪيفيت ۾ هو خواب ۾ ايندڙ عورت سان مخاطب ٿئي ٿو، شروع ۾ اهو
خيال ئي محسوس ٿئي ٿو. اڪثر ڪري ڪردار جي اندروني مونولاگ يا هيليوسينيشن ۾ ٿيندو
آهي، جنهن ۾ خيالن جو وهڪرو ۽ سريئل خيال گهڻا هوندا آهن. ان طريقي کي اضافيت (Apostrophe) چئبو آهي، جيڪا پلاٽ ۾
باقاعده مناسب لڳي ٿي. اتي جديديت پڄاڻان جي ٽيڪنڪ پوليفني (polyphony)
جون جهلڪيون ٿي پئي سگهيون جيڪي موجوده/جديد ناول ۾ خوبي
طور استعمال ٿئي ٿي. جتي فرد اڪيلو نٿو رهي، هن جو آواز ذات تائين محدود نٿو رهي.
پنهنجي خيالي شخصيت سان مخاطب ٿيڻ ان جو هڪ ننڍڙو مثال آهي. ان ۾ ميٽافزيڪل عنصرن
جو نيريٽو جي اندر عمل دخل هوندو آهي جيڪو ماحول هن ناول اندر محسوس ٿئي ٿو. جيئن
سارتر جو ناول Nausea، اورحان
پامڪ جو ناول My Name Is Red، يا سريلنڪا
جو بڪر پرائيز ناول The Seven Moons of Maali Almeida انهن ۾ ان ٽيڪنڪ جو استعمال ٿيل آهي. ان باب جي اندر هيرو خيال ۾ ئي ان
خواب واري عورت سان مخاطب هئڻ گهرجي ها ته ناول جي اضافي خوبي هئي اها پر اڳتي
ظاهر ٿئي ٿو اها هن جي اڳيان حقيقت ۾ موجو هوندي آهي.
پلاٽ:
جيئن ته ناول جي اندر مختلف باب
لکيل آهن، هر باب جو الڳ نالو، واقعو آهي جيڪو هيرو جي ڪهاڻي سان ڳنڍيل آهي. باب
ٻيو "سيگهئَ جو سراب" ڪافڪا جي ناول
"Metamorphosis" جي مرڪزي ڪردار سان ملندڙ آهي،
ان ناول جو هيرو وجودي بحران ۾ هڪ ئي ڪمري ۾ ڄڻ قيد ٿي ويندو آهي ائين ئي
عبدالهادي جي ڪهاڻي جو اهو باب پڙهندي ساڳو منظر تحت الشعور مان شعور ۾ اچي وڃي ٿو.
هيرو هڪ طرف عورت ڏانهن ڇڪ، جنس
جي بک، ڇڙواڳي ۽ ٻئي طرف اگهاڙو عورت اڳيان هوندي پاڻ کي مهذب پيش ڪري ٿو. اها
خواهش ۽ اخلاقيات جي پيچيدگين جو اظهار آهي. ڪردار ارتقائي مرحلي ۾ آهي، ان ۾
الاهي تضاد پڻ نمايان آهن. هڪ پاسي جنسي فرسٽريشن جو شڪار هيرو خواب ۾ عورت کي ڏسي
تڙ واري حالت ۾ هليو وڃي ٿو ٻي صورت ۾ اگهاڙي عورت کي اڳيان ڏسي شريف ٿيڻ جي جيڪا
اداڪاري ڪري ٿو حقيقت ۾ ڪردار سطحي ۽ غير حقيقي ظاھر ٿئي ٿو. ان صورتحال ۾ هيرو جو
شرمسار ۽ پڇتاءُ هئڻ گهرجي ها. ليکڪ ٿوري محنت ڪري ها ته ان ڪردار جي ان صورتحال
جي اندر
اِڊ: جنسي ڪشش
جيڪا ڪردار اندر پوري ناول ۾ حاوي آهي...
ايگو: شريف هئڻ
جو ڍونگ ...
سپر ايگو:
اخلاقيات يعني اگهاڙي عورت اڳيان خاموش ٿي وڃڻ
...
اتي اخلاقي ۽ انساني تضاد، خوف،
شرم ۽ خواهشن جي پيچيدگين کي پلاٽ جو حصو بڻائي ڪردار جي وجوديت تي ڀرپور مڪالمو
ٿي سگهيو ٿي. اصل ۾ اهو سڄو معاملو psychological defense
mechanism آهي. پڇتاءَ وارو عنصر هيرو جي ڪردار ۾ شامل
ضرورو آهي پر ان جو تعلق ڪنهن ٻئي واقعي سان جڙيل آهي.
هڪ هنڌ لکيل آهي "پچي پچي
ٺڪر ٿي ويو هيس، ڪنهن سان نينهن بي اثر هو، ڪنهن جي ڪنوارپ به قرار نه پئي ڏئي
سگهي" (ص ۱۲) اصل ۾ ان کان بعد جا مڪالما
پلاٽ جي ماحول مطابق هئڻ گهرجن ها پر ان جي ابتڙ ۽ متضاد صورتحال آهي. جيئن
"صحتمند مرد جي حيثيت سان مون کي هميشه هڪ حسين نارئَ جي طلب رهندي
هُئي" (ص۳۵) اصل ۾ اها مرد شاونيت ۽
مرداڻي بالادستي آهي جنهن ۾ عورت ڪمزور ۽ ان تي طاقت جو غلبو ڏيکارڻ آهي. اها Symbolic Violence (علامتي زيادتي) آهي. اهڙي صورت
۾ ناول Male Gaze جو
مثال آهي. نفسياتي طور اتي هيرو فراريت حاصل ڪري پاڻ کي آزاد پيش ڪري ٿو "مان
ذميوار ناهيان، منهنجي جبلت ذميوار آهي" يعني عورت جي طلب منهنجي جبلت ۾ آهي.
فيمنزم ۾ ان صورتحال کي ڏسجي ته عورت اتي تسڪين جو ذريعو آهي بنسبت آزاد وجودي
حيثيت هجي. ريڊيڪل فيمنزم تحت اتي پدرشاهي سوچ جو غلبو ڪردار جي ذهنيت تي حاوي
آهي. يا "سيگهي جي وڃڻ سان منهنجي اک کلي ته جسم مان وهي نڪتل آلاڻ جو احساس
ٿيو." (ص۲۰) جڏهن هن جو مرڪز عاليه آهي،
باقي عورتون هن جي زندگي ۾ ثانوي حيثيت رکن ٿيون ته هو جيڪي به خواب ڏسي ٿو، جن به
عورتن سان ملي ٿو انهن ۾ هو جنسي ڇِڪ محسوس ڪيئن ڪري ٿو، جيئن "مون ٻه ڀيرا
آسيس ماڻي هئي، پر اها عورت جي انهئَ فطري آس کي نابود ڪري نه سگهي هئي" (ص ۹۱) هتي هٿ سان رس ڪڍي هيرو پنهنجي فرسٽريشن کي ٿڌو ڪري سڪون ماڻي ٿو. هڪ ٻي
عورت کي ڏسي چوي ٿو "سندس بدن ۾ بلا جي تشنگي هئي" (ص۹۷) يا "هن ۾ جواني جَون جي فصل جيان ڦُٽل هئي" (ص۹۹)- "مون کي هڪ عورت جي جسم جي گهرج پاڳل ڪري رهي هئي" (ص ۱۰۳)- "هن جا پشم جهڙا پستان ڇاتئَ جي وزن هيٺ هئا." (ص ۱۰۴)- "سندس پستان جهالر جيان لڙڪي رهيا آهن." (ص ۱۰۶) ٻيو ته ناول جي ليکڪ کي جنس تي لکڻ جو ڏانءُ ناهي، اگهاڙپ نيريٽو تي حاوي
آهي. چوڻ جو مقصد اهو بلڪل ناهي ته ڪردار هيروئن کان علاوه ٻين عورتن سان سيڪس نٿو
ڪري سگهي پر ڪرداي جي جوڙيل ماحول ۾ هيرو جي شخصيت ڌنڌلي، مبهم، غير واضح ۽
منجهائيندڙ آهي.
ڪردار جو ماحول،
هيرو ۽ نفسياتي پاسو:
عاليه جو ڪردار سطحي، ڇسو ۽
پلاٽ جي ماحول ۾ خودمختياري کان محروم آهي. جنسي تعلق عيوض پي ايڇ ڊي ڏيڻ واري
ڳالهه تحت هن جي نه داخلي دنيا آهي، نه اخلاقي سوال، نه مزاحمت، نه وجودي پاسو، نه
خود ان جو حقيقي وجود پوءِ اوچتو غائب ٿيڻ ان ڪردار سان ناانصافي آهي. عاليه کي
پلاٽ ۾ ليکڪ استعمال(functional character) ڪيو آهي بنسبت ان کي پنهنجي منشا تي هلڻ جي. موجوده ناولن جو وڏو
مسئلو ليکڪ جي نيريٽو جي اندر مڪمل مداخلت آهي جيڪا ڪردارن کي بيوس ۽ لاچار بڻائي
ڇڏي ٿي.
هيرو جي جنسي بک، وحشت، ۽ ساڳئي
وقت مهذب هجڻ جي دعويٰ اصل ۾ ڪمزور ڪردار نگاري آهي. ڪهاڻي جي فني ارتقا جمود جو
شڪار آهي اهو ان ڪري ته پورو ناول ڪردار جي جنسي فرسٽريشن سان جڙيل آهي ۽ اتي ئي
ڦرندو رهي ٿو. ناول جي واقعن ۾ Rising action موجود ناهي. هادي جو خودمختيار هئڻ بدران ٻاهرين قوت جو غلبو (authorial switching) رهي ٿو
جنهن ڪري هڪ وقت شريف ته يڪدم جنسي فرسٽريشن جو شڪار لڳي ٿو. ڪردار جي مونولاگ ۾
لکيل ناول آهي، ڊائلاگ تمام گهٽ آهن، پلاٽ ۾ ڏنل معلومات ليکڪ جي ارادي سان جڙيل
آهي بنسبت ڪردار جي زندگي کي وجوديت ۽ نفسيات جي تناظر ۾ پيش ڪرڻ جي يعني هي flat
dialogue syndrome آهي. اهي شيون ممڪن آهن پر
ڪردار جي نفسيتات تي وڇوڙي جا اثر ڏيکاري اهڙي صورتحال کي جوڙڻ قابل قبول ۽ خوبي
هو.
عاليه جو ميسر نه هئڻ سان هيرو
جي اهڙي ٽريٽمينٽ/بناوٽ هئڻ گهرجي ها جيئن باقي عورتن ڏانهن ڪشش يا ڇڪجڻ نفسياتي
خال محسوس ٿئي ها. ليکڪ کي عاليه جي غير موجودگيءَ سان پيدا ٿيل هادي جي اڪيلائي،
ويڳاڻپ ۽ انتهائي مايوسي کي فني طور ظاهر ڪرڻو هو. ليکڪ پاڻ به پنهنجي ڪردار وانگر
منجهيل، غير يقيني جو شڪار آهي جو هڪ طرف ڪردار جنس جو بکيو ٻئي طرف شريف، هڪ طرف
عورت مظلوم ٻئي طرف ساڳي عورت جنسي ڪشش رکندڙ ۽ رنڊي، هڪ طرف قتل کي سماج لاءِ
ڇوٽڪارو سمجهڻ ٻئي طرف پڇتاءُ هئڻ ان واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ائين ٿو
محسوس ٿئي ليکڪ جنس تي کليل نموني لکڻ چاهيو آهي پر پنهنجي سماجي وايومنڊل کي ڏسي
ڊپ جو شڪار ٿي پنهنجي شعوري خيالن کي دٻائي ويو آهي.
تت/اصلاحي راءِ:
ناول پنهنجي جوهر ۾ خوبين ۽
خامين سميت انفراديت رکندڙ آهي. ناول اڪيلائي، بيزاريت، ويڳاڻپ، وجوديت ۽ نفسيات
جو سنگم آهي. ناول جي موضوعاتي چونڊ ڏاڍي سٺي آهي. ڪهاڻي کي اڳتي وڌڻ لاءِ جوڙيل
ماحول پڻ ليکڪ جي محنت جو نتيجو آهي. جنس جي اظهار ۾ فني پختگي گهٽ آهي ان حوالي
سان ڪردار جي نفسيات تي ڪم ٿيڻ گهرجي ها. هيرو ۾ اخلاقيات ۽ خواهش، داخلي تضاد ۽
نفسياتي ارتقا تي نظرثاني ٿيڻ گهرجي جيئن اڊ، ايگو، ۽ سپر ايگو ان جي جوڙيل ماحول
جو حصو لڳن ۽ هيرو جي عملن ۽ خوابن جو وجوديت سان تعلق واضح ٿئي. اڪيلي رهڻ تي زور
ڏيڻ بدران انساني رشتن جي اهميت ۽ سماجي ذميواري کي ڪردار جي چونڊن ۽ تجربن ۾ ظاهر
ڪيو وڃي. ليکڪ جي ذاتي ارادي جي مداخلت کي گهٽائي عاليه جهڙي ڪردارن کي جڳھ ڏيڻ
گهرجي. خوابن ۽ خيالن ۾ پيش ٿيندڙ خواهش کي پلاٽ سان منطقي طور جوڙيو وڃي.
ناول اَڪيلائيءَ جي
آلودگي
مير حسن مري
مجيب اوٺي جو هي ناول، سندس پڙهيل
پھريون ناول آهي. هن کان اڳ سندس ناول هائپر سومنيا ۽ شارٽ اسٽوريز جا ڪتاب آئون
نه پڙھي سگھيو ھئس .
هي ناول اَڪيلائيءَ جي آلودگي
جي نالي سان شايع ٿيو آهي.
هي ناول بنيادي طور تي هڪ اهڙي
ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿو، جيڪو گم سم رهندڙ، تنهائي پسند ۽ خواب ڏسندڙ آهي. هو گهڻو
ڪري اڪيلو رهندو آهي، خواب ڏسندو آهي، ۽ انهن خوابن مان ئي سندس ڪهاڻيون جنم وٺن
ٿيون. ناول به اهڙي ئي فضا ۾ اڳتي وڌي ٿو، سندس تنهائي، ڊپريشن، اداس شامون ۽
زندگي گذارڻ جو مخصوص انداز.
اھو سڀ ڪجهه هڪ واقعي کان پوءِ
وڌيڪ شدت اختيار ڪري وڃي ٿو. سندس يونيورسٽي جي دوست عاليه، جيڪا پي ايڇ ڊي اسڪالر
به آهي، پنهنجي گائيڊ طرفان جنسي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاء دٻاءُ جو شڪار ٿئي ٿي.
پروفيسر ، عاليه سان جنسي لاڳاپا رکڻ لاء مجبور ڪري ٿو. عاليه اها شڪايت ناول جي
مرڪزي ڪردار سان ڪري ٿي، ۽ سڄي ڪهاڻي انهي نقطي جي چوڌاري ڦرڻ لڳي ٿي.
ان واقعي کان پوءِ مرڪزي ڪردار
جي زندگي بدلجي وڃي ٿي. هو لڳاتار عاليه کي ياد ڪندو رهي ٿو، ۽ آخرڪار سندس
پروفيسر کان بدلو وٺڻ لاءِ کيس قتل ڪري ٿو. ناول ۾ هڪ مڪمل باب اهڙو آهي، جتي هو
پروفيسر کي ماري ٿو ، هي ئي اهو واحد حصو آهي، جتي ڪردار ڪجهه حد تائين ايڪشن ۾
نظر اچي ٿو. ان کان سواءِ سڄي ناول ۾ هو يا ته سُتل آهي، خواب ڏسي رهيو آهي، شراب
پي رهيو آهي، يا رڳو سوچن ۾ گم آهي.
سندس زندگي ۾ ڪٿي به حقيقي حرڪت
(موومينٽ) نظر نٿي اچي. شام جو جيڪڏهن هو سمنڊ ڪناري يا ڪنهن ٻي جاءِ وڃي ٿو ته
اتي به کيس خاموش، اڪيلو ۽ ڪٽيل ڏيکاريو ويو آهي. سپورٽنگ ڪردار به گهڻو ڪري ساڳئي
باب ۾ نظر اچن ٿا، جتي قتل جو واقعو پيش اچي ٿو. ڊرامائي شدت به رڳو اتي ئي ڏسڻ ۾
اچي ٿي.
ناول ۾ جيڪڏهن هو ڪنهن عورت سان
لاڳاپو قائم ڪري ٿو ته اتي به ڪا خاص جسماني يا جذباتي سرگرمي نظر نٿي اچي. هو
گهڻو ڪري رڳو سوچيندو رهي ٿو.
عاليه لاءِ کيس اهڙي حد تائين
مالڪي واري (possessive) ۽ ردِعمل
وارو ڏيکاريو ويو آهي، جو هو هڪ پروفيسر کي قتل ڪري ڇڏي ٿو، پر سڄي ڪهاڻي ۾ هن
انتهاپسندي جي ڪا مضبوط وضاحت (جسٽيفڪيشن) سامهون نٿي اچي. نه ئي عاليه سان سندس
اهڙي گهري جذباتي وابستگي ڏيکاري وئي آهي، جيڪا کيس اهڙي حد تائين وڃڻ تي مجبور
ڪري.
هتي ان ڳالهه تي به تنقيد ٿئي
ٿي ته اسان وٽ اڳ ئي هڪ عام بيانيو موجود آهي ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پروفيسر
عورت اسڪالرز کي جنسي طور هراسان ڪن ٿا. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به ٿي سگهي
ٿي، ۽ مجيب اوٺي به انهي حد تائين ان واقعي کي ڪهاڻي ۾ آندو آهي، جنهن تي گهڻي
تنقيد نٿي ٺھي. اصل مسئلو اهو آهي ته مرڪزي ڪردار جو رويو، سندس شدت، ۽ قتل جهڙي
عمل تائين پهچڻ جي نفسياتي تياري پوري طرح واضح نٿي ٿئي.
هڪ ٻي خامي اها به آهي ته ڪردار
گهڻا خواب ڏسي ٿو، ڪتاب پڙهي ٿو، شراب پيئي ٿو ۽ عورتن سان لاڳاپا رکي ٿو، پر کيس
گهري فڪري سطح تي سرگرم ڏيکاريو نٿو وڃي. انهي سبب ڪهاڻي پڙهندڙ کي پوري طرح پاڻ
ڏانهن ڇڪي نٿي سگهي.
پڙهندڙ هميشه اها ڪوشش ڪندو آهي
ته هو ڪردار سان هم آهنگي محسوس ڪري. جيڪڏهن ڪردار متحرڪ هجي ۽ سندس ذهني ۽ جذباتي
ڪيفيت واضح هجي ته پڙهندڙ به ساڻس گڏ هلندو آهي، پر هن ناول ۾ اها هم آهنگي پيدا
نٿي ٿئي. بنيادي سبب اهو آهي ته ڪردار انتهائي غير متحرڪ آهي. شايد انهي ڪري ئي
ناول جو نالو به اَڪيلائيءَ جي آلودگي رکيو ويو آهي.
منهنجي نظر ۾ هي ڪردار هڪ اهڙي
ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي، جنهن مان هو نڪرڻ چاهي ٿو، پر نڪري نٿو سگهي. ڪهاڻي ۾
اسٽوري ٽيلنگ جي کوٽ آهي، جذباتي گهرائي به پيدا نٿي ٿئي، ۽ عورت سان قربت کي صرف
“انزال” تائين محدود ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪا فني يا احساساتي خوبصورتي پيدا نٿي
ٿئي.
بهرحال، ناول شايع ٿي چڪو آهي.
ماڻهو ان کي پڙهندا، راءِ ڏيندا ۽ تنقيد به ڪندا. سڀ ناول پڙهن، اھو ممڪن نه آهي،
پر جيڪي دوست ادب سان جڙيل آهن، تن جو حق به بڻجي ٿو ته هو پڙهن ۽ ان تي ڳالهه به
رکن .
آخر ۾ هڪ اهم نڪتو اهو به آهي
ته ناول ۾ تاريخي ۽ قومپرست بياني، خاص طور راجا ڏاهر ۽ سندس ڌيءَ کي آئيڊيل
بڻائڻ، ۽ محمد بن قاسم بابت جيڪو ردِعمل ڏيکاريو ويو آهي، اهو اسان جي سنڌي
قومپرست فڪري سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪردارن کي اهڙي طرح آئيڊيل بڻائڻ
به سوال طلب آهي. لڳي ٿو ته ليکڪ صفدر زيدي جي ناول بنت ڏاھر تي ٿيل تنقيد کان
متاثر ٿيو آهي، جيڪا ڪهاڻي جي وهڪري کي متاثر ڪري ٿي.
بهرحال، ناول اچي چڪو آهي،
پڙهيو ويندو، ۽ ان تي بحث هلندو رهندو.