Saturday, January 24, 2026

مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو تنقيدي جائزو - زيڊ اي لانگاھ

مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” جو تنقيدي جائزو

تجزيو: زيڊ اي لانگاھ


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو ناول زينت سنڌي ۾ لکيل چند اوائلي ناولن مان ھڪ آھي. مرزا صاحب ھي ناول سال ۱۸۹۰ع ۾ لکيو ۽ ۱۸۹۹ع ۾ سکر مان شايع ڪرايو. يعني ھي ناول آزادي کان به تقريبن ۵۷ سال اڳ لکيو ويو. ھن ناول لکجڻ سان سنڌي ادب ۾ ناول جي صنف به اسرجڻ لڳي ۽ اڄ تائين پراڻا توڙي نوان اديب ۽ لکاڙي ھن صنف ۾ طبع آزمائي ڪري رھيا آھن. تاريخي حساب سان ھن ناول جي تمام گھڻي اھميت آھي، پر ھن ناول بابت ڪافي ماڻھن پنھنجي طرفان ڪجھه اھڙيون ڳالھيون ڪيون آھن جيڪي مرزا صاحب جي ناول بابت مختلف شڪ شبھا پيدا ڪنديون رھيون آھن. جيئن عرساڻي صاحب پنهنجي ڪتاب “چار مقالا” ۾ لکيو هو ته زينت ناول “صحت النساءِ” ڪتاب تان نقل ٿيل آھي، پر عرساڻي صاحب نه ان جو ڪو حوالو ڏنو نه ئي اڳتي ڪجهه لکيو. اھڙو خيال سائين اڪبر لغاري صاحب جو پڻ آھي ڇو جو ڪجھه ڏينھن اڳ انھن ھڪ فيسبوڪ پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته “مرزا صاحب جو ناول زينت اردو ناول “صحت النساءِ” تان ماخذ ٿيل آھي”، پر منھنجو خيال عرساڻي صاحب ۽ لغاري صاحب جي خيالن جي بلڪل برعڪس آھي. زينت بلڪل اصلوڪو ناول آھي جنھن ۾ زينت ۽ ان جي خاندان جي ڪھاڻي ڏاڍي زبردست نموني اڻيل آھي. جڏھن ته صحت النساءِ ھڪ مضمونن جو ڪتاب آھي. جيڪو سيد عزيزالدين سال ۱۹۱۱ع ۾ دھلي مان ڇپرايو. صحت النساءِ ڪتاب دراصل عورتن جي تندرستي ۽ پوشيده يا عورتاڻين بيمارين متعلق آھي. زينت ۽ صحت النساءِ ۾ ڪا به ھڪجھڙائي ناھي. ان ڪري اھو چوڻ حق بجانب آھي ته زينت ھڪ اصلوڪو ناول آھي ۽ ڪنھن به ٻئي ڪتاب تان ماخذ يا نقل ٿيل ناھي. ھاڻي آئون ھن ناول جي سرسري ڪھاڻي لکڻ چاھيان ٿو ته جيئن جن ماڻھن ھي ناول نه پڙھيو آھي، اھي ھن ناول جي مجموعي ڪھاڻي کان واقف ٿين.