پوھ
جي رات
(ريخته
ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
(۱)
ھلڪوءَ
ايندي ئي زال کي چيو؛ ”شھنو آيو آ! کڻي آءُ جيڪا روڪڙ رکيل آ. کيس ڏيون ته ڪا جان
آجي ٿئي.“
نونھڻس
مُنيءَ، ٻھاري پئي ڪڍي. پوئتي مُڙي چوڻ لڳس؛ ”ٽي ته روپيڙا آھن، سي ڏيونس ته پوءِ کٿو
ڪٿئون ايندو. مانگھ پوھ جي رات، ٻنيءَ ۾ ڪيئن گھارجندي. کيس وڃي چؤ ته فصل لٿي تي کيس
پئسا ڏينداسين. ھاڻ نه!“
ھلڪو،
جھٽ سوا ته تپرس ۾ بيٺو رھيو. وري پنھنجي دل ۾ سوچيندو رھيو ته؛ ’پوھ ته سر تي اچي
ويو آ. کٿي بنا ٻنيءَ ۾، رات جو ته ڪو نه سمھي سگھندس. مگر شھنو مڃيندو به ڪو نه! ويتر
ڇڙٻون ڏيندو.‘ اھو سوچيندي، ھو پنھنجو ڳؤرو بت، جيڪو سندس نالي جي ابتڙ ھيو،
لوڏيندو، پنھنجي زال وٽ آيو ۽ خوشامد ڪندي چيائينس؛ ”کڻي آ! ڪنھن نموني جان ته آجي
ڪيان. کٿي لاءِ ڪا ٻي سوچ ويچار ڪندس.“
