Sunday, May 7, 2017

جاڙي جمعدار جو انٽرويو - ارباب ڇڄڙو

جاڙي جمعدار جو انٽرويو
ارباب ڇڄڙو
جاڙو جمعدار ڀلا ڪنهن نه ٻڌو هوندو، سندس ذڪر خير اڪثر اخبارن ۾ ايندو رهندو آهي، مون کي به پنهنجي عوامي رسالي اکٻوٽ لاءِ جاڙي جمعدار کان انٽرويو ڪرڻ جو شوق ٿيو. هفتي کن جي ڳولا کان پوءِ هڪ مسخرن جي جاءِ تي هو ملي ويو. اتي، ڊرامي جي نالي ۾ عورتن جي ڊانس ٿي رهي هئي. جاڙو انهن کان منٿلي وٺڻ آيو ھيو. مان هيٺ انتظار ڪرڻ لڳس.


ڪجهه دير کان پوءِ، کين ڪچيون پڪيون گاريون ڏيندو، هيٺ لهي آيو. شايد منٿلي گهٽ ملي هيس خير.
زوريءَ واقفيت ڪرائيمانس ۽ انٽرويو لاءِ به عرض ڪيومانس. چوي؛ ”يار ڀوڪ مون وٽ وقت گهٽ آهي، پر هل ڪنهن هوٽل تي ويهي ٿا ڳالهيون ڪريون.“
چانهه جو ڍڪ ڀري چيائين؛ ”ها! پڇ!“
”جاڙا خان توهان لاءِ، عام راءِ اها آهي ته چورن تي ڪوڙيون شاهديون ڏيندا آهيو؟“ پھريون سوال پڇيومانس.
”ها يار! ٿيو هيئن جو. مان ڳوٺ ويل هوس. پويان ڪنهن صوبيدار صاحب چور ٻڌا ۽ لکي ڇڏيائين جاڙي جمعدار هنن کي سڳ سوڌو پڪڙيو. مون چيو؛ بابا، آئون ته هيس ڪين. پر مون کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، مون سچ ڳالهايو ته؛ بابا مون هنن کي ناهي ٻڌو. پوءِ ته مون لاءِ باهه ٻري وئي. آفيسرن چيو؛ بابا جاڙو چورن جو ساٿي ٿي ويو آهي. ڪجهه مهينن لاءِ گهر وڃي ويٺس. پڇاڻو ٿيو، انڪوائريون هليون، پوءِ وڃي بحال ٿيو هوس. ان کان پوءِ هاڻي ڪورٽ ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ منهنجي حوالي آهي. قرآن کڻي ڪوڙ ٿو هڻان. نوڪري بچائڻي آهي، ٻار بک مرندا، ان لاءِ ڪوڙ جو سهارو وٺندو آهيان.
”ڀلا هروڀرو واٽ ويندا ڇو ٻڌندا آهيو؟“ جواب منجھان سوال پيدا ڪندي پڇيومانس.
”ڀوڪ! ٻڌ ته سهي. اسان کي گاڏي ۽ ڊرائيور ٿاڻي تان ملندو آهي. پر تيل جا ڏوڪڙ مٿي کاڄي ويندا آهن. پوءِ تيل وٺڻ لاءِ ۽ هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ بيڏوها ٻڌي ڏوڪڙ وٺندا آهيون.“
”چوندا آهن ته، پوليس نوڙيءَ مان نانگ ٺاهيندي آهي، ان لاءِ ڇا چوندا؟“
”بابا! ڏس نه، سٺي شهر ۾ جتي ڏوهه گهڻا ٿيندا آهن. ان ٿاڻي لاءِ آفيسر واڪ ڏيندا آهن. جيڪو وڌيڪ ڏوڪڙ ڏيندو آهي، اهو اتي مقرر ٿيندو آهي. پوءِ مٿي جي في به ڪڍڻي هوندي آهي، ڏنل رقم به پوري ڪرڻي هوندي آهي، ان لاءِ ڏوهي به، اسان کي پيدا ڪرڻا هوندا آهن.“
”اهو ڪيئن؟“
”اهو هيئن ته، ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو چور رهي ٿو يا ڌاڙيل جو ڳوٺ آهي، پوءِ اسان اتي ريڊ ڪندا آهيون، چور ملي نه ملي پر اسان ٽريڪٽر هلائي سڀ گهر ڊاهي پٽ ڪندا آهيون. ۽ پوءِ ماڻهن کي ڪاوڙ ايندي آهي ۽ اڪثر چور ۽ ڌاڙيل پيدا ٿيندا آهن ۽ اسان جي ڄڻ لاٽري کلي پوندي آهي.“
”ڀلا مٿان جيڪي وڏا آفيسر آهن اهي به توهان کي ڪو نه ٿا جهلين ته توهان ايئن نه ڪريو؟“
جاڙو ڪاوڙجي پيو. چوڻ لڳو؛ ”تون واقعي ڀوڪ آهين. اڙي بابا! انهن کي به مٿي ڏوڪڙ ڏيڻا هوندا آهن. اها هڪ چين ٺهيل آهي. پر ٻڌ اها ڳالهه شايع نه ڪجانءِ! بابا ڪي ڪي ڳالهيون ڳجهه ۾ رکڻيون پونديون آهن. ڀوڪ!!“
”ڀلا توهان جي پگهار جو آهي، پوءِ به توهان جي پوري نه آهي ڇا؟“
”چرٻٽ! رات جو وڏي صوبيدار جي مانيءَ تي وڏو خرچ آهي. روز ڇيلو ڪسندو آهي. شراب به سٺو هوندو آهي ۽ شباب به ضرور هوندو آهي. ڊي ايس پي، منڇي به ان مانيءَ ۾ شريڪ هوندا آهن. اڪثر صاحبن جون ٻه يا ٽي شاديون به هونديون آهن. پوءِ پگهار پوري ڪيئَن پوندي ڀوڪ؟ ٻيو ته خرچ به هوندو آهي نه؟ چريا! مٿيان صاحب رات جي ويلي تي لک خرچ ڪندا آهن. اڪثر وزير به اهڙي دعوت ۾ شامل هوندا آهن. ميان ماڊلون اينديون آهن. ڪو چرچو ڪرڻو آهي ڇا؟“
جاڙي جون ڳالهيون ٻڌي، منهنجو ته دماغ چرخ ٿي ويو هو. چيم؛ جي اهڙيون ڳالهيون مون واري رسالي اک ٻوٽ ۾ شايع ٿيون ته، پوءِ پڪ ته منهنجو خير نه آهي پر جاڙي جو به الائي ڇا ٿيندو.
چيومانس؛ ”جاڙا! هي توهان جي ڳالهه ٻولهه ته شايع ڪرڻ جهڙي ناهي؟“
ٽهڪ ڏيندي چيائين؛ ”روز ٽي ويءَ تي ڏسندو آهين ته، فلاڻو هيڏا لک ۽ ڪروڙ رکندي ٻڌجي ويو آهي، ڏوڪڙن جون ڀريون گاڏيون ۽ سون پيا ڏيکارين، پر ٻڌاءِ ڪيترن کي سزا ملي آهي.“
مون وائڙو ٿي پڇيس؛ ”ڪو ڪو نه ٻڌو آهي؟“
جاڙو وري چوڻ لڳو؛ ”بابا ڏوڪڙن جون ٻيڙيون ڀريل پڪڙيون پر انهن کي به ڪجهه ڪو نه ٿيو. بابا آفيسر ننڍو هجي يا وڏو ڏوڪڙ ٿا گهرجن. پوءِ سڀ ٺيڪ آهي، باقي سزا انهن کي ملندي آهي جيڪي غريب هوندا آهن. ڀلا ڀوڪ ٻڌاءِ ڪنهن غريب کي ڪو حق مليو آهي؟!“
مون چيو؛ ”نه بلڪل نه؟!“
”ان جو مطلب آهي ته انصاف خريد ڪرڻو پوندو آهي. رنڪل ڪماري دانهون ڪندي رهي ان کي انصاف مليو؟“ هاڻي ته مرڳو جاڙو مونکان انٽرويو ڪرڻ لڳو هو.
جاڙي مون لاءِ چانهه جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ سگريٽ دکائي دونهان ڪڍڻ لڳو. مان اداس ٿي ويس. مون محسوس ڪيو ته، جاڙو به اداس ٿي ويو هو. هو به ته، مسڪين سپاهي هيو. ڪن ڪن ماڻهن جي اندر ۾ رڳو پٿر پيل ڪو نه هوندو آهي، پر دل به هوندي آهي.
”ڀلا جاڙا! ڪنهن غريب تي ڪو رحم به آيئي؟“
”اسان کي خبر هوندي آهي ته هي بيڏوهي آهي، پر پوءِ به ان کي سچ پترا هڻندا آهيون. هاڻي ٻڌاءِ ته اسان ڇا ڪيون؟!.“
”برابر، برابر.“ مون چيو.
”پوليس کي خبر هوندي آهي ته، چورن ۽ ڌاڙيلن جي مالڪي ڪير ٿو ڪري، پر اسان جون به ٻانهون ٻڌل هونديون آهن. پوليس به وڏيرن جي ٻانهن هوندي آهي. نوڪري به ته بچائڻي هوندي آهي، ڀوڪ.“
”ڀلا! توهان کي ڪي سهولتون به مليل آهن؟“
”ڪي به نه، اسان وٽ ته پوليس وارو قانون انگريزن وارو ٿو هلي. انهن جو ڪم ئي هئو، ماڻهن کي هيسائڻ ۽ اسان کي ٽرينگ دوران ساڳيو ئي سبق ڏنو ويندو آهي. اسان کي اهو ناهي ڏسڻو ته، اڳيون ڏوهي آهي يا نه، بس اسان کي حڪم مڃڻو هوندو آهي. جي حڪم نه هوندو ته پوءِ اسان کي ڪجهه به چوڻو ناهي. ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ به شايع ٿيندو آهي ته، فلاڻي ڳوٺ ۾ پوليس جون قميسون به ماڻهو لاهي ويا. اها اٿئي اصل ڳالهه.“
”ڀلا مٿين آفيسرن جو توهان سان ته، سٺو سلوڪ هوندو؟!.“
جاڙو هيڏي هوڏي ڏسڻ لڳو. مون ڏٺو ته هو ڊڄي پيو. تنھن ھوندي به دل جھلي چيائين؛ ”ميان ڀوڪ! ٻڌو اٿئي نه ته ڀٿين کي به اکيون ۽ ڪن آهن. ميان اسان جي پويان به جاسوس هوندا آهن. چوندا آهن ته، جڏهن ڀوليءَ جا پير سڙندا آهن ته پوءِ ٻچن جي مٿان پير رکي بيهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اسان کي حڪم ڏئي ڪو ڪم ڪرائيندا آهن ۽ پوءِ جي ڳالهه ڳچيءَ ۾ پئجي ويندي اٿن ته، ھٿئون اسان تي چڙهي ويندا آهن، ته اهو ڪم پوليس وارن پاڻ ڪيو آهي. پوءِ لاڪ اپ ۾ اسان سپاهي هوندا آهيون ۽ نوڪري به اسان جي ويندي آهي، سزا به اسان کي ملندي آهي، اسان به ڪو سکيا آهيون.“
”ڀلا موڪل جي ته توهان کي سهولت هوندي؟“
”نه! بلڪل نه! اسان لاءِ قانون ۾ موڪل آهي ئي ڪو نه. ڀلي ابو مري يا امڙ مري، پر موڪل نه آهي. اھو به سو هاڻي رڳو ويزا جي سهولت آهي. کوڙ سپاهي اڌ پگهار وٺن ٿا، نوڪريون ڪو نه ڪن. گهر ويٺا آهن پر دبئي ۾ وڃي ٿا نوڪريون ڪن. ٻيو سڀ خير آهي. ڪڏهن ڪڏهن رشوت ۾ ڀلا ڪم به ٿي ويندا آهن. جيئن ته هي ويزا جي سهولت آهي؟“
”ڀلا آخر ۾ڪو پيغام ڏيندا؟!“
”پيغام ۽ جاڙو جمعدار! ڳالهه ته ٺھي ئي ڪا نه ٿي. پر مون جيڪو چيو آهي، ان کي نه رڳو عام ماڻهو پڙهن پر وڏا آفيسر به پڙهڻ ۽ سوچين ته ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان هي ٿاڻي جو نظام سڌري پوي. پر اهڙي اميد ڏسڻ ۾ ڪا نه ٿي اچي.“

نوٽ: جاڙي جا ڪجهه ڦوٽو ڪڍايا هيم پر الائي ڪاٿي ڪري پيا. اگر اداري وارن کي ملن ته ضرور شايع ڪن.
توهان جو ڀوڪ.

No comments:

Post a Comment