Sunday, February 1, 2015

اها رات -احسان دانش

اها رات
 ڪهاڻي
احسان دانش

اها رات هڪ عجيب رات هئي، جنهن رات منهنجي مٿان حيرتن جا نوان جهان نروار ٿيا هئا. آرڪيالاجي شعبي ۾ ڪم ڪندي هڪ عرصو گذريو آهي، کناکيڙ ۽ کوجنا طبيعت جو حصو بڻجي وئي آهي..... قديم آثارن ۽ عظيم ماڳن تي تحقيق ڪندي انهن جاين تي ڪيئي راتيون گذاريون آهن پر مهين جي دڙي تي گھاريل ان رات جي ياد سدائين سوچن تي سوار رهي آهي.


مونکي مهين جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ واري ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. گذريل ٻارنهن ڏينهن کان اسان جي ٽيم دڙي جي ريسٽ هائوس ۾ ترسيل هئي. ان وچ ۾ ڀر پاسي جي ڳوٺاڻن مهين جي دڙي بابت عجيب عجيب ڳالهيون ٿي ٻڌايون.
ڪنهن چيو ته ”دڙي تي جن، ديوَ ۽ ڏائڻيون رهنديون آهن.“ ته ڪنهن دنيا جي ديڳ تي نانگ جي پهري جي ڳالهه ٿي ڪئي. ڪو چوي ”اسٽوپا جي ڀر ۾ رات جو باهه ٻرندي مون پاڻ پنهنجي گنهگار اکين سان ڏٺي آهي.“
اسان جي لاءِ اهي ڏند ڪٿائون ڪي نيون ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ نه هيون، جو هر قديم ماڳ لاءِ مقامي ماڻهن وٽ لڳ ڀڳ ڪجھ اهڙيون ئي ڪهاڻيون هونديون آهن...
اسان جي ٽيم وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ لاءِ جاءِ طئي ڪري چُڪي هئي، بس هاڻي رڳو عملي طور ڪم جو آغاز ڪرڻو هيو...... اسان جي آخري ميٽنگ رات جو نائين وڳين ختم ٿي هئي، جنهن بعد ڊنر ڪري هر ڪو وڃي پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ آهليو هيو. اها چوڏهينءَ جي رات هئي، چنڊ پنهنجي جوڀن تي هيو ۽ سندس کير جهڙا ڪرڻا هر پاسي ڦهليل هيا. مهين جو دڙو چانڊوڪيءَ سان وهنتل هيو..... منهنجو مضطرب من چانڊوڪيءَ جو ديوانو آهي، ڪڏهن ڪڏهن مونکي لڳندو آهي ته منهنجي دل جي جاءِ تي شايد ڪو چڪور ويٺو آهي. ڪمري جي دريءَ تي پردو ورائي نه سگھيس ۽ ان رات دل جي چڪورَ ڪمري ۾ ويهڻ نه ڏنو. اها ڊسمبر جي 26 تاريخ هئي. ٻاهر هلڪو هلڪو ڪوهيڙو ڦهليل هيو پر چانڊوڪي رات ۾ ان ڪوهيڙي ماحول کي وڌيڪ رومينٽڪ بڻائي ڇڏيو هو. مان هينگر مان اوور ڪوٽ لاهي پاتو ۽ گرم هيٽ مٿي تي ڦٻائي ٻاهر نڪري آيس.... جيڪو منظر ڪمري جي دريءَ جي شيشي مان نظر آيو هو، ٻاهر نڪري مان انهيءَ منظر جو حصو بڻجي چڪو هيس.
 مان ڌيري ڌيري اسٽوپا طرف وڌڻ لڳو هيس. مان مهين جي دڙي کي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪندي ڏسڻ پئي چاهيو. هلندي هلندي ڪَنڊيءَ جي سُڪل وڻ وٽ منهنجا قدم رڪجي ويا..... ڪنڊي جي سڪل ٽارين پٺيان لڪيل ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل اسٽوپا جي منظر ۾ عجيب طلسم پئي محسوس ٿيو. مان ڪي پل اتي ئي ڄمي ويس. هي اهو ئي وڻ هيو جنهن جي هيٺان گرميءَ جي ڏينهن ۾ جان مارشل ڪي پل آرام ڪندو هيو. اچانڪ پوربَ پار بادلن جو گجگوڙ ٿيو ته جسم ۾ سيءَ جي لهر ڊوڙي ۽ قدم اڳتي چُريا. سنهين سِرن واريون ڏاڪڻيون چڙهندو اسٽوپا جي ڀرسان پهتس. اوڀر طرف کنوڻ چمڪي رهي هئي. اُٺي جي هوا ڊسمبر جي ان رات کي وڌيڪ سرد ڪري ڇڏيو هو. مون ان اتاهينءَ تان هڪ نظر ڊي. ڪي ايريا تي وڌي جتي چاندنيءَ جي چادر وڇايل هئي ۽ پس منظر ۾ کنوڻ جا چمڪاٽ هيا.
مان اسٽوپا کان گريٽ باٿ ڏانهن وڃڻ لاءِ قدم سوريا ته چٻري پنهنجي ڀوائتي آواز ۾ ٻوليو. چوڦير سانت هئي ۽ ان خوفناڪ آواز منهنجي بدن مان سيسراٽي ڪڍي ڇڏي. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته هو اسٽوپا تي ويٺو هو. ٿورو سامت ۾ اچي وري اڳتي وڌيس. اسٽوپا کان ڪجھ ڏاڪا هيٺ اولهه پاسي، سوڙهين ويڪرين گھٽين مان گذرندو تلاءَ ڏانهن وڌڻ لڳس. اڃا تلاءَ تائين نه پهتو هيس ته پاڻيءَ جي تيز وهڪري جو آواز محسوس ڪيم. گھٻرائجي ويس.... پر قدمَ نه روڪيم، ويتر تيز تيز وکون کڻي گريٽ باٿ وٽ پهتس.... تلاءَ کي پاڻيءَ سان ڀريل ڏسي پنهنجي اکين تي اعتبار نه آيو. مونکي اهو ڪو خواب پئي لڳو. اکيون مهٽي وري ڏٺم پر تلاءُ اُجري پاڻيءَ سان ڀريل هيو. مونکي خوف ٿيڻ لڳو، وڌيڪ هڪ پَلُ به بيهي نه سگھيس ۽ ساڳين گھٽين مان تڪڙو تڪڙو اسٽوپا ڏي وڌڻ لڳس. من کي عجيب وهمن ويڙهي ڇڏيو هو. اکين ۽ دل هڪ ٻئي جو ساٿ نه پئي ڏنو. ذهن ۾ عجيب ويچار ڌارا هلندي رهي.
اسٽوپا وٽ اچي ڏٺم ته اهو چٻرو اڏامي چڪو هو، جنهن ڪجھ دير اڳ مونکي ڇرڪائي وڌو هو. اوڀر کان ڪارا ڪڪر مهين جي دڙي ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيا هئا. مان ريسٽ هائوس ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ اسٽوپا جي ڀرسان هيٺ لهندڙ ڏاڪڻين جو رخ ڪيو ته اچانڪ ڪنهن جي ڇير پاتل قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.... مان ان کي پنهنجي اندر جو خوف سمجھي ڪن لاٽار ڪئي. ٻه ٽي قدم مس کنيان ته وري ڪنن ۾ ”ڇم ڇم“ جو آواز ٻُرڻ لڳو.
”ڇم ڇم... ڇم...... ڇم ڇم ڇم ڇم ڇم ............ ڇم.... ڇم.“
اهو آواز منهنجي آس پاس ئي هيو. ڌيري ڌيري کنيل قدم يڪدم تيز ٿي ويا ۽ وري آهستي آهستي کڄڻ لڳا. مان ڇير جي ڇمڪڻ مان چال جو اندازو پئي لڳايو. اندر جي ڊپَ کي حوصلي ۾ تبديل ڪري اسٽوپا جي ان پاسي وڌيس جنهن پاسي کان ڇير جو آواز اچي رهيو هو.
”ڇم ڇم ڇم ڇم ڇم ڇم ..........“
مان جنهن طرف وڌي رهيو هيس، ڇير جو آواز ان کان اڳتي وڌي رهيو هو. يقين نه هجڻ باوجود نه ڄاڻ ڇو مونکي ائين محسوس ٿيو ته پَڪ سان اهو ڪو جن ڀوت آهي. مان پنهنجي آواز مان خوف جي خنڪيءَ کي ڌار ڪري دٻدٻي سان چيو ”جيڪو به آهين، مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪر.“ مون جملو پورو ڪيو ته ڇير جو ڇمڪو بند ٿي ويو. مان اسٽوپا جي چوڌاري ڦري آيس پر ڪوئي به نه هيو. وري هيٺ لهڻ لاءِ ڏاڪڻين ڏانهن رخ ڪيم. ڏاڪڻيون لهي هيٺ آيس ته وري ڇير ڇمڪڻ لڳي، پر هاڻي مونکي اندازو نه پئي ٿيو ته اهو آواز ڪهڙي پاسي آهي، ڇوته آواز جي گونج ڇوڦير هئي. مان اڳتي وڌندو ان چوواٽي تي پهتس، جنهن جي هڪ واٽ ڊي. ڪي ايريا ڏانهن وڃي رهي هئي ۽ اسان جي ٽيم اتان ئي ڪم جي شروعات جو سوچيو هو.
اچانڪ مون محسوس ڪيو ته ڇير جو آواز آهستي آهستي منهنجي قريب اچي رهيو هو. مون وري چيو ”ڏس مان تنهنجي ان ڇير جي ڇمڪي کان ڊڄان نه ٿو...... جيڪو به آهين سامهون اچ.“
”اينديس...... پر پهريان تون منهنجي پٺيان اچ.“ اهو ڪنهن عورت جو نرم آواز هيو، ائين لڳو ڄڻ هن اهو آهستي منهنجي ڪن ۾ چيو هجي. اهو آواز ٻڌي منهنجي لونءَ ڪانڊارجي وئي.
مان چوواٽي تي ڄمي ويس ۽ ڇير جو آواز ڊي. ڪي ايريا ڏي وڌي ويو. منهنجي سامهون ريسٽ هائوس ڏانهن ويندڙ رستو هيو ۽ ساڄي پاسي ڊي. ڪي ايريا...... نه ڄاڻ ڇو منهنجا قدم ساڄي پاسي سُري ويا ان ڇير جي ڇمڪي پٺيان..... ڪڪرَ چنڊ جي قريب پهچي چُڪا هئا ۽ مان ڊي. ڪي ايريا ۾ داخل ٿي ويو هيس. ويران ۽ خاموش گھٽين ۾ ڇير جي ڇم ڇم ان چانڊوڪي رات ۾ جادوئي اثر پيدا ڪري رهي هئي. مان ان آواز جو هٿ پڪڙي اڳتي وڌندو رهيس ۽ نيٺ هڪ هنڌ اهو آواز بند ٿي ويو. اهو ٻه منزله کوهه جي ڀرسان وارو ويڪرو ڪمرو هيو...... مان بنا ڇت واري ان ڪمري جي چوڌاري نظر ڦيرائي ۽ مٿي کليل آسمان ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ چنڊ چمڪي رهيو هو ۽ ڪارا ڪڪرَ کيس پنهنجي ٻانهن ۾ ويڙهڻ لاءِ آتا هيا.
”هاڻي ٻڌاءِ تون ڪير آهين........؟“ مان پنهنجي آس پاس ڏسي ڳالهايو. هاڻي مان خوف جو پردو چاڪ ڪري چُڪو هيس.
”مان آهيان ...... سمبارا.“
آواز چٽو ٻڌڻ ۾ آيو.
”سمبارا !!........ ڪٿي آهين؟!“
هوءَ ڀت جي اوٽ مان ظاهر ٿي. مونکي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه پئي آيو، ڇوته ان کان اڳ مون اهڙو ڪو منظر ڪنهن هارر يا مئسٽرڪ مووي ۾ ئي ڏٺو هوندو...... هن کي چمڪيلا ڪپڙا پاتل هئا ۽ ڪلهن تي گلابي چادر هئي. ڪا حسن جي ديوي ٿي لڳي.
”سمبارا ....... تون ته ماضيءَ جو قصو آهين.......!“ مون چيو.
”ها! پر مونکي ڪڏهن به موت نه ٿو اچي سگھي. ڏس اڄ به تون مونکي سڃاڻين ٿو.... مان دلين ۾ زنده آهيان.“
”سمبارا تنهنجو ننگو بت ڇو ٺاهيو ويو هو؟ “ سالن کان ذهن ۾ ڦرندڙ سوال اچانڪ چپن تي اچي ويو.
هوءَ ڪنهن بُت جيان خاموش ٿي وئي.
”ڇا هن شهر جا ماڻهو ننگي رقص کي پسند ڪندا هئا؟“
هن جي اکين مان گرم لڙڪ زمين تي ڪريا ته باهه جا شعلا بڻجي ويا. مونکي هن جي اکين ۾ درد ۽ ڪربَ جا ڪڪر نظر آيا، انهن ڪڪرن جي برسات شعلن جو مينهن آڻي رهي هئي ان ڪري مان ڊڄي ويو هيس. ڳالهه مَٽائي چيم ”مونکي لڳي ٿو تون ڏاڍو سٺو رقص ڪندي هوندينءَ.“
”ڪاش ڪوئي منهنجي ننگي بدن کان وڌيڪ منهنجي رقص تي ڳالهائي ۽ منهنجي فن کي سمجھي.“ هن پنهنجي ڪلهن تي وڌل گلابي چادر هٽائي ته چاندنيءَ ۾ هن جون سنهڙيون اگھاڙيون ٻانهون سنگِ مر مر جيان چمڪڻ لڳيون. هن جي ٻانهن ۾ چانديءَ جون چوڙيون ۽ هڪ بازوءَ تي سونو ڪنگڻ سوگھو ڦاٿل هيو. هوءَ ڀت جي ڀر مان نڪري مون ڏانهن اچڻ لڳي. ”ڇم ڇم ڇم ڇم ڇم ڇم...... ڇم....... ڇم.“ مان پنهنجي من ۾ زلزلو ايندي محسوس ڪيو. هن منهنجي ويجھو اچي آهستي منهنجي ڪن ۾ چيو ”منهنجو رقص منهنجي بدن کان وڌيڪ حسين آهي.“
مان هن جي فيروزي نيڻن ۾ غور سان ڏٺو، جن ۾ عجيب طلسماتي ڪشش هئي. مان ان طلسماتي ڪشش ۾ گم ٿيڻ کان اڳ کانئس پڇيو ”سمبارا تون مونکي هتي ڇو وٺي آئي آهين؟“
 ”ان ڪري جو توهان اسان جي شهر کي برباد ڪري رهيا آهيو ۽ مان اهو نه ٿي چاهيان.“
”پر اسان ته هن شهر جي تهذيب کي دنيا اڳيان آندو آهي. ان ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟“
هن جون فيروزي اکيون وري لال ٿي ويون، ائين ٿي لڳو ڄڻ اجھو انهن مان اُلا نڪتا.........
اچانڪ ڪارا ڪڪر چنڊ کي ويڙهي ويا، چوڦير اڻٽيهين رات جهڙو انڌيرو ٿي ويو. ان اوندهه ۾ ڇير جو آواز تيزيءَ سان مونکان پري ٿيندي ٿيندي گم ٿي ويو. ڪي پل مان سمبارا کي سڏيندو رهيس پر ڪا به ورندي نه آئي...... اونداهيءَ وري منهنجي من ۾ ڊپ جا ڪنڊا پئي اڀارايا. ڪجھ سمجھ ۾ نه پئي آيو. ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيس. ٻه ٽي پل مس گذريا ته ٻاهر ويڪريءَ گھٽيءَ مان پريان کان ايندڙ گھوڙن جي ٽاپ ۽ ڪنهن رٿ جي اچڻ جا آواز ٻُرڻ لڳا...... اهي آواز ٻُڌي منهنجي جسم ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي وئي. آواز ويجھا ٿيندا ويا، گھوڙن جي ٽاپ قدمن جي آوازن ۾ تبديل ٿي وئي. آواز آهستي آهستي ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳا..... بادل ڌيري ڌيري چنڊ تان هٽڻ لڳا.
مان ڪمري جي ڪُنڊ مان اٿي ويڪري ديوار کان هٽي دروازي ڏانهن نهاريو. هڪ پل لاءِ دل دهلجي وئي. دروازي جي پويان ڪنگ پريسٽ هيو....... اها ئي چاپئين ڏاڙهي، سيني تي اجرڪ نما چادر، پيشاني تي ٻڌل تعويز........ مون سندس مجسمو چڱي نموني ڏٺو هيو ان ڪري کيس سڃاڻڻ ڏکيو نه هيو....... هن جي چوڌاري سندس محافظ هيا، اهي صحتمند ۽ طاقتور ٿي لڳا ۽ ڪنهن جي به هٿ ۾ ڪا تلوار نه هئي....... ڪنگ پريسٽ پنهنجن محافظن سميت ويڪري ڪمري ۾ گھري آيو....... مون ڏي تيز نظرن سان گھوريندي چيائين ”تون ڪير آهين............. ۽ هن وقت اسان جي سلطنت ۾ ڇا پيو ڪرين.؟“
مونکي پنهنجو وجود اهڙي ڪهاڻيءَ جو ڪردار پئي لڳو، جيڪا ٻارن کي حيران ڪرڻ لاءِ ٻُڌائي ويندي آهي.
”مان قديم آثارن جو ماهر آهيان ۽ چانڊوڪيءَ جي موهه مونکي هتي آندو آهي.“
”چانڊوڪيءَ جي موهه........ ڇا توکي چانڊوڪيءَ جي زهر جو اندازو نه آهي؟“ هن وڏي رعب سان چيو.
مونکي سندس جملي ڏڪائي وڌو، ڳلو سُڪندي محسوس ڪيو. اچانڪ ڪمري ۾ تيز هوا جو جھوٽو داخل ٿيو جنهن اوور ڪوٽ مان آرپار ٿي جسم ۾ سيءَ جون سُيون ٽُنبي ڇڏيون. مان ڳيت ڏئي ڳلو آلو ڪيو ۽ وڏي ادب سان پريسٽ کي ٻڌايو ته ”مان مصر، ايران ۽ عراق جي تهذيبن تي به تحقيق ڪئي آهي ۽ هاڻي مهين جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ واري ٽيم سان ڪم ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان.“
پريسٽ پنهنجن محافظن مان هڪ جي ڪن ۾ ڪجھ ڀڻڪيو جنهن ٻين محافظن مان چئن کي منهنجي چوڌاري بيهڻ جو چيو. هو مون ڏي وڌي آيا ۽ منهنجو خوف به وڌي ويو. مونکي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته آخر منهنجو ڪهڙو قصور هيو. اهي محافظ جيڪي منهنجي چوڌاري بيٺا هيا سي قد ۾ مونکان ڪافي وڏا ۽ هاٺيءَ ۾ مضبوط هيا. مان هن مان ڪنهن هڪ جي ڌڪ سان به بيهوش ٿي پئي سگھيس.
پريسٽ منهنجي ويجھو اچي ساڳي رعب ۽ دٻدٻي سان چيو ”گھڻو ٿيو هاڻي مان پنهنجي سلطنت جو هڪ انچ به کوٽڻ نه ڏيندس.“
”پر سائين ان سان هن شهر ۽ هتان جي تهذيب جا وڏا راز کُلندا.“ مان خوف جي ڪوهيڙي کي هٽائي ڳالهايو.
”توهان ڪهڙا راز کولڻ چاهيو ٿا؟“
”اهي ئي ته اسان جا وڏا پنج هزار سال اڳ به ڏاڍا سولائيزڊ هيا..... هن کوٽائيءَ سان اسان کي اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مواد ملندو ۽ اسان دنيا آڏو اهو فخر سان چئي سگھندا سين ته........“
”ته اسين امن پسند، صلح جو ۽ محنت ڪش آهيون. سنڌو اسان جي زندگي آهي........ اسين بهترين هنرمند ۽ ڪاريگر آهيون.......... رقص ۽ موسيقي اسان جي روح ۾ رچيل آهي...... اسان خوشحال زرعي سماج ۾ بهترين زندگي گھاري رهيا آهيون، اڏاوت جا شوقين ۽ شهري زندگيءَ جي اصولن جا پابند آهيون......... اهو ئي چئي سگھندئو نه اسان لاءِ.“
”ها....... ها اهو ئي.“
”نه ڪا ضرورت ناهي...... پنهنجي ٽيم کي چئه ته منهنجي شهر کي وڌيڪ کوٽڻ جي ڪاضرورت ناهي...... ٿي سگھيوَ ته منهنجي هن عظيم شهر کي مٽيءَ سان لٽڻ جي ڪوشش ڪيو........ توهان منهنجي شهر جي حفاظت ڪرڻ بدران ان جي ڀيل ڪئي آهي...... توهان تهذيب جا قاتل آهيو، توهان بي حس ۽ بي درد قوم آهيو.......“ پريسٽ جي نيڻن مان ٻه ڳوڙها ڳڙي سندس ڏاڙهيءَ ۾ گم ٿي ويا.

مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيس. ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر نهاريو ته پرهه جا ڪرڻا رات واري ڪوهيڙي کي هٽائي چُڪا هئا.

No comments:

Post a Comment