Sunday, December 1, 2013

چوريون ختم ڪرڻ جو نسخو - فاطمه ڀرڳڙي

چوريون ختم ڪرڻ جو نسخو
فاطمه ڀرڳڙي
ڪجھه ڏينهن کان شهر ۾ چورين جي باهه ٻري پئي هئي. پوليس هڪ مجرم جهلڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي هئي. چور ته ڇڏيو پر ڪاليج ويندڙ ڇوڪرين جي رستي ۾ ڦٽاڪا ڦاڙيندڙ ڇوڪرن کي به نه جهلي سگهي هئي.
سرڪار پاران مٿان کان وري دڙڪا پيا اچن، دٻون پيون ملن. جنهن ڪري سڄو عملو ٻوٿ ڦيلهڙو ڪيو ويٺو هوندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن فيصلو ڪيائون ۽ پاڻ ۾ چندو ڪري، پنجاب مان جاسوسي ڪتا گھرايئون ته من ڪو هڪ ئي چور جهلجي. پر خدا ڪو خانو خراب ڪري ڪتن جو، سڀ پئسا پاڻي ۾ وڃائي ڇڏيائون. ڪُتا، چور کي ڳوليندا سڌو اچي ڊي ايس پي کُدو مڱڻهار جي ڪرسيءَ تي چڙهي ويٺا. ڪتن جي ان ڳالهه هن کي وڌيڪ مڇرائي ڇڏيو.


ڪتن اچڻ کانپوءِ، ڪجهه ڏينهن کان ڦرڪو ڦريل لڳو. چور چوري ڪرڻ کان پوءِ هڪدم پڪڙجي پئي پيا. بلڪ جيڪي چور چوري جو اڃا رڳو تصور ئي ڪندا هيا ته به پڪڙجي پوندا هئا. هر طرف امن امان جو اسپري ٿي ويو. رات جا چوڪيدار ننڊ جون گوريون کائي سمهڻ لڳا. ڊي ايس پي کُدو مڱڻهار جڏهن بي بي سي ڏسي رهيو هو ته عراق بم ڌماڪن کان پوءِ فورن سٽي ٿاڻي جي عملي جا انٽرويو شروع ٿي ويا. نمائيندو بار بار اهو پُڇي رهيو هيو ته آخر اها ڪهڙي ٽيڪنيڪ هٿ ڪئي اٿوَ، جو چور رڳو چوريءَ جو تصور ئي ڪري ٿو ته پڪڙجي پوي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ڏسي ته ڊي ايس پي کدو مڱڻهار کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. پر حيرت ۽ خوشيءَ ۾ تڏهن اضافو ٿيس، جڏهن اهو ٻڌائين ته انگلينڊ جي راڻي ”هائوس آف ڪامن“ مان بل پاس ڪيو آهي ته لنڊن جي ناڪاره پوليس کي ٽريننگ لاءِ سنڌ موڪليو وڃي.
سچ ته اهو آهي ته ڊي ايس پي امن امان کان اڳ ان ٿُڪ بُجي تي پشيمان هو، جيڪو هن سٽي ٿاڻي وارن تي ڪيو هيو. هن کي ڪهڙي خبر هئي ته اها ئي پوليس اڳتي هلي هن جو نالو روشن ڪندي. ڊي ايس پي کدو مڱڻهار ويس بدلائڻ ۾ ماهر هو. هن سوچيو خبر ته وٺجي ته آخر هي اهو سڀ ڪجهه ڪيئن پيا ڪن. سو هڪڙي شام رات جي پهر ۾ ڳوٺاڻي جو ويس ڪري آيو. ڳوٺ ۾ هي ٿاڻو ٿي لڳو. رات ڦهلجي چڪي هئي، پر ٿاڻو ڪا به لائيٽ نه ٻرڻ جي باوجود به روشني ۾ چمڪيو پئي. روشني ايس ايڇ او جي ٺوڙه جي هئي. لائيٽ نه استعمال ڪرڻ تي واپڊا وارن هنن کي تعريفي ليٽر به ڏنو هئو. سڀني جا کيسا ايترا ته گرم هيا جو دونهان نڪري رهيا هيا.

ٿاڻي تي کدوءَ ڪوڙي ايف آءِ آر ڪٽرائي. آئون جڏهين وٿاڻ ۾ داخل ٿيس. منهنجي ڀلوڙ مينهن غائب هئي. هو منهنجي مرضي کان سوا ڪٿي به نٿي وڃي سگھي. جڳهه واردات... فلاڻو فلاڻو گواه ايف آءِ آر لکجڻ کان پوءِ ايس ايڇ او اڇي ٽوپي پاتي.. تسبيح ۽ ”فال نامه قراني“ کڻي آيو. هن ”فال برائي چوري“ وارو صفحو ڪڍيو. هن کدوءَ کي چيو ته هاڻ بسم الله پڙهي اکيون بند ڪري هن گول چڪري تي آڱر رکو. کدو حيران ٿي ويو.. بهرحال ايئن ئي ڪيائين. ايس ايڇ او هيٺ ڪنڌ ڪري پڙهڻ شروع ڪيو. پڙهي مسڪرايو.. سائين اوهان جي چوري ڪانهي ٿي...  اهو ستارو مشتري هو. تمام سٺو ستارو. اهو ڏسي کدو ڳيت ڏني.. نه نه سائين منهنجي چوري ٿي آهي. هن آساني سان هار مڃڻ نه پئي چاهي. سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو... فال ڪا ڪوڙ ڳالهائيندي ڇا؟ ڇا ٿا سمجهو...  خدائي ۾ شڪ پيا ڪريو... خدا ڪڏهين اهو گناه معاف نٿو ڪري.. مرڻو ڪو نه اٿو ڇا؟ مرڻ کان پو باھ ۾ جلندين جيڪا هن باه کان ستر ڀيرا وڌيڪ آهي.... اُٺ جي ڳچي جيڏا نانگ.. کدو وڌيڪ ٻڌي ڪو نه سگهيو ۽ ڏڪندي .. ڪپڙا ڇنڊي ٿاڻي کان ٻاهر نڪري آيو.

No comments:

Post a Comment