Thursday, December 22, 2016

ادب جو ڪارج، ادبي پرک ۽ اديبن جي ذميداري! ارشاد ڪاغذي


ادب جو ڪارج، ادبي پرک ۽ اديبن جي ذميداري!

ارشاد ڪاغذي

ادب هڪ آئيني مثل آهي جيڪو معاشري ۽ زندگي جي رخن کي ظاهر ڪري ٿو. ادب سماج جي تصوير ڏيکاري ٿو، اهو اميج تصوراتي ۽ تخيل تي آڌاريل هوندو آهي ۽ تخليق جي رنگن سان رڱجي خوبصورت ڏيک پسائي ٿو. اديب جو ڪم آهي ته جيڪو دنيا ۽ سماج ۾ وهي واپري ٿو ان جا نقش نگار چٽا ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ڪرڻ آهي . تخليقڪار پنهنجي قلم جي زور تي ٻاهرين دنيا جا احساس، امنگون، اڌما، لاڳاپا، وهنوار، وارتا، خواب، خيال، فڪر ۽ ذڪر بيان ڪري ڄڻ ته هڪ اولڙو پسائي ٿو.اديب ۽ ليکڪ پنهنجي وت ۽ وس آهر سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو ۽ ان لاءِ تڪليفون برداشت ڪري ٿو. سچي ۽ کري اديب جو اهو فرض آهي ته هو سماج کي بدلائڻ لاءِ قلم کي استعمال ڪري ٻين کي راحت پهچائڻ جو بندوبست ڪري. دنيا ۾ جيڪي اديب، ڏاها ۽ انقلابي پيدا ٿيا آهن تن جي تخليقن سوسائٽي تي گھري ڇاپ ڇڏي آهي ۽ ان جي اثر جي ڪري سماج ۾ سڌارو، تبديلي ۽ انقلاب برپا ٿيو آهي. انهن جي تحريرن اهڙو چمتڪار ڪري ڏيکاريو جو غلط ريتون ۽ رسمون ۽ غليظ خيال ۽ ظلم جي دنيا جا بنياد لڏي ويا ۽ هڪ نئون سماج اسريو ۽ نسريو. انهن جي اندازي ۽ عقيدي، علم ۽ عمل -نظم توڙي نثر، ادبي توڙي فيلسوفِياڻي لکڻين- دنيا جي ماڻهن ۽ ثقافتن مٿان گھرو اثر وڌو. عالمن، اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي پر ۾ جدا جدا ۽ گڏجي علم و ادب سان پنهنجي ديس جي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهيا. ڪڏهن هو الڳ ۽ اڪيلي هوندي به انجمن هئا ته ڪڏهن هو گڏجي ادب ۽ علم جا گلستان بنجي پنهنجي پورهئي ۽ جدوجهد سان ديس ڀائين ۽ سماج ۾ نئون ڦيرو ۽ انقلاب آندو. ڪيترين صورتن ۽ سببن جي ڪري دنيا جي تاريخ ۾ اهڙا واقعا ۽ لقاءَ به ٿيا آهن جو هڪ ڄڻي (واحد فرد) پنهنجي علم، ادب، شعور، ڏاهپ ۽ ادراڪ جي بل بوتي تي هڪ تحريڪ پيدا ڪري تبديلي جو گس ڏنو ۽ پنهنجي مهانتا جو ڪارنامو سرانجام ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو.


يورپ ۾ روشن خيالي ۽ جاڳرتا جي زماني ۾ اتان جي اديبن، ڏاهن ۽ ليکڪن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان ڪايا پلٽ ڪري دنيا ۾ انقلابن لاءِ هڪ روڊ ميپ تيار ڪيو. پندرهين صدي ۽ سورهين صدي واري عرصي ۾ مارٽن لوٿر جي پروٽيسٽنٽ تحريڪ جي شروعات، ڇپائي جي مشين جي ايجاد ۽ سجاڳي جي سوجهري يورپ جي اونداهي دور کي سويري ۾ تبديل ڪيو ۽ يورپ ۽ اتان جا ماڻهو اوندهه انڌوڪار جي ننڊ مان سجاڳ ٿي نوان خواب ۽ خيال کڻي جاڳي پيا ۽ پوءِ سمورو کنڊ ۽ دنيا روشن ٿي وئي. معاشرو جيڪو گند سان ڀريل هو ۽ مذهبي، سياسي ۽ اخلاقي عقيدن جي غلط روايتن ۾ جيڪا سوسائٽي هئي، ان ۾ جاڳرتا جي لهر ڦهلجي وئي ۽ مذهبي هڪ هٽي کي چئلينج ڪيو ويو ۽ انقلاب جي صدا گھر گھر گونجڻ لڳي. هڪ عظيم سوچ، خيال ۽ ويچار انسانيت جو اساس ۽ اثاثو بڻجي هڪ اهڙي موڙي ثابت ٿيا، جن سماج کي نئون نڪورو بڻائي ڇڏيو. هڪ زبردست قسم جي اٿل پٿل ٿي ۽ سمورو وايومنڊل تبديل ٿي ويو. لوٿر جي تحريڪ ۽ ڇپائي مشين جي ايجاد جي ڪري جيڪو فڪري انقلاب آيو، تنهن دنيا ۾ انقلاب جا در کولي ڇڏيا. ڊيڪارٽ ۽ ٻين عظيم اديبن جي علم، ادب ۽ عمل سان دنيا جو نقشو تبديل ٿي ويو. تاريخ ۾ ان جو تذڪرو سنهري حرفن ۾ درج ٿيل آهي ۽ تاريخدان ان باري ۾ جيڪي حقيقتون لکيون آهن، تن جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته مغرب جا مُوڙهَل ماڻهو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيا ۽ هڪ وڏو ڇلانگ ڀري ڌو پار پهتا، اهو سمورو ڪرشمو انهن مهان شخصيتن جي محنتن جو ڦل آهي جن خيالن ۽ ويچارن جي دنيا ۾ انقلاب آڻي عوام کي سجاڳ ۽ خبردار ڪيو. روشن خيالي جي اها سوچ رياست، اقتدار، سماج ۽ حڪومت کي بدلائڻ لاءِ ”سنگِ ميل“ ثابت ٿيو. هو سوين سالن جي اونداهي دور مان روشن دور ۾ داخل ٿيا ۽ اهو سلسلو هوريان توڙي ڏاڍيان هلندو رهيو. يورپ ۾ ۱۴ ۽ ۱۶ صدي عيسوي جو دور جاگيرداري، قبائلي ۽ مذهبي پيشوائن جي آپيشاهي نظام جو عهد ليکيو وڃي ٿو. ان دور جي مدي خارج عقيدي پرستي، مذهب جي هڪ هٽي، جاگيردارن، بادشاهن ۽ پوپ پنڊتن جي بالادستي کي مليا ميٽ ڪري هڪ نئين روشن خيال دور جي شروعات ٿي ۽ هڪ نئين جاڳرتا جو آغاز ٿيو، جنهن جي ڪري مڊل ڪلاس ۽ هيسيل ۽ محروم خلق زنجير ڇنائي ڪر موڙي اٿي پئي ۽ يونان ۽ روم جي دانشورن، ڏاهن ۽ فيلسفوفن جي عقيدي ۽ زرين اصولن جي اثر سان هڪ نئين تحريڪ جنم ورتو ۽ نئين متاثر ڪندڙ لهر ۽ فنڪارانه تخليق جو سلسلو شروع ٿيو ۽ جمود کي ٽُٽي پيو. علم، ادب، سائنس، صنعت ۽ حرفت ۾ انقلاب آيو ۽ انسانيت جو بول بالا ٿيو. جيتوڻيڪ ڪاري دور جا ڪلور ۽ پاڇا اڃا به تازه ۽ زنده هيا پر يورپ جي عوام نئين جاڳرتا جي آجيان ڪندي پاڻ کي بدلائي ڇڏيو. ڪاري دور جي هولناڪين مان جند ڇڏائي نئين دور جي نون اصولن کي ڀليڪار چيو ۽ پاڻ کي سرخرو ڪيو.

سڀ جا سڀ تاريخ نويس ۽ ليکڪ ان ڳالهه تي متفق آهن ته ان دور ۾ ۱۴۴۰ع ۾ جنهن شخص اهم ڪردار ادا ڪيو سو جرمن جو رهاڪو هو، جوهانس گنٽبرگ (۱۳۹۸ع -۳ فبروري ۱۴۶۸ع) جيڪو هڪ لوهار، سونارو، پرنٽر، ۽ ناشر هو تنهن جي پهرين ۽ شروعاتي جدت طرازي جي ڪري يورپ ۾ پرنٽنگ پريس جو بنياد پيو. ان جي ايجاد گھڻو عرصو ساڳئي ڊزائين ۽ طريقي سان استعمال ۾ رهي، پر هن جي شاندار ڪمال اکرن، فن ۽ خيالن جي دنيا کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هڪ زبردست فڪري انقلاب آڻي ڇڏيو ۽ هن جي ميڪانڪي حرڪت ڪندڙ پريس مشين جي ڪري يورپ ۾ پرنٽنگ انقلاب اچي ويو. هيءَ ٻي ملينيم جي هڪ تمام وڏي ايجاد هئي، جنهن جديد دور جي تحريڪن کي لپيٽ ۾ آندو ۽ هڪ نئون جنم ڏنو هو، جنهن ۾ تاريخي نشاط ثانيا، روشن خيالي ۽ اصلاحات جو دور ۽ سائنسي انقلاب جو دور ڳڻائي سگھجي ٿو ۽ يورپ جي عوام کي جديد علم، معيشت ۽ نظرين کي سمجهڻ ۽ سکڻ جو موقعو نصيب ٿيو.

۱۸ هين صدي جنهن کي روشن خيالي جي صدي سڏيو ويندو آهي. ان دور ۾ ڪيترن ليکڪن، ڏاهن، فيلسوفن، عالمن، سائنسدانن جديد دنيا جا بنياد فراهم ڪيا. ان دور جي مفڪرن عقل ۽ شعور کي اهميت ڏيندي سائنسي انداز سان پنهنجا خيال ۽ ويچار ونڊي يورپ ۾ بيداري پيدا ڪئي. ان دور جي مفڪرن، ماڻهن کي سوچڻ جي نئي راهه تي هلڻ جو درس ڏنو. ان تحريڪ جا فڪري سرواڻ والٽيئر، ڊيوڊ هيوم، روسو، اسپينوزا، مونٽيسڪو، ڪانٽ ۽ ٻيا مفڪر شامل آهن جن فرانس ۾ انقلاب جو فرض نڀايو ۽ جاگيردارانه جبر کي ختم ڪري عوامي راڄ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهو ادب سموري دنيا ۾ ڦهلجي ويو ۽ ننڍي کنڊ ۽ سنڌ ۾ پڻ ان ادب جا ترجما ٿيا ۽ سنڌي پڙهندڙ ۽ اديب انهن کان متاثر ٿيا ۽ اهڙي ريت سنڌي ادب ۾ واڌارو ٿيو. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ۱۸۵۳ع تي انگريز سرڪار عالمن جي مدد سان سنڌيءَ جي الفابيٽ تيار ڪئي ۽ سنڌ ۾ پرنٽنگ پريس جي ذريعي انگريزي ۽ سنڌي ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا شايع ڪيا، تنهن ڪري سنڌي ٻولي گھڻي ترقي ڪئي. سنڌ ۾ سنڌي ڪتابن جي شروعات ٿي ۽ سڀ کان اول جن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي ۽ ڪتاب ڇپايا تن ۾ ڪوڙو مل کلناڻي (۱۹۱۶ع -۱۸۴۴ع)، مرزا قليچ بيگ (۱۹۲۹ع -۱۸۵۵ع)، ڏيارام گدو مل (۱۹۲۷ع -۱۸۵۷ع) ۽ پرمانند ميوارام (۱۹۳۸ع -۱۸۶۵ع) ان دور ۾ انهن مهان اديبن پنهنجا شاندار مضمون، مقالا ۽ ڪتاب شايع ڪري سنڌ جي سماج جي سڌاري، واڌاري ۽ تبديلي لاءِ پهرين وک کنئي. انهن جي علمي ۽ ادبي پورهئي جي ڪري سنڌ ۾ علم ۽ ادب سان آگاهي ٿي ۽ سنڌي قوم کي درس ۽ تدريس جو موقعو مليو. انهن اديبن سنڌ جي لوڪل مسئلن، عورتن جي تعليم، زراعت، صحت، سماج، لوڪ ادب وغيره کي سولي، سادي، سٺي ۽ سهڻي نموني لکيو. مرزا قليچ بيگ ۳۰۰ کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف هو ۽ گھڻي ڀاڱي هن ٻين ٻولين جا سنڌي ۾ ترجمو ڪيا.

ان کان علاو ٻيا ڪيئي عظيم سنڌي اديب، ليکڪ، مضمون نويس ۽ مصنف ٿي گذريا آهن جهڙوڪ: ڀيرومل مهرچند (۱۹۵۰ع -۱۸۷۵ع)، هوتچند مولچند گربخشاڻي (۱۹۴۷ع -۱۸۸۳ع) لال چند امر ڏنومل (۱۹۵۴ع -۱۸۸۵ع) ۽ ڄيٺ مل پرسرام (۱۹۴۸ع -۱۸۸۶ع) شامل هئا. ان دور ۾ انهن مهان اديبن، ليکڪن، مضمون نويسن ۽ مصنفن شاندار ادبي، علمي، تخليقي، تحقيقي، تنقيدي، اصلاحي، معاشرتي، سماجي ڪتاب وغيره شايع ڪري سنڌي سماج ۾ تبديلي آڻي ڇڏي. جديد علمي، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب شايع ڪري سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو. ڏيارام گدومل پهريون شخص هو جنهن ادبي تنقيد نگاري جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ هڪ شاندار ڪتاب شايع ڪري علم ۽ ادب ۾ چار چنڊ ڪري ڇڏيا. هن صوفي سنت سامي جا سلوڪ شايع ڪيا ۽ ان تي جيڪو علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪيو، تنهن سنڌي ادب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هن ”ساميءَ جي سلوڪن جو تاتپرج“ ڪتاب شايع ڪيو، جنهن ۾ ساميءَ جي شاعريءَ جو تحقيقي ڇيد ڪيو آهي ۽ جديد علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي انداز سان سامي جي شاعريءَ کي روشناس ڪرايو آهي. پر هوتچند مولچند گربشاڻي جي ڳالهه ئي نرالي آهي. هن ۱۹۲۳ع ۾ شاهه جو رسالو لکيو هو، ماڊرن تنقيد نگار هو، جنهن پنهنجي عالمانه فهم، فراست ۽ بصيرت سان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ شاعريءَ جي مختلف پهلوئن جهڙوڪ: مذهبي ۽ فيلسوفِاڻا خيال، فن، فڪر، سوچ، زبان، گرامر، صنف يا فارم ۽ منظرڪشي وغيره تي تمام اهم ۽ قيمتي قلمي پورهيو ڪيو آهي. شاهه جو رسالو هڪ اهڙو علمي ۽ ادبي معراج آهي جو گربخشاڻي کان بعد به جن شاهه لطيف تي ڪم ڪيو، تن سمورن ان جي ڪم کي بنياد بڻايو آهي. هن برک عالم شاهه لطيف جي شاعريءَ کي مختلف زاوين سان جديد اصولن، اصطلاحن، مفهوم ۽ معنيٰ جي باريڪ بينيءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. هن جديد انداز سان تنقيد جي ڳوڙهي اڀياس، مطالعي، مشاهدي ۽ علم سان شاهه لطيف جي عظمت کي هند- سنڌ ۽ پرڏيهه ۾ پڌرو ڪري سنڌي قوم تي احسان ڪيو آهي. لال چند امرڏنومل، شاهاڻو شاهه (۱۹۱۴ع)، سونهارو سچل (۱۹۲۰ع) ۾ شايع ڪرايو. هن ۱۹۱۴ع تي هڪ ادارو ”سنڌي ساهتيا سوسائٽي قائم ڪيو هو، جنهن طرفان اهي ۽ ٻيا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا. ڄيٺمل پرسرام ”نئين سنڌي لائبريري سيريز“ نالي ڪيئي ڪتاب، ڪتابچه، مضمون ۽ مقالا شايع ڪيا. ۱۹۲۲ع ۾ سچل سرمست تي زبردست ڪم ڪيو ۽ ڊگھا مضمون ۽ مقالا لکي سچل سائينءَ جي ڪلام، شاعري ۽ خيالن جي تشريح ڪري بهترين ڪم ڪيو. مولانا دين محمد وفائي (۱۹۵۰ع -۱۸۹۴ع)، غلام محمد گرامي (۱۹۷۶ع -۱۹۲۰ع) محمد عثمان ڏيپلائي (ڄم: ۱۹۰۸ع)، فتح محمد سيوهاڻي (۱۹۴۲ع -۱۸۸۲ع)، نارائڻ داس رتنمل ملڪاڻي (۱۹۷۴ع -۱۸۹۰ع)، ليکراج عزيز (۱۹۷۱ع -۱۹۰۵ع) ۽ ٻين عالمن، اديبن، ليکڪن سنڌي ۾ علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪري سنڌ کي مالا مال بنايو.

روس جي انقلاب کانپوءِ پوري دنيا ۾ ترقي پسند ادب جو ڦهلاءُ وڌيو ۽ اهو علم و ادب هندستان ۽ سنڌ ۾ پهتو. اسان پاڻ روس جي عظيم اديبن جا ناول پڙهي انقلاب، سياست ۽ ادب بابت ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. گورڪي جي ”ماءُ“ ناول جي پڙهڻ سان روسي ادب سان روشناس ٿياسين ۽ اهڙي طرح دوستو وسڪي، ٽالسٽاءِ، چيخوف، پشڪن، ترگنيف، گوگول، ماياڪوسڪي، حمزاتوف ۽ ٻين جا ناول، ڪهاڻيون، شاعري وغيره پڙهي عالمي ادب سان واقفيت پيدا ٿي.

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڪتابن شايع ٿيڻ جي ڪري ۽ ٻين ٻولين جي علم و ادب ۽ شاعري جي ڪري سنڌي اديبن تي انهن جو گھڻو اثر پيو ۽ ترقي پسند اديبن جي تحريڪ کان سنڌ جا اديب پڻ متاثر ٿيا. ڪشنچند بيوس کان شيخ اياز تائين اهو سلسلو جاري رهيو. ون يونٽ جي دور ۾ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مولانا گرامي، حميد سنڌي، قمر شهباز، رشيد ڀٽي، احسان بدوي ۽ ٻين تحريڪ شروع ڪئي ۽ اهو دور مزاحمتي ادب جو دور هيو ۽ ان کانپوءِ به آمريت ۽ مارشلا جي عرصي دوران سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن مزاحمتي ادب کي فروغ ڏنو. سنڌ ۾ ڪيئي اهڙا يگانا اديب ۽ ليکڪ پيدا ٿيا آهن، جن سماج ۾ تبديليءَ لاءِ گھڻو ڪجهه ڪيو آهي. اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا ئي سچ جا ساٿي پنهنجي علم ۽ قلم جي زور تي سنڌ جي حقن جي جدوجهد جي جهان ۾ سرگرم عمل رهيا آهن. پر انهن اديبن ۽ ليکڪن ۽ ٻين ساڃهه وند ساٿين جي ڪرت کي علم ۽ عمل جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ضرورت آهي. هن وقت ۽ پراڻي دور جو موازنو ڪجي ٿو ته ان نتيجي تي پهچون ٿا ته اڄ به اسان وٽ تمام مهان اديب ۽ شاعر آهن پر اڃا تائين سنڌ ۽ سنڌين سان سور سختيون جاري آهن. ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ مختلف ماڻهو مختلف سبب بيان ڪري رهيا آهن پر پاڻ ايڏي وڏي ڳالهه نٿا ڪريون. پر هڪ ڳالهه ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا ته سنڌي اديبن انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل علم، ادب، فلسفو، تاريخ، نظرين ۽ ٻين علمن کي پڙهيو، انهن کان متاثر ٿيا ۽ پنهنجي علم ۽ عقل جا واهُڙ وهائي سرسبزي ڪري ڏيکاري. پر جهڙي نموني يورپ جي تحريڪن کي اتان جي اديبن، ڏاهن ۽ دانشورن ڪامياب بڻايو، هتي اسان جا اديب اهو ڪم ڪري ڪونه سگھيا آهن. ان جو سبب ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ ان جا ڪيئي ڪارڻ اڳيان بيان ڪيا ويندا، پر منهنجي پڪي پختي راءِ آهي ته اسان جا اديب، دانشور ۽ ليکڪ لطيف جي هيٺين خيال جيان آهن، تنهن ڪري سماج ۾ تبديل ٿيڻ ۾ رڪاوٽون درپيش آهن؟؟

محروم ئي رهجي ويا، ماهر ٿي نه مئا

ڇڙي جيئن چهنج هڻي لڏيائون لوئا

حباب ئي هئا انهي وادي وچ ۾.

شاهه لطيف

شاهه لطيف سائين جي ان ادبي ڪسوٽي جي آڌار تي جڏهن ڪٿ ڪجي ٿي ته سنڌ ۾ سنڌي اديب ۽ ليکڪ ان قابليت ۽ مهارت تي پورا نٿا لهن ۽ سندن وزن ٿورو هلڪو لڳي ٿو. شاهه لطيف سائينءَ جو مٿيون شعر پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ تمام گھڻو وسيع آهي ۽ ان جو احاطو ۽ دائرو گھڻ طرفو آهي ۽ سموري سماج ۾ رهندڙ سڀني طبقن جي ظاهري قابليت ۽ مهارت جي پرک پسائي ٿو. پر اسان هتي سنڌي اديب کي گفتگو جو موضوع بڻايو آهي، تنهن ڪري سنڌي اديب کي شاهه لطيف جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. هي شعر پنهنجي وسيع معنيٰ ۾ گھڻو ڪجهه سيکاري ٿو ته اسان جي سماج ۾ جيڪو وهي واپري ٿو ۽ ان ۾ سنڌي اديب جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، اُن جو لطيف سائين جن ڄڻ ته اڳواٽ ذڪر ڪيو آهي. سنڌي اديبن جو جڏهن مطالعو ۽ مشاهدو ڪريون ٿا ته اسان کي وڏي گھرائي ۽ وسيع تناطر ۾ ڏسڻو ۽ پرکڻو پئي ٿو. هيٺائين سطح ۽ ننڍي ڳالهه کي ڇڏي وڏي پئماني تي سوچ جي دائري کي وڌائڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته اديب جي منزل ۽ مهانتا اعليٰ پائي جي گھرجائو آهي. هڪ ڏاهي جو چوڻ آهي ته ”جتي يونيورسٽي جي پروفيسر جي لياقت حد ختم ٿئي ٿي، اتان اديب جي ڏاهپ شروع ٿئي ٿي.“ سو جڏهن ان تي ويچار ڪجي ٿو ته اسان جي سنڌي اديبن ۾ ان قسم جو گڻ ۽ خوبي موجود آهي يا نه؟ بلاشڪ اهو چوڻو ٿو پئي ته اسان وٽ ڪيترا ئي مهان مهانڊا ۽ شخصيتون آهن جيڪي اعليٰ پد تي پهتل آهن. اهي پنهنجي فڪر، سوچ، سمجهه، ۽ سرت سان سماج ۾ سُهائي ڦهلائي رهيا آهن. سندن ڪرت ۽ ڪم سنڌ جي سماج ۾ انقلاب آڻڻ آهي ۽ هو اهو ڪم ۽ ڪرت بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ڪري رهيا آهن. پر پوءِ به سماج ۾ ڪا ايتري پيش رفت ۽ ڦيرو نه آيو آهي ۽ سنڌ ۾ جيڪا حالت آهي اها ڪنهن انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿي ناهي سگھي! ڇا موجوده اديبن ۽ ڏاهن جي قابليت تي شڪ ڪري سگھجي ٿو؟ اسان وٽ ڪيترا اديب ۽ پروفيسر آهن، جن سنڌي ادب ۽ ٻين شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ اهي ڊاڪٽر آهن پر سچي ڳالهه ته انهن مان اڪثريت اهڙن جي آهي جيڪي ڪو علمي ادبي ڪم ڪندا ئي ناهن. جڏهن ته انهن جو ڪم آهي ته هو پنهنجا مضمون، مقالا ۽ ڪتاب ڇپائي ادب ۾ واڌارو آڻين، پر اهي نالي ۾ نهال آهن ۽ انهن جو وزڊم ان قابليت پٽاندڙ ناهي، تنهن ڪري هو ڪجهه ڪري نٿا سگھن، اهو هڪ اهڙو سانحو آهي جيڪو بيان ڪرڻ سان ڏک جي سَٽَ اڀري ٿي! چوڻ جو مطلب ته سنڌي چوڻي مطابق: ”اڇي پڳڙي مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون“.

اسان جي اديبن ۾ اها جوت ۽ مڻيا ناهي جيڪا چڻنگ مان ڀنڀٽ دکائي فرسوده نظام کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي. وڏيرڪي، جاگيردار ۽ سرمائيداري نظام کي بدلائڻ لاءِ ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام کي چئلينج ڪرڻ جي اسان جي اديبن ۾ صلاحيت آهي؟ لڳي ٿو ته اسان جا اديب ان نظام خلاف ڪمرڪشي جدوجهد جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي نڪتا ئي ناهن پر هو هن موجوده اڏوهيءَ کاڌل نظام جي باقيات ۾ شامل آهن. جڏهن اسان يورپ جي روشن خيال صدي ۽ جاڳرتا جي تحريڪن کي ڏسون ٿا ته هڪ ئي اديب سموري سسٽم کي نه رڳو چئلينج ڪيو هو پر پنهنجي تحريرن ۽ عمل سان پوري نظام کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. ون يونٽ جي دور ۾ شيخ اياز ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب هئا جن ماحول کي گرمائي، مزاحمت ۽ بغاوت ڪري سنڌين جي حقن لاءِ اڳين صفن ۾ بيهي ويڙهه ڪئي ۽ هو سوڀارا ۽ سرخرو ٿيا. سنڌ اڄ به اهڙا ڪونڌر گھري ٿي، جيڪي پنهنجي قلم ۽ عمل جي زور تي وڏيرن کي للڪارين ۽ وڏيرڪي نظام جي ڪوٽ کي ڪيرائي سنڌ جي سينڌ سنوارين!

بنگالي زبان جي مشهور شاعر جسيم الدين ڪوي پنهنجي قومي فرض جي ادائگي، فن، فڪر، سوچ ۽ عمل جي بل بوتي تي پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا، ان باري ۾ سهڻن لفظن ۾ جيڪو بيان ڪيو آهي، اهو هن ريت آهي. ”اسان پنهنجي قلم ۽ عمل جي ٻَل سان مختلف موقعن ۽ مهل تي ڪيتريون ئي حڪومتون ٺاهيون ۽ ڪيتريون ئي ڊاهي ميساري ڇڏيون. ڪيترن اصولن ۽ آدرشن کي دوام بخشيو. اوهان جڏهن خوابِ غفلت ۾ مدهوش ٿي، پنهنجي وجود کي وڃائي ڇڏيو، تڏهن اسين مٽيءَ جي ڏيئڙن وانگر جلي اوهان جي وڃايل وجود کي ورائڻ لاءِ پتنگ بڻجي پهرو ڏنو ۽ اوهان کي حيات جاودان بخشيو. اسان اونده ۾ ڏات ۽ لاٽ جا ڏيئا ٻاري سُهائي ڦهلائي، اوهان کي منزل مقصود تائين سلامتي سان پهچايو. اسان جي فن، فڪر، سوچ ۽ عمل هميشه اوهان جو حامي ۽ همدم ثابت ٿيو.“ جسيم الدين ڪوي جي ان زرين اصولن ۽ بهترين خيالن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو فرد، ادارو، تنظيم يا ڪو طبقو هتي اسان وٽ موجود آهي، جيڪو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي حق ۽ سچ جو هوڪو ڏئي ۽ ان سموري ٽڪساٽ ۽ نظام کي للڪاري ۽ سنڌ ۾ انقلاب لاءِ ميدان ملهائي. تنهن ڪري اديب ۽ شاعر پنهنجي ذاتي نفعي ۽ نقصان بجاءِ سنڌ ڌرتيءَ جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙ ڪري پنهنجو فرض نڀائين.

وَکرُ سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندين ولات، ۾ ذرو ٿئي نه ضياءِ،

سا ڪا هَڙَ هلاءِ، اَڳه جنهنجي اُبَهين.

شاهه لطيف

اسان سڀ اديب، شاعر، دانشور ۽ ساڃهه وند پنهنجي ديس ۽ سنڌين لاءِ گھڻا فڪرمند آهيون. ڇاڪاڻ ته موجوده سياسي اڳواڻ ۽ حڪومتون جيڪي پنهنجي طبقاتي مفادن جي طابع آهن سي سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ ٻي عوام سان جيڪي ڪيس ۽ ڪلور ڪري رهيا آهن، تن جي ڪري پاڻ کي تمام گھڻو رنج، ڏک، ڳڻتي، اڻ تڻ ۽ اُلڪو آهي. سنڌ جا اديب ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ طبقو جيڪي انهن ڏکن ۽ تڪليفن کي دور ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ ويڙهه ڪرڻ گھرن ٿا سي سياسي جماعتن ۽ سرڪار جي رويي تي ڏمريل ضرور آهن پر ڪا اهڙي حرڪت ۽ جدوجهد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن تن کي منظم ۽ متحد ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ان لاءِ اديبن ۽ شاعرن کي اڳتي اچڻ گھرجي. اهي سمورن طبقن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ ادب جي آب حيات مان فيضياب ڪرڻ جو فريضو ادا ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻڻ گھرجن. اديبن کي انهن بيوس بندن جي اڳواڻي ڪرڻ گھرجي، انهن جا درد دور ڪرڻ لاءِ ڪا پلاننگ ڪرڻ گھرجي. ثقافتي مورچي کي مضبوط ڪرڻ گھرجي ۽ اهو بندوبست ڪرڻ جنهن سان پنهنجي ٻولي، زبان ۽ ادب جي خدمت ٿي سگھي. اسان جدوجهد جا علمي ۽ ادبي بنياد اهڙا مقرر ڪيون، جيڪي پنهنجي تهذيب، ڌرتي ۽ قوم کي اعليٰ پد تي پهچائڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿين. قومي ۽ ثقافتي جدوجهد جي جديد اصولن کي اپنائڻ لاءِ ڪي اهڙا گس گھڙڻ لاءِ اديبن ۽ ڏاهن کي عقل ۽ ڏاهپ جا اعليٰ معيار قائم ۽ اختيار ڪرڻا پوندا. قومي، ادبي ۽ ثقافتي جدوجهد ۾ حقيقي جنگ ڪرڻ لاءِ آخري پساهه تائين ويڙهه ڪرڻي پوندي. اهو رڳو اديب، شاعر ۽ دانشور ئي ڪري سگھن ٿا پر شرط هي آهي ته انهن جي واسطيداري جو درجو وسيع ۽ بلند هئڻ گھرجي. خسيس طبقاتي مفادن، نوڪري ۽ سڻڀي عهدي عيوض سموري قومي ڪاز کي اڌ ۾ ڇڏي پويان پير ناهن ڪرڻا. اديبن ۽ ڏاهن کي پنهنجي ڪمٽمينٽ تي مڪمل قائم ۽ پابندي ڪندي پنهنجي ملڪ جي مارو ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻي پوندي. سخت تڪليفن ۽ ڏکين حالتن جي هوندي جڏهن زمانو مخالف هجي، سرڪار، وزير، مشير، وڏيرا ۽ ان جا واٺا وٺ وٺان ۽ دٻڙ دونس تي لهي اچن ته وطن سان وفا جو وچن ادا ڪندي قومي عزت ۽ غيرت سان انهن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪجي. هڪ اهڙو جذبو ۽ ڪمٽمينٽ ڪرڻي پوندي جيڪا فقط وطن ۽ قوم سان وفاداري سان سلهاڙيل هجي. ۽ اديب اهڙو ادب، فن ۽ فڪر تخليق ڪن ۽ اهڙو ٻج ڇٽين جيڪي گل ۽ گوشا سڄي سماج کي واسي معطر ڪري ڇڏين. اهڙو علم ۽ عمل پيدا ڪن جنهن سان عوام دشمن کي شڪست فاش ڏئي سگھجي. اهڙو ادب ۽ شعر سرجي وٺن جنهن سان وطن جا ويڙها ۽ ڪٽنب، خاندان ۽ خلق پنهنجي ديس جي آزادي، خودمختياري ۽ حقن جي حفاظت ڪري سگھي. ڪو اهڙو گيت، غزل ۽ بيت سرجن جن سان انقلاب جي آمد ٿئي.

ادب هميشه زندگيءَ جو ترجمان رهيو آهي، تنهن ڪري قومي ادبي تحريڪ کي جيارڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني پورهئي ۽ اعليٰ ادراڪ کان ڪم وٺڻو پوندو. پنهنجي عزت نفس سان گڏوگڏ قومي عزت ۽ غيرت جو شاندار مظاهرو ڪرڻو پوندو. سنڌي اديب ۽ شاعر کي قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ سٺو ناکئو ۽ ڪپتان بڻجڻو پوندو. اسان جي اديبن کي قلم کان ڪات جو به ڪم وٺڻو پوندو ته ان سان گڏ قوم ۾ جاڳرتا ۽ اتساهه جو جذبو به پيدا ڪرڻو پوندو. قوم ۾ جوانمردي، همدرديءَ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ادب، فن ۽ عمل سان نئون انسان بنائڻ جو هنر سکڻو پوندو، جنهن جي ذريعي هڪ اهڙو پڪو ۽ پختو تاڃي پيٽو ٺهي، جيڪو زبردست اداري جيان روشن خيالي جي سڀني زاوين سان روشن هجي ۽ قوم جي اونداهي قسمت کي بهار جي هير بنجي راحت ۽ فرحت بخشي. اسان جي اديب کي قوم جو هر اول دستو ٿيڻو پوندو.

وطن ۽ قوم کي ڪرپٽ سماج ۽ وڏيرڪي جبر جي نظام کان نجات ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي اديبن کي سنجيدگيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سوچ ۽ ويچار ڪري، گڏيل حڪمت عملي جوڙي عمل جي واٽ گھرجي. ننڍو توڙي وڏو اديب جيڪو ڪجهه لکي ٿو اهو اکين تي پر معاشري ۾ جيڪو وهي واپري ٿو، جيڪ گھڻو گند گڏ ٿي ويو آهي، ان جي صفائي ۽ سٿرائي ڪرڻ جو ذمو ۽ ذميداري قبول ڪري ڪي اُپاءَ وٺڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

ليکڪ ۽ فنڪار هن ئي معاشري ۾ رهي ٿو ۽ هو ان جو حصو آهي پر هو باشعور هجڻ جي ناتي سان ناانصافيءَ جي خلاف اٿي کڙو ٿئي ۽ ان لاءِ علمي، ادبي ۽ عملي سرگرمي ۽ جدوجهد ڪري ڏيکاري ته جيئن موجوده وڏيرڪي سماج کي ڊاهي هڪ اهڙو معاشرو ٺاهي سگھجي، جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي ٿئي. اهو سندن فرض ٿو ٿئي ته اسان پنهنجي سماج ۽ دنيا کي تبديل ڪريون. اسان جو اديب ۽ ليکڪ جڏهن پنهجي ادبي تخليق شايع ڪرائي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته مون هي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ اهو احسان ڪيو آهي قوم ۽ وطن تي، وڏو وڙ ڪيو آهي. هو معاشري ۾ هلندڙ ريتن رسمن خلاف لکي اهو باور ڪرائڻ ٿو گھري ته هن وڏو تير هنيو آهي. مشهور ليکڪا انو راڌا راءِ جو خيال آهي ته هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ جيڪو ماحول، سماج ۽ آسپاس وهي واپري ٿو، ڪوڙ، ڪچ ۽ ڪن ڪچرو موجود آهي، بي سواد ۽ اڌورو سچ، حقيقت ۽ غلط رواج جاري آهي، ان تي اکيون بند نٿي ڪري سگھان. ” ڇا اهو مناسب ٿو لڳي ته جيڪو منهنجي دل کي متاثر ڪري ان جي باري ۾ ڪجهه نه لکان؟ هڪ مصنف ۽ ليکڪ جو ڪم فقط اهو نه هجڻ گھرجي ته هو اشتهاري بازي ڪري ۽ ملڪي سياحتي بروشر (چَوپڙي) ڇپائي.“

اسان جا ديب، ليکڪ ۽ شاعر پنهنجي لکڻين ۾ انقلاب ۽ سماج کي بدلائڻ لاءِ بلند پائي جا شهپاره تخليق ڪن، ڇا موجوده دور ۾ اهڙا علمي ۽ ادبي شاهڪار ڪتاب شايع ٿيا آهن، جن سماج تي ڪو گھرو اثر ڇڏيو هجي؟ ڇا اسان جي اديبن جي ڪا اهڙي ڪوشش آهي جنهن جسيم الدين ڪوي چواڻي حڪومتن ۽ حڪمرانن جي تخت ۽ تاج کي تاراج ڪيو هجي ۽ عوام جا ڀرجهلو ۽ نگهبان ٿيا هجن؟ ڏٺو اهو ويو آهي ته جڏهن وڏيرا حڪمران ڪنهن بحران ۾ ڦاسي پيا آهن ته اسان جي اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن کين ٽيڪ ۽ سهارو ڏئي جياپو بخشيو آهي. اسان وٽ ادب جو ڪهڙو معيار آهي؟ اهو ۽ ان سان واڳيل ڪيئي سوال ڪري سگھجن ٿا. سنڌ جي برک اديب ۽ ڏاهي رسول بخش چواڻي:

”اسان جي قومي ادب کي اڃا ڪئين کوٽن ۽ ڪمزورين تي غالب پوڻو آهي. ان کي اڃا صحيح معنيٰ ۾ انقلابي ۽ عوامي ٿيڻو آهي.“ اڃا به اسان ۽ اسان جي اديبن سنڌي سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته اسان کي تاريخ ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي. وقت جي تقاضا آهي ته اسان جا اديب، ليکڪ، دانشور، شاعر ۽ ساڃهه رکندڙ وطن دوست ۽ انقلابي مواد ۽ لکتيون لکي، جدوجهد ۽ هلچل هلائي سماج کي ڦيرائڻ جون ڪوششون ڪري مروج ڦورو ۽ ظالم چرخي ۽ نظام کي ڦيرائي هڪ اهڙي معاشري لاءِ ڪم ڪن جنهن سان آزادي ۽ خودمختياري، امن ۽ مساوات آڻي سگھجي.

ڇا اسان جا اديب انقلابي آهن يا انقلاب جا داعي آهن؟ توهان منجهان هر هڪ ان باري ۾ ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو. اسان جا اديب اهڙي ڪرت کان اوپرا ۽ اڻڄاڻ آهن، هو پنهنجي مفادن جي حاصلات لاءِ هٿوراڙيون هڻي رهيا آهن. تنهن ڪري پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اڃا منزل ڏور آهي! اسان وٽ ڏات ڌڻي ته سوين ۽ هزارين آهن، انهن جي هوندي اسان ڪا ڪاميابي ماڻي ڪونه سگھيا آهيون ۽ نه وري ڪا اهڙي سگھه ساري سگھياسين، جنهن سان وڏيرن ۽ ويرين جي وسندين کي ساڙي رک ڪري ڇڏيون. ڇا سبب آهي جو اسان ڏاند وانگر چاڪيءَ ۾ چوڦير چڪر ڪاٽي رهيا آهيون. اسان وٽ ڏات به آهي ۽ برک عالم ۽ اسڪالر به آهن پر پوءِ به منزل مقصود تي وڃي دنگ ڪونه ڪيو آهي. اسان ۾ ڪهڙي کوٽ ۽ ڪمزوري آهي؟

سو اسان جي اديبن وٽ سچ جي کوٽ آهي ۽ ان ڪارڻ ڏات جي حيثيت ڪو درجو ۽ معنيٰ نٿي رکي ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ ذاتي مفادن جي ڊوڙ ۾ بيشڪ سڀ کان اڳ اڳرا ضرور آهيون، پنهنجي ذاتي فاعدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏات کي ڪيش ضرور ڪرايون ٿا پر قومي فرض جي ادائگي ۽ سچ کان ڪوهين ڏور آهيون، تنهن ڪري اسان منزل ماڻي نه سگھيا آهيون.

اسان جي سنڌي اديبن کي، وڏيرن، وزيرن، سرڪار، ڪامورن جي رحم ڪرم تي هلڻ بدران پنهنجو الڳ مقام پيدا ڪرڻ گھرجي. جڏهن اسان جا اديب ۽ دانشور حڪومت ۽ سرڪاري ڪامورن سان ملندا آهن، تڏهن انهن تي الزام لڳايا ويندا آهن ۽ اهي جڏهن سرڪاري ۽ غير سرڪاري عهدا ماڻيندا آهن، تڏهن انهن جو مفاد ظاهر ٿيندو آهي. تنهن ڪري انهن کي گھرجي ته هو پنهنجا ادبي ادارا ٺاهين ۽ هڪ مضبوط نيٽ ورڪ جوڙين، جنهن سان ادب، اديب ۽ عوام جي خدمت ٿي سگھي. وڏيرن ۽ وزيرن جي ونگار وهڻ بجاءِ عوام جي بهتري ۽ ڀلائي ڪرڻ لاءِ سموريون توانايون ڪتب آڻين. ڇا اسان ان ڳالهه تي اکيون پوري سگھون ٿا ته موجوده سسٽم ۾ طبقاتي متڀيد ناهي؟ يا وري سماج اندر طبقن جي وجود کان انڪار ڪري سگھون ٿا؟ اسان وٽ سو سالن کان وڏيرڪو نظام، وڏيرو ۽ جاگيردار ظالم طبقو ورهين کان وٺي عوام کي پيڙهيندو ۽ پيسيندو رهيو آهي. ڇا وڏيرا ۽ جاگيردار اقتدار ۾ هوندي يا اقتدار جي نه هوندي مسڪين ۽ پيڙهيل ماڻهن جو رت نه پيئندا آهن؟ پوءِ اسان جا ڏات ڌڻي، دانشور ۽ اديب انهن پورهيت مسڪين ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن جي پرگھور لهڻ بدارن وڏيرن، وزيرن ۽ حڪمرانن تي گھور گھور ڇو ويندا آهن ۽ انهن جي دلالي ڇو ڪند آهن؟ هتي قومي آجپي بدران پنهنجي جياپي ۽ گذران جا وسيلا ڳوليا وڃن ٿا. تنهن ڪري پنهنجو زور ان تي آهي ته سنڌ جي سماج کي بدلائڻ لاءِ ڪي انقلابي اديب پيدا ڪرڻا پوندا. ڇا اڄ جي اديبن مان ڪو آسرو ۽ اميد رکڻ نه گھرجي؟ ڇا اڄ جا اديب، ليکڪ ۽ دانشورن کان ڪجهه گھرڻ ۽ چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آهي؟ اهڙو مسئلو به ناهي جيڪڏهن هو سچ ۽ سچائيءَ جي دڳ تي هلن ۽ سچ جا ساٿي ٿين ته پوءِ ڪو مچ مچائي سگھن ٿا.

هن بحث جو حاصل مطلب هي آهي ته ۱۵ عيسوي صديءَ کان ۱۹ عيسوي صديءَ تائين يورپ جي اديبن، دانشورن، ليکڪن ۽ عوام جاگيرداري نظام کي ڊاهي نئون نظام سرمائيدار نظام برپا ڪيو. جيتوڻيڪ اهو نظام به عوام دشمن هو، پر اسان اڃا تائين ۳ يا ۴ صديون پراڻي پاپي نظام جي پنجوڙ ۾ ڦاٿا پيا آهيون. ڦُرلٽ، بيروزگاري، دهشتگردي، مارا ماري، تباهي، مايوسي، بک، ڏڪار. مهانگائيءَ، جنگ ۽ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهيون. يورپ ۾ سدا ملوڪ ۽ سرفروش اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن. داناءُ دليرن پنهنجي عقل، دانش ۽ همت سان جاگيردارن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ نئون نظام ۽ سماج ٺاهيو ۽ اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ اسان جا اديب ۽ ٻيا ڇا ڪري رهيا آهن؟ هن جديد دور ۾ به پنهنجا حق ته ٺهيو پيئڻ جو صاف پاڻي به ميسر ڪونهي! ناليون ۽ گٽر اٿلي روڊن، رستن، گھٽين ۽ گھرن ۾ ڌوڪي آيا آهن. اسان جا اديب ان باري ۾ ڄاڻن ٿا پر ڇا ڪجي؟ ڇا چئجي ۽ ڪنهن کي چئجي؟ هتان جا اديب پاڻ کي عالم ۽ فاضل سمجهن ٿا ۽ ٻي مخلوق کي جاهل ۽ ڄٽ سمجهن ٿا، ان قسم جو رويو ۽ مت ڀيد جي ڪري انهن ۾ سچائي جي پرک ناهي تنهن ڪري هو جيڪو لکن ٿا تنهن کي وقت بوقت ڪيش ڪرائي سٺي زندگي گھارين ٿا ۽ عوام ڏکن ۽ سورن ۾ آهي.

هي دور نرالو ۽ جديد دور آهي اڄوڪي زماني ۾ سائنسي ۽ جديد علمن جي آڌار تي هڪ تمام گھڻي وسعت ۽ گھرائي وارو ادب، علم ۽ معلومات جو ڄاڻ خزانو موجود آهي.جنهن جي حاصل ڪرڻ سان ڪيترن ملڪن ۽ قومن جاگيردارن ۽ آپيشاهي نظام کي ڊاهي جمهوريت ۽ رواداري جو معاشرو قائم ڪيو آهي. ان جديد علم سان گڏوگڏ هيءَ صدي تاريخي هلچل ۽ تحريڪن جي صدي آهي. جنگ و جدل ۽ دهشتگردي جي هوندي هيءَ صدي امن، انصاف، مساوات ۽ برابري جي بنياد تي هلڻ جي صدي آهي. تنهن ڪري اڄ جي حالتن کي سمجهڻ لاءِ نئين رٿابندي، ڌيان، گيان ۽ عمل سان سنڌ کي بدلائي سگھجي ٿو . اسان جي گھڻگھرن اديبن جو فرض آهي ته هو ان طرف ڌيان ڏين ۽ سچائي سان سنڌ ۾ انقلاب ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ عوام جي اڳواڻي وارو رول ادا ڪري ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اڳيان اچي انقلاب ۽ تبديلي جو هر اول دستو بڻجي پنهنجي قومي فرض جي بجا آوري ڪري تاريخ رقم ڪري سنڌ جي سينڌ سنوارين!


No comments:

Post a Comment