Thursday, November 19, 2015

مايا پراڇت - منظور ڪلھوڙو

مايا پراڇت
منظور ڪلھوڙو


“بابا اچي ويو....، با با اچي ويو. با با....”
ٻيو درجو پڙهندڙ ننڍڙو شيراز، پنهنجي والد کي ڏسندي گهر جي اڱڻ ۾ خوشيءَ وچان رڙيون ڪندي، نچندي ڪڏندي، اچي کيس ٽنگن ۾ ڀاڪر پائي چنبڙي پيو. شيراز جي رڙين تي سڀئي گهر ڀاتي ڪمرن، ورانڊي ۽ مٿين فلور کان هيٺ لهي اڱڻ ۾ اچي لعل ڏني سان ڀاڪر پائي لڙڪ هاري ويٺا.


لعل ڏني جو تعلق انتهائي غريب گهراڻي سان هو. ڳوٺ ۾ ٻه ويلا اڇي ماني ۽ اڇو لٽو پهرڻ، لعل ڏني ۽ سندس خاندان لاءِ هڪ سهڻو خواب هو. پر ڌڪن ٿاٻن، مصيبتن مشڪلاتن کان پوءِ مارشل لا جي دور ۾ لعل ڏني کي آبپاشي کاتي ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي پئي. سال سوا گذرڻ کان پوءِ آبپاشي کاتي جي آفيس جي سائيڊ ۾ ملازمن لاءِ ٺهرايل ڪواٽر الاٽ ڪرائي پيءُ ماءُ، ڀينرن ۽ هڪ ڀاءُ گلاب سان گڏ لڏي اچي شهر ۾ ويٺو. ٻن ڀينرن جي شادي ڪرائي، پاڻ به پرڻيو. ڀاءُ کي ايم اي ڪرايائين پر پيءُ ماءُ جي وفات کان اڳ جڏهن گلاب بي اي پاس ڪئي ته ان جي به شادي ڪرائي ڇڏيائين.
گلاب جي نوڪريءَ جي هروڀرو لعل ڏني کي ڪا ڳڻتي نه هوندي هئي. ڇو ته ان ئي دوران لعل ڏنو ڪلارڪ مان سينئير ڪلارڪ بڻجي چڪو هو. ايس ڊي اوز، انجنئيرس، ايس اي صاحب ۽ چيف انجنئير سان لعل ڏني جا اهڙا ته تعلقات استوار ٿيا جو هر ڪو چاهيندو هو ته لعل ڏني جي پوسٽنگ سندن وٽ هجي. ان ڪري ته لعل ڏنو ٺيڪيدارن، اڪائونٽ آفيس، ڊي سي آفيس، آڊٽ ۽ هيڊ آفيس سميت فائيلن جي پيٽ ڀرڻ جو ماهر، طبعيت جو ٿڌو، نرم، زبان جو مٺڙو، ڪم جو ڪيڙو هڪ ماهر ڪاريگر هو. ان خصوصيت جي بدولت لعل ڏني پهريان رشوت مان هزار ميڙيا، پوءِ هزار، لکن ۾ تبديل ٿيا. پر جڏهن ضلعن اندر ناظمي نظام آيو ۽ هو هيڊ ڪلارڪ بڻيو ته لک، ڪروڙن ۾ بدليا.
لعل ڏني سرڪاري ڪواٽر مائٽن کي ڏئي، شهر جي سوسائٽي ۾ عاليشان بنگلو خريد ڪري، پاڻ ٻارن سميت هيٺ ۽ مٿين فلور تي سندس ڀاءُ گلاب ٻارن ٻچن سميت رهڻ لڳو. ڪروڙن جو بنگلو پنهنجي زال نصيبان جي نالي ڪيو هئائين، باقي ڪروڙن جا اڪائونٽ ڀاءُ گلاب جي نالي هيس، جنهن کي هاڻي لعل ڏنو ٺيڪيدار طور رجسٽرڊ ڪرائي ننڍا وڏا ٺيڪا به کڻائڻ لڳو هوس ته جئين ڪڏهن اثاثن ٺاهڻ بابت ڪا پڇا ڳاڇا يا ڪا جاچ جوچ ٿئي ته گلاب جي ٺيڪيدار هجڻ جو فائدو ۽ فيور وٺي سگهجي.
هوڏانهن گلاب ڪروڙن جي اڪائونٽ هولڊر ٿيڻ کان پوءِ ڏينھون ڏينهن عياشين، بداخلاقين .... جي ور چڙهندي ويو. ڀنگ، چرس، آفيم ۽ شراب سندس روٽين لائيف جو حصو بڻجي پيا هئس. روز شام جو ڀنگ جي ڪونڊي تي پنج سوءُ هزار خرچ ڪري موالي دوستن سان آواره گرديون ڪندي هوٽلن جا ڳرا ڳرا بل ڀرڻ گلاب لاءِ ڪو مسئلو ئي نه هئا. ڪيترا ئي دفعا نشي جي حالت ۾ نيون نيون مهانگي ماڊلس جون گاڏيون ايڪسيڊنٽ ڪيون هئائين. پر وري لکين روپيه خرچ ڪري نيون گاڏيون خريد ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو هو. لعل ڏني ڪيترا ئي ڀيرا روڪيس ٽوڪيس پر گلاب مڙڻ ۽ سڌرڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو ته نيٺ مجبور ٿي ڪاوڙ ۾ ٻه چار ڀيرا لعل ڏني منهن خراب ڪري چيس ته؛ “ڀنگوڙيءَ مان ڪڏهن به گذا نه پوندي آهي. موالي مروان ٿيندا آهن. پنهنجا ارڪان سڌار نه ته مجبورن تنهنجا منهنجا رستا جدا ٿيندا.  مون کي ڪجهه به نه ٿيندو، تنهنجا ننڍڙا ٻچا در بدر ٿيندا. ”لعل ڏني جي انهن ڌمڪين گلاب تي وقتي اثر ڪيو. پر ڀنگ جو ڪونڊو روزانو شام جو ان جي ڳاڙهين اکين، بڇڙي ٻوٿ ۽ ذليل مزاج مان ظاهر ٿيندو هو. پر لعل ڏني جي اچڻ کان پوءِ گلاب، ميڻ ۾ تبديل ٿي ويندو هو.
آبپاشي کاتي جي بجيٽ ۾ گهوٻين، گهوسٽ اسڪيمن ۽ ناقص ڪمن ۾ ٿيل ڪرپشن ڪرڻ جي الزام ۾ آبپاشي جي آفيسرن ۽ لعل ڏني کي نيب وارا ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪري کڻي ويا هئا. ان کان اڳ اينٽي ڪرپشن وارا گرفتار ڪري ويا هئس. پر ڪجهه ڏوڪڙ خرچ ڪري اثر رسوخ هلائي جند آزاد ڪرائي هئائين. پر هاڻي جڏهن نيب وارا کڻي ويس ته ڪو به هيلو بهانو نه هليس. اڄ ٽن مهينن کان پوءِ اوچتو جڏهن لعل ڏنو گهر آيو ته سڀ گهر ڀاتي خوشيءَ وچان مرڪي پيا. پر لعل ڏني جي ڪمزور جسماني حالت، ڊگهي اڇي ڏارهي ۽ مٿي جا وڌيل وار ڏسي پريشان به ٿيا.
شام جو لعل ڏني گلاب کي پنهنجي بيڊ روم ۾ گهرائي سربستو احوال ڏنو ته نيب وارن وٽ سڀ ثبوت آهن. اسان وڏيون ڪوششون ڪيون ته ڏيتي ليتي ڪري جان ڇڏايون پر اصل دنگو ئي نه ڏنائون، پوءِ سڀني کي جدا جدا ڪري ٿرڊ ڊگري ٽارچر ڪري سڀ ڪجهه قبول ڪرائي “پلي بارگين” تي صحيون ڪرائي، پهرين قسط جا پئسا وٺي ضمانت تي آزاد ڪيو اٿائون. منهنجي قسط جا پئسا ايس اي صاحب في الحال ادا ڪيا آهن. سڀاڻي پنجاهه لک ڪڍرائي صاحب کي ڏئي اچ، باقي پنج ڪروڙ ڇهن مهينن ۾ ادا ڪرڻا آهن.
“پنج ڪروڙ...؟” گلاب وڏي رڙ ڪئي.
“ها نه ته باقي ڇا...”، لعل ڏني هيڻائي مان چيس.
“پوءِ باقي اسان وٽ ڇا بچندو ادا؟”
“دعا ڪر ته هي گهر ۽ نوڪري بچي.”
“ڇو نوڪري ڇو ويندي؟”
“اڙي چريا ڪرپشن اسان مٿان ثابت ٿي آهي، پئسا به ڀريون پيا پوءِ نوڪري ۾ ڪيئن رکندا بابا، ڏسجانءِ برطرف ڪري ڇڏيندا.”
گلاب وسوسن ۾ وڪوڙجي ويو. مٿي کي ڀوانٽيون اچڻ لڳس. ڀنگ جي ڪونڊي جو نشو ڪافور ٿي ويس.
“ڇا ٿو سوچين گلاب؟”
“ادا تون دل نه لاهه، مان سڀاڻي ئي پئسا ڪڍرائي جعفري صاحب کي ڏئي ٿو اچان. تون ڪا به ڳڻتي نه ڪر، تنهنجي حياتي کان وڌيڪ اهي ڪروڙ آهن ڇا! ٿڪ هڻي سڀ واپس ٿا ڪيون. جوان آهيون محنت مزدوري ڪري به پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالينداسين...”. گلاب جي ڳالهين لعل ڏني جي اندر ۾ اميدن جا ڏئيا روشن ڪري ڇڏيا. بيماري، ڪمزوري، هيڻائي ۽ اڪيلائي پنهنجي وجود مان ٻاهر ڀڄندي ڏٺائين. گلاب جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي زور ڏنائينس ۽ احسانمند نظرن سان نهاري پاسو ورائي سمهي پيو.
“بس سائين زندگيءَ جو ڏک ڏئي ويو. نيب جي ظالمن ان کي ماري ماري ختم ڪري ڇڏيو هو. جڏهن کان ضمانت تي انهن وٽان موٽي آيو گم سم رهڻ لڳو هو، ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين. اسان ان شام مائٽن جي شادي تي ويا هئاسين، رات جو موٽياسين ته ڀاڄائي رڙيون ڪندي ڏندڻجي وئي. مان جو هيٺ لهي اچي ڏسان ته ادا جي لوندڙي مان گولي آر پار هئي، ساڄي هٿ ۾ پنهنجو مائوذر پئي لڙڪيس. ان ئي وقت اسپتال کڻي پهتومانس، پر هو مسڪين ...” چوندي گلاب اچي سڏڪن ۾ ڇٽو.
ايس اي جعفري صاحب گلاب کي ڀاڪر ۾ ڀري چيائينس؛ “جيڪو رب کي منظور بابا، مان به ڪراچي اسپتال ۾ داخل هيس. اڄ ئي موٽيو آهيان ته تعزيت لاءِ هليو آيس. سگهو هجان ها ته ائين ڇهه مهينا دير سان نه اچان ها. ڏاڍو ڏک ٿيو بابا، لعل ڏنو منهنجو نائب نه پر پرين پيارو هو، منهنجو ٻچو هو.”
“ها سائين منهنجو وڏو ڀاءُ نه پر ابو به هو ته امان به. اڄ به اسان جي گهر جو منجو اونڌو لڳو پيو آ. هڪ گهڙي به اسان کان نه وسريو آ. سائين هي ننڍڙا ٻچڙا ته ڏسينس، منهنجو ته ھيانءُ ٿو ڦاٽي. جڏهن انهن کي ڏسان ٿو ته دل مڇيءَ وانگر ٻيرا ٻيرا ٿي پوي ٿي.”
جعفري صاحب گلاب کي آٿت ڏيڻ لڳو. جڏهن گلاب سامت ۾ آيو ته چيائينس ته “مان لعل ڏني جا پنجاه لک نيب وارن کي ڀري ڏنا هئا، پر اهي معاف اٿس. باقي هاڻي بابا مرحيات جا سمورا ڪيس ختم، هاڻي جيڪو پاڻ رهيو ئي نه ته ان تي وري ڪهڙا ڪيس. باقي اسان پنهنجو هرج خرچ ڀري ٿا ڏيون. گلاب تون دلگير نه ٿي، مون ۾ ڪو به ڪم ڪار هجئي ته هليو اچجانءِ. مان بحال ٿيان ته ڪوشش ڪندس ته لعل ڏني جي جاءِ تي تو کي ڪلارڪ اپائينٽ ڪرايان.” چوندي جعفري صاحب موڪلايون هليو ويو.
گلناز در کوليو. ڪار اندر هلي آئي، گلاب ڪار مان ٻه ٿيلهيون کڻي ٻاهر آيو.
“ڇو ڀاڄائي ٻارن کي نه وٺي آئين ڇا؟”
“نه! چيائين ته ٻارن کي اسڪول کان موڪل آهي، هفتو ٻه بابا وارن ڏانهن رهندس”.
“ها واقعي ئي عدت کان پوءِ ويچاري مس مس ته ٻاهر نڪتي آهي”.
“چڳو هان هي وٺ، ماني هوٽل تان وٺي آيو آهيان. اها في الحال وڃي رک، فرج مان برف کڻي آ، مهينا ٿيا آهن تو سان گڏجي پيتو به نه آ.” چوندي ٿيلهي مان وسڪي جي بوتل ٻاهر ڪڍيائين.
“اڄ ته اچ ڪي قرار ڪيون”.
چڪن تڪا، ڪباب... کائيندي گلاب بوتل جا ٽي حصا ڳڙتي چڪو هو. نشو وجود جي ذري ذري تي عيان ٿي پيس. گلناز جون به اکيون ٻرن مشالا جهڙيون ٿي پيون. گلاب پنهنجي آپي ۾ نه رهيو، ڪمري جو دروازو لاڪ ڪري گلناز جي اکين ۾ اکيون ملائي چتائي ڏسي چيائينس؛ “گلناز تون منهنجو جگر آهين جان آهين. اورتي اچ ته اڄ هڪ راز ٻڌايانءِ”.
گلناز سري ويٺس، ٻنهي جا ساهه ناسن ۽ وات مان نڪرندي هڪٻئي ۾ جذب ٿيڻ لڳا. گلاب پنهنجا ٿلها ڊولا چپ چوري چيس، “ادا جو مان ڪم تمام ڪيو مانءِ...!!”
“هان... ..”،گلناز کان رڙ نڪر وئي.
“آهستي، چري آ ڇا.. رڙيون ڇو ٿي ڪرين”. وات تي هٿ رکندي گلاب چيس.
“شاديءَ تي توهان کي ڇڏي مان يڪدم گهر هليو آيس”.
“ها.....، پوءِ”. گلناز اتاولي ٿيندي پڇيس.
“ٻڌ ته صحي .. توهان کي ڇڏي موٽي آيس ته ادا گهري ننڊ ۾ ستل هو. ڊاڪٽر ننڊ جون گوريون ڏنيون هيس. مان وڏي صفائيءَ سان سندس مائوزر کڻي لوندڙي وٽ رکي ٽيگر دٻائي ڇڏيومانس. کرڙيون هيائين ته مان باٿ روم ۾ هليو ويس. ڏهن منٽن کان پوءِ جسم ٿڌو ٿي ويس ۽ ساهه اڏامي ويس. مائوزر تان پنهنجا نشان مٽائي ادا جون آڱريون ۽ هٿ هڻائي، ٽي وي هلائي ٻاهر نڪتو هليو آيس”. گلاب جو چهرو خوفائتو ٿي پيو، جسم پگهر ۾ ڇل ٿي ويس. اکيون ٽڪ ٻڌي گلناز کي تڪڻ لڳس. نشو، نشو نه رهيس. گلناز جو وات پٽجي ويو، نرڙ ۾ سونڊ نمودرا ٿيس.
“ڇو ڪيئي ائين؟”، گلناز چيس.
“ڇو ڪيم، اڙي چري پنج ڪروڙ پنجاهه لک واپس ڪرڻا هيس، نوڪري به الائي رهيس ها يا نه. اهي جو پئسا نيب وارن کي ڏي ها ته باقي اسان وٽ ڇا بچي ها؟ پاڻ ته هي بنگلو وڪڻي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري ها. ٻڌاءِ مان ڇا ڪيان هان؟ ياد اٿئي سال کن اڳ چيو هئائين ته ڀنگوڙين مان گذا ناهي پوندي، موالي مروان ٿيندا آهن... ...، ڀلا تون ئي ٻڌاءِ اهڙي عياشي کان سواءِ اسان زندهه رهي سگهون ها. مان ته اي سي، ڪار، بنگلي ۽ پئسي... ..، کان سواءِ مري وڃان. هاڻي جي ادا واري نوڪري ملي ته به ٺيڪ نه ته به خير آ. هي ڪروڙين روپيه، دوڪان، مسواڙي جايون، پلاٽ... ... سڀ اسان جا آهن”.
گلناز زوردار چماٽ گلاب جي ساڄي ڳل تي وهائي ڪڍي. گلاب جون اکيون ڦوٽارجي ويون. گلاب اڃا ڪجهه چوي ئي چوي ته گلناز ڳراٽڙي پائيندي چيس، “مٺا ڀلجي به ڪڏهن اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجاءِ. مان ته تو کي ڀوڪ بصر سمجهندي هيس، تون ته مروانن جو به منهنجو مٺڙو منـٺار مروان آهين... ...”، چوندي ٻئي ڄڻا بستر ۾ ويڙهجي ويا.

No comments:

Post a Comment