Monday, April 13, 2015

بهار ۽ نيري پينسل - منظور ڪوهيار

بهار ۽ نيري پينسل
(يادن جي جھروڪي مان سرجيل ڪهاڻي)
Spring and Blue pencil (Short story)
منظور ڪوهيار
چوندا آهن، ته هر جوانيءَ اندر بهار جي موسم موجود هوندي آهي. جنهن جو ٻاهرين موسم سان ڪو تعلق ناهي هوندو. پر پنهنجي جواني عجيب هئي، جنهن ۾ نه اڃا گل ٽڙيو هو، نه بلبل ٻوليو هو. شايد گلشن جو مالهي ڪنجوس هيو، جنهن پنهنجي دل جي زمين ۾ عشق جو ٻج ڇٽيوئي نه . پر جي اُن تي اهو الزام نه ڌرجي، ته شايد فطرت من اندر پيار جي پاڻي جي پيچ نه ڏني هئي. پوءِ ڀلا بٺ زمين ۾ عشق انگورجي ته ڪيئن انگورجي؟...بس ٻين جا سچا ڪوڙا قصا ٻڌي پيا خوش ٿيندا هياسي.


سال 1978 جي ڳالھ آهي. بهار جي موسم شروع ٿي چڪي هئي. ڄامشوري جي وڻن ٽڻن ۽ ٻوٽن ۾ساه پئجي چڪو هو. هر طرف گلن ڦلن ۽ جوان جسمن جي سڳنڌ ڦهليل هئي. جيڪا امپورٽيد پرفيوم ۽ سينٽ کان هزار دفعا وڌيڪ بهتر هئي. گھرو ساه کڻجي ته هيانءُ ٺريو وڃي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي بي اي آنرس،ايم اي پريويس ۽ فائنل جا پيپر پورا ٿي ويا ها. شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مٿي جو سور ختم ٿي چڪو هو. پر هڪ ٻي مٿي جي سور کين منجھائي وڌو هو، اها هئي الوداعي پارٽي.
ڊپارٽمينٽ جي استادن ۽ شاگردن( ڇوڪرن) جو خيال هيو ته فائنل وارن شاگردن جي الوداعي پارٽي کي مهينو کن پوئتي رکجي. جيئن امتحاني ٿڪ ڀڄن ۽انهيءَ عرصي دؤران مکا ميلا به ٿيندا رهن. پر فائنل وارن شاگردن جي ڪلاس ريپريزينٽيٽو ’شگفته‘ جي راءِ هئي ته ان عرصي دؤران سندن شادي به ٿي سگھي ٿي ۽ شادي شده شاگردياڻين کي الوداعي پارٽي ڏيڻ ائين آهي، جيئن فوتين جا لاش دير سان دفنائي جنازا پڙهيا وڃن. جڏهن اسان جھڙن غير رومانوي شاگرد ن به ائين چيو، ته جيڪي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو؛ ته پوءِ فيصلي ٿيڻ ۾دير ئي نه ٿي، ته اهو پرگرام ٽن ڏينهن کانپوءِايندڙ سومر تي هرحال ۾ ٿيندو.
اها خبر جڏهن استادن کي پئي ته انهن مان اڪثر شامل ٿيڻ کان معذرت ڪئي، سواءِ سائين محمد بخش لاشاري ۽ پروفيسر جي ايم مهڪري جي. سائين محمد بخش لاشاري جي شامل ٿيڻ جو ٻڌي سڀئي شاگرد ڏاڍا خوش ٿيا، جو کين خبر هئي ته اهو شاگردن جي هر پروگرام ۾حيدرآباد مان بامبي بيڪري جو ڪيڪ ۽ پئسٽريون وٺي ايندوآهي. پر وزيٽنگ پروفيسرجي. ايم مهڪري صاحب تي سندن رد عمل گڏيل سڏيل هيو، جو کين اندازو هيو، ته ان ڏينهن تي به ليڪچر ڏيڻ کان نه مڙندو.جڏهن ته مان ڏاڍو خوش هيس، ته هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وٺبا.
سومر واري ڏينهن تي، مٺڙيون ۽ ٿڌڙيون هوائون هلي رهيون هيون. مان انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري 49 نمبر ۾ هميشه وانگر صبوح سان سوير وهنجي سهنجي تيار ٿي، هميشه وانگر نوٽ بوڪ بال پين، پينسل ۽ شارپنر کڻي، بلاڪ هاسٽل جي سامهون ”لاڙڪاڻه ميس“ ۾ پهتم. اڳلي سال کان، اها ميس لاڙڪاڻي جي شاگردن ان ڪري کولي هئي، جو انهن کي شڪ هيو ته سينٽرل ڪئنٽين ۾ ڪتا ڪهي کارايا ٿا وڃن. اهو ڪيترن جو مشاهدو هيو، ته جڏهن موڪلن کان شاگرد موٽن ٿا ته رولو ڪتن جا ولر هاسٽلن جي چوڌاري ڦرندي نظر اچن ٿا ۽ پوءِ آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي گم ٿي وڃن ٿا. ان پروپيگنڊه جو اهو اثر ٿيو ته ان وقت جي ”شاگرد تنظيم“ جي صدر شبير شاهاڻي ڪئنٽين جي ٺيڪيدار کي ڌمال ڪڍڻ جو اعلان ڪيو. پر مون کيس ڳوٺائي جي حيثيت سان جھليو ۽ سمجھايو ته جڏهن کان کڙتالي گروپ جا پيارا، مفت خورا ٿي پيا آهن، ته پوءِ ٽڪي واري ڀاڄي ۾ مک نه هوندي ته ٻيو ڇا هوندو. منهنجي تائيد ”جيالاجي ڊپارٽمينٽ“ ۾ پڙهندڙ سنجيده خيرپوري دوست” اڪبر ڪاڪي پوٽي“ به ڪئي. ان به چيو ته ”اسان ان ڪري ئي ته بلاڪن واري سادي ڪئنٽين ۾ لوڻڪ يا دال واپرئيندا آهيون، ته جيئن حرام کائڻ کان بچي سگھون!“
اهڙي پروپيگنڊه ٿيڻ کانپوءِ، پوءِ مونکي به يقين ٿي ويو، ته ’پرنسيپل آف سوشيالاجي“ جي سبجيڪٽ ۾ ڄاڻايل ان وصف جي ڪيتري نه اهميت آهي، ته:
” پروپيگنڊه مشتمل آهي، اهڙي ڄاڻ، خيال يا افواه تي، جيڪو هاسڪار اهڙي زوردار نموني سان ڦهلايو وڃي. جنهن سان ڪنهن شخص،گروه،تحريڪ،اداري يا قوم کي فائدو يا نقصان رسي“.
لاڙڪاڻو ميس جو اسٽينڊرڊ زبردست هيو. هر هفتي ٻه ڊبل ويلا ، گوشت، مڇي،پلاءُ، چانور،ڀاڄي وغيره پچندي هئي. سڄي مهيني جو بل اهو ڪو اڍائي سؤ يا ٽي سؤ مس نڪرندو هو. ميس جي ڪراڪري ته نهايت خوبصورت هئي، جيڪا ميس مئنيجر جي اعلى ذؤق جي شاهدي ڏيندي هئي. ڏسڻ سان من ٺري پوندو هيو. ان ميس جو مئنيجر هيو، به شبير شاهاڻي. جيڪو هيو ته شاگرد اڳواڻ، پران وقت اڃا نظرياتي ايمان پختو هيو،ٺڳي ٺوڳي جي رجحان تمام گھڻي ترقي نه ڪئي هئي.
مان ميس ۾ اچي ويٺس، ته باورچي غلام نبي رنڌڻي مان منڍي ڪڍندي پڇيو، ”سائين ڇا کائيندءُ؟“
مون وراڻيو،” انڊو قيمو!“
جيستائين انڊوقيمو تيار ٿي، ميس ۾ بيري طور تي ڪم ڪندڙ ڇوڪري پاڻي جو جڳ ۽ گلاس اچي ٽيبل تي رکيو. ڇوڪري جي عمر اها 16 يا 17 سالن جي هئي. کوسو ٻروچ هيو. نالو هيس دلبند. انتهائي درجي جو سادو يا کڻي ائين چئجي ته اٻوجھ. ان جون سادائپ وارين ڳالهين کان ميس ميمبر لطف اندوز ٿيندا رهندا هيا. مان کيس ڇيڙڻ لاءِ هروڀرو چيو،” کوسا ٻروچ، عشق ڪيو ٿي؟“
جواب ڏنائين،” هائو، سائين !“
” ڪنهن سان؟“
” بس آهي، پر ٻڌائيندس نه!“
” رڍ سان عشق ڪيو ٿي، ڇا؟“. مان ڇيڙڻ خاطر پڇيومانس.
” نه سائين!.. اهڙو ڇوڪري آ، جو سڄي ڳوٺ ۾ ڪونهي!“، دلبند سچي ڪري ويٺو.
” ڏسڻ ۾ڪيئن آ؟“
”قرآن!...صفا، هن جڳ جھڙو!“، دلبند قسم کڻي، ٽيبل تي رکيل جڳ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
” اڙي صاحب کي ماني ڏي، پنهنجي عشق جا قصا کنيون ويٺو آن،چريا!“، باورچي غلام نبي رڙ ڪندي کيس ڇينڀيو.
دلبند ويو، رنڌڻي مان ماني ۽ انڊو قيمو کڻي اچي مون آڏو رکيو. پر مان ان جڳ کي ڏسندو رهيس. بالڪل نئون فرانسيسي جڳ هيو. جيستائين ماني پئي کاڌم، ته صرف اهو سوچيندو رهيس، ته ڪيڏي نه خوبصورت ۽ نئين تشبيھ آهي. يعني سندس محبوبه ايڏي اڇي اجري ۽ جرڪندڙ آهي، جھڙي هيءَ جڳ آهي. ايڏي صاف شفاف آهي، جيئن جڳ ۾ وڌل پاڻي آهي!؟....يعني اندران ٻاهران اڇي، اجري صاف ۽ شفاف! .
آرٽس فئڪلٽي( فئڪلٽي آف سوشل سائنسز) جي عمارت ڏانهن ويندي ويندي مان ميس جي بيري جي ڏنل تشبيھ تي غور ڪندو ويس ۽ کيس داد ڏيندو رهيس، ته: بالڪل غير روايتي تشبيھ. نه ائين چيائين ته چنڊ جھڙي ،نه گلاب جي گل جھڙي...نه پري جھڙي، نه حور جھڙي ...صفا جڳ جھڙي....ڪيڏي نه غير روايتي تشبيھ آهي،واه!..واه!؟
تشبيھ جي گھرائي ۾ لهندي، فئڪلٽي جي ٻي ماڙ تي پهتم. پنهنجي گھڙيءَ تي نگاه ڊوڙايم ته اڃا ساڍا نوَ ٿيا هيا. سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جو پٽيوالو، چئرمين ۽ ٽيچرس روم جي صفائي کي لڳو پيو هيو. سيمينار روم اڃا بند پيو هيو. اندازو ٿي ويو ته اڄ ڏهين وڳي کان اڳ شاگرد ته ڪنهن صورت ۾نه ايندا، جو سڀني کي امتحان جا ٿڪ هيا. مان هڪڙو هيس ،جنهن کي خوامخواه جي تڪڙ هئي.
سوچيم، جيستائين ٻيا اچن، تيستائين سيمينار روم جي سامهون واري پلويڙي تي ويهي رهان، ٿڌي ٿڌي هوا جھٽيان ۽ هيٺ ايندڙن ويندڙن کي به پيو ڏسان. پير ڪانَس تي رکي، پلويڙي تي ٿي ويٺم. ذهن ۾ آيو، ڇو نه ويهي ان نئين پينسل کي به گھڙيان، جيڪا مان عمومن پروفيسر مهڪري جي ليڪچر دؤران نوٽنگ لاءِ رکندو آهيان. سندس ليڪچر دؤران ڪڏهن ڪڏهن بال پين ڌوڪو ڏئي ويندي آهي ۽ جڏهن ته پينسل تيز لکڻ ۾ وڏو ساٿ ڏيندي آهي. پر مون سان هڪ مصيبت آهي ته جڏهن به مان شارپنر سان پينسل گھڙيندو آهيان، ته ڪو اهڙوزور ايندو اٿس جو ٻه ٽي دفعا ته گورو ضرور ڀڄي پوندو آهي ۽ نئين پينسل پنهجو قد بت وڃائي ڊينڊڙي ٿي ويندي آهي. مان پنهنجي پينٽ جي کيسي مان نيري پينسل ۽ اسٽيل جو شارپنر ڪڍيو. ڪوشش ڪري آهستي آهستي پينسل کي شارپنر جي سوراخ ۾ ڦيرائڻ شروع ڪيو. پينسل ڦرندي رهي. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن پينسل ٻاهر ڪڍيم ته حيران رهجي ويس. پينسل جو مڪمل چنهبيارو گورو، ڪٿان به ٽٽل ڀڳل نه هيو. بلڪه صحيح سلامت، نيزي جي چنهنب جيان... زندگي ۾ پهريون دفعو پينسل کي تحسين آميز نگاه سان ڏٺم.اهڙي خوشي ٿي، ڄڻ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هيم. بار بار نيري پينسل کي ڏسندي، امتحانن کان اڳ پروفيسر جي ايم مهڪري جو” انساني حسن جا ماڻ ۽ ماپا“ تي ڏنل ليڪچر ياد پئي آيو. جنهن ۾ ٻڌايو هيائين، ته ” هندوستانين ڪلاسيڪل حسن جي حوالي سان عورتن کي چئن حصن ۾ ورهايوويو هيو. پدمڻي، ڪامڻي، چترني ۽ هستني. پدمڻي حسن ۽ اخلاق ۾ يڪته يعني مڪمل جسماني ساخت رکندڙ، وصفن ۾ هم آهنگ ۽ ڏسڻ ۾ پر وقار هوندي آهي. ڪامڻي حسن ۾ يڪته، پر اخلاقي طورتي پدمڻي کان ٿوروگھٽ هوندي آهي.، چترني حسن ۽ اخلاق ۾ ٻنهي کان گھٽ ۽ چالاڪ قسم جي عورت هوندي آهي. هستني هاٿيءَ وانگر ٿلهي ۽ بي ڊؤلي، اخلاقي طور ليڪا لنگھيل هوندي آهي.
ان حوالي سان، اڄ هيءَ پينسل ڪلاسيڪل حسن جي حوالي سان مون کي پدمڻي پئي لڳي،جو مڪمل جسماني ساخت، گريفائيٽ جي خوبصورت گوري، نيري رنگ ۽ پڇڙي ۾لڳل گلابي اريزر(رٻڙ ) جي حوالي سان هم آهنگ ۽ پروقار پئي نظر آئي. باقي رهيو اخلاقيات وارو حوالو، ته هن بال پين وانگر ڪڏهن به ڌوڪو ناهي ڏنو. اڄ مان پينسل کي ائين ڏسي رهيو هيس، جھڙوڪر پينسل نه ٿي ڪا محبوبه ٿي. جنهن کي ڏسندي دل ئي نه پئي ڀرجي. مون کي ائين لڳو ته مان هن جو عاشق ۽ هوءَ منهنجي معشوقه ٿي وئي آهي. سمجھ ۾ نه پئي آيو ته ڇا ڪيانس؛ وش ڪيانس ، ڪِس ڪيانس يا کيسي ۾ رکانس؟... اوچتو پٺيان ڪنهن آواز ڏنو،” الوداعي پارٽي واري ڏينهن تي خود ڪشي ڪندي ڇا، جو اتي ويٺو آهين؟“
مان ڪنڌ ڦيرائي ڏٺو، ته پٺيان شگفته بيٺي هئي. سندس نالو ته شگفته هيو.پر هرڪو شگفته جي غيرشگفته انداز کان ائين لهرائيندو هيو،جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. ان ڪري ’شوخفته‘ جي نالي سان به مشهور هئي. جيڪڏهن ڪنهن گھوري ڏٺس ته پنهنجين عقابي نگاهن سان اهڙي چڀندڙ جھوت وجھندس جو اڳلي جون نگاهون جھُڪي وينديون . ڪنهن جملو هنيس ته اهڙو جواب ڏيندس جو آنڊا ئي ساڙي ڇڏيندس. ان ڪري اهو مشهور هيو ته شاگردياڻين ۾ شگفته ۽ ٽيچرس ۾هسٽري ڊپارٽمينٽ جي ميڊم عزيزه چنه ’مڙس ماڻهو‘ آهن. عمومن ڪامرس ڊپارٽمينٽ جا شاگرد ، پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾صنفِ نازڪ نه هئڻ جي ڪري پياسن پنڇين جيان، ٻي فلورتي سوشيالاجي ۽ سئڪالاجي ڊپارٽمينٽ ¬ڏانهن لامارو هڻڻ ايندا هيا. سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي سترنهن ڇوڪرين سان گڏ چار ڇوڪرا ڏسي، ٿڌا ساه ڀري چوندا هيا،” هتي ته بهشت ۾ گڏه ويٺا آهن، اسان شهزادا ته جيئري ئي دوزخ ۾آهيون!“. پر اهي به شگفته کي ڏسي پاسو مٽائي ويندا هيا. جو هوءَ پنهنجن پراون سڀن سان پڄڻ واري هئي. هُئي ته ڪڻڪ رنگي ، متوازن جسم جي مالڪ ۽ وصفن جي چڱي. پر ڏسڻ ۾بنھ ڇيڳري هئي. سدائين حجاب واري انداز ۾ رئو ويڙهيل، اکيون اڻڀيون، چپ خشڪ، ٻانهون ٻسيون، پيرن ۾ جاگر پاتل ڄڻ بيڊ منٽن جي رف ٽف کلاڙي ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺڻ آئي هجي. پر اڄ سندس انداز ئي ٻيو هيو. مان کيس ڏسندو ئي رهجي ويس. پهريان ته يقين ئي نه پئي آيو ته ڪا شگفته آهي. ڀنڀا وار ڪلهن تي، عقابي اکين ۾ ڪجل، لبن تي سرخي، ڳاڙهو رئو ڳچيءَ ۾، جنهن ڪري سندس صراحيدار گردن صاف نظر اچي رهي هئي. ڪراين ۾ وڄندڙرنگ برنگي چوڙيون، ننهن تي نيري نيل پالش ۽ هٿ حنائي ڊزائينن سان رتل. پنين تائين نيرو فراڪ ، جنهن جي دامن تي ڳاڙهي رنگ جو ڀرت ڀريل. احمري لکنوءَ اسٽائيل پاجامو، جيڪو مُرن ۾ ڦاٿل . پيرن ۾ سونهري رنگ جو ’پينسل هيل‘ وارو سينڊل .کيس مٿان کان هيٺ ڏسندي وات ٻاڪون ٿي ويو، ائين پئي لڳو ڄڻ شگفته کي پهريون دفعو ڏٺو هجي. بس نه مٽيو هو ته سندس لهجو.
هوءَ تيز هئي، ان ڪري منهنجي وائڙائپ کي سمجھي وئي. هڪدم پڇيائين:
”اکيون ڦاڙي ڇا ٿو ڏسين، زندگي ۾ ڇوڪريون نه ڏٺيون ٿئي ڇا، باندر؟“
مان هٻڪندي چيو،” اڄ ته ائين ٿي لڳين......“
” ڪيئن ٿي لڳان؟“، هن ترڇي نگاه سان ڏسندي ۽ ٿورو شرمائيندي پڇيو. پهريون دفعو هن جي لفظن جو ميٺاڄ، نسواني مرڪ ۽ دل ٺار نگاه من ۾لهي وئي. مون کي ائين لڳو منهنجي اندر کي پيار جي پاڻيءَ جي پيچ ملي وئي آهي ۽ عشق جو سلو انگورجي رهيو آهي.
مون ڳيتان ڏيندي،کيس پنهنجي هٿ۾ جھليل پينسل ڏيکاريندي وراڻيو:
”ڄڻ مڪمل... چنهبياري.... ڪلاسيڪل حسن جو شاهڪار....نيري پينسل!“.
ڪاوڙ ۾ هن جا ڀرؤن ڳتجي ويا. هن هڪدم منهنجي هٿ ۾ جھليل پينسل کَسي، هوا ۾ اڇلائي. نيري پينسل قلابازيون کائيندي فئڪلٽي جي مين گيٽ وٽ وڃي ڪري. مان شگفته کي ڪجھ نه چئي سگھيس. هوءَ مُڙي ۽ لاپرواهي واري انداز سان پينسل هيل واري سينڊل کي کڙڪائيندي، چيلھ لچڪائيندي هلي وئي. مان ان وقت پريشان ٿي، سوچيو هيو، ته ڀلا خوبصورت ڇوڪريون ايڏيون روايت پسند ڇو ٿينديون آهن!؟....

پر، هاڻي ڪجھ ٻي انداز سان سوچيان ٿو.....

No comments:

Post a Comment