Wednesday, April 25, 2012

ذڪر مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو - منظور ڪوهيار


ذڪر مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو

مختصر مختصر ڪهاڻين جي حوالي سان ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي ڪتاب، ’سچا ڪوڙا رشتا‘ ۾، پنهنجي لکيل مهاڳ، بعنوان ’روايتي ۽ جديد ڪهاڻي‘ ۾، هڪ وصف ڏني هئي ته؛
’جيئن اکيون روح ۽ جسم جون دريون آهن، تيئن مختصر مختصر ڪهاڻي به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن مان زندگيءَ کي اک ڇنڀ ۾ ڏسي يا محسوس ڪري سگھجي ٿو.‘
۽ پوءِ ’ارنسيٽ هيمنگوي‘ جي ڇهن لفظن تي مشتمل ڪهاڻي مثال طور پيش ڪئي هئي:

وڪري لاءِ
وڪري لاءِ، اڻ پاتل، ٻاراڻا بوٽ.

انهيءَ ڪهاڻيءَ کي عالمي نقادن خوبصورت احساساتي ڪهاڻي قرار ڏنو ۽ راءِ ڏني هئي ته؛ هڪ اهڙي ٻار جي ڪهاڻي آهي، جيڪو مائٽن جي ورتل ٻاراڻن بوٽن کي، پائڻ کان اڳ مري ويو. يا غريب مائٽن کي، غربت سبب ڪنهن معصوم ٻار جا اُهي اڻ پاتل بوٽ، وڪڻڻا پيا. وغيره.


مون اُن مهاڳ ۾ فرانز ڪافڪا جي مختصر مختصر ڪهاڻي ’اُن جو حصو‘ ۽ رابندر ناٿ ٽئگور جي ڪهاڻي ’بانسري وارو‘ جا حوالا ڏنا هيا، پر مثال پيش نه ڪيا هيا.
بس، اِها تنقيد هئي منهنجي دوست سهيل مڪاني ۽ ٻين جي، ته مان جيڪڏهن انهن مختصر مختصر ڪهاڻين کي مثال طور پيش ڪري ۽ کين تاريخي تناظر ۾ پيش ڪيان ها ته تشنگي نه رهجي ها.
سچ پچ ته مان ڪو محقق يا وڏو پڙهيل اديب ناهيان جو ڪنهن ادبي صنف تي ايڏي گھرائي و گيرائي سان لکي سگھان. مان ته عام ليکڪ آهيان. جڏهن زندگيءَ جي گورک ڌنڌن مان واندڪائي نصيب ٿيندي آهي ته ڪجهه لکي وٺندو آهيان. پر دوستن جي دل رکڻ لاءِ اتان شروع ڪجي ٿو، جتان تشنگي رهجي وئي هئي يعني ’فرانز ڪافڪا‘ جي مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي پيش ڪندي:
’اُن جو حصو‘
هُو اُن لائق آهي، ته گمنام پوڙهي عورت اُن کي ڏني وڃي، جنهن جون رانون سُسيل هجن، جيڪا هن جي مردانه جوهر کي کن پل ۾ ڪڍڻ تي مجبور ڪري. پوءِ پئسه وٺي پنهنجي کيسي ۾ وجھي ۽ تڪڙ ۾ ٻئي ڪمري ۾ هلي وڃي، جتي ٻيو گراهڪ سندس انتظار ڪري ـــ‘

هيءَ ڪهاڻي ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ اهڙي نوجوان طرف اشارو آهي، جيڪو جنسي نفسياتي پيچيدگين  Psycho-sexual Disorder جو شڪار آهي. ۽ ٻيو حصو ان پوڙهي تجربيڪار رنڊيءَ Experienced sex worker بابت آهي، جيڪا اهڙن نفسياتي جنسي مريضن کي منهن  ڏيڻ ڄاڻي ٿي. پر اصل ڳالهه آهي اُن رنڊيءَ جي تجربي جي، جيئن سنڌيءَ جو هڪ پهاڪو آهي؛ ’پوڙهو اُٺ، ٻه ڪنواٽ لهي.‘
تجربي جي حوالي سان، اهڙي ڪهاڻي ايسپ جي آکاڻين ۾ به موجود آهي:

پوڙهي زال ۽ شراب جو مٽ
هڪڙي پوڙهي زال، هڪڙو ٺلهو شراب جو مٽ، زمين تي پيل ڏٺو، جنهن ۾ شراب جو هڪ ڦڙو به نه هو. پر لنگھندڙن کي منجھائنس شراب جي بوءِ پئي آئي. پوڙهي پنهنجو نڪ اُن جي ويجھو آڻي، سنگھڻ لڳي ۽ چوڻ لڳي؛ ’اي مڌ ...! جڏهن تنهنجي بوءِ ايڏي خوشبودار آهي، تڏهن تون پاڻ ڪيڏو نه سٺو هوندين!‘

مون هتي ايسپ جي آکاڻيءَ کي مثال طور تي ان ڪري پيش ڪيو، جو ارنيسٽ هيمنگويءَ ۽ فرانز ڪافڪا جون مختصر مختصر ڪهاڻيون ۲۰ صديءَ عيسويءَ جون آهن. جڏهن ته ايسپ جي آکاڻي جو دؤر ۶۲۰ ق.م وارو دؤر لِــيکيو وڃي ٿو. يعني اڄ کان ۲۶ صديون اڳ. ايسپ جي آکاڻين جو تعداد اندازن ۳۰۰ کن آهي. ڪي دوست ائين سمجھن ٿا ته شايد مختصر مختصر ڪهاڻي جو بنياد ۱۹ يا ۲۰ صدي عيسويءَ ۾ پيو آهي. پر ان جو بنياد ڏند ڪٿائن، لوڪ آکاڻين، قصن، حڪايتن، ٽوٽڪن ۽ چوڻين تي رکيل آهي. هزارن سالن کان وٺي، اهڙي قسم جو ادب انساني سمجهه ۽ ڏاهپ کي وڌائڻ لاءِ، هڪ نسل کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهيو آهي. اهڙي قسم جو ادب لکت کان ڪيترا هزار سال اڳ ۾، آيو آهي. پر جيڪڏهن تاريخي تناظر ۾ ڏسبو ته پوءِ شروع اُتان ڪبو، جتان لکت ۾ مليو آهي.
ايسپ جي آکاڻين کان گھڻو اڳ، يعني اڄ کان ساڍا ٽي هزار سال اڳ، اهڙي قسم جو ادب سوميرين وٽ به موجود هيو. مٽيءَ جي پڪل تختين تي، هڪ اهڙي مختصر مختصر آکاڻي/ ڪهاڻي به ملي آهي، جنهن ۾ ڏاهپ ۽ سمجهه سمايل آهي:

لومڙ ۽ ڪتا
لومڙ، پنهنجي زال کي چيو؛ ’هل ته اسان ’اُر‘ شهر کي پنهنجن ڏندن سان چٻاڙيون، جئين ٻوٽيءَ کي چٻاڙبو آهي. ’ڪلاب‘ شهر کي پنهنجي پيرن سان اهڙي طرح ٻڌئون، جئين جُوتي کي تسمن (ڪھين) سان ٻڌبو آهي.‘
 اُهي شهر کان اڃا ڪجهه پرتي هيا ته شهر جي اندران کين ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. گدڙ پنهنجي زال کي چيو؛ ’واپس هل، جو ڪُتا شهر جي اندر خوفناڪ انداز ۾ ڀونڪن ٿا.‘

اهڙي قسم جي آکاڻي/ ڳالهه سنڌي لوڪ ادب ۾ به ملي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب لوڪ ڪهاڻيون جلد ۶ ۾ ’گدڙ ۽ ڪتا‘ جي عنوان سان موجود آهي، جنهن جون روايتون لاڙ، وچولي، اتر ۽ ٿر مان مليل ڄاڻايل آهن. پر اها آکاڻي/ ڳالهه ٿوري ڦير گھير سان ته مون ننڍي لاءِ کان گھڻن هنڌن تي ٻڌي آهي، جيڪا مون کي ياد آهي. اُها اوهان آڏو پيش ڪجي ٿي:
’هڪ گدڙ کي ڪو پنو هٿ آيو. هن اُهو کڻي پئي گھمايو ته ٻين گدڙن پڇيس ته؛ ’اِهو ڇا ٿو کنيو پيو گھمين؟‘
گدڙ وراڻيو؛ ’بادشاهه سلامت طرفان کيس پروانو مليل آهي، ته اڄ کان وٺي سندس بادشاهي ۾ ڪو به ڪتو سندس ڪڍ نه پوندو.‘
اوچتو ڪتن جو ولر گدڙن آڏو اچي ويو، جيڪو رومڙ ڪندي سندن ڪڍ پئجي ويو. سڀئي گدڙ ڀڄڻ لڳا. ڀڄندي ٻين گدڙن پني واري گدڙ کان پڇيو؛ ’تون پروانو ڇو نه ٿو ڏيکارين .... تون ڇو ٿو اسان وانگر ڀڄين؟‘
پني واري گدڙ وراڻيو؛ ’ادا، پروانو ڪنهن کي ڏيکاريان ... اِها فوج ئي اڻ پڙهيلن جي آهي.‘

انهن آکاڻين، ڳالهين، ڪهاڻين انسانن سان گڏ وڏا سفر ڪيا آهن. خبر ناهي ته اِها ڪهاڻي/ آکاڻي سوميري تهذيب (عراق) مان، سنڌو تهذيب ڏانهن سفر ڪيو، يا وري سنڌو تهذيب جي ڪجهه سوداگرن سوميري تهذيب کي تحفي ۾ ڏني. ان جو دليل اهو آهي ته جيڪي آکاڻيون/ ڪهاڻيون/ ٽوٽڪا ايسپ جا سمجھيا ويندا هيا، سا خبر پئي ته ايسپ کان به اڳ جا آهن. مثال ’ڪانءُ ۽ گُھگھي‘ واري آکاڻي:

ڪانءُ ۽ گُھگھي
’هڪ اڃايل ڪانءُ، پري کان هڪڙيءَ پاڻيءَ جي گھگھي کي ڏسي خوش ٿيو ۽ تڪڙو گھگھيءَ وٽ آيو. پر ويجھو اچي ڏٺائين ته؛ پاڻي اُنهيءَ جي تري ۾ آهي. هن گھڻو ئي پاڻ جھڪايو. پر پاڻيءَ کي پهچي نه سگھيو. تڏهن گھگھيءَ کي اونڌو ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، پر ايتري طاقت ڪا نه هيس. نيٺ سوچي، ويجھڙائي مان پٿريون چونڊي، هڪڙي هڪڙي پٿري منجھس وجھڻ لڳو. ۽ انهيءَ ڏاهپ سان پاڻي ڪنن تائين آڻي، پنهنجي اُڃ لاٿائين.‘ 

چند سال اڳ اها ڪهاڻي، مصر جي قديم آثارن مان ملي پئي. جنهن جي قدامت ايسپ کان گھڻو اڳ جي هئي، آثار قديمه ۽ علم انسانيت جي ماهرن ان ڪهاڻي/ آکاڻي کي نج مصري ڪوٺيو.
پر هروڀرو ائين به ناهي ته سڀ ايسپ جون آکاڻيون اڳ جون هيون. هو نهايت ذهين تخليقار هيو. آکاڻين/ ڪهاڻين ٺاهڻ جو ماهر هو. ڪافي ڪهاڻيون، هن جون پنهنجون تخليق آهن. مثلًا؛ سندس هيءَ سدا بهار آکاڻي مون کي ڏاڍي وڻندي آهي، جيڪا اڄ به ساڳي اهميت رکي ٿي ۽ عدالتي نظام تي هڪ وڏو طنز آهي:

ابابيل جيڪا عدالت ۾ ويٺي هئي

هڪڙي مادي ابابيل، ڪنهن عدالت جي عمارتي ڇڄهريءَ تي پنهنجو آکيرو جوڙيون ويٺي هئي. سندس ٻچا ايترا ته ننڍا هيا جو اڏامي نٿي سگھيا. تڏهن هڪڙو نانگ، پنهنجي ٻر مان نڪري، سڀني ٻچن کي کائي ويو. جڏهن ابابيل موٽي پنهنجي آکيري ۾ آئي، تڏهن آکيرو خالي ڏسي، عجب نموني روئڻ لڳي. تڏهن هڪ پاڙي واري آٿت ڏيندي چيس؛ تون ڪا پهرين پکڻ ناهين، جنهن جا ٻچا ويا آهن، جو ايترو روئين ٿي!؟‘  
ابابيل جواب ڏنس؛ ’اِهو سچ آهي، پر مان رڳو ٻچن لاءِ ڪا نه ٿي روئان. روئان ٿي اِنهيءَ ڪري ته جنهن هنڌ تان سڀ ڪو ڏکويل انصاف وٺڻ اچي ٿو، اُنهيءَ هنڌ تي مون سان اهڙو انڌير ٿيو آهي.‘

بس ان ڪهاڻيءَ/ آکاڻيءَ کي اڄوڪين حالتن سان ڀيٽايو ۽ پوءِ کلو يا روئو، اِها اوهان جي مرضي ....!؟
ايسپ جي مقبوليت جو عالم اِهو هيو، جو پوءِ جا آکاڻي نويس يا ڪهاڻي نويس، ايسپ جي نسبت سان سڏيا ويندا هيا. ’جان گي‘ کي انگلينڊ جو ايسپ، ’جين ڊي لافنٽين‘ کي فرانس جو ايسپ، ’گاڊ هولڊ ايفريم ليسنگ‘ کي جرمني جو ايسپ سڏيو ويو. انهن سڀني جي آکاڻين/ ڪهاڻين کي جيڪڏهن مثال طور پيش ڪبو، ته پوءِ هيءُ مهاڳ، طوالت جو شڪار ٿي، بذات خود هڪ ڪتاب ٿي ويندو.
پر ’وشنو شرمن‘ جو نالو نه کڻڻ زيادتي ٿيندي، جنهن پنج تنتر نالي ڪتاب ۾ تمثيل واري انداز ۾ نصيحت آموز مختصر مختصر آکاڻيون لکيون. هيءُ دؤر، تقريبًا ٽي صديون ق ــ م جو آهي. ۽ اهي آکاڻيون ايتريون ته مقبول ويون جو فارسي ساساني شهنشاهه (۵۷۹-۵۳۱) جي حڪم سان شاهي طبيب بروزيه هن کي سنسڪرت مان پهلوي زبان (پراڻي فارسي)  ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ۸ صدي عيسوي ۾ عبدالله ابن مقفع، هن کي ’ڪليله و دمنه‘ جي نالي سان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عربيءَ جي افسانوي ادب جي حوالي سان، هيءُ پهريون ڪتاب آهي. عبدالله ابن مقفع هن ڪتاب ۾ هڪ باب جو اضافو ڪيو، يعني وڌيڪ آکاڻيون تخليق ڪيون. پوءِ خليفي ابن منصور کي تحفي طور اهو ڪتاب موڪليو. خليفي اهي آکاڻيون پڙهي، پاڻ تي طنز محسوس ڪيو. ۳۵ سالن جي نوجوان اديب ابن مقفع تي، نئون قرآن لکڻ وارو الزام هڻائي، سندس هٿ وڍرائي، کيس تيل جي ٻڙڪندڙ ڪڙهائيءَ ۾ اڇلرايو. اهو ڪڌو ڪم، بصره جي حاڪم، عامل سفيان بن معاويه جي هٿان ڪرايائين.
ڪليله و دمنه، آکاڻين يا ڪهاڻين جي حوالي سان، ان ڪري به منفرد آهي، جو پهريون دفعو افسانوي ادب ۾ هڪ نئين ٽيڪنڪ متعارف ٿي. يعني ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي Story in story وارو اسلوب متعارف ٿيو. جنهن جي بنياد تي، دنيا جو افسانوي ادب جي حوالي سان، ’الف ليلة و ليلة‘ جھڙو شاهڪار افسانوي ادب تخليق ٿيو. جنهن جي باري ۾ ’موپاسان‘ چيو هيو ته؛ مون افسانوي ادب جي حوالي سان جيڪو ڪتاب بار بار پڙهيو آهي، سو ’الف ليلة و ليلة‘ آهي. سچ پچ ته جڏهن مون کي به زندگيءَ جي کڦڙتالن مان واندڪائي نصيب ٿيندي آهي ته مان اهو ڪتاب بار بار پڙهندو آهيان ۽ لطف اندوز ٿيندو آهيان. خير، ڳالهه هلي پئي ’ڪليله و دمنه‘ جي، تنهن ڪري ان حوالي سان هڪ آکاڻي پيش ڪجي ٿي:

هر آواز خطرناڪ نه هوندو آهي

هڪ لومڙ هڪ جھنگل مان پئي گذريو. ان جھنگل جي هڪ وڻ جي ٽارين ۾، هڪ دهل ٻڌل هيو. جڏهن به هوا لڳندي هئي ۽ دهل لڏندو هو ته وڻ جون ٽاريون ان سان لڳنديون هيون، جنهن جي ڪري اُهو زور سان وڄندو هيو. لومڙ ان دهل جي وڄت ٻڌي، دهل جي ويجھو ٿيو. ڏٺائين ته هڪ ٿلهي متاري شيءِ، آواز ڪري رهي آهي. هن سوچيو ته؛ ان ۾ گوشت ۽ چرٻي به جام هوندي. پوءِ ڪنهن اٽڪل سان ان تائين پهتو ۽ اُن کي رهنڊون ڏئي ڦاڙيائين ته کيس اندران پورو نظر آيو ۽ منجھس ڪجهه به نه هيو. ان تي لومڙ افسوس ڪندي چيو:
’مون کي اها خبر نه هئي ته وڏي بُت ۽ ڳري آواز واريون شيون، اهڙيون ڪمزور ۽ بيڪار هونديون آهن.‘

پنچ تنتر جون آکاڻيون، عام ڏاهپ جي حوالي سان لکيون ويون ۽ اسان جي لوڪ ادب ۾ گدڙ جي حوالي سان ڪافي ڪهاڻيون/ آکاڻيون پنج تنتر تان ورتل آهن. پر اُپنشد جون ڪهاڻيون، ويدانتي نظريي جون پرچارڪ هيون. هيءُ ڪهاڻيون نهايت پُرمغز، بامقصد ۽ بامعنيٰ هونديون هيون.
چيو وڃي ٿو ته؛ ’ويدانت جو سڄو فلسفو ’اُپنشدن‘ ۾ آهي. اُپشندن جو مجموعي تعداد ۱۰۸ آهي. ابتدائي دؤر جا لکيل اُپنشد، مثلًا بهدرنيڪ ۽ چاند وگيانتري وغيره آهن. جن ۾ اصولن ۽ عقيدن جي تشريح لاءِ، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون ڏنل آهن. جنهن ۾ ’هڪ وجود‘ جنهن کي برهم يا برهمڻ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو انسان جي اندر آهي، تنهن جي تلاش آهي، جيڪو ازلي سچ آهي. جنهن کي جڏهن انسان ڳولي ٿو ته حقيقت سمجھي وڃي ٿو. پوءِ کيس هيءَ دنيا ڄڻ، خواب جيان لڳي ٿي، جنهن ۾ ڪو ڀؤ ڀولو ۽ ڳڻتي ناهي. هو هر شيءِ کان آزاد ٿي وڃي ٿو. اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ’اُپنشد‘ لفظ جي معنيٰ آهي؛ ’تدريسي نشست‘ يا ’استاد جي قدمن ۾ ويهي علم سکڻ‘. اُپشند جي هڪ ڪهاڻي اوهان جي آڏو رکجي ٿي. پڙهو، سوچيو ۽ سمجھو:
ستيه ڪام
جبالا جي پٽ ستيه ڪام پنهنجي ماءُ کي چيو: ’ڀڳوتي! مان برهم چاري بڻجي رهڻ چاهيان ٿو، مون کي ٻڌاءِ ته مان ڪهڙي مرد جو پٽ آهيان؟‘
اُن جواب ڏنو؛ ’اي پٽ! مون کي معلوم ڪونهي ته تون ڪهڙي مرد مان آهين. مان پنهنجي جوانيءَ ۾ ڪيترن ئي جڳهين تي نوڪرياڻيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ته تون مون کي ملئين. مون کي خبر ناهي ته تون ڪهڙي مرد مان آهين. منهنجو نالو جبالا آهي ۽ تنهنجو نالو ستيه ڪام. سو پنهنجو پاڻ کي جبالا جو پٽ، ستيه ڪام ئي سڏاءِ.‘
پوءِ هو ’دُرو مت‘ جي پٽ گوتم وٽ ويو ۽ کيس چيائين؛ ’آءٌ برهمچاري طور تي رهڻ چاهيان ٿو، ڇا تون مون کي پنهنجو چيلو بڻائيندين؟‘
گوتم پڇيو؛ ’اي عزيز! تون ڪهڙي خاندان مان آهين؟‘
ان جواب ڏنو ته؛ ’مون کي معلوم ناهي ته مان ڪهڙي خاندان مان آهيان. ها، مون پنهنجي ماءُ کان پڇيو هيو ته ڪهڙي خاندان مان آهيان؟ ان جواب ڏنو هيو ته؛ هوءَ پنهنجي جواني ۾ گھڻين جڳهين تي نوڪرياڻيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪندي رهي هئي. سو کيس پتو ناهي ته هو ڪهڙي خاندان منجھان آهي. بس ان ڪري مون کي صرف اِها ڄاڻ آهي ته مان جبالا جو پٽ، ستيه ڪام آهيان.‘
اُهو ٻڌي گوتم وراڻيو؛ ’برهمڻ کان سواءِ ڪو ئي ائين نٿو چئي سگھي. بيشڪ! تو سچائيءَ کي نروار ڪيو.‘ اِهو چئي هن ستيه ڪام کي چيلو بڻايو.
ڪهاڻيءَ جو صاف مطلب آهي ته؛ سچائي جي وڏي اهميت آهي ۽ اُن زماني ۾ ’برهمڻ‘ جو مطلب ئي اِهو هيو، جيڪو سچائي ۽ حقيقت کي هر حالت ۾ نروار ڪري ۽ اهڙي قسم جي وديا/ علم سکي ۽ سيکاري. اڳتي هلي اُهو برهمڻ، جيڪو سچائي ۽ حقيقت جي تلاش ۾ هوندو هيو، اُن ذات پات رنگ نسل ۽ جنس جي بنياد تي ’منو دهرم شاستر‘ لکي برصغير جي سلجھيل سماج کي الجھائي ڇڏيو.
’منو دهرم شاستر‘ تي وري ڪنهن ٻئي دفعي ڳالهائبو. ان ڪري ڇڏيون ٿا ان ڳالهه کي اتي ۽ وٺون ٿا، مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي.
مختصر مختصر آکاڻي/ حڪايت/ ڪهاڻيءَ کي صوفي بزرگن، پنهنجي مت جي پرچار لاءِ خوب ۽ ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. منهنجي صوفي ڪهاڻين جو ڪتاب ’فراق جي منزل‘ جڏهن شايع ٿيو ته ڪيترن دوستن کي وڏي تڪليف پهتي. اُنهن ڏاڍا تبرا ڪيا. پر ڪنهن به دليل ۽ حوالي سان نه ڳالهايو. جيتوڻيڪ مون گھڻي حد تائين صوفي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان مهاڳ ’تصوف جا رخ ۽ صوفي ڪهاڻي‘ ۾ حوالن ۽ دليلن سان لکيو هيو. پر مهرباني، سائين امر جليل جي، جنهن مون تان اِها ملامت لاهي، پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌي ۽ هڪ ملامتي صوفيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي ڪتاب ’آتم ڪٿا‘ (ڀاڱو پهريون) ۲۰۱۱ع ۾ صفحي نمبر ۱۲۲ تي لکي ٿو:
’صوفي ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکڻ ڪري، پهريون دفعو (۲۰۰۰ع) ۾ جڏهن شاهه عبدالطيف ايوارڊ مليو هو، تڏهن به ملڪ ۾ مارشل لا هئي. ٻئي دفعي ۲۰۰۷ع ۾ جڏهن ٽن ٻولين؛ انگريزيءَ، سنڌي ۽ اردو ۾ صوفي مت جو پرچار ڪرڻ سبب، شاهه لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنو هئائون، تڏهن به مارشل لا جو بد ترين دؤر هو.‘

مٿئين حوالي کان پوءِ، دليل وري اِهو آهي ته؛ جيئن ’صوفياڻي ڪلام‘ وارو اصطلاح استعمال ٿيندو آهي، تيئن صوفي ڪهاڻي به هڪ ادبي اصطلاح آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ائين اصطلاحن ۽ ادبي لفظن جي ڳالهه ڪجي ته ڪيترا ئي لفظ معنيٰ ۽ مطلب جي حوالي سان ساڳيا هوندا آهن، پر وصف جي حوالي سان اُنهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه فرق ضرور هوندو آهي. مثال اچون ٿا، لفظ افسانو، ڪهاڻي، ڪٿا، وياکياڻ، قصه، ڳالهه، آکاڻي، داستان، حڪايت وغيره تي ته خبر پوندي ته معنيٰ جي لحاظ کان مطلب مڙيو ئي ساڳيو آهي.
افسانو: افسانه (ف - اُفسانه) ڪهاڻي، عجيب و غريب قصو، ڪوڙي ڳالهه، نقل، داستان، بيان (سورن جو)
ڪهاڻي: (سن: ڪٿنڪا) پرا. ڪهاڻئا=آکاڻي.
سن. ڪٿ= ڪٿا، هڪ وڏو من گھڙت قصو. حڪايت، ڳالهه، آکاڻي، ذڪِر- رجوعات، قصو. ڪٿا، وارتا، داستان، پٽاڙ، بيان، افسانو، تذڪرو، ڪَهت، ڪهاتَ، چوڻي، پهاڪو، مثال.
ڪٿا: (سن. ڪٿا= ڳالهه) ڳالهه بيان. آکاڻي. وارتا. ڪهاڻي، افسانو، داستان، مذهبي ڳالهين تي واعظ، خطاب، تقرير، ليڪچر، وياکياڻ، نصيحت.
وياکياڻ: سن، وياکياڻ= سمجھائڻ، تقرير ، گفتگو، تات، ليڪچر، واعظ.
قصه: (عربي قصه) قص= هُن بيان ڪيو، ڪهاڻي، ڳالهه، افسانو، حڪايت، وارتا، ذڪر، جھڳڙو، لڙائي.
ڳالهه: (سن. گاٿا= ڳالهه- ع قال= چوڻ. ) آکاڻي، ڪهاڻي، ڪٿا، قصو، گفتگو، داستان، ڪوڙ سچ.
آکاڻي: (پرا: آُکاڻيه. س. اکيانيم، اکيانڪا. آکيا= چوڻ)
داستان: (ف) آکاڻي، قصو، ڪهاڻي، ڳالهه، ڪٿا، وارتا، بيان، حڪايت، نظير.
حڪايت؛ (ع. حڪيٰ= هن ڳالهه ٻڌائي) آکاڻي. ڳالهه، قصو، داستان، ڪهاڻي، بيان، خبر، احوال، روايت.
روايت: (ع) ڪنهن جي ڳالهه زباني نقل ڪرڻ. سرگذشت.
مون ته صرف فيروزاللغات ۽ سنڌي لغات (سنڌي ادبي بورڊ) کي سامهون رکي ڪري لکيو آهي، پر انهن لفظن کي باقاعده ادبي اصطلاحن جي حوالي سان ڪا وصف ملڻ گھرجي ته جئين ادب جا شاگرد مونجھاري جو شڪار نه ٿين ۽ اهو ڪم آهي، علمي ۽ ادبي ادارن جو.
بهرحال ڳالهه پئي هلي صوفي ڪهاڻيءَ جي. منهنجي هڪ صوفي ڪهاڻي ’مارڳ محبوبن جو‘ تي هڪ صوفيءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي هئي. اُن مون کي هڪ گارين جو خط به لکيو هيو ته مان ان ڪهاڻيءَ ۾ صوفين کي ڇوري باز سڏيو آهي ۽ ساڳئي قسم جي تنقيد سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي گڏجاڻيءَ ۾ ڪنهن زبرزنگ اديب به ڪئي هئي. پر هاڻي ڇا ڪجي جو شيخ سعدي جھڙو عظيم صوفي، نثرنگار ۽ شاعر به نام نهاد صوفين کي اگھاڙو ڪري ته پوءِ اهڙي قسم جي ادب کي بي ادبي ته نه چئبو، پر اهڙو ادب، خود تنقيدي ادب جو اتم حصو سڏبو. سندس ڪتاب ’بوستان‘ مان هڪ اهڙي قسم جي مختصر مختصر ڪهاڻي پيش ڪجي ٿي:

عشق جي گپ ۾ ترڪي پيل صوفيءَ جو قصو
هڪڙي صوفي فقير جي نظر، ڪنهن سهڻي ڇوڪري تي پئجي وئي. پوءِ ته ان جي عشق ۾ اڙجي ويو. هوش وڃائي بيهوش ٿي پيو. جسم تي پگھر ائين نڪري نروار ٿي پيس، جئين وڻن جي پنن تي ماڪ جا ڦڙا. اتفاق سان ان وقت جو مشهور حڪيم، سواريءَ تي چڙهيل، اتان اچي لنگھيو.
ڪنهن ماڻهوءَ ٻڌايس؛ ’هي پرهيزگار فقير آهي. گناهه جي گندگيءَ کان پري ڀڳل آهي، رات ڏينهن جنهگلن، جبلن ۾ پيو ڦرندو آهي، ماڻهن سان ته ملندو ئي ڪونهي. پر اڄ هن جي نظر لسي ۽ سهڻي ڇوڪري تي پئجي وئي ۽ دل ڦرائي ويٺو آهي. يعني عشق جي گپ ۾ ترڪي پيو آهي.‘
فقير کي جڏهن ڪجهه هوش آيو ۽ ماڻهن جي ملامت جو چوٻول ڪنين پيس، تڏهن روئي ڏنائين. ماڻهن کي چيائين؛ ’مون تي ڪيتري ملامت ڪندوَ ....؟ هاڻي کڻي ماٺ ڪيو. آءٌ جيڪڏهن روئان ٿو ته اُهو به بنا عذر جي ناهي، منهنجو هيءُ حال بنا سبب جي ڪونهي.
ان ڇوڪري جي سهڻي صورت منهنجي دل ڦُري نٿي سگھي، پر مون ته ان سهڻي جي پيدا ڪندڙ خالق ڏي پئي ڏٺو. جنهن اهڙي سهڻي صورت بڻائي آهي.‘
اتي هڪڙو تجربيڪار ۽ پڪي عمر جو ماڻهو به بيٺو هو. ان عاشق صوفيءَ جون ڳالهيون ٻڌي چيو، ’فقير! گھڻيون ڳالهيون ڪندين، تنهنجي پرهيزگاري ۽ نيڪيءَ جي جھان ۾ هاڪ آهي پر هن واقعي کان پوءِ تون پنهنجي شرافت ثابت نه ڪري سگھندين. ڇو ته ان خالق ڪاريگر رڳو سهڻا ڇوڪرا ڪو نه خلقيا آهن، جو تو جھڙا فقير اُنهن کي ڏسي دل ڦرائيندا وتن.. رب سائينءَ جي ڪاريگري، نئين ڄاول ٻار ۾ به آهي. خالق جي ڪاريگري ڏسڻي اٿئي ته اُٺ کي ڏس، ته خالق ڪيئن خلقيو اٿس. يا هروڀرو ’چين چگل (ترڪستان جو هڪ شهر، جتان جو حسن مشهور آهي) جا سهڻا ڇوڪرا ڏسي، رب جي ڪاريگري تي حيران ٿئين. باقي تنهنجي اِها ڇاڻي بازي واري ترڪيب نه هلندي.‘

سو اسان جي به صرف اُنهن صوفين تي تنقيد هئي، جيڪي جنسي گپ ۾ ترڪي پيا هيا. حقيقت اها آهي ته صوفين جيترو پاڻ تي تنقيد ڪئي آهي، شايد ڪنهن ٻئي طبقي ڪئي هجي. جيڪڏهن ان حوالي سان سندن تخليق ڪيل ادب پيش ڪجي ته هڪ زخيم ڪتاب جُڙي وڃي. هڪ اهڙي حڪايت شيخ فريد الدين عطار پنهنجي ڪتاب ’منطق الطير‘ ۾ به ڪئي آهي:

شيخ ابو بڪر نيشاپوري جي ڳالهه
هڪڙي دفعي شيخ ابو بڪر نيشاپوري پنهنجي مريدن سان گڏ، هڪڙي گڏهه تي سوار، ڪنهن رستي تي وڃي رهيو هيو ته اوچتو سندس گڏهه ٽٽ ڏنو. شيخ ان سبب، حال ۾ اچي نعرا هڻڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو. مريدن کي اِها ڳالهه پسند نه آئي. اُنهن مان هڪڙي پڇيس: ’آخر ڪهڙي سبب، اوهان ان حال ۾ اچي ويا؟‘
جواب ڏنائين؛ ’مان مريدن جي وڏي مجموعي کي ڏسي خيال ڪيو ته مان با يزيد بسطامي (هڪ عظيم صوفي) کان گھٽ ناهيان ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن به اِنهيءَ عزت ۽ ناز سان محشر جي ميدان ۾ ويندس. جڏهن هي خيال ڪيم ته اتفاق سان گڏهه ٽٽ ڏنو. ائين ڪرڻ سان گويا هن مون کي جواب ڏنو ته جو به شخص اهڙي لٻاڙ هڻي ٿو، سا گڏهه جي ٽٽ مثال آهي. ان سچ ڪري منهنجو اندر تڙپي اُٿيو ۽ مان حال ۾ اچي ويس.‘

پنهنجو پاڻ تي پاڻ تنقيد ڪرڻ، وڏي جرئت آهي. شيخ سعدي پاڻ شاعر هيو پوءِ به هن شاعرن تي تنقيد ڪئي.
 گلستان مان هڪ شاعر جي حالتِ زار جو قصو ملاحظه ٿئي. جيڪو اسان جي اڄ جي درٻاري شاعرن جھڙو آهي.
شاعر ۽ ڌاڙيل
هڪڙو هو شاعر، جيڪو ڌاڙيلن جي سردار وٽ وڃي پهتو. ان جي تعريف ۾ ڪجهه شعر پڙهيائين. پر ڌاڙيل ڪنهن ٻئي خيال ۾ هو، تنهن ٻين ڌاڙيلن کي حڪم ڏنو ته هن شاعر جا ڪپڙا لهرائي، ننگو ڪري ٻاهر ڪڍوس. شاعر ويچارو اگھاڙو ٻاهر نڪتو ته سياري جي موسم هئي، پارو ڄائو پيو هو. هيءُ ٿڙڪندو جيئن ئي اڳتي هليو، تيئن ڪتن جي لوڌ مٿس حملو ڪيو. شاعر ويچارو نِوِڙي پٿر کڻڻ لڳو ته جئين ڪتن کي هڻي، پر پٿر پٽجي نه سگھيو. چوڻ لڳو: هي ڪهڙا ڪميڻا ماڻهو آهن، جو ڪتن کي ڇوڙي ڇڏيو اٿن ۽ پٿرن کي ٻڌي ڇڏيو اٿن.‘
ڌاڙيلن جي سردار ڪٿان شاعر جو اِهو حال ڏٺو پئي. هن جا چيل اکر ٻڌي، کلي ڏنائين ۽ اتان سڏ ڪري چيائينس؛ ’اي سياڻا! هيڏانهن موٽي اچ. جيڪو گھرڻو هجئي، اُهو گھر!‘ شاعر چيو؛ ’مون کي رڳو منهنجا ڪپڙا ڏيو. مون لاءِ اِهو انعام ئي ڪافي آهي. ٻيو توهان جو ڪجهه نه گھرجي، آءٌ ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکي آيو هوس، چڱائي نٿا ڪريو،  برائي ته نه ڪريو.‘
اِهو ٻڌي ڌاڙيلن جي سردار کي رحم اچي ويو. حڪم ڪيائين ته؛ هن کي ڪپڙا واپس ڪريو. پر وڌيڪ وڳو به ڏيوس. پوءِ ٻيا انعام و اڪرام ڏئي واپس ڪيائونس.
ڳالهه هلي هئي پاڻ تي خود تنقيد واري ادب جي ته مون کي خليل جبران ياد اچي ويو. جنهن جا اِهي لکيل جملا ڏاڍي گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ آهن:
”جڏهن اوهان آڱر جي اشاري سان ڪنهن جي گريبان طرف اشارو ڪيو ٿا، ته اُنهن ٽن آڱرين کي به ڏسو، جيڪي توهان جي گريبان طرف اشارا ڪن ٿيون.“
خليل جبران به مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان مقبول اديب هيو. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ ته سندس ڪتاب، بهترين وڪرو ٿيندڙ ليکيا ويندا هيا. مثاليت سان ڀرپور، سندس ڪهاڻيون، ڪنهن اهڙي تخيلاتي دنيا ۾ گهلي وينديون هيون، جتي سچائي ۽ معصوميت موجود هوندي هئي. ان به ڪيتريون ئي مختصر مختصر ڪهاڻيون لکيون ۽ سندس ڪهاڻين جو تمثيلي انداز ايڏو ته خوبصورت ۽ دلپذير آهي، جو پڙهندڙ اُن جي سحر ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. سندس تمثيلي انداز ۾ لکيل هيءَ ڪهاڻي پڙهو ۽ غور ڪيو:
ڪورو ڪاغذ
ڪاغذ جي هڪ سفيد ورق چيو؛ ’آءٌ بي داغ بڻايو ويو آهيان ۽ هميشه بي داغ رهندس، مان سڙي خاڪ ۾ تبديل ٿيڻ زياده پسند ڪندس، بجاءِ ان جي ته ڪا مس مون کي ڇُهي ۽ داغدار ڪري.‘
جو ڪجهه سفيد ورق چيو، مس اُهو ٻڌي ورتو ۽ پنهنجي اندر کلي ويٺي. ليڪن اُن جي قريب وڃڻ جي همت نه ڪئي.
رنگبرنگي پينسلن به ٻڌو، اهي به اُن جي نزديڪ نه ويون ۽ ڪاغذ جو سفيد ورق، اهڙيءَ طرح بي داغ رهيو، بي داغ ۽ صاف_ ليڪن ڪورو_‘

هڪ دفعي مان ڪليات خليل جبران جو اردو ترجمو پئي پڙهيو. منهنجي اِها عادت آهي ته مان سٺن ڪتابن کي بار بار پڙهندو آهيان، ائين جيئن ڪنهن سٺي دوست سان بار بار ملاقات ڪجي ۽ حظ حاصل ڪجي.
منهنجي ڀر ۾، منهنجو ڀائٽيو، وينجھار ويٺو هيو. اُن چيو؛ ’اَبُـو! جيڪو تون پڙهين ٿو، اِهو مون کي پڙهي ٻڌاءِ!‘
مون مشڪي کيس اِها ڪهاڻي ٻڌائي. وينجھار، ٻُڌي چيو؛ ’پوءِ ته اِهو ڪاغذ ڦاٽي پوندو.‘
’ڇو؟‘ مون پڇيو.
’جڏهن اُن تي نه لکبو، ته بيڪار ٿي ويندو.‘
مون کي اِهو تبصرو ايڏو وڻيو ۽ مون سوچيو ته واقعي ما بعد جديديت جو اِهو نظريو صحيح آهي، ته جتي ليکڪ جي تخليق ختم ٿئي ٿي، اُتان پڙهندڙ جي تخليق شروع ٿئي ٿي ۽ هن ’وينجھار‘ ته تمثيلي ڪهاڻيءَ جي تهه تائين پهچي، ڪمال ڪري ڏيکاريو. تڏهن ته چيو ويندو آهي ته؛ ٻار ماڻهوءَ جو پيءُ آهي. Child is father of men.
ڪجهه وڏن پڙهيل اديبن جو خيال آهي ته تمثيلي ڪهاڻيءَ جي ضرورت، صرف جبر واري دؤر ۾ هوندي آهي ۽ هاڻي تمثيلي انداز ۾ لکڻ بي سود آهي. پر مان عام ليکڪ جي حيثيت سان چوان ٿو ته؛ تمثيل ۾ ڏاڍي خوبصورتي ۽ خيالن جي گھرائي هوندي آهي. هڪ سٺو پڙهندڙ، ان تي ائين سوچي نتيجو ڪڍي سگھي ٿو جيئن منهنجي پنجن سالن جي ڀائٽي ’وينجھار‘ ڪڍيو.
لطيف سائين جي شاعري به ته تمثيل جو شاهڪار آهي. ڇو ته تمثيل ۾ معنائن، مطلبن، مقصدن جا درياهه وهن ٿا. لطيف سائينءَ جي هيٺئين شعر کي لطيف جا پارکو ان ڪري پنهنجي مرتب ٿيل شاهه جي رسالي مان خارج ڪن ٿا، جو شاهه سائينءَ رنڊيءَ جي تمثيل ڏني آهي.
لنڊيون لک لهن، جي ڏين ڏيهاڙي ڏيهه کي،
ستيون ڪوهه ڪجن، جي سانڍي رکن سيل کي.



ڳالهه هلي هئي، خليل جبران جي تمثيلي ڪهاڻيءَ تان. ته پوءِ ڇو نه ڪجهه ٻين تمثيلي مختصر مختصر ڪهاڻين جو به ذڪر ٿي وڃي. دراصل عربي ۾ تمثيلي ادب به پراڻي دؤر کان هلندڙ هيو. عربي ادب مان ورتل چوڏھن سؤ سال اڳ جي هڪ ڪهاڻي/ آکاڻي هتي پيش ڪجي ٿي:

ڏيڏر ۽ وڇون
هڪ وڇون ۽ ڏيڏر، هڪ ڏينهن نيل نديءَ جي ڪناري تي مليا. ٻنهي ڄڻن، دريا جي ٻئي پار وڃڻ پئي گھريو. ڏيڏر کي ته ڪنهن ٻيڙيءَ جي سهاري جي ضرورت نه هئي. البت، وڇونءَ کي ٻيڙي ۾ لڪي ويهي وڃڻو هيو. ڏيڏر، وڇونءَ کي چيو ته؛ هو وڇونءَ کي پٺيءَ تي کڻي، ٻئي پار وٺي وڃي سگھي ٿو، ان شرط سان ته وڇون کيس ڏنگ نه هڻي. وڇونءَ واعدو ڪيو، ته هو ائين نه ڪندو. ڏيڏر، وڇونءَ کي پٺيءَ تي چاڙهي، نيل نديءَ جي ٻئي ڪناري تي پهتو. وڇونءَ سندس پٺيءَ تان لهڻ کان اڳ، کيس ڏنگ هڻي ڪڍيو. ڏيڏر تڙپڻ لڳو. تڙپندي وڇونءَ کي چيائين: ”تو واعدي خلافي ڇو ڪئي؟“
وڇونءَ جواب ڏنو؛ ’اسان ٻئي عرب آهيون .... يا ناهيون ...؟ ٻڌاءِ ...!؟‘‘
اِها لوڪ ڪهاڻي پنهنجي دؤر جي عربن جي سماجي نفسياتي ڪيفيتن جي عڪاس آهي. ڪي تمثيلي ڪهاڻيون ڏاڍيون پر مغز ۽ پر خيال هونديون آهن، جيئن انجيل ۾ حضرت عيسيٰ جي حوالي سان هڪ ڪهاڻي تمثيلي انداز ۾ بيان ٿيل آهي.
ٻج ۽ ٻني
”ڏسو، هڪ ٻج ڇٽڻ وارو، ٻج ڇٽي نڪتو. ڇٽڻ وقت ڪجهه ٻج رستي جي پاسن تي ڪريا ۽ پکين اچي، اُنهن کي چڳي ڇڏيو. ڪجهه پٿريلي زمين تي ڪريا، جتي اُنهن کي وڌيڪ مٽي نه ملي ۽ گھرائي واري مٽي نه ملڻ سبب جلدي ڦٽي پيا ۽ جڏهن سج نڪتو ته سڙي ويا. ڪجهه ڊڀن ۾ ڪريا، ڊڀ وڌيا ته اُهي دٻجي ويا، ڪجهه سٺي زمين تي ڪريا ۽ ڦريا. پوءِ انهن مان ڪي سٺوڻ ۽ ڪي ٽيهوڻ ٿيا ... جنهن جا ڪن هجن، اُهي ٻڌي وٺن.‘‘

تمثيلي ڪهاڻيون نه صرف وچ اوڀر ۾ هلندڙ هيون پر برصغير ۾ به تمثيلي ڪهاڻيون سمجھاڻي ڏيڻ لاءِ هڪ بهترين ذريعو هيون. ان حوالي سان مان اڳ ئي پنج تنتر جو ذڪر ڪري چڪو آهيان، پر نوبل انعام يافته اديب رابندر ناٿ ٽئگور جون به مختصر مختصر تمثيلي ۽ علامتي ڪهاڻيون، نزاڪت جو اعليٰ نمونو آهن. هڪ ڪهاڻي هتي حاضر خدمت آهي:

بانسري وارو
’’سج لهي چڪو آهي ... پاڇو زمين تي لهي آيو آهي ... اِهو ئي وقت آهي ته مان پنهنجي صراحي ڀرڻ لاءِ جھرڻي تي وڃان ... شام جي هوا، وهندڙ پاڻيءَ جي غمگين راڳ تي مست آهي ۽ مون کي اونداهي سڏي رهي آهي.
ان سنسان رستي تي ڪو ئي هلڻ وارو ناهي ... هوا تند ۽ تيز آهي ...درياهه ۾ لهرون پاڳل ٿي ويون آهن. اِهو به معلوم ناهي ته گھر واپس به اچي سگھان يا نه .... ڪهڙي خبر ڪير رستي ۾ ملي وڃي ... اُتي هڪ سونهري ڪشتي ۾ ويٺل هڪ شخص، جنهن کي مان سڃاڻان به نه ٿي، بانسري وڄائي رهيو آهي.‘‘

مذڪوره ڪهاڻي مختصر هئڻ جي باوجود به ڪيڏي نه خوبصورت آهي. اوهان غور ڪندئو ته اوهان کي هڪ اهڙي عورت جو ڪردار ملي ٿو، جيڪو راڌا يا ميرا سان مشابهه آهي. جيڪي سماج جي رسمن ۽ رواجن جي تيز و تند هوائن مان گذرندي، وقت جي درياهه جي دم ڌڙڪن جي باوجود، پنهنجي من جي صراحي کي ڀرڻ چاهي ٿي. سامهون کيس اميدن جي ڪشتي ۾ سندس رهبر ڪرشن ويٺل نظر اچي ٿو.
مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جي حوالي سان، چيني ادب تي به سرسري نظر وجھجي ته بهتر ٿيندو.
مختصر مختصر ڪهاڻين جو دؤر، اُستاد ڪنفيوشس کان ٿورو اڳ جو آهي ۽ ڪنفيوشس (۵۵۱ ق.م ــ ۴۷۹ ق.م) جي دؤر ۾، ماڻهوءَ کي ماڻهپي ڏيڻ لاءِ ايڏيون ته مختصر مختصر ڪهاڻيون سرجيون ويون، جو سمجهه ۾ اچي ٿو ته ان وقت جي چيني سماج ۾ عدل وانصاف، رحمدلي، سخاوت ۽ سچائيءَ لاءِ ڪيڏي نه تڙپ هئي. ڌوڪي، ڪوڙ، منافقت، ڊاڙ ۽ لٻاڙ لاءِ ڪيڏي نه نفرت هئي. ۽ اِهو دؤر چين جي ڏاهپ جي حوالي سان سماجي تبديليءَ جو دؤر هيو. زندگيءَ ۽ سماج کي سمجھڻ لاءِ، چيني ادب، هر حوالي سان دنيا جو امير ترين ادب آهي. هڪ ڪهاڻي اُن دؤر جي ٿي وڃي:

ڀوتار شن ۽ ڊريگون
”شن زهيو لانگ‘‘ نالي هڪ شخص ’چائو‘ شهر ۾ رهندو هيو. اُهو پاڻ کي ڀوتار سڏرائيندو هيو. هن کي ڊريگون جون تصويرون وڻنديون هيون. ان ڪري هن پنهنجي محل جي ديوارن، ٿنڀن، دروازن ۽ درين تي ڊريگون جون تصويرون ٺهرائي ۽ اُڪرائي ڇڏيون هيون. نتيجي ۾ ڊريگون سان هن جي محبت مشهور ٿي وئي. اها ڳالهه جڏهن آسمان تي رهندڙ ڊريگون ٻڌي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن فيصلو ڪيو ته ڀوتار شن زهيو لانگ سان ملي، سندس ايڏي محبت ڪرڻ جو شڪريو ادا ڪري.
پر جيئن ئي ڊريگون سندس شڪريو ادا ڪرڻ لاءِ، سندس محل ۾ لٿو ۽ سامهون ٿيو ته ڀوتار وٺي ڀڳو. اُنهيءَ کان پوءِ ماڻهن کي خبر پئي ته ڀوتار ’شن‘ کي صرف ڊريگون جون تصويرون وڻنديون آهن، نه ڪي حقيقي ڊريگون.

ڳالهه هلي، چيني مختصر مختصر ڪهاڻيءَ تان ته چين ۾ اڄ به مختصر مختصر ڪهاڻيون مقبول آهن ۽ اهو سلسلو مسلسل هلندڙ آهي. پر يورپي ۽ آمريڪي ادب جي نقادن/ محققن ۾ به اهو پراڻو مرض آهي ته اُهي هر شيءِ پاڻ ڏانهن منسوب ڪندا آهن. ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته جديد مختصر مختصر ڪهاڻيءَ جو بنياد ۱۹۲۰ع ۾ رکيو ويو ته ڪڏهن دعويٰ ڪندا آهن ته ان قسم  جي ادب جو بنياد ايسپ جي آکاڻين تان پيو. پر مون ڪٿي به ناهي ڏٺو ته ڪنهن چيني اديب جو نالو به کڻن. شايد ان ڪري جو اُهو ڪميونسٽن جو ادب آهي ۽ سندن خيال ۾ ڪميونسٽ انساني معاشري مان خارج آهن.
۲۰ صديءَ جي مختصر مختصر ڪهاڻي لکندڙ، هڪ مشهور چيني اديب ۽ سندس ڪهاڻيءَ جو ذڪر نه ڪرڻ زيادتي ٿيندي. ۱۹۶۲ع ۾ ’ڪيوهو جو‘ پنهنجي نظريي جي پختگيءَ لاءِ بهترين ڪهاڻيون سرجيون. سندس هڪڙي مختصر ڪهاڻي ’ريڍار‘ نالي هئي. جيڪا هن مائوزي تنگ جي انهيءَ نظريي جي پوئواري ۾ لکي هئي ته؛ ’جيڪڏهن توهان جنگ کان بچڻ چاهيو ٿا، ته جنگ لاءِ تيار رهو.‘
ٻي ڪهاڻي ساڳئي ليکڪ، ساڳئي دؤر ۾، سامراجي قوتن کي مکين ۽ هاٿيءَ کي محنت ڪشن جي علامت طور پيش ڪيو هيو. سندس ٻي ڪهاڻي هتي نموني طور پيش ڪجي ٿي:

هاٿي ۽ مکيون
هڪ هاٿي، جھنگل مان محنت سان لاهه ڪڍي رهيو هيو. مکين جا ميڙ چوڌاري ’ڀُون ڀُون‘ ڪندي، کيس ذهني عذاب ڏئي رهيا هئا. اُهي ميڙ، سندس اکين جي تنرن ۾ چنبڙڻ، پگھر چٽڻ يا سندس ناسن تي ويهي، سندس ساهه بند ڪرڻ ۾ مشغول هئا. بي يار و مددگار هاٿي، رڳو پنهنجن ڪنن کي وڃڻي جيان هلائڻ لڳو.
جڏهن گھڻي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، هاٿي آرام ڪري رهيو هو ته، مکيون وري سندس چوڌاري ميڙاڪو ڪري آيون. هن ڪوشش ڪئي ته انهن کي پنهنجي وڏي سونڊ سان لامارو ڏئي هڪلي. پر اهو سڀ ڪجهه اجايو هو. جڏهن هن، انهن کي هڪڙي طرف کان پئي هڪليو ته اهي ٻئي طرف کان حملي آور پئي ٿيون. اڃا هڪ ميڙ کي هڪلي بس پئي ڪيائين ته ٻين پئي اچي ٺڪاءُ ڪيو.
پنهنجي سونڍ کي زور سان لامارو ڏيندي، هاٿيءَ آخر ڪجهه مکيون ماري وڌيون. پر مکيون هيون زور آور، سو چوڻ لڳيون؛ ’تون بدمعاش! اسان تي تشدد ڪري رهيو آهين. تون اسان جي آزاديءَ ۾ خلل وجھي رهيو آهين. اسان جي خود مختياريءَ ۾ مداخلت ڪري رهيو آهين ۽ اسان جي حدن تي ناجائز قبضو ڪري رهيو آهين!‘
’توهان جي حدن تي ناجائز قبضو ...؟ موٽي وڃو پنهنجي بدبودار جڳهن تي.‘ هاٿيءَ وراڻيو.
’ٺيڪ آ، اسان وينديوسين، جيڏانهن اسان کي وڻندو. دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾... پر تو کي سزا ڏني ويندي، تنهنجي تشدد واري عمل تي. اسان جا ساٿي سڄي دنيا ۾ آهن. ڪالرا، پليگ، پيچش ۽ تشنج، سڀئي پنهنجا اتحادي آهن. اسان تو کي اگھي ڇڏينداسين. توڙي جو اسان کي تو سان هزارين سال وڙهڻو پوي يا ڏهن هزارن سالن تائين. تنهنجي انت اچڻ تائين، جھيڙينديوسين.‘‘
هاڻي مکين جي ٻين ساٿين به، آواز ڪڍڻ شروع ڪيا ۽ اها ساڳي ئي زبان استعمال ڪيائون، جيڪا مکين ڪئي هئي.

المقصد ته جن کي اڄ ڪلهه micro fiction سڏيو وڃي ٿو، اُن جا بنياد، هزارن سالن کان وٺي پيل آهي. صرف نالا مٽيا ۽ وڌيا آهن. هاڻي ته عددي لفظن جي حوالي سان به ڪهاڻيون آهن. مثلن ۵۵ لفظي ڪهاڻي، ۶۹ لفظي ڪهاڻي، ۱۶ لفظي ڪهاڻي، ۸ لفظي ڪهاڻي، ۴ لفظي ڪهاڻي، ۲ لفظي ڪھاڻي، ۱ لفظي ڪهاڻي، ٻڙي لفظي ڪهاڻي.
۱۹۸۷ع ۾ ۵۵ لفظ ڪهاڻيءَ جو، New Times وارن باقاعده بين الاقوامي مقابلو ڪرايو هيو، هيٺين شرطن تحت:
1.       ۵۵ لفظن کان هڪ لفظ به گھٽ يا وڌيڪ نه هجي.
2.       بيهڪ ڪهاڻيءَ وانگر هجيس، يعني؛ شروعات، وچ ۽ آخر.
3.       هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪردارن تي مشتمل هجي.
4.       منجھس ڪو مسئلو يا مونجھارو هجي.
5.       آخر ۾ حل يا نتيجو ڪڍي سگھجي.

اهڙين ڪهاڻين کي ڪيئي نالا ڏنا ويا آهن. مثلًا؛
Sudden story, postcard story, minute story, furious, fast, quick, short short story, Bytes, skinning story, palm-sized, little short story, pocket size story, smoking long story, novelties, sketch story
وغيره وغيره.
.
اردوءَ ۾ انهن کي ’افسانچو‘ سڏيو وڃي ٿو. منٽو، ڏاڍا سٺا افسانچا لکيا، پر اُنهن کي ايڏي پذيرائي نه ملي.
ويجھڙ ۾ سعيد سومري، ويلنٽائين ڊي تي ’پيار ڏهاڙي جي سوکڙي‘ لکي. اردوءَ جو هڪ ڪتاب، ’کچوکـئه‘ نالي موڪليو، جنهن جو مصنف نور محمد قريشي آهي، تنهن جون مختصر مختصر ڪهاڻيون لکيل آهن. جن کي هو ’ڪچوڪي‘ سڏي ٿو. سندس هڪ ڪهاڻي مثال طور پيش ڪجي ٿي:
   
پڇتاءُ
وهندڙ پاڻيءَ ۾، پنهنجي جان خطري ۾ وجھي، اُن کي ڪناري تائين آندائين ۽ زيور لاهي، وري اُن کي پاڻيءَ جي سپرد ڪيائين. ان افسوس سان ته تازي هجي ها ته پنهنجي باهه ڪڍي ها.

هاڻي ته ڪافي اديب، سنڌيءَ ۾ به لکي رهيا آهن. انهيءَ ڪري اهڙين ڪهاڻين کي ڪو به حتمي نالو ڏئي ڇڏجي. مثلًا:
۱ - افسانڙا. ۲ - مختصر مختصر ڪهاڻي. ۳ - ننڍڙي مختصر ڪهاڻي. ۴ - ننڍيرڙي ڪهاڻي، وغيره وغيره.
پر مان سمجھان ٿو ته هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا عام مختصر ڪهاڻي(common short story)  کان به وڌيڪ مختصر هجي ته ان کي مختصر مختصر ڪهاڻي (short short story) سڏڻ بهتر رهندو. ڊيگهه/ طوالت جي حوالي سان منهنجي راءِ اها آهي ته؛ اهڙي ڪهاڻي هڪ صفحي يا ۳۰۰ لفظن کان وڌيڪ نه هجڻ گھرجي.    

ترقي يافته ٻولين ۾، سائنسي افسانوي ادب گھڻو مقبول آهي. سائنسي افسانوي ادب ۾، ناول ۽ افسانه ته جام آهن پر هاڻي ته مختصر مختصر ڪهاڻيون به لکيون وڃن ٿيون.
هڪڙو مثال پيش خدمت آهي.

تنهنجي هن دنيا ۾ اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟
هڪڙو مثبت، ته وڻن ٽڻن جي زندهه رهڻ لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪيان.
ٻيو منفي، ته ڪمري ۾ ويٺل ماڻهن جي حصي جي آڪسيجن کڻي وڃان.

ٻي هڪڙي، ۶ لفظي ڪهاڻي به ان حوالي سان پيش ڪجي ٿي:

ڊائونسار موٽن ٿا
ڊائونسار موٽيا، تيل واپس گھرڻ لاءِ.

مٿين ڪهاڻي، اِن سائنسي نظريي تي ٻڌل آهي، ته تيل/ پيٽرول پنڊ پهڻ ٿيل ڊائونسار يا زمين اندر دٻيل حياتياتي مادي مان نڪرندو آهي.
سائنسي ادب کان علاوه، سماجي پهلوئن تي به مختصر مختصر ڪهاڻيون آهن، مثلًا: ۴ لفظي ڪهاڻي

پاڳل ماڻهو ۽ مان
مان پاڳل نه آهيان
۲ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
گھريل دعا جو جواب
بلڪل ... نه!
(مطلب ته گھريل دعا نه اگھامي)
۱ لفظي ڪهاڻي، مثلًا:
جي خدا مون سان آهي، ته پوءِ ڪير مخالفت ڪندو.
مان
ٻڙي لفظي ڪهاڻي: مثلًا،
وقت جو بهترين پل
.............
انٽرنيٽ تي اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون رکيل آهن، جن ۾ خاص ڪري، اڄ ڪلهه اسٽينلي بيوبن جون ڪهاڻيون عام جام موجود آهن.
پر ڇا اهڙي قسم جون ڪهاڻيون اڳ به موجود هيون ...؟ ان سوال جو جواب آهي ته ’ها، پهاڪن ۽ چوڻين جي صورت ۾.‘
ان حوالي سان اسان جي دوست ’انجنيئر عبدالوهاب سهتو‘ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪن ۽ چوڻين نالي هڪ ڪتاب لکيو. تنهن پنهنجي مقدمي ۾ ’مثالي ٽوٽڪا يا ڪهاڻي‘ جي وصف، هن طرح بيان ڪئي آهي:
’ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي، اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال طور تي ٻڌائي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا ڪهاڻي سڏيو ويندو آهي‘.
مثال: ٻُڏيءَ ٻيڙي جون هريڙو به ڀليون.
ان جي پس منظر ۾ ڄاڻايل هڪ ڪهاڻي هت پيش ڪجي ٿي:
’سامان سان ڀريل ٻيڙي، هڪڙي پتڻ کان ٻئي تي پُور کنيون پئي وئي ته واٽ تي طوفان سبب اونڌي ٿي پئي. ماڻهو جيئن تيئن بچيا پر سامان سارو درياهه داخل ٿي ويو. هريڙن جي هڪڙي ٻوري پئي تري، جيڪا ناکئو صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي آيو ته اهو ڏسي مالڪ چيو؛ ’ٻُڏيءَ ٻيڙيءَ جون هريڙيون به ڀليون.‘
مطلب ته اهڙي قسم جا پهاڪا يا چوڻيون، ٻڙي ڪهاڻيون آهن. جنهن جي عنوان ٻڌڻ سان ماڻهوءَ کي پس منظر ۾ ڪهاڻي/ آکاڻي/ حڪايت وغيره ياد اچي وڃي ٿي. اڄ ڪلهه جي ٻڙي ڪهاڻين کي سمجھڻ لاءِ ضروري آهي ته  نئين دؤر جي حوالي سان درست ادراڪ هجڻ کپي، نه ته اُهي اسٽوري بائيٽس يا مختصر مختصر ڪهاڻيون مڪمل نه سمجھي سگھبيون. جئين اسان اڳ ۾ ’ڊائنوسار موٽن ٿا‘ ڪهاڻي مثال طور پيش ڪئي آهي.
بهرحال موجوده دؤر ۾ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ بابت اِهو نظريو Less is More ائين آهي، جيئن سولي سنڌيءَ ۾ چئبو آهي؛ ’ٿورو لکيو، گھڻو سمجھندا.‘
بس مختصر مختصر ڪهاڻي به ائين آهي. يعني ٿورن لفظن ۾ سمجهه داري واري وڏي ڳالهه ڪرڻ ـــــ يعني درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ. پر جي ان ۾ ليکڪ ڪامياب نه ٿو ٿئي، ته پوءِ پاڻ کي ناڪام سمجھي يا ائين سمجھي ته ان لفظن جو اجايو استعمال ڪيو آهي!
لفظن جي استعمال جي حوالي سان استاد سقراط چيو آهي:
Misuse of the words is the great sin
(لفظن جو غلط استعمال، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي.)
منهنجي ڪهاڻين جي هن چوٿين مجموعي ’ڀؤنرن جي انتظار ۾‘ اهڙين ڪهاڻين پيش ڪرڻ جو مقصد اِهو به آهي ته اسان سنڌي ادب ۾ سرجندڙ مختصر مختصر ڪهاڻيءَ کي به پنهنجي ادب جو اهم حصو بڻايون.
اِهو ئي مقصد اسان جي نوجوان ليکڪ ۽ پبلشر، سعيد سومري جو پڻ آهي ته؛ سنڌي ڪهاڻيءَ کي دنيا جي جديد عالمي ادب جي قطار ۾ بيهارجي. ٻنهي جي ڪوشش، پڙهندڙن آڏو آهي ۽ پڙهندڙ ئي وڏا منصف آهن.
منظور ڪوهيار
 Cell: 0343-3629448

(منظور ڪوھيار جي تازو ڇپيل ڪتاب؛ ڀؤنرن جي انتظار ۾ جو مهاڳ)

No comments:

Post a Comment