Sunday, August 3, 2025

سوا سير ڪڻڪ - منشي پريم چند - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سوا سير ڪڻڪ

(ريختہ ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪنھن ڳوٺ ۾ شنڪر نالي ھڪڙو ھاري رھندو ھيو. سادو سودو، مسڪين مارو ماڻھو. پنھنجي ڪم سان ڪم. نه ڪنھن جي ليڻيءَ ۾، نه ديڻيءَ ۾. اِٽڪي ٻِٽڪي ڄاڻندو ئي نه ھيو. ٺڳي ٺوڙيءَ جي لھس ئي نه آئي ھيس. ٺڳجڻ جي ڳڻتي به نه ھيس. تعليم ڪا نه ھيس. کائڻ لاءِ ڪجھ مليو ته کائي ورتو نه ته چپي چوري تي قناعت. چپو چورو به نه ٿيس ته پاڻي پي ڇڏيائين ۽ رام جو نالو وٺي لت ڏئي سمھي پيو. مگر جڏھن مھمان دروازي تي آيو ته کيس اھو قناعت وارو دڳ ڇڏڻو پوندو ھيو. خاص طور تي جڏھن ڪو ساڌو مھاآتما اچي وڃي ته کيس لازمي طور تي دنياداريءَ جو سھارو وٺڻو ئي پوندو ھيو. پاڻ کي ته بکيو رکي سگھيو پئي پر ساڌوءَ کي ڪيئن بک تي سمھاري.؟ ڀڳوان جو ٻانھڙو جو ٿيو.



ھڪ ڏينھن شام ڌاري، ھڪڙو مھاآتما اچي سندس در تي ويھي رھيو. چھري تي جلال، ڳچيءَ ۾ پيتامير، مٿي تي جٽائون، پتل جي ڪُندري ھٿ ۾، چاکڙيون پيرن ۾، عينڪ اکين تي ھيس. مطلب سندس سڄو ويس، مھاآتمائن وارو ھيو، جيڪي رئيسن جي محلن ۾ رياضتون، ھوائي گاڏين تي مندرن جو طواف ۽ يوگ يعني مراقبي ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ، لذيذ طعام کائيندا آھن. گھر ۾ جَوَن جو اٽو ته ھيس، پر اھو کيس ڪيئن کارائي؟ آڳاٽي زماني ۾ جَوَن جي ماني ڀل ٿوري گھڻي اھميت رکندي ھجي، پر اڄ جي دور ۾ جَوَن جو کاڌو، مھاآتما شخصن جي لاءِ ڳؤرو ۽ دير ھضم ٿي پيو آ. وڏي ڳڻتي ٿي پيس ته مھاآتما کي ڇا کارائي؟ نيٺ طئي اھو ٿيو ته ڪٿئون ڪڻڪ جو اٽو اڌارو وٺي اچجي. ڳوٺ سڄي ۾ ڪڻڪ جو اٽو ڪو نه مليو. ڳوٺ سڄي ۾ سڀ ماڻھو ئي ماڻھو ھيا. ديوتا ھڪ به نه ھيو. ديوتائن کي کاڌِ خوراڪ ڪيئن ملي؟ خوش قسمتيءَ سان ڳوٺ جي پروھت وٽان ٿورڙي ڪڻڪ ملي ويس. کانئس سوا سير ڪڻڪ جو اڌارو ورتائين ۽ زال کي چيائين؛ ”پينھي وٺ!“ مھاآتما، کاڌو. ڄنگھون پساري سمھي پيو ۽ صبح ڌاري آشير واد ڏئي، پنھنجي راھ رمندو رھيو.

پروھت صاحب، سال تي ٻه ڀيرا ڏن وٺندو ھيو. شنڪر، دل ۾ چيو ته سوا سير ڪڻڪ جو ڪھڙو موٽائي ڏيانس. ٽويي بدران ٿورو ڏن سجيھ ڏيندوسانس. ھو به سمجھي ويندو، مان به سمجھي ويندس. چيٽ ۾ جڏھن پروھت صاحب پھتو، ته کيس لڳ ڀڳ ڏيڍ-ٽويو ڪڻڪ جو ڏئي ڇڏيائين ۽ پنھنجي پاڻ کي آجو سمجھي، اھا ڳالھ زبان تي ئي نه آندائين. پروھت صاحب به وري ڪڏھن گھريس ڪو نه. سادي سودي شنڪر ويچاري کي ڪھڙي ڄاڻ ته سوا سير ڪڻڪ جو چُڪتو ڪرائڻ لاءِ، ٻيھر جنم وٺڻو پوندو.

ست سال گذري ويا. پروھت صاحب برھمڻ (پوڄاريءَ) منجھان مھاجن (وياجي) بڻجي ويو. شنڪر، ھاريءَ مان مزدور ٿي ويو. سندس ننڍو ڀاءُ منگل، کانئس جدا فدا ٿي ويو. گڏ رھندي، ٻئي ھاري ھيا. جدا ٿيا ته مزدور ٿي ويا ھيا. شنڪر گھڻو ئي چيو ته نفاق جي باھ نه ڀڙڪي، مگر حالتن کيس مجبور ڪري وڌو. جڏھن چلھيون الڳ ٿيون ته ھيءُ ٽاڙھيون ڏئي رُنو. اڄ کان ڀاءُ، ڀاءُ جو ويري ٿي ويندو. ھڪڙو رُنو ته ٻيو پيو کلندو. ھڪڙي جي گھر ۾ غمي ھوندي ته ٻئي جي گھر ڪچوريون پيون تربيون. محبت جو ناتو، اڄ ٽُٽَو ٿو وڃي. ھن وڏي محنت ڪري خانداني عزت جو اھو وڻ پوکيو ھيو. کيس پنھنجي خون سان پاڻي ڏنو ھيائين. ان جو پاڙئون اُکڙجي وڃڻ ڏسندي، دل جا ٽڪر ٿيندا پئي ويس. ستن ڏھاڙن تائين اَنَّ جي شڪل به نه ڏٺائين. سڄو ڏھاڙو، ڄيٺ جي تتل اُسَّ ۾ ڪم ڪندو رھيو ۽ رات ڌاري ويڙھجي سيڙھجي سمھي پوندو ھيو. انھيءَ وڏي رنج ۽ برداشت کئون ٻاھر تڪليف، رت ئي ساڙي ڇڏيس، گوشت ۽ چرٻي ڳري ويس. بيمار ٿي ڪريو ته مھينن جا مھينا، کٽ تان اٿيو ئي نه. ھاڻ گذر بسر ڪيئن ٿئي؟ پنج ٻارا تن جو به اڌ، ٻني وڃي رھي ھيس. ڏاند به ھڪڙو بچيس. ھاڻ پوک ڇا تي ٿئي! آخر ايستائين وڃي حالت پڳي جو پوک جو نالو وڃي رھيو. گذر سفر جو سڄو بار وڃي مزدوريءَ تي پيو.

ست سال لنگھي ويا. ھڪ ڏھاڙي شنڪر، مزوريءَ تان موٽيو ته راھ ويندي پروھت ٽوڪيندي چيس؛ ”شنڪر! سڀان اچي پنھنجي وچ ۾ بينڪ جو حساب چُڪتو ڪري وڃ! تنھنجي کاتي ساڍا پنج مڻ ڪڻڪ جا ڪڏھوڪو کان چڙھيا پيا آھن ۽ تون آھين جو موٽائڻ جي ته ڪرين ئي ڪو نه ٿو. ڦٻائڻ جي نيت ٿي ڇا؟“

شنڪر، عجب مان پڇيس؛ ”مون تو کان ڪڏھن ڪڻڪ ورتي ھئي جو ساڍا پنج مڻ ٿي وئي؟ تو کي ڀولو ٿيو آھي. مون ڏي نه ڪنھن جو آني جيترو اَنُّ ۽ نه ٽڪي جيترو پئسو لھڻل آ.“

پروھت؛ ”انھيءَ بدنيتيءَ جو ته ڀوڳين ٿو پيو جو کائڻ لاءِ ڪجھ به نه اٿئي.“

اھو چئي، پروھت پنھنجي سوا سير ڪڻڪ جي ڳالھ يادگيري ڏياريس. جيڪا ست سال اڳ شنڪر کي ڏني ھيائين. شنڪر ٻڌي، تپرس ۾ اچي ويو. مون ڪيڏا ڀيرا کيس ڏن ڏنو آ. ھن منھنجو ڪم، ڪھڙو ڪيو؟ جڏھن به ڪا پوٿي يا پتر پٽي ڏسڻ، سوڻ يا شُخن ويچارڻ گھر تي ايندو ھيو ته ڪجھ نه ڪجھ نذراني ۾ وٺي ئي ويندو ھيو. ايڏو خودغرض. سوا سير انَّ کي کڻي بيدي مان ڀوت بڻايو اٿائين. جيڪو مون کي به ڳڙڪائي ويندو. ايترن ڏھاڙن ۾، ھڪ ڀيرو ئي کڻي چوي ھا ته ڪڻڪ ڀري ڏئي ڇڏيانس ھا. ڇا، انھيءَ ئي نيت سان ڇَڙھ ھنيو ويٺو ھيو. چيائينس؛ ”مھاراج! مون نالو وٺي ته ايترو اَنُّ ڪو نه ڏنو ھيو، مگر ڪيترا ڀيرا ڏن ۾ سير سير، ٻه ٻه سير ڏئي ڇڏيو اٿم. ھاڻ تون اڄ اچي پنج مڻ ٿو گھرين، سي مان ڪٿان ڏيندومانءِ!“

پروھت؛ ”ليکو جَوَ جَوَ جو، بخشيش سَوَ سَوَ جي. تو جيڪو ڏنو ھوندو، سو ڏن ۾ ئي ڏنو ھوندو، ان جو ڪو ليکو ناھي. توڙي ھڪ جي جاءِ تي پنج ٽويا ڏنئي. تنھنجي نالي تي ساڍا پنج مڻ لکيا پيا آھن. جنھن کئون دل گھرئي، وڃي ليکو ڪراءِ! ڏئي ڇڏ ته تو واري نالي تي ليڪ پايان، ور نه ته پيو وڌندو رھندئي.“

شنڪر؛ ”پنڊت! ڇو ٿو ھڪڙي مسڪين کي ستائين. مون وٽ کائڻ لاءِ ڪجھ ڪونھي، ايڏي ڪڻڪ ڪنھن جي گھران آڻي ڏيندوسانءِ!“

پروھت؛ ”جنھن جي گھرئون وڻئي آڻ! مان آنو به نه ڇڏيانءِ! ھتي نه ڏيندين، ڀڳوان جي گھر ته ڏيندين ئي ڏيندين.“

شنڪر، ڪنبي ويو. اتي اسان پڙھيا لکيا ماڻھو ھجون ھا ته چئي ڏيونس ھا؛ ”چڱي ڳالھ آ! ايشور جي گھر ئي ڏينداسين. اتان جي تور، ھتان جي تور کان ڳؤري ته ڪا نه ھوندي. گھٽ ۾ گھٽ، ان جو ثبوت اسان وٽ ڪونھي. پوءِ ان جي ڳڻتي ڪھڙي؟“ مگر شنڪر ويچارو ايڏو عقل وارو ۽ چالاڪ ڪاٿي ھيو. ھڪڙو ته قرض، سو به برھمڻ جو! کنڌي ۾ نالو چڙھيل رھندو ته سڌو جھنم ۾ ويندس. انھيءَ خيال ايندي، وار ڪانڊارجي ويس. چيائين؛ ”مھاراج! تنھنجو جيترو ھوندو، ھتي ئي ڏيندس. ايشور وٽ ھلي ڇو ڏيان؟ ھن جنم ۾ ته ٿاٻا کاوان پيو ٿو، اڳلي جنم لاءِ ڪنڊا ڇو پوکيان؟ مگر اھو ڪو انصاف ناھي! تو رائيءَ جي داڻي مان پھاڙ کڻي ٺاھيو آ. برھمڻ ٿي ڪري تو کي ائين ڪرڻ نه جُڳائي. تنھن ويل ئي گُھرَ ڪرين ھا ته اڄ مون تي وڏو ٻوجھ ڇو پوي ھا؟ مان ته ڏئي ويندس، ليڪن تو کي ڀڳوان وٽ جواب ڏيڻو پوندو؟“

پروھت؛ ”اتان جو ڊپ ھوندو تو کي! مون کي ڇو ٿيندو! اتي سڀ اسان جا ڀائيبند ھوندا. رشي، مني سمورا ته برھمڻ ئي آھن. ٿورو ڊٿو ڪيو ته سنڀالي وٺندا. تون ڪڏھن ٿو ڏين؟“

شنڪر؛ ”مون وٽ ھڪيو حاضر ته ڪونھي. ڪنھن کان اوڌر پاڌر پٽي آڻيندس، تڏھن ئي ڏئي سگھندس.“

پروھت؛ ”مان ان کي نه مڃيان! ست سال لنگھي ويا. ھاڻي گھڙي به نه ترسندس. ڪڻڪ نه ٿو ڏئي سگھين ته دستاويز لکي ڏي!“

شنڪر؛ ”مون کي ته ڏيڻو آ. وڻئي ته ڪڻڪ وٺ، وڻئي ته دستاويز لکاءِ. ڪھڙي اگھ سان حساب ڀڃندين؟“

پروھت؛ ”جڏھن ڏيان ئي پيو ته بازار جو اگھ ڪاٽيندس. پاءُ اڌ ڇڏائي، ڇو بڇڙو ٿيندس.“

حساب ڀڳائون ته ڪڻڪ جي قيمت بيٺي، سٺ روپيا. سٺ جو ئي دستاويز لکرايائون. ٽي روپيا، سو تي سود. سال پوري تي نه ڏيڻ جي سود جي شرح، ساڍا ٽي روپيا سَوَ تي. اٺين آني جو اسٽامپ، روپيو دستاويز لکاڻي، شنڪر کي الڳ ڀرڻا پيا.

سڄي ڳوٺ، پروھت کي چڱو نه سمجھيو پر منھن تي ڪو ڪڇيو ڪو نه. مھاجن ۾ ھر ڪنھن جو ڪم پوندو آ. سندس آڏو ڪير ٿئي؟

شنڪر، سال کن ته سخت رياضت سان، ڏنل تاريخ کان اڳ، پئسا موٽائڻ جو ورت رکيو. ٻپھريءَ جو اڳي به ڪُني نه چڙھندي ھئي. فقط چپي چوري تي گذارو ھوندو ھيو. ھاڻي اھو به ٿيو بند. فقط، پٽ جي لاءِ رات جو مانڙي رکبي ھئي. ھڪڙي پئسي جو ڏھاڙي تماڪ ڇڪي ويندو ھيو، اھا ھڪڙي ھير پيل ھيس جيڪا ھو ڪڏھن ڇڏي نه سگھيو ھيو. ھاڻ اھا به، ھن ڏکئي ورت جي وَرِ چڙھي وئي. ھن چلم اڇلي ڇڏي. حقي جي گگھي، ڀڃي ڇڏي. ٽوپي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي. ڪپڙا، اڳي ئي ترڪ ڪرڻ جي حد تائين پھچي چڪا ھيس. ھاڻي ھو سنھڙن قدرتي ڪپڙن ۾ ويڙھجي ويو. مانگھ جي، ھڏن ۾ گھڙي وڃڻ واري سردي، ھن باھ جي سھاري سان ٽپائي ڇڏي.

ان اٽل ارادي جو نتيجو اميد کان وڌيڪ نڪتو. سال جي پڇاڙيءَ ۾ سٺ روپيا ڪٺا ٿي ويا ھيا. ھن سمجھيو ته پنڊت کي ايترا روپيا ڏئي ڇڏيندس ۽ چوندوسانس ته مھاراج باقي ٻيا روپيا به جلد تنھنجي آڏو اچي پيش ڪندس. پندرھن جي رڳو ڳالھ آ. ڇا پنڊت ايترڙي ڳالھ به ڪو نه مڃيندو؟ ھن روپيا کنيا ۽ وڃي پنڊت جي قدمن ۾ رکيائين.

پنڊت تپرس کائيندي پڇيس؛ ”ڪنھن کان اڌارا ورتئي ڇا؟“

شنڪر؛ ”نه مھاراج! اوھان جي دعا سان، ھيل مزوري سٺي ملي.“

پنڊت؛ ”ليڪن، ھيءُ ته سٺ آھن.“

شنڪر؛ ”مھاراج! ايترا ھاڻ وٺ. باقي ٻن ٽن مھينن ۾ ڏئي ويندس. مون کي آجو ڪري ڇڏ!“

پنڊت؛ ”آجو ته تڏھن ٿيندين، جڏھن منھنجي ڪوڏي ڪوڏي چڪائيندين! وڃ! ۽ وڃي منھنجا پندرھن اڃا کڻي آءُ!“

شنڪر؛ ”مھاراج! ايترو ته خير ڪر! ھاڻ ته ويلي جي مانيءَ جيترو به ناھي. ڳوٺ ۾ آھيان ته ڪڏھن نه ڪڏھن، ڏئي ئي ويندس.“

پنڊت؛ ”مان اھي بيماريون ڪو نه پاليندو آھيان. نه ئي گھڻيون ڳالھيون ڪري ڄاڻندو آھيان. جيڪڏھن منھنجا سمورا پئسا نه مليا ته اڄ کان ساڍا ٽي روپيا سَوَ تي وياج ھلندو. ايترا پئسا چاھي وڃي پنھنجي گھر رک يا مون وٽ ڇڏي وڃ!“

شنڪر؛ ”چڱو! جيترو آندو اٿم، سو ته رک! مان وڃان ٿو، وڃي ڪٿان پندرھن آڻڻ جي ڳڻ ڳوت ڪيان ٿو.“

شنڪر، سڄو ڳوٺ ھڻي بيٺو، پر ڪنھن رپيو به نه ڏنس. انھيءَ ڪري نه ته مٿس ڪنھن جو اعتبار نه ھيو، يا ڪنھن وٽ ايترا روپيا نه ھيا، بلڪ پنڊت جي شڪار کي ڇيڙڻ جي ڪنھن ۾ به ھمت نه ٿي.

عمل کي رد عمل، قدرت جو قاعدو آ. شنڪر، سڄو سال تَسيا ڪري به جڏھن قرض بيباق ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو ته سندس احتياطُ، مايوسيءَ ۾ مٽجي ويو. ھن سمجھي ڇڏيو ته جڏھن ھيڏا ڪشالا ڪاٽڻ سان سڄي سال ۾ سٺ روپين کان مٿي ڪٺا نه ڪري سگھيم ته ھاڻ ڪھڙو ذريعو آ، جنھن سان ان کان ٻيڻا روپيا ڪٺا ٿيندا. جڏھن مٿي تي قرض جو ٻوجھ کڻڻو ئي آھي ته پوءِ جھڙو بار جو مڻ، تھڙو بار جو سوا مڻ. ھمت، ھاري ويھي رھيو. محنت کان دل کٽي ٿي ويس. اميد، حوصلو پيدا ڪندي آ. اميد ۾ رونق آ، طاقت آ، زندگي آ، اميد ئي دنيا اندر متحرڪ رکڻ واري قوت آ. شنڪر مايوس ٿيڻ پڄاڻان، لاپرواھ ٿي ويھي رھيو. اھي ضرورتون، جيڪي ھن سڄو سال ٽاري ڇڏيون ھيون، سي ھاڻ دروازي تي بيھي پنڻ واريون نه ھيون، بلڪ سر تي سوار ٿيڻ واريون ڏائڻيون ھيون، جيڪي پنھنجي سُکا کائڻ کان سواءِ جان ڇڏڻ واريون نه ھيون. ڪپڙن ۾ چتين لڳڻ جي به ھڪڙي حد ھوندي آ.

ھاڻ شنڪر کي ڏھاڙي ملي ته ڪٺو ڪري نه رکي. ڪڏھن ڪپڙو آندائين ۽ ڪڏھن کاڌي جي ڪا شيءِ آندائين. جتي اڳي تماڪ پيئندو ھيو اتي ھاڻ چرس ۽ آفيم، ھوڙ کي اچي لڳس. ھاڻ کيس روپيا، موٽائڻ جي ڪا ڳڻتي ڪا نه ھئي. ڄڻ مٿس ڪنھن جي ھڪڙي ٽيڊي پائي به نه ھئي. اڳي لوڏو اچڻ واري صورت ۾ به پورھيو ڪرڻ ويندو ضرور ھيو. ھاڻ ڪم تي نه چڙھڻ جا بھانا پيو ڳوليندو ھيو.

ائين ٽي سال گذري ويا. پنڊت مھاراج، ھڪ ڀيرو به گھريس ڪو نه. ھن چالاڪ شڪاريءَ وانگر اڻ گس تير چُٽڻ پئي چاھيو. اڳي شڪار کي ٽاھ ڏيڻ، سندس اَڍَ جي خلاف ھيو.

ھڪ ڏھاڙي پنڊت، شنڪر کي سڏايو. چِٺو ڏيکاريائينس. سٺ روپيا جمع ٿيل ھيا. اھي ڪٽي، ھاڻ شنڪر جي ذمي ھڪ سؤ ويھ روپيا نڪتا.

”ايڏا روپيا ته ايندڙ جنم ۾ ڏيندم. ھن جنم ۾ ته نه ڏئي سگھندم.“

پنڊت؛ ”ھن جنم ۾ ئي اڳاڙيندوسانءِ! اصل نه ته سود ته ڏيڻو ئي پوندئي.“

شنڪر؛ ”ھڪڙو ڏاند آ، اھو ڪاھ! ھڪڙي جھوپڙي آ، سا وٺ! ٻيو مون وٽ ڇاھي؟“

پنڊت؛ ”مون کي ڏاند ڪاھي، ڪرڻو ڇاھي؟ مون کي ڏيڻ لاءِ، تو وٽ گھڻو ڪجھ آھي.“

شنڪر؛ ”ٻيو ڇاھي مھاراج!“

پنڊت؛ ”ڪجھ ناھي! تون ته آھين؟ آخر تون به ڪٿي مزوري ئي ڪرڻ ويندو آھين نه! مون کي به پوک ڪاھڻ لاءِ ھڪڙو مزور رکڻو آھي. سود ۾، تون اسان وٽ ڪم ڪندو ڪر. جڏھن سَڪاري سگھين ته اصل به موٽائي ڏجانءِ! سچ ته اھو آ ته تون ھاڻ ٻئي ھنڌ ڪم ڪرڻ لاءِ وڃي به نه ٿو سگھين. جيستائين منھنجا روپيا چڪائين نه ٿو. تو وٽ ڪا جائيداد آھي ڪا نه. ايڏي وڏي ڀري پئسن جي مان ڪھڙي اعتبار تي ڇڏيان؟ ڪير ان جي ذميواري کڻندو ته تون مون کي مھيني سر مھيني سود ڏيندو ويندين. جڏھن ڪٿي ڪمائي، تون مون کي سود به نه ڏئي سگھندين ته اصل لاءِ ڇا چئجي؟“

شنڪر؛ ”مھاراج! سود ۾ ته ڪم ڪندس، کائيندس ڇا؟“ پنڊت؛ ”تنھنجي گھر واري آ، ڇوڪرو اٿئي. ڇا اھي ھٿ پير ڪپائي ڇڏيندا ڇا؟ تو کي اڌ سير کن جَوَ، ڏھاڙي چپي چوري لاءِ پيو ڏيندس. اوڍڻ لاءِ سال تي ڪمبل وٺندين. ھڪڙي صدري ٺھرائي ڏيندوسانءِ! ٻيو ڇا کپئي؟ اھو به سچ آ ته ٻيا ماڻھو تو کي ڏھاڙي ڇھ آنا ٿا ڏين، ليڪن مون کي اھڙي گھرج ناھي. مان ته تو کي پنھنجا روپيا ڀرائڻ لاءِ پيو رکان.“

شنڪر، ٿوري دير لاءِ گھري سوچ ۾ وٺجي ويو. اتان نڪتو ته چيائينس؛ ” مھاراج! اھا ته سڄي عمر جي گلامي ٿي!“

پنڊت؛ ”غلامي سمجھ، توڙي مجبوري سمجھ! مان پنھنجا روپيا ڀرائڻ کان سواءِ تو کي نه ڇڏيندس. تون ڀڄندين ته تو وارو پٽ. ھا! اگر پوئتي ڪو به نه رھيو ته پوءِ ٻي ڳالھ آ.“

انھيءَ فيصلي جي اپيل به ڪاٿي ڪا نه ٿي سگھي. مزور ويچاري جي ضمانت ڪير ڏئي؟ ڪٿي ڪا لڪڻ جي واھ به نه ھئي! ڀڄي به ڪاڏي وڃي؟ ٻئي ڏھاڙي کان، پنڊت وٽ ڳَھڻ شروع ڪيائين. سوا سير ڪڻڪ جي بدلي، سڄي حياتيءَ لاءِ غلاميءَ جون جنجيرون پيرن ۾ پائڻيون پئجي ويس. ھن نڀاڳي کي ھاڻ ڪنھن خيال سان سڪون ملندو ھيو ته اھو ھيو؛ ”سڀڪجھ پنھنجي پوئين جنم جو ڪيتو ٿو لوڙيان.“ جوڻس کي اھي ڪم ڪرڻا پيا ھيا، جيڪي ھُن زندگيءَ ڀر نه ڪيا ھيا. ٻچا ڪڻي ڪڻي لاءِ سڪندا رھيا، ليڪن شنڪر ماٺ ۾ ڏسڻ کان سواءِ ڪجھ نه پئي ڪري سگھيو. اھي ڪڻڪ جا داڻا، جيڪي ٻڌ ديوتا وانگر، سڄي عمر سندس سر تان لھي نه سگھيا.

شنڪر، پنڊت وٽ ٽيھ سال ٻيلپا ڏيڻ پڄاڻان، ھن ڏکن ڏوجرن جي جھان مان ڪوچ ڪيو. سؤ ويھ رھت جا اڃا سندس مٿي تي سوار ئي ھيا. پنڊت، کيس ايشور جي درٻار ۾ تڪليف ڏيڻ مناسب نه سمجھي. بس ايترو سو ڪيائين جو سندس نوجوان پٽ جي ڳچي پڪڙيائين. اڄ تائين، اھو پنڊت وٽ ٻيلپا پيو ڏئي. سندس اوڌر ڪڏھن لھندي، لھندي به يا نه، ايشور ئي ڄاڻي.

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي آگسٽ ۲۰۲۵ع واري شماري ۾ ڇپيل)