Sunday, July 10, 2016

وقت ۽ وِير -اڪبر جسڪاڻي

وقت ۽ وِير
ڪھاڻي
اڪبر جسڪاڻي
رات جا اٽڪل 12 ٿيا هئا، سڄي وايو منڊل ۾ ڏاڍو سناٽو ڇانئيل هو. انور ڪتاب پڙهي رهيو هو، ڪتاب پڙهندي هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، جيڪي ڪتاب جي صفحن ۾ جذب ٿي ويا. ماءُ ۽ پيءُ ڏانهن ڏسي هو پاڻ کي ندامت ڪرڻ لڳو، ۽ سوچڻ جي وير ذهن ۾ تري آيس. هن پنهنجا ٻه سال  ڪيئن نه گهمڻ ڦرڻ ۾ وڃائي ڇڏيا، ۽ هينئر هو نئين سر امتحان جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جا ٻيا دوست ميڊيڪل ۾ چونڊجي ويا هئا. هن کي اندر منجهه ڄڻ ته جهير پيا هجن، سوچڻ لڳو: ”جي وقت پنهنجي جڳهه تي وري موٽي اچي ته مان پنهنجو هر هڪ سيڪنڊ قيمتي سمجهندس. پر نه، ڀئين نه ٿيندو، ڪڏهن به ڪالهه، اُڄ نه ٿيندي. سڀاڻ اڄ ۾ بلدبو رهندو ۽ سڀاڻ ايندو رهندو. وقت ڏاند گاڏي وانگيان هلندو رهندو.“ سوچيندي، سوچيندي هو ماضيءَ جي ڀڙن ۾ گم ٿي ويو. جڏهن مئٽرڪ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪري، حيدرآباد ۾ اچي داخلا ورتي هئائين، تڏهن هن جي ذهن ۾ رڳو اها سوچ هئي، ته مان مائٽن جا پئسا سجايا ڪندس، ۽ انٽر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيندس، پر جيئن ئي ڪاليج ۾ پهتو، ته اتي اڳ ۾ ئي ٽن چئن سالن جا ڇوڪرا هئا، جن جو ڪم ئي هوندو هو: نون ڇوڪرن کي پنهنجي پڙهائيءَ جي مقصد کان هٽائي پاڻ جهڙو نڪمو ڪرڻ. جڏهن کان وٺي هيءُ هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، تڏهن کان اهي ڇوڪرا هن وٽ ايندا هئا. پوءِ ڪڏهن فلم تي، ڪڏهن جبيس يا مڊوي تي چڪر، ۽ پوءِ رات جو هڪ يا ٻي تائين ويهي تاس راند کيڏڻ، هن کي ان وقت واقعي اهي ڳالهيون خراب لڳنديون هيون، پر هڪ ٻهراڙيءَ جو اٻوجهه ٻيو وري شهر ۾ اچڻ ڪري هن کي گهمڻ جو شوق هو. ان ڪري هيءُ انهن ڇوڪرن جي سوسائٽيءَ ۾ اچي ويو، جن هن کي پهريون سبق هيءَ ڏنو ته ، فرسٽ ايئر- ڪيش ايئر، ۽ انٽر- بنٽر، هي رات جو 2 وڳي جو سمهندا هئا ۽ صبح جو 10 وڳي يا 11 وڳي اٿندا هئا. ان ڪري ڪاليج جا ٻه ٽي مکيه پيرڊ هليا ويندا هئن، پر هنن سڀني ڳالهين، کان، هيءُ بي نياز هو، مٿان فرسٽ ايئر جو امتحان آيو. پوءِ به اهي ساڳيا ڇوڪرا ڪچهريون ڪرڻ لاءِ هن وٽ اچن. ان وقت ته واقعي وقت جو احساس ٿيو هئس، پر ڇا ٿي ڪري سگهيو، سندس پارٽنر، جيڪو هنن جي سوسائٽيءَ کان تنگ اچي مسجد ۾ وڃي پڙهندو هو ۽ ٻيا پارٽنر هن کي چيڙائيندا هئا. محنتي پارٽنر هن کي ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته: ”يار انور! تون پنهنجي پڙهائيءَ کي وٺ، وقت ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي، ان ڪري پاڻ تي رحم ڪر“ پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو. فرسٽ ايئر ۾ سبجيڪٽ ته ڪليئر ڪيائين، پر رڳيون پاس مارڪون کنيائين. سندس محنتي پارٽنر 90 سيڪڙو مارڪون کنيون. هن کي ڪجهه احساس ٿيو، ۽ پارٽنر سان گڏ اسٽڊي ڪرڻ لڳو، پر هريل پٽ ڪاٿي ٿا مڙن وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه هئا. انٽر ۾ به هن پنهنجو وقت ڳالهين ۾، ۽ گهمڻ ۾ وڃايو. جڏهن مٿان امتحان ۾ باقي وڃي مهينو بچيو هو، هن کي پڙهڻ جو احساس ٿيو، پر سمجهه ۾ ڪجهه به ڪو نه پئي آيس. ڪتاب کڻڻ سان اندر ۾ مونجهه ٿيڻ لڳس. گهڻي ندامت محسوس ڪيائين، پر ڇا ٿي ڪري سگهيو. امتحان هليا، هن امتحان ته ڏنو پر جڏهن رزلٽ نڪتي، تڏهن هيءُ ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو. مائٽن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. سندس ماءُ چيو ته پٽ انور مون ته سمجهيو هو، ته تون پڙهي وڏو ڊاڪٽر ٿيندين، پر هاڻ ته منهنجي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. ڪيترن ئي مائٽن ۽ دوستن جي ٽوڪن هن کي ڏاڍو شرمايو، سندس پارٽنر فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيو، ۽ هن کي وقت جو احساس ٿيو، ۽ پاڻ کي روڳي سمجهڻ لڳو. پارٽنر کيس چيو ته: ”يار هن دور ۾ تون پاڻ کي روڳي ڇو ٿو سمجهين؟ زندگيءَ ۾ جيئڻ لاءِ انسان پنهنجو سهارو پاڻ ڳوليندو آهي، تون ته روڳ وٺي مري ويندين پر مائٽن جو تو کان سواءِ ڪير آهي؟ ڪڏهن ماءُ پيءُ کي ڏٺو اٿئي، ته هو توکي ڇا ٿا سمجهن؟ تون محنت ڪري ٻيهر انٽر ڏي.



انور کي ڪجهه روشني نظر آئي، پوءِ ٻيهر انٽر ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪرڻ لڳو. امتحان ويجها هئا ۽ هو ماضيءَ ۾ گم هو، ته ڪتاب هيٺ ڪري پيس. سوچ جي ساگر مان ڄڻ ته ٻاهر ڪناري تي نڪري آيو. رات جا اٽڪل ٻه وڄي رهيا هئا. ڪتاب رکي ڊائري کولي لکڻ  لڳو: ”وقت ۽ وير ڪڏهن به ڪنهن جو انتظار نه ڪندا آهن، جنهن انسان ۾ وقت سان گڏ هلڻ جي سوچ آهي، سو ڪڏهن به هن دنيا ۾ شڪست کائي نه ٿو سگهي. وقت جو هڪ سيڪنڊ به قيمتي آهي، جيڪو گذري وڃڻ کانپوءِ ڪڏهن به واپس نه موٽندو آهي. انسان ڌڪ کائڻ کان پوءِ زندگيءَ کي سمجهندو آهي. ان ڪري اسان کي کپي ته وقت سان گڏ  هلون. هاڻ مون کي وقت ڏور ڪو نه ڇڏي ويندو. مان وقت سان گڏ ڊوڙان پيو، ۽ زندگيءَ ۾ ڪجهه ماڻڻ لاءِ مان ڊوڙندو رهندس. آءُ وقت جون واڳون ورائڻ  جي قوت رکان ٿو، پنهنجي لاءِ نه، پر پنهنجي ماءُ پيءُ لاءِ، جن جي حياتي منهنجي خاطر ڳري رهي آهي. آءُ انهن کي سرخرو ضرور بڻائيندس، ضرور بڻائيندس.“

No comments:

Post a Comment