Saturday, November 1, 2025

اڳوڻي وزير جو موت - نوال السعداوي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اڳوڻي وزير جو موت

(مصري ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪاره: نوال السعداوي

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



امڙ سائڻ! منھنجي مٿي تي ھَٿُ ڦيرِ. منھنجي وارن، منھنجي ڪنڌ ۽ منھنجي ڇاتيءَ تي ھوريان ھوريان ٿڌڙا ڪڍ. اُئين جيئن تون منھنجي ٻاروتڻ ۾ ڪندي ھئينءَ. ھن دنيا اندر، تون ئي منھنجي وڃي بچي آن ۽ تو وارو چھرو. جيڪو مان پنھنجي پڇاڙڪن پساھن ۾ پيو ٿو پسان ۽ پسڻ گھران ٿو. منھنجي دل ته گھڻو ئي گھري ٿي ته تون مون کي ڇِڙٻِ ته مان پنج سال تو وٽ ڇو نه آيس. مگر ڇڙي تون ته نه ھئينءَ، جنھن کي مون وساري ڇڏيو ھيو. مون ته سڄي دنيا کي وساري ڇڏيو ھيو. حتانڪ مان ته پنھنجي پاڻ کي به وساري ويٺو ھيم. پنھنجو گھر، پنھنجا ٻارَ ٻچا ۽ پنھنجا سنگتي ساٿي به وساري ويٺو ھيم. مون کي گولف کيڏڻ جو ڪيڏو نه خفت ھوندو ھيو، ليڪن پنج سال اھا به نه کيڏي سگھيم. مان ته پنھنجي تنھن ننڍڙي پياري ڌيئڙيءَ کي به نه ڏسي سگھيس، جنھن سان مون کي مڙني کان وڌ پيار ھيو. منھنجو پنھنجو چھرو! امڙ سانئڻ! مون ان عرصي دوران خود پنھنجو چھرو نه ڏٺو. تَڙَ تڪڙ ۾ گھران نڪرندو ھيس ته آئيني آڏو رڳو ان ڏسڻ لاءِ ويندو ھيم ته ٽاءِ ته ٺيڪ ٻڌل آ ۽ قميص ٽاءِ سان ميچ ڪري ٿي ڪن نه! جيڪڏھن پنھنجي چھري تي نظر پئجي به ويندي ھئي ته ان کي ڏسندو ئي نه ھيم. مان پنھنجي آفيس منجھان يا ڪار جي شيشي منجھان بازار منجھ ماڻھن جا چھرا ڏسندو ھيس ته تن کي به تڪيندو نه ھيس. اھي رڙيون ڪري پيا ڳالھائيندا ھيا، تڏھن به ڏانھنِ ڪنُ نه ڏيندو ھيس. ڪار جو ھارُن به مون کي ٻڌڻ ۾ نه ايندو ھيو، ڀل اھا منھنجي پويان ئي ايندي ھجي. ڪڏھن ڪڏھن ته ڪار منھنجي مٿان اچي ڪڙڪندي ھئي ۽ مون کي بيھڻو ئي پئجي ويندو ھيو.



امڙ سانئڻ! مان تن شخصن منجھان ھيس، جيڪي ھن دنيا ۾ نه ٻڌندا آھن ۽ نه ڏسندا آھن. نيٺ مان ڪھڙي دنيا ۾ رھندو ھيم؟ ڇا انسانن جي ھن دنيا کان سواءِ، ڪا ٻي اھڙي دنيا آھي جنھن ۾ ڪير رھي سگھي، سواءِ ان جي جنھن کي خدا دنيا مان گھرائي وٺي؟ امڙ سانئڻ! مون کي سُڌ ھئي ته مون کي خدا اڃا تائين ھن دنيا مان گھرائي نه ورتو آ. ڇو جو اخبارن ۾ مون لاءِ، ماتمي ڪالم ڪو نه ڇپيا ھيا. مون جھڙي عھدي واري ڪنھن به شخص جي لاءِ اھو ممڪن ئي ناھي جو اھو مري وڃي ۽ اخبارون بولڊ سرخين سان ماتمي ڪالم نه ڇاپينس. اھو به ٿي نه ٿو سگھي ته اھڙي شخص جو شاندار نموني جنازو نه کڄي ۽ منجھس وڏا وڏا ليڊر ايستائين جو صدر مملڪت تائين شامل نه ھجن ۽ سڄي دنيا سندس لاءِ روئندي نه ھجي. مون کي ياد آ، مان جڏھن اھڙي جنازي ۾ شريڪ ٿيندو ھيس ته ان جو مون تي وڏو اثر ٿيندو ھيو. مان ھڪڙي نشي واري ڪيفيت ۾ جنازي سان گڏ ھلندو ھيم. منھنجي سڌَ ٿيندي ھئي ته ھوند اھو جنازو منھنجو ئي ھجي ھا. ليڪن جيئن ته مون کي ياد ناھي ته مان ڪڏھن تابوت ۾ موجود ھيس ۽ مون سدائين پنھنجي پاڻ کي جنازي سان گڏ جيئرو ھلندي ڏٺو، سو تنھنڪري امڙ سانئڻ! مون کي پڪ ھئي ته مان اڃا جيئرو آھيان.

ليڪن مان ان دنيا ۾ نه ھيس، جنھن ۾ اوھان ماڻھو رھيئو پئي. منھنجو تن معاملن سان به ٽڪي جو واسطو نه رھيو ھيو، جيڪي اوھان لاءِ اھميت رکندا ھيا. منھنجو تعلق، انھن کان به اھم، قومي معاملن سان ھيو. منھنجيون ذميواريون حد حساب کان وڌ ھيون ۽ ايڏيون ڳؤريون جو منھنجو مغز ۽ منھنجو جسم انھن جو وزن کڻڻ کان لاچار ھيو. ڪڏھن ڪڏھن ته ائين ٿيندو ھيو جو منھنجو جسم منھنجو ساٿ ڇڏي ڏيندو ھيو. منھنجو دماغ ڪم ڪندو رھندو ھيو ۽ جسم سُنُ لڳو پيو ھوندو ھيو. ڪڏھن ائين به ٿيندو ھيو جو جسم ته چري پري پر مغز ڪم ڪرڻ ڇڏيو وڃي. منھنجو جسم آفيس ويندو، اجلاسن ۾ شريڪ ٿيندو، ڪانفرنسن ۾ شامل ٿيندو ۽ ھوائي اڏي تي سرڪاري مھمانن جو استقبال ڪندو. استقبالي تقرير ۾ شامل ٿيندو ۽ سرڪاري مِشن تي ملڪ کان ٻاھر ويندو. امڙ سانئڻ! جڏھن مان پنھنجي جسم کي پنھنجو پاڻ ائين ڪم ۾ ھلندي ڦرندي ڏسان ته حيران ٿي وڃان. بلڪ ان وقت ته ڊڄي وڃان جڏھن مان ڪنھن اھم اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ھجان. ظاھر آ، اھڙن اجلاسن ۾ ڌيان ۽ يڪسوئيءَ جي ضرورت پوندي آ. وري مڙني کان اھم اجلاس اھو ھيو، جنھن ۾ مان ھڪڙي ماتحت جي حيثيت سان شرڪت ڪري رھيو ھيس....

جڏھن مان حڪومت ۾ آيس ته زيردست ٿيڻ کان مون کي نفرت ٿي وئي. پنھنجي مٿين عھديدارن اڳيان، پنھنجي ڪاوڙ ۽ نفرت کي پيئي ويندو ھيس ليڪن وري ساڳي ڪاوڙ ۽ ساڳي نفرت پنھنجي زيردستن منجھان اچي ڪڍندو ھيس يا گھر پھچي زال مان ڪڍندو ھيم، جيئن منھنجو پيءُ تو مان ڪڍندو ھيو.. پنھنجي ننڍڙي آفيسر اڳيان، نفرت جو اظھار ڪندي به ڪنبندو ھيس. ڀلي اھو کڻي ٻئي محڪمي جو سربراھ يا ايم ڊي ئي ڇو نه ھجي. وري جڏھن منھنجو آفيسر، سڄي ملڪ جو سربراھ ٿيو، ان جي آڏو ته اک کڻڻ جي جرئت ئي ڪا نه ٿيندي ھئي. تو ڇا چيو امڙ سانئڻ؟ مان سندس آڏو ويٺو ھوندو ھيس ته منھنجا ھوش حواس چؤڪنا ھوندا ھيا. مون سوچيندو ھيس ته جيڪڏھن ھن ڪو سوال پڇي ورتو ته ان جو جواب مون کي اچڻ گھرجي. وري جواب اھڙو ھئڻ گھرجي جيڪو صحيح ھجي. صحيح به ھجي ۽ عين سندس دل وٽان پڻ ھجي.

تو ڇا چيو امڙ سانئڻ؟ ھا ھا! اھا ته سياست جي اي بي سي آ، جيڪا اسان منڍ ۾ سکي وٺندا آھيون. ھر جواب، سدائين ٻڌڻ واري جي مرضيءَ وٽان ھئڻ گھرجي. بلڪ مرضيءَ وٽئون جواب ئي صحيح جواب ھوندو آ. اسان جھڙن ماڻھن کي ته سدائين ذھني ۽ جسماني طور تي خبردار رھڻ گھرجي ۽ اصل سچائيءَ ۽ غلط سچائيءَ ۾ فرق ڪرڻ کپي. ۽ امڙ سانئڻ، اھو ڪم آھي ڏاڍو ڏکيو. دنيا جي مڙني ڪمن کان انتھائي ڏکيو. مان اجلاسن منجھ ذھني ۽ جسماني طور تي چؤڪنو ٿي ويھندو ھيس. مان ڪرسيءَ تي ائين ويھندو ھيس جو منھنجو کاٻو ھٿ، منھنجي جھول ۾ پيو ھوندو ھيو ۽ ساڄو ھٿ، ڪاڳر تي قلم جھليون، بلڪل تيار بيٺو ھوندو ته جيئن ڪا چرپر ڪا جنبش يا ڪو اشارو اھڙو نه ھجي جيڪو منھنجي ڌيان مان کسڪي وڃي. اھو اشارو مٿي جو ھجي، ھٿ يا آڱر جي چرپر ھجي، ھيٺئين چپ جي ڀِڪوڙ ھجي يا نڪ، وات يا اکين جي ھيٺين کَلَ جي جنبش ھجي. مون کي ساڄي ۽ کاٻي اک جي جنبش ۾ فرق ڪرڻو پوندو ھيو. مان ھر جنبش کي ٿڏي تي سمجھي ويندو ھيس ته ان جو ڪھڙو مطلب آ. منھنجي مغز لاءِ ضروري ھيو ته اھو مون کان وڌيڪ تيز ھجي. وري منھنجي اکين لاءِ ضروري ھيو ته اھي مغز کان به گھڻيون تيز ھجن. ۽ ڪنھن به قسم جي حرڪت کي، ان جي ٿيڻ کان اڳي تاڙي وٺجي. تون ڇا پئي چئين امڙ سانئڻ! ھا ھا! انھن اھم اجلاسن منجھ مون کي پنھنجن پنجن ئي حواسن تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ھيو. مان اجلاس ۾ ويٺو ھوندو ھيس ته منھنجو دماغ ۽ منھنجو جسم، انتھائي حساس رڳن جي شڪل اختيار ڪري وٺندا ھيا، ڄڻ ريڊار جون تارون منھنجي جسم سان ٻَڌيون ويون ھجن ۽ منھنجي دماغ، منھنجي دل، منھنجي ھٿن، منھنجي ڇاتيءَ ۽ پيٽ کي ھلائينديون ھجن. مان ايڏو حساس ٿي ويندو ھيس جو منھنجو پيٽ، ائين ڌُڏندو ھيو ڄڻ منجھس بجليءَ جو سرڪٽ رکيل ھجي. خاص طور تي، ان وقت جڏھن مان سندس ويجھو بيٺو يا ويٺو ھجان. مون کي ائين محسوس ٿئي ڄڻ منھنجي ساڄي ھٿ جون آڱريون ڏڪنديون ھجن. مان انھن کي کاٻي ھٿ جي آڱرين ۾ مُنڊَي ڇڏيان. پوءِ وري ٻنھي ھٿن کي پاڻ يا پيٽ سان گڏ چنبڙائي جھليان. مان بيٺو ھجان يا ويٺو ھجان، ٻئي پير ھڪ ٻئي سان زمائتا چنبڙيل ھجن. مان جڏھن ھن سان گڏ ھجان ته امڙ سانئڻ! منھنجي اھا حالت ھوندي ھئي. منھنجو جسم ٻي ڪا شڪل اختيار ڪرڻ جي قابل ئي نه ٿئي. جڏھن ماڻھن جي سامھون منھنجي تصوير ڪڍجڻ لڳي ۽ فلئش جو چمڪو جيئن منھنجي چھري تي پوي، مان پنھنجا ٻئي ھٿ سيني يا پيٽ تان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪيان، ليڪن اھي ائين پاڻ ۾ چنبڙيل رھن ڄڻ اڌ-رنگي وتا ھجن. ڇا چيو تو امڙ سانئڻ! ھا ھا! اخبارن ۾ مون پنھنجي اھا تصوير ڏٺي ھئي، جنھن کي ڏسي مان لڄي ٿيو ھيس. مون اھا اخبار مڙني گھر ڀاتين کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، خاص طور تي مون اھا پنھنجي مڙني کان ننڍڙي نياڻيءَ کان لڪائڻ پئي چاھي، جنھن ان کي ڏسي منھنجي چھري تي آڱر رکي ھئي ۽ پڇيو ھيائين؛ ”ڏس امڙ! اھو ابو سائين آھي نه؟“ وري مون واري زال، پنھنجي مڙس تي ڦونڊ ڪندي، سينو تاڻي چيو ھيس؛ ”ھا ڌيءَ! اھو تنھنجو پيءُ ئي آھي. اھو ملڪ جي صدر سان گڏ بيٺو آھي.“

زال جو آواز، منھنجي ڪنن ۾ ٻُريو ھيو ۽ مون محسوس ڪيو ھيو ته اھو آواز منھنجي زال جو اصلي آواز ناھي. ان جي پويان ھڪڙو ٻيو آواز آ، جنھن کي ھن ازلئون لڪائي ڇڏيو آ ۽ ابدئون ٻُٽي رکندس. تڏھن کئون ٻوساٽيون ويٺي اٿس، جڏھن کئون اسان جو پرڻو ٿيو آ ۽ تيستوڻي لڪائي رکندس، جيستوڻي اسان مري نه ٿا وڃئون. ھوءَ پنھنجي اصل شڪل، پنھنجي اندر ئي ڪاٿي، لڪائي رکي ڇڏيندي. مون ڪڏھن ان کي پنھنجي ھٿ ھيٺئون محسوس ڪيو ھيو، ڄڻ پراڻو ڳوڙھو ھجي، جيڪو نه ڦاٽي، نه ڦِسي.

تو ڇا چيو امڙ سانئڻ؟ نه نه! مان رڳو پنھنجي ننڍڙي ڌيءَ آڏو شرمسار ٿيس. سندس اکيون ته ٻارڙن جھڙيون ھيون. ٻيو شايد انھيءَ ڪري.... ھوءَ منھنجي اندر تائين ليئو پائي وٺندي ھئي ۽ منھنجي اصليت ڏسي وٺندي ھئي، جيڪا ھن ڌرتيءَ جي گولي تي ٻيو ڪو ڏسي نه سگھندو ھيو، ايستائين جو مان پاڻ به نه ڏسي سگھندو ھيس. تو کي ياد آ امڙ سانئڻ! تون پان چوندي ھئين ته ٻار لاءِ ھر پردو، شفاف ھوندو آ. اھو سڀ ڪجھ ڏسي وٺندو آ. تنھن وقت مان تنھنجي ڳالھ تي اعتبار نه ڪندو ھيس. ليڪن جڏھن منھنجي پنھنجي ڌيءَ معصوم اکڙيون ڦاڙي، مون ڏانھن ڏٺو ته مون کي تو واري ڳالھ جي پڪ ٿي وئي. مان کانئس ڊڄي ويس. ڪڏھن ته مان سوچيندو ھيس ته اھا چڀندڙ نظر، ايڏي تيز، ايڏي چڀندڙ ۽ ايڏي گھوريندڙ نه ھئڻ گھرجي. خاص طور تي ان وقت جڏھن اھا پنھنجي وڏي ۽ صاحب اقتدار شخص کي ڏسندي ھجي. وري اگر اھو جيڪڏھن پيءُ ھجي، خاندان جو وڏو ھجي، مڙني کي کاڌ خوراڪ ڏيندو ھجي ۽ سڀني لاءِ، خاص طور تي ٻچڙن لاءِ ڪم ڪندو ھجي...

تون ٺيڪ ٿي چوين امڙ سانئڻ! جڏھن مان ٻار ھيس، تون سدائين ائين چوندي ھئينءَ. اھا ڳالھ منھنجي مغز ۾ ويھجي وئي آ ۽ مان پنھنجي زال، ٻارن ۽ زيردستن سان ڪندو ھيس. مان اھو چئي گدگد ٿيندو ھيس، ڄڻ ڪو ٻار پنھنجي امڙ کي خوش ڪندو ھجي. مان جڏھن ملازمن جي اکين ۾ پاڻ لاءِ چڱا ۽ ساراھ جوڳا جذبا ڏسندو ھيس ته مون کي پنھنجو پاڻُ، وڻڻ لڳندو ھيو ۽ منھنجي ڇاتي، ٽانءِ ۾ ڦوڪجي ويندي ھئي. مون کي پڪ ٿي ويندي ھئي ته مان جيڪو چوان پيو ٿو، سو ازل کان ابد تائين سچ آ ۽ ان جي ابتڙ جيڪو ڪير چوندو سو غلط ۽ ڪفر ئي ھوندو.

ڇا امڙ سانئڻ؟ ھائو! جونيئر سرڪاري ملازم کان وٺي وزير تائين، مون ڪڏھن اھڙي ملازم کي پسند ئي نه ڪيو جنھن منھنجي ڳالھ کي ڪوڙو سمجھيو. اھو ئي سبب آھي جو مان ان عورت کي برداشت نه ڪري سگھيس. ان جي ڪري مان پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿيس ۽ اھو وقار برقرار نه رکي سگھيس، جيڪو وزير پنھنجي ماتحتن آڏو رکندا آھن. امڙ سانئڻ! مان آپي منجھئون ٻاھر نڪري ويس ۽ پنھنجي طبيعت جي ابتڙ وائي توائي بڪڻ شروع ڪيم. مون کي مٿس ان ڪري چڙ نه آئي ھئي جو ھن پنھنجي ان راءِ جو اظھار ڪيو ھيو، جيڪا منھنجي راءِ جي ابتڙ ھئي، ان ڪري به نه جو ھوءَ جونيئر ملازمڙي ھئي جيڪا وزير جي سامھون بيھي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪري رھي ھئي، ان ڪري به نه جو ھن ’سائين منھنجا‘ چوڻ بجاءِ مون کي فقط مسٽر چيو ھيو. بلڪ مان ته ان تي چڙيو ھيس جو ھن ڳالھ ڪندي، منھنجي اکين ۾ ائين اکيون کُپايون ھيون، جيئن اڳي ڪنھن مون سان ڪيو ئي نه ھيو. اھڙيون نظرون، اھڙيون چڀندڙ ۽ تيز نظرون، توڻي جو مرد جون ئي ھجن، ته به انھن کي گستاخي ئي سمجھبو. مان ان لاءِ نه چڙيو ھيس ته ھن ائين ڪيو ھيو. بلڪ مون کي ان ڪري چڙ آئي ھئي ته ھن اھڙي جرئت ڪئي ڪيئن ھئي. ھن ائين ڪيو ئي ڇو ھيو!

ھا ڇا چَيَوَ؟ ھا ھا! مون ڄاڻڻ چاھيو پئي ته ھن ائين ڪيو ڪيئن. اھو ڄاڻڻ جو ڀوت منھنجي سر تي سوار ٿي ويو ھيو. مون کي پنھنجي پاڻ تي به ڪاوڙ ھئي ته مان کيس سمجھي ڇو نه سگھيس. مان ان کي سمجھڻ جي قابل ڇو نه ٿيو ھيس. مان ايڏو ڪاوڙ ۾ ڀريل ھيس جو مون ٻئي ڏھاڙي تي کيس حڪم ڏنو ته منھنجي آفيس پھچ! ھوءَ پھتي ته مون کيس ٻِه-پيرو بيھاري ڇڏيو. مان پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو رھيس ۽ کيس ائين نظرانداز ڪري ڇڏيم ڄڻ سندس ڪو وجود ئي نه ھجي. مون کيس احساس ڏيارڻ پئي چاھيو ته منھنجي نظرن ۾ سندس ڪا وقعت ئي ناھي. مون کيس اڀو بيھاري ڇڏيو ۽ پاڻ فون تي ڳالھائيندو رھيس ۽ جيڪو شخص ڳالھائي رھيو ھيو، تنھن سان ٽھڪ پئي ڏنم. عجيب ڳالھ آ ته ھوءَ اُڀ-پَيري بيٺي رھي. ھن نه منھنجو آواز ٻڌو ۽ نه مون ڏانھن ڏٺائين. ھوءَ بيٺي پير، ڀت تي ٽنگيل تصوير کي تڪيندي رھي. منھنجو خيال ھيو ته مان فون تي ڳالھائي بس ڪندس ته ھوءَ مون ڏانھن تڪيندي، ليڪن ھوءَ ان کان پوءِ به تصوير کي تڪيندي رھي. ڄڻ منھنجو اتي ڪو وجود ئي نه ھجي. مون، پاڻ ڏانھن ڏسڻ کان اڳ، سندس چھري جا تاثرات پڙھڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ھن ھڪدم منھن ورايو ۽ منھنجي اکين ۾ اکيون کُپائي، ڏسڻ لڳي. مان ٽپو ڏئي اٿيس، ڄڻ منھنجا سمورا ڪپڙا، منھنجي جان تان اڏامي ويا ھجن. مان ڏاڍو لڄي ٿيس. مون کي پنھنجي ننڍڙيءَ نياڻيءَ جون اکيون، اکين اڳيان اچي ويون. وري اتي جو اتي مون وارو شرم، چڙ ۾ بدلجي ويو. ۽ ٻئي لمحي اھا چڙ ان خواھش ۾ مٽجي وئي ته جيئن ھن مون کي لڄي ڪيو آ، تيئن کيس لڄي ڪجي. پوءِ ته عادت کان ھٽي ڪري، مون پنھنجي پاڻ کي نڙي ڦاڙي رڙيون ڪندي ٻڌو؛ ”تنھنجي اھا مجال! تون پنھنجي پاڻ کي سمجھين ڇا ٿي؟ تو کي خبر ناھي ته تون ھڪڙي ننڍڙي ملازمڙي آن ۽ مان وزير. تون ڪيڏو به اڏامي وڃين پر سدا عورت ئي رھندينءَ، جنھن جي جاءِ بستري تي آ، سا به مرد جي ھيٺان.“

ڇا چيو تو؟ ھا امڙ سانئڻ! ڪا به عورت ٻڌي ھا ته شرم کان اتي جو اتي مري وڃي ھا، يا بيھوش ته ضرور ٿي وڃي ھا. خاص طور تي جڏھن اھا ڳالھ ڪو عام ماڻھو نه، نه ئي ڪو وڏو آفيسر يا محڪمي جو سربراھ ڪري بلڪ پنھنجي سر پاڻ وزير ڪندو ھجي. ٻيو ته اھا ڳالھ، ھن ڪنھن خالي ڪمري ۾ ڪا نه ٻڌي ھئي بلڪ آفيس ۾ ٻڌي ھيائين، جتي ٻيا آفيسر پڻ ويٺا ھيا ۽ اھي سڀ جو سڀ اعليٰ آفيسر ھيا. ھائو امڙ سانئڻ! ان جي جاءِ تي ڪا ٻي عورت ھجي ھا ته شرم کئون مري وڃي ھا. مگر امڙ سانئڻ! حيرت جي ڳالھ اھا آھي ته انھيءَ عورت کي ڪا به شيءِ ماري نه سگھي. کيس ڪا شرمندگي ئي نه ٿي، نه ئي اکيون ھيٺ ڪيائين، حتانڪ اک ئي نه ڇنڀيائين. امڙ سانئڻ! تون پاڻ سمجھي سگھين ٿي ته منھنجي حيثيت، منھنجو عھدو ۽ منھنجي مردانگيءَ وارو انسان، مٿس ڇا محسوس ڪندو ھوندو ۽ ان صورت ۾ جڏھن ته منھنجو وقار ۽ منھنجي خودداري رڳو منھنجي نظرن ۾ اھم ڪا نه ھئي بلڪ منھنجي پوري وزارت ۾ سڀ جو سڀ منھنجي گھڻي عزت ڪندا ھيا ۽ ٻيو اھو به آھي ته مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪنھن ملازم کي پنھنجي آفيسر اڳيان اک کڻي ڏسندي ڪو نه ڏٺو ھيو. عورت جي باري ۾ ته سوچي به نه ٿو سگھجي ته پنھنجي آفيسر اڳيان ته ڇا پر پنھنجي پيءُ، ڀاءُ يا ڪنھن به مرد جي اڳيان اک کڻي سگھي. ان کي ته پنھنجي پٽ جي اڳيان به نظر کڻي ڏسڻ نه گھرجي ۽ جيڪڏھن ڪو مرد سندس پيءُ کان به وڌيڪ اھم ۽ ممتاز ھجي ته پوءِ بلڪل تصور ئي نه ٿو ڪري سگھجي.

امڙ سانئڻ! جيئن جيئن مون کي خيال اُپڙيا پئي ته مان پنھنجي مڙس-ماڻھائپ کي ڪيتري اھميت ڏيندو آھيان ۽ ماڻھو منھنجي مڙس-ماڻھائپ جي ڪيڏي عزت ڪندا آھن ته منھنجي چڙ اڃا چوٽ چڙھيو وڃي. ھن جيڪو به ڪيو، سو ڪا عورت ڪري به سگھي ٿي؟ امڙ سانئڻ! جيڪڏھن مان کيس جھٽ پلڪ لاءِ اکيون ھيٺ ڪندي ڏسان ھا يا ھوءَ کڻي اک ئي ڇنڀي ھا ته ھوند منھنجي ڪاوڙ ڪافور ٿي وڃي ھا. ليڪن امڙ سانئڻ! ھوءَ ته منھنجي اڳيان ڪَرُ کنيون بيٺي ھئي. سندس اکيون منھنجي اکين ۾ کتل ھيون، ڄڻ ھوءَ منھنجي آفيسرياڻي ھجي ۽ مان سندس زيردست ھجان. ڄن مان عورت ھجان ۽ ھوءَ مرد ھجي. ڄڻ مان، مان نه ھجان ۽ ھوءَ، ھوءَ نه ھجي. مون کي جڏھن به اھو خيال اچي ٿو ته مان، مان نه ھجان ۽ ھوءَ، ھوءَ نه ھجي ته مون واري ڪاوڙ اڃا به ڪنڊي تي چڙھيو وڃي. مون پنھنجي پاڻ کئون سوال پڇيو ته ھوءَ مون کي احساس ڏيارڻ واري ڪير ٿيندي آ ته مان، مان ناھيان. جڏھن به ياد ٿو پوي ته مان، مان ناھيان ته پنھنجي مڙس-ماڻھائپ ۽ سڄي عزت ۽ سموري خودداريءَ سين، ڪاوڙ ۾ منھنجو دماغ اڃا به ٽھڪڻ ٿو لڳي. ھا امڙ سانئڻ! مون کي اھا ته پڪ ھئي ته مان، مان ئي آھيان. سندس ڪھڙو به مطلب ھجي پر امڙ سانئڻ! مون کي جنھن شيءِ پاڳل پئي ڪيو سا اھا ھئي ته مون کي اھا به پڪ پئي ٿي ته مان، مان ناھيان ۽ ٻيو اھو ته مان ھاڻ اڳي جھڙو ڪڏھن نه ٿي سگھندس. امڙ سانئڻ! تون سٺي نموني سمجھي سگھندينءَ ۽ مون کي معاف به ڪري ڇڏيندينءَ ته انھيءَ عورت سان مون کي نفرت ايڏي وڌي وئي جو ٻن ڏھاڙن ۾ منھنجو بخار چاليھ ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو ۽ مان ھنڌ مان ئي اٿي نه سگھيس. مان مٿي تي برف جا ڳڙا رکيون، گھر ۾ ئي ليٽيو پيو ھيس. ٻيو ته امڙ سانئڻ! منھنجو بخار تيستائين گھٽ نه ٿيو، جيستائين مون ان عورت کي پوريءَ طرح تباھ ڪرڻ جي لاءِ وزارتي حڪمَ جاري نه ڪيا.

ڇا چيو تو امڙ سانئڻ! جي بلڪل نه! مان ان عورت کي تباھ نه ڪري سگھيس. منھنجي اندر ۾، اھا سِڪت ئي ڪا نه ھئي. ھوءَ ائين جيئري رھي جو مون ماڻھن کي چوندي ٻڌو ته اھا عورت اڃا توڻي ساڳيءَ طرح جيئري آ. مان دراصل ٻين کئون نه بلڪ پنھنجي پاڻ کئون ٻڌي ۽ وِيچاري وٺندو ھيس ته ھوءَ ڪاٿي آ ۽ ڪيئن آ. مان ڊڄندو به ھيس ته ڪو اھا ڳالھ سمجھي نه وٺي. مان ان خبر ٻڌڻ جو خواھشمند رھندو ھيس ته ڪنھن حادثي ۾ ھوءَ ختم ٿي وئي. مگر نه امڙ سانئڻ! اھا عورت زندھ ھئي. اھا عورت جيئري ھئي. اھا فقط ٻين عورتن وانگر جيئري ڪا نه ھئي بلڪ امڙ سانئڻ! ھڪ ڀيري ته مون کيس ڏٺو به. ھوءَ ٺپ نه بدلي ھئي. سندس اکيون ساڳيءَ طرح اڀ ۾ تڪي رھيون ھيون. جيتوڻيڪ ھوءَ عورت ھئي ۽ ھن اھڙي حرڪت ڪئي ھئي جيڪا ڪا عورت نه ٿي ڪري سگھي. مان کانئس ان ڪري چڙيل نه ھيس ته ھوءَ سرڪاري نوڪر ھئي ۽ مون ڪڏھن ڪنھن ملازم کي اھڙي حرڪت ڪندي نه ڏٺو ھيو. بلڪل نه! مون کي ته جُوجڪي ان ڳالھ تي چڙھي ھئي جو مان مڙني اختيارن ۽ طاقت جي ھوندي سوندي کيس تباھ ڪري نه سگھيو ھيس. سندس موجود ھجڻ، مون کي نيم-پاڳل ڪري ڇڏيو ھيو. مان پنھنجي نظرن ۾ ئي ڪري پيو ھيس ۽ مون وارو دماغ، کسڪي ويو ھيو. مون پنھنجو آپو ۽ پنھنجو وقار بحال ڪرڻ پئي چاھيو. مگر امڙ سانئڻ! ھوءَ موجود ھئي ۽ سندس موجودگي منھنجي پنھنجي وجود جي لاءِ خطرو بڻجي وئي ھئي.

ھا امڙ سانئڻ؟ پنجين يا ڇھين گريڊ جو ڪو ملازمڙو، مون جھڙي بااختيار وزير لاءِ خطرو ڪيئن ٿو بڻجي سگھي. ليڪن مان ڪاوڙ ۾ رڦيس پئي. مون کي ايڏي چڙ ھئي جو مون کي زندگيءَ ۾ ايڏي چڙ ڪڏھن چڙھي ئي نه ھئي. ھڪڙي ڳالھ ٻي به آھي امڙ سانئڻ! مان کانئس ان ڪري ناراض نه ھيس جو مان کيس تباھ نه ڪري سگھيس. پنھنجي اختيارن جي باوجود کيس ڇِيئو پھچائي نه سگھيس. بلڪ امڙ سانئڻ! چڙ ان ڪري چڙھيل ھئي جو ھن اھو ڪم ڪيو ھيو جيڪو مان نه ڪري سگھيو ھيس. سڄي زندگي، مان پنھنجي آفيسر اڳيان اک کڻي نه سگھيس، ڀل اھو مون کان ھڪڙو گريڊ ئي مٿي ھيو. امڙ سانئڻ! منھنجي چڙ اھو سوچي سوچي چوٽ چڙھندي وئي جو مان ھڪڙو مرد ۽ ھوءَ ٻين عام عورتن جھڙي عورت آ، ان جي باوجود مان اھو سڀڪجھ ڇو نه ڪري سگھيس، جيڪو ھن ڪري ڏيکاريو.

ھان امڙ سانئڻ؟ ھوءَ ٻين عورتن وانگر ھڪڙي عورت ھئي، جيئن تون آن. ھائو امڙ سانئڻ جيئن تون پاڻ آن! مگر امڙ سانئڻ! مون پنھنجي پاڻ کي ڪنھن مرد آڏو ائين اک کڻندي نه ڏٺو ھيو جيئن ھوءَ کڻندي ھئي. جيڪڏھن مون ھڪ ڀيرو به تو کي ائين ڪندي ڏٺو ھجي ھا ته ھوند مان کيس برداشت ڪري وڃان ھا.

جيڪڏھن تو ھڪ ڀيرو به ابي جي اڳيان پنھنجون نظرون کنيون ھجن ھا ته مان به تو آڏو اک کڻي سگھان ھا. بلڪ مان انھن مڙني ماڻھن جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائي سگھان ھا، جيڪي اقتدار ۽ اختيار جا صاحب بڻيا ويٺا ھيا. ليڪن امڙ سانئڻ! مون تو کي ڪڏھن ائين ڪندي ڪو نه ڏٺو ھيو. جيڪڏھن تون ھڪ ڀيرو به ائين ڪرين ھا ته پوءِ مون لاءِ به ائين ڪرڻ ممڪن ھجي ھا. تنھنڪري امڙ سانئڻ! مون ائين ڪيو جيڪو تون ڪندي ھئينءَ. امڙ سانئڻ! مون لاءِ ته تون ئي مثال ھئينءَ جنھن جي نقش قدم تي ھلان. مان تنھنجي ئي نقل ڪندو ھيم. مون اھو سکيو ھيو ته ڳالھ ڪرڻ وقت چپ ائين چورجن، جيئن تون چوريندي ھئينءَ. مان تو واري ٽور، ھلڻ سکيو ھيم. ھر ڪم، مون تو کان ئي سکيو. ڀلا امڙ سانئڻ! تون بابا جي اڳيان اکيون ڇو نه کڻي ڏسندي ھئين! جو مان به اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائڻ سکي وٺان ھا؟ جيڪڏھن ھڪ ڀيرو به ائين ٿئي ھا ته مان ھڪ دفعي سان ئي ھن جي ڀؤ کان آجو ٿي وڃان ھا. فقط ھڪ ڀيرو ۽ ٻيو ته ملازم جي حيثيت سان، اقتدار جي صاحبن کان وري نه ڊڄان ھا.

جي نه امڙ سانئڻ! مان تو ڏي ڏوھ نه پيو ڏيان. پر مان ته فقط ايترو ٿو چوان ته جيئن تون منھنجي ٻالڪپڻ ۾ منھنجي وارن، منھنجي ڇاتيءَ ۽ منھنجي ڪنڌ تي ٿڌڙا ڪڍندي ھئينءَ ائين اڄ به پنھنجا نرم ۽ مھربان ھٿ مون تي گھماءِ. تون ئي ته آھين جنھن جي آڏو مان پنھنجي دل چيري رکي سگھان ٿو ۽ جنھن جي اڳيان مان پنھنجو ڏک سور ونڊي سگھان ٿو. اصل سور اھو ناھي ته منھنجي وزارت ھلي وئي، پر جھڙي نموني وئي اصل رنج ان جو آ. جيڪڏھن مون واري وزارت، ڪنھن چڱي يا سنجيدھ سبب جي ڪري وڃي ھا ته مون کي ڏک گھٽ ٿئي ھا. مصيبت اھا آھي جو ان جي وڃڻ جو ڪو سبب اھڙو ڪو چڱو ناھي، جيڪو ڪنھن جي مغز ۾ ويھي سگھي. يا ڪير ڪو مٿس اعتبار ڪري. مان به شايد سندس ناچڱي ھجڻ تي يقين نه ڪيان ھا ليڪن ھڪ ڏينھن صبح ڌاري مون جو اخبار کولي ته ڏسان ته جيڪي نئين سر وزارتون ورھايون ويون آھن، تن ۾ منھنجو نانءُ ئي نه. يڪدم منھنجي ھيانءَ تي تورُ ٿي پيو. ائين لڳو ڄڻ مون واري سرير تئون مون وارو نانءُ ڇڻي ڪري پيو ھجي. جيئن جيئن اخبار ۾ پنھنجو نانءُ ڳولڻ جي پئي ڪيم، جيڪو مون کي مليو ئي نه پئي، جنھن سان منھنجو احساس وڌندو ويو ته مان ري-نانءُ ٿي ويو آھيان. منھنجي سرير جو ته نانءُ ئي ڪونھي. امڙ سانئڻ! ٽيليفون جيڪا ڏھاڙي، ھر گھڙيءَ پئي وڄندي ھئي ۽ جنھن تي منھنجو نانءُ پيو وڄندو ھيو، سا پڻ ماٺِ ٿي وئي ھئي. گونگي ٿي وئي ھئي، ٻوڙي ٿي وئي، ڄڻ اھا به مون کي دغا ڏيندي ھجي. ڄڻ اھا به منھنجي نانءَ کي ڌوڙ ڪندي ھجي. امڙ سانئڻ! مون کي ذلالت جي اونھي کاھيءَ ۾ ڪرڻ جو ايڏو ڪؤڙو احساس، پنھنجي حياتيءَ ۾ ڪڏھن نه ٿيو ھيو.

ھائو امڙ سانئڻ! مان ان شيءِ جي ذائقي کان ٺپ اڻ ڄاڻ ھيس، جيڪا مون ان گھڙيءَ وڃائي ڇڏي ھئي. ٻيو ته امڙ سانئڻ، ڀانيان ٿو ته حياتي اھا ئي آ. جيتري تائين اسان ڪنھن شيءِ کان محروم نه ٿي وڃئون، تيتري تائين اسان سندس مزي کان بي خبر آھيون. ٻيو ته امڙ سانئڻ! اھا پنھنجي ليکي به ھڪ ويڌن آ. ڇو جو وقت گذري ويندو آ ۽ موقعو سدا لاءِ ھٿئون ھليو ويندو آ. چُپڙا چپ، ٽيليفون جي اڳيان ويھي، مان اھو ئي سوچي رھيو ھيس. مون کي ڀؤ به ٿيو پئي ته ڪٿي منھنجا گھر-ڀاتي مون کي ائين ويٺل، ڏسي نه وٺن. اھي ڇا سوچيندا ته مان ائين ڪنھن جي اوسيئڙي ۾ ويٺو آھيان. تنھن ڪري مون سوچيو ته مون کي ڪا اھڙي ڪرت ڪرڻ کپي، جنھن مان پڌرو ٿئي ته مان ڪنھن جي اوسيئري ۾ ناھيان ويٺو. مون چيو پئي ته ٽيليفون جي گھنٽي ئي وڄي. ڪھڙو به آواز اچي! ڪنھن نر جو ھجي، ڪنھن ماديءَ جو ھجي. مٽ مائٽ جو ھجي، ڀل کڻي ڪنھن اوپري ماڻھوءَ جو ھجي. ننڍو وڏو، ڪو آواز ھجي. ڪنھن ماڻھوءَ جو ھجي يا جانور جو ھجي. ڀل کڻي گڏھ جي ھينگ ئي ھجي. بس ڪو آواز اچي ته منھنجي ھيءَ اڪيلائپ ٽٽي. ھوند ٽيليفون جي گھنٽي وڄي ۽ منھنجو نانءُ وٺي سڏي. فقط ھڪ ڀيرو!

جيءُ! نه منھنجي امڙ سانئڻ نه! ڇڙي اھا ويڌن نه ھئي جو ٽيليفون جي گھنٽي نه پئي وڳي، ۽ اھا به ويڌن نه ھئي ته منھنجي ڪا خواھش ھئي ته فون جي گھنٽي وڄي. پر امڙ سانئڻ! اصل ويڌن ھيءَ ھئي ته ان گھڙيءَ مون کي خبر پئي ته جنھن فون جي گھنٽيءَ کان مان نفرت ڪندو ھيس ۽ پنھنجي نفرت جو کلم کلا اظھار ڪندو ھيس، سو ڪوڙ ھيو. حقيقت ۾ ته مان فون جي گھنٽيءَ سان محبت ڪندو ھيس. فون جي گھنٽي ته منھنجي اندر ۾ ڦڙڦوٽ پيدا ڪندي ھئي ۽ مان سمجھندو ھيس دنيا جي ڪا به طاقت، اھي اختيار مون کان ڦري نه ٿي سگھي. امڙ سانئڻ! اھا جيڪا خوشي ھئي سا جنسي تسڪين، محبت يا کاڌ خوراڪ کان گھڻي طاقتور ھئي. دنيا جي ڪا به شيءِ سندس مقابلو ڪري نه سگھندي ھئي. اھا ھڪڙي غير انساني خوشي ھئي. اھڙي خوشي، جنھن کان انساني وجود به اڻ واقف ھيو، جيڪا غير جبلتي ھئي. ھڪ اھڙي جبلت جيڪا سمورن احساسن ۽ سمورين جبلتن کي ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏيندي آ. اھا پنھنجو پاڻ ۾ ئي، پوري عظمت ۽ ڀرپور طاقت سان قائم رھندي آ ۽ منجھس دنيا جي ھر شيءِ کي ڇيھون ڇيھون ڪرڻ جي صلاحيت ھوندي آ. اھا ٿڪاوٽ، ڪم جي ڀرمار، عزت، بيعزتي يعني ھر شيءِ ختم ڪري ڇڏيندي آ. اھا منھنجي جسم کي، ھر وقت چست ۽ چاق رکندي ھئي. حتانڪ ستي پئي به مان ڦڙت ھوندو ھيس. وڏي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ به ٽاڪ منجھند واري اُسَّ ۾ اھا مون کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ، اوسيئڙي ۾ بيھاريون بيٺي ھوندي ھئي. جڏھن مان مھمان جو استقبال ڪندو ھيس ته کيس اھو احساس ٿيڻ ئي نه ڏيندو ھيس ته مان ڪو وڏو ٿڪل آھيان. ساڳي شيءِ مون کي اجلاسن ۽ استقبالين ۾ چيلھ سڌي رکڻ ۽ ڪنڌ ۾ ڪلي رکڻ تي مجبور ڪندي ھئي. ڏينھن رات، مان پاڻ کي ائين تيار رکندو ھيس جو سيڪنڊن ۾ مان پنھنجي پاڻ کي پنھنجي سرڪاري منصب آڌار ٺاھي سگھان. ٻئي ڄنگھون ھڪٻئي سان ملائي بيھي سگھان ۽ ٻئي ھٿ، پيٽ تي يا ڇاتيءَ تي ٻڌي بيھي سگھان. ھائو امڙ سانئڻ! اھا عظيم خوشي اھڙي ھوندي ھئي جو ھر قسم جو ٿَڪُ ۽ ھر قسم جي ڪوشش کي به پنھنجي پاڻ سان وھايون کنيو ويندي ھئي. جيڪڏھن اھا چاھي ھا ته ھوند پنھنجي پاڻ کي ۽ منھنجي سرير کي به منجھس لوڙھيون کنيون وڃي ھا.

ڇا چيو تو امڙ سانئڻ! ھائو امڙ سانئڻ! مون اھا خوشي يا مسرت ھڪڙي خسيس شيءِ تي گھوري ڇڏي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻي ڪھڙي شيءِ اھڙي ھئي جيڪا خسيس نه ھئي. ليڪن امڙ سانئڻ! سچي ڳالھ اھا آھي ته اھا شيءِ خسيس به نه ھئي. اھا ڪا سادڙي يا عام شيءِ نه ھئي، پر اھو انتھائي نازڪ ۽ انتھائي وڏو واقعو ھيو، جيڪو مون سان پيش آيو ھيو. اھو تمام وڏو سنگين مامرو ھيو، جنھن سان مون کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھيو. اھو اھڙو ھيو، جھڙو موت. جيئن موت سان واسطو پئجي وڃي. امڙ سانئڻ! ھڪڙو وقت ھيو جو مان سمجھندو ھيس ته مان موت سان مقابلو کائي ٿو سگھان. ليڪن خبر ناھي ان گھڙيءَ ڇا ٿي ويو، مون کي سڌ ئي نه پئي ته مون سان ڇا پيو ٿئي. مان معمول مطابق چڱي ڀلي دل ۽ دماغ سان پنھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ھيم. منھنجو دماغ ۽ منھنجا اعصاب، ان گھڙيءَ ھڪڙي ريڊار وانگر کڙا تڙا بيٺا ھيا، ۽ ايڏا حساس ھيا جو ھلڪڙي چرپر به رڪارڊ ڪري پئي سگھيا. مان معمول مطابق ڪرسيءَ تي ويٺو ھيس. مون کي پڪ ھئي ته مان نارمل آھيان. پر ان سان گڏوگڏ اھو به سمجھيم پئي ته مان نارمل ناھيان. ان حقيقت جي باوجود، مان باقاعدي چؤڪنو ھيس. مان پنھنجي پاڻ کي چؤڪنو رکڻ جي صلاحيت کان محروم ھيس ۽ حياتيءَ ۾ پھريون گھمرو محسوس ڪري رھيو ھيس ته منھنجي اندر ۾ پنھنجي خيالن کي قابوءَ ۾ رکڻ جي يا کين ھڪ جاءِ تي سنڀالي بيھڻ جي طاقت نه رھي آ. منھنجي مغز، پاڻمرادو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ھيو ۽ ان شيءِ بابت سوچڻ شروع ڪري ڏنو ھيائين، جنھن کي مان پنھنجي مغز مٿان ٿوپڻ چاھيو پئي. ٻيو ته ميٽنگ جي دؤران اھڙي ڪيفيت، اگر ڪنھن سرڪاري ملازم جي ٿي وڃي ته ان جو خير نه ھوندو آ، مان ته اڃا ئي وزير ھيس. امڙ سانئڻ! پريشاني اھا ڪا نه ھئي ته منھنجو دماغ منھنجي قابوءَ ۾ نه ھيو، ڇو جو ڪنھن اھم معاملي ۾ ائين ٿئي جيڪو مان سالياني رپورٽ جي سلسلي ۾ پيش ڪرڻ وارو ھيس يا سالياني بجيٽ جي سلسلي ۾ جنھن تي مون کي سوال ڪرڻا ھيا، ته پوءِ مان ايترو پريشان نه ٿيان ھا. ليڪن ويڌن ته اھا ھئي جو منھنجو دماغ ھڪڙي اھڙي خسيس ۽ غير اھم شيءِ ۾ اچي اٽڪيو ھيو جو جيڪا منھنجي رتبي جھڙي انسان جي لاءِ ۽ خاص طور تي انھيءَ ميٽنگ ۾ انتھائي ڪريل ڳالھ ھئي.

نه امڙ سانئڻ! مان ڪنھن شخص جي لاءِ نه سوچي رھيو ھيس. مان ته پنھنجي لاءِ سوچي رھيو ھيس. مان اھو سوچي رھيو ھيس ته ھن وقت مان نارمل آھيان. تنھنڪري مان ڪرسيءَ تي ڪھڙي نموني ويھان، جو نارمل نظر اچان. ان وقت اھو ڄاڻڻ جي اڻتڻ ھئي ته ڪرسيءَ تي مان ويٺو آھيان ڪن ڪو ٻيو؟ ٻيو ته انھن ماڻھن منجھان، مان ڪھڙو آھيان؟ امڙ سانئڻ! مسئلو اھو نه ھيو ته مان ان کي سمجھي نه سگھيو ھيس پر مسئلو اھو ھيو ته منھنجي سڄي پريشانيءَ جو سبب ھڪڙي جونيئير سرڪاري ملازمڙي ھئي. لعنت ھجي ان گھڙيءَ تي، جڏھن مون ان عورت کي ڏٺو ھيو. ان کان پوءِ اھا منھنجي مغز مان ٻاھر نڪتي ئي ڪا نه. ھر گھڙيءَ منھنجي خيالن تي سندس واسو ئي رھيو. جيڪڏھن اھا، ھڪڙي عورت جي شڪل ۾ منھنجي دماغ تي ڇانيل ھجي ھا ته ھوند ان سان مون کي ٿورو سڪون ۽ اطمينان به ملي سگھي ھا. آخرڪار، مان مرد آھيان ۽ مرد کڻي ڪھڙي به حيثيت ۽ رتبي جو ھجي، عورت سندس دل ۽ دماغ تي سوار ٿي سگھي ٿي. مسئلو اھو آ امڙ سانئڻ! ته مان ان گھڙيءَ سندس باري ۾ عورت جي حيثيت سان سوچي ئي نه رھيو ھيس، ڇو جو مون لاءِ، اھا عورت ئي ڪا نه ھئي. شايد منھنجي زندگيءَ ۾، ھوءَ پھرين عورت ھئي، جنھن سان ملڻ کان پوءِ مون کيس ھڪ ڀيرو به عورت سمجھي، ڏانھنس نه ڏٺو. منھنجي دماغ کي مڙني شين کان وڌيڪ جنھن پريشان ڪيو ھيو ۽ جنھن مون کان منھنجي فيصلي جي سگھ به کسي ڇڏي ھئي، سا ھئي ھڪڙي جونيئر سرڪاري ملازمڙي، جنھن ھڪڙي انتھائي غير معمولي حرڪت ڪئي ھئي. ھن، ھر انھيءَ روايت، ھر انھيءَ دستور ۽ ھر انھيءَ قاعدي قانون کي ڀڃي ڀورا ڪيو ھيو جنھن ۾ اسان اک کولي آ ۽ جنھن جو احترام اسان تڏھن کان وٺي ڪندا ٿا اچون، جڏھن کان وٺي اسان ڄاوا آھيون. بلڪ جڏھن کان وٺي اسان انسان بڻيا آھيون ۽ ھيءُ دستور ۽ روايتون اسان سان گڏيون آھن. امڙ سانئڻ! ويڌن اھا ناھي جو ھن اھو ڪم ڪيو ھيو، جيڪو اڄ تائين ڪنھن نه ڪيو ھيو يا جيڪو مون به نه ڪيو ھيو، بلڪ ويڌن ھيءَ آ جو جڏھن کان ھن اھو ڪم ڪيو آ تڏھن کان مان، آپي ۾ ئي ناھيان رھيو. منھنجي ڪرسيءَ تي جيڪو ويٺو آ، سو مان ناھيان. سو ڪو ٻيو ئي آ، جنھن کي مان نه سڃاڻان. مون کي ته اھا به سُڌِ ناھي ته ٻنھي منجھان، مان ڪھڙو آھيان؟ ھائو امڙ سانئڻ! اھو ئي اھو سوال آ، جيڪو منھنجي دل، منھنجي دماغ ۽ منھنجي سمورن حواسن تي ڇانيل آ.

مون امڙ سانئڻ! ان کي مغز منجھان ڪڍڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي آ. مون ان کي دماغ مان ڪڍڻ جي ايڏي ڪوشش ڪئي جو منھنجو کاٻو ھٿ، پاڻمرادو اھڙا ڪم ڪرڻ لڳو، ڄڻ اھو خيال کي دماغ مان رھڙي ڪڍندو ھجي. منھنجو ساڄو ھٿ، معمول مطابق، ڪاڳر تي قلم رکي، ڪنھن به اشاري جي انتظار ۾ رھندو ھيو. ان گھڙيءَ، منھنجي کاٻي ھٿ کي، منھنجي ھنج ۾ پيو ھئڻ گھربو ھيو، پر ائين ٿيو ڪو نه. ڏسڻ واري کي اھو محسوس ٿي سگھيو ٿي ڄڻ مون پنھنجي ٻوٿ تان ڪنھن مَڇڏ مَکِ کي اڏائڻ لاءِ ڏائو ھٿ گھمايو ھجي. ليڪن جيئن ته جنھن ھال ۾ ميٽنگ ٿي رھي ھئي سو رڳو ملڪ جو نه بلڪ سڄي دنيا جو صاف سٿرو ھال ھيو، جتان ڪا مک گذري نه پئي سگھي. تنھنڪري منھنجي کاٻي ھٿ جي اھا حرڪت، ھر ڪنھن کي ايبنارمل لڳي رھي ھئي. جيئن ته منھنجي اھا حرڪت، غير معمولي ھئي، تنھنڪري مڙني جو ڌيان مون ڏانھن ھليو ويو. حالانڪ مان ميٽنگ ۾ پنھنجي پاڻ کي ائين الڳ ٿلڳ رکندو ھيس ۽ ائين ٺاڪ ٺوڪ ڪري ويھندو ھيس جو ميٽنگ جي پوري ٿيڻ تائين ڪنھن کي منھنجي موجودگيءَ جو احساس ئي نه ٿيندو ھيو ۽ ان سان مان سوالن جوابن کان به بچي ويندو ھيس.

ڇا چيو تو؟ نه امڙ سانئڻ! نه! مان سوالن جوابن کان نه لھرائيندو ھيس. مان ان ڳالھ کان نه ڊڄندو ھيس ته ڪو مون کي سوالن جا، صحيح جواب نه ٿا اچن. مان ته ھر جواب، ڄاڻندو ھيس. ھر سوال جو جواب منھنجي ڄڀ جي چوٽيءَ تي ھوندو ھيو. جيئن ٻِه-ٻِڪان چار. ويڌن اھا ھئي ته مان صحيح جوابن نه ڏيڻ کان ڪيٻائي نه رھيو ھيس بلڪ مان صحيح جواب ڏيڻ کان ڊُنس پئي.

ھائو امڙ سانئڻ! اصل ويڌن اھا ھئي جيڪا ان ڏينھن ڳچيءَ پئي ھئي. مان نه ڄاڻان ته اھو ٿيو ڪيئن ۽ اھا به ڄاڻ نه اٿم ته اھو مون ئي چيو ھيو يا ڪنھن ٻئي شخص، جيڪو منھنجي ڪرسيءَ تي ويٺو ھيو. مون تو کي ٻڌايو نه ته پنھنجي ڪرسيءَ تي مان ئي ويٺو ھيس. ائين ٿو لڳي ته منھنجي کاٻي ھٿ جي وري وري حرڪت، ان جو ڌيان مون ڏانھن ڇڪايو ھجي، جيڪو منھنجي پيءُ وارين نظرن سان مون کي گھُوري ڏسي رھيو. ائين جيئن ننڍپڻ ۾، بابو سائين غلط ڪم تي مون کي گھُوري ڏسندو ھيو. ھن جي نظر، جڏھن مون تي پئي ته مون اھڙيءَ طرح اڳتي پوئتي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ڪلاس روم ۾ استاد جي نظرن کان بچڻ جي لاءِ ڪندو ھيس ته جيئن سندس نگاھ، مون تي پوڻ بجاءِ، منھنجي پويان ويٺل ڇوڪري تي وڃي پوي. ليڪن ان ڏھاڙي، مان ان ڪوشش ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيس. ٿي سگھي ٿو، مون ٿڏي تي سندس نظرون نه ڏٺيون ھجن. اھو به امڪان آ ته ان ويل مون کي تپ ھجي يا ڪو ٻيو سبب ھجي. اصل ڳالھ اھا آھي ته مان پنھنجي ڪرسيءَ تي بلڪل چُري پُري نه سگھيس ۽ ان شخص جو سڄو ٻوجھ، موت جي ٻوجھ وانگر، مون تي ئي اچي ڪڙڪيو. ھن سوال ئي اھڙو ڪيو جو منھنجو وات، ان شخص وانگي پاڻ-ھُرتو کلي ويو، جيڪو سوچ سمجھ کان سواءِ ورندي ڏيڻ گھرندو ھجي. ٻيو ته جيئن اھو بنا سوچ سمجھ جي ئي جواب ھيو، تنھنڪري ڏاڍو سنھنجو ۽ ڏاڍو چٽو جواب ھيو.

نه امڙ سانئڻ! نه! اھو چٽو ۽ صاف جواب نه ھيو. صحيح جواب، اھو نه ھوندو آ، جنھن جي توقع ڪئي ويندي آ. صحيح جواب، سو به نه ھوندو آ، جيڪو طلب ڪيو ويندو آ. امڙ سانئڻ! سياست جو ابجد اھو ئي آ. مون منڍ ۾ ئي تو کي ٻڌايو آ. سياست ۾، اسان سڀ کان پھريون سبق، اھو ئي سکندا آھيون. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته مان ان گھڙيءَ اھو سبق ڪيئن وساري ويٺس. انھيءَ ويسر مون کي ڪيڏي تڪليف پھچائي امڙ سانئڻ! سا مان ٻڌائي نه ٿو سگھان. اھو ايڏو وڏو صدمو ھيو جو ٻيا مڙئي صدما، وسري ويم. وري اھڙو سڪون مليو، ڄڻ مون کي ڪا وڏي خوشي ملي ھجي. امڙ سانئڻ! خبر ناھي مون کي الائي ڇو ائين لڳو ڄڻ منھنجي ڇاتيءَ تان ڳؤرو ٻوجھ لھي ويو ھجي. اھڙو ٻوجھ جيڪو منھنجي سيني ۽ پيٽ تي ٻڌل ھٿن کان به گھڻو ڳؤرو ھجي، جيڪو منھنجي ڪرسيءَ، حتانڪ منھنجي پنھنجي جسم ۽ ھن ڌرتيءَ کان به وڌيڪ ڳؤرو ھجي، جيڪو منھنجي دل ۽ دماغ تي سوار آ.

ڇا چيو تو امڙ سانئڻ! جي ھائو! مان ھاڻ سڪون ٿو ڀانيان. ۽ سڪون به وري عجيب غريب. ھن وقت، جڏھن مان دنيا مان تِياڳي رھيو آھيان ته آخري ڏھاڙن ۾ اھا تسڪين ۽ اھو اطمينان، ڏاڍو عجيب پڻ لڳي رھيو آھي. ليڪن امڙ سانئڻ! ويڌن اھا آھي ته ھن گھڙيءَ، جڏھن مان سڀڪجھ ڇڏيون پيو ٿو وڃان، تنھن گھڙيءَ ۾ به ٽيلفون سيٽ منھنجي ڪنڌيءَ کان رکيو آ ۽ مان انتظار پيو ڪيان ته ڪھڙيءَ گھڙيءَ ٿي فون جي گھنٽي وڄي. فقط ھڪڙي گھنٽي. فقط ھڪڙو ڀيو. فقط ھڪڙو ڀيرو سندس آواز ۽ ٻڌڻ ٿو چاھيان اھو ئي گفتو جيڪو منھنجي ڪنن ۾ سرٻاٽ سان چوي؛ ”سائين منھنجا! وزير محترم......“ مان اھو گفتو ٻڌڻ جو ڪيڏو نه خواھشمند آھيان. امڙ سانئڻ! مان مرڻ کان پھرين، فقط ھڪڙو ڀيرو اھو گفتو، ٻيھر ٻڌڻ ٿو چاھيان.

 

(انگريزيءَ مان مسعود اشعر جي ڪيل اردو ترجمي تان کنيل)

No comments:

Post a Comment