سياڻي ٻڍڙي
(مختصر ڪھاڻي)
ڪھاڻيڪار: سيلي جينز
سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪم
شروع ڪرڻ کان اڳ، ھن پنھنجي ٽنھي ساٿين کي مانيءَ جي دعوت تي سڏايو. الزامور کي
چڱيءَ پر سُڌِ ھئي ته سنگتين کي خوش ڪئي بنا، کانئن ڪم ڪڍڻ ڪيڏو نه ڪٺن آ.
”دوستو!“
ھن پنھنجو جام کنيو. ”اسان ماڻھن پنھنجي منصوبي جو ھر پاسي کان جائزو ورتو آ. ڪٿي
به جھول نه اٿس. پوءِ به مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏھن توھان جو ڪو پڇيل سوال، ان
منصوبي جو ڪمزور پاسو ظاھر ڪري وجھي. ڇا؟ اوھان منجھان ڪنھن کي ڪو سوال پڇڻو آھي؟“