مئٽرڪ
مختصر ڪھاڻي
امراقبال

”تنھنجي ئي
بادشاھيءَ ۾...“ جواب ڏنائين.
”منھنجي
بادشاھيءَ ۾..!!؟؟....... خالي جهول وارا بادشاھ ٿي ئي نه ٿا سگهن“. مون لکيو.
”تون صفا
ائين ئي آھين، جيئن مئٽرڪ جي ڪلاس ۾ ھوندو ھئين“. ھن لکيو.
مون مرڪندڙ اموجي ڏانھنس
اماڻي ڇڏيو.
”گھڻا ٻار اٿئي؟“
ھن اچانڪ سوال ڪيو.
”ھڪ به نه...“
”ڇو؟!!.“
”مئٽرڪ جي
امتحان کان پوءِ، اڄ تائين ڳوليندو رھيو آھيان مسلسل... ملي ئي ڪا نه...... مون
شادي ناھي ڪئي“.
”اڇا...!!!.“
”ھا....“
”تو کي ڪيترا
ٻار آھن؟!.“ مون سوال ٽائيپ ڪيو.
”ھڪ ڌيءَ
آھي“.
”عمر ڪيتري اٿس؟“.
”مئٽرڪ ۾ پڙھندي
آھي.....“
ھن جي لکيل جواب ۾
ھڪ دفعو ٻيھر ”مئٽرڪ“ جو لفظ پڙھي، منھنجو ڄڻ ته ھانءُ ٻُڏڻ لڳو. اچانڪ بجلي بند ٿيڻ
سبب ڪمپيوٽر به بند ٿي ويو...
No comments:
Post a Comment