Saturday, September 21, 2013

جي سائين- انور ابڙو

جي سائين
مختصر کان مختصر ڪهاڻي
انور ابڙو
سچل پروفيشنل آنيسٽي، پنهنجي صلاحيت، اهليت، عقل ۽ پنهنجي ضمير جي سچائيءَ سبب ڪنهن به اداري ۾ گهڻي وقت تائين نوڪري نه ڪري سگهندو هو. هو نوڪريون جيڪڏهن پنهنجن ڪپڙن وانگر نه سهي، تڏهن به پنهنجي بوٽن وانگر ضرور بدلائيندو هو.
هن جي طبعيت ۾ عجيب قسم جي شوخي، ارڏائپ ۽ انا هوندي هئي. مالڪن تي ته سندس اک ئي نه ٻڏندي هئي. سڀني کي آڱوٺي ڇاپ سمجهندو هو. هو هميشه چوندو هو ته؛ ”مالڪ اسان کي جنهن ڪم جي عيوض پئسا ڏين ٿا، اسان کان اهو ڪم ٺڪي ٺوڪي وٺن. باقي وڌيڪ ٽڻ ٽڻ نه ڪن.“ اهڙي طبعيت سبب هو ٿورو وقت نوڪريءَ ۾ ۽ گهڻو وقت بيروزگاريءَ ۾ گذاريندو هو. پر هن جي اها خاصيت هئي ته هو نوڪريءَ سان ته نڀاءُ نه ڪري سگهندو هو، پر ڇوڪريءَ سان نڀاءُ ضرور ڪري ويندو هو. جڏهن سندس گهر جي سامهون واري گهر ۾ رهندڙ غزاله سان سندس عشق چوٽ تي چڙهيو ته هن ان سان شادي ڪري ورتي. شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هو اوچتو گم ٿي ويو.

هڪ ڏينهن سندس دوست امتياز جيئن ئي ٽاور کان مهراڻ ڪوچ ۾ چڙهيو ته سندس نظر سڌي وڃي سچل تي پيئي. هو وڌي اچي هن سان ملي، سندس ڀرسان پيل خالي سيٽ تي ويٺو.
”سچل! اڄڪلهه ڪٿي آهين؟ نظر ئي ڪو نه پيو اچين؟ ڪا نوڪري وغيره ڪرين پيو يا نه؟“ امتياز ويهڻ شرط کانئس هڪ ساهيءَ ٽي سوال ڪري ورتا.
”ها نوڪري ڪريان پيو، پر يارن دوستن سان ملڻ کان بلڪل ڪٽجي ويو آهيان.“ سچل وراڻيو.
”ڀلا اها نوڪري پڪي اٿئي يا....“ امتياز کانئس ٻيو مڪمل معنيٰ وارو پر اڌورو سوال ڪيو.
”نه ... هيءَ نوڪري پڪي آهي.“ سچل اعتماد سان جواب ڏنو.
”اها وري ڪيئن؟“ امتياز حيرت وچان کانئس پڇيو.

”اها هيئن ته هاڻي مان ’جي سائين‘ چوڻ سکي ويو آهيان.“

No comments:

Post a Comment