Sunday, July 23, 2017

هاريا ويڄ مُياس- ھدايت منگي

هاريا ويڄ مُياس!
ھدايت منگي
        چمنيءَ جي وٽ ٿو گهٽايان ته ڏسڻ ۾ ڪجهه به نه ايندو، لکندس ڪيئن؟ ۽ جيڪڏهن اتي ئي ٿو رهڻ ڏيانس ته پڪ سان صبح جو بيمار ٿي اٿندس. گاسليٽ جي ڌپ ته اڳي ئي ڪمري کي گهيري ورتو آهي. گهڙي سوا ڦوڪ ڏئي وسايانس. در ۽ دري به کوليان، ڌپ ۽ دونهون ڪجهه گهٽجن ته وري ٻاري پوءِ لکان. لکڻو به ضرور آهي نه ته مياري ٿبو ۽ جونئر ڊاڪٽر چوندا ته ٺڳ آهي ڊاڙ ٻٽاڪ تي پيو هلي. رڳو ڊاڪٽر ئي نه، سڄي سنگت به ائين سمجهندي. پر هن بتيءَ ته بنهه تنگ ڪري ڇڏيو. پارٽنر پنهنجي گنجي ٺوڙهه به سوڙ ۾ لڪائي ڇڏي آهي. ٻوٿ ٻاهر هوس ته دونهين تي کنگهه اچي ورايو هوس. ڪڇي ڪونه ٿو سگهي شريف ماڻهو آهي. ٻيو ڪو هجي ته سوڙ کي لوڏو ڏياري هوند بتي وسائي ڇڏي. خير... سگريٽ دکائي اڳ ۾ سوچڻ کپي. هون ن ن ن م... ڇا پيو چئي ڪڪري گرائونڊ وارو ٺوڙهو ڊاڪٽر؟


”توهان سنڌي سڀ جو سڀ ”Perverted“ آهيو. منهنجي اسپتال ۾ سنڌي مرد آيو ته سڀ مريضياڻيون اگهاڙيون ڀاسڻ لڳنديون آهن. توهان سنڌين جي ڏسڻ جو انداز ئي اهڙو آهي جو جيئن بکيو شينهن ٻڪريءَ کي گهوريندو هجي.“ چيو هو مانس، ”اسان سنڌي ماڻهو ڀرپور زندگي گذارڻ کان ڏاڍا محروم آهيون. ڳوٺ، ملان جيڪي بهشت جون حورون ٻڌائيندا هئا، اهي هن شهر ۾ اکين سان ڏسي اهو ايترو عجب ۾ پوڻ ته اسانجو حق ٿيو نه ڊاڪٽر!“
”پوءِ به توهان سنڌي پرائي زال کي ڏائڻن وانگون گهوريندا آهيو. پنهنجين کي ڌيان سان هلايو ڪونه.“ ”ڊاڪٽر! پرائي ڀاڄي مٺي ٿيندي آهي. ٻيو ته اسان سنڌين کي اهڙا موقعا ئي ڪٿي آهن جن سان زندگيءَ کي زندگي طور گهاريون. توهان ڪلهه پڌرا ٿيو ۽ اڄ ڀلا گهر به اٿو ۽ روزگار به، توهان شايد ان تي نه سوچيندا هجو پر دنيا ۾ ماڻهن کي رلائي پنائي، گهرن کان ڪڍي ٻين ملڪن ۾ ورسائڻ لاءِ جيڪي سهوليتون مهيا ڪيون پيون وڃن، تن کي ڏسي ته هر ڪنهن جي دل ٿي چاهي ته مهاجر بڻجي.“
”توهان ڪاڏي لڏ پلاڻ ڪندؤ؟ پنهنجي گهران نڪري ويهن ميلن تي نوڪري ڪونه ٿا ڪيو/ ڪري ئي نه ٿا سگهو، سو توهان ۾ ته اها صلاحيت ئي ڪانهي.“
”ڊاڪٽر چيڙائڻ واري ٻولي نه ڳالهاءِ. مان به چڙي ويس ته معاملو حل ڪرڻ بدران وڌيڪ منجهي ويندو. مان توهان جو تاريخ جي ان عمل ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو جنهن جي حققت معروضي آهي، ڪنهن کان ڪا ڳالهه لڪل ڪانهي. گهانا جا مهاجر جيستائين پنهنجي وطن کان پري نائجيريا ۾ هئا، تيستائين خوش راضي هئا. هاڻي نيڪالي ملي اٿن ته ڪيئن اچي ششدر ٿيا آهن. وطن موٽڻ ان ڪري نه ٿا چاهين ته اتي بهتر زندگيءَ جا موقعا ڏيندڙ سماجي ڍانچو ناهي. آفريڪي ته تمام ٿورا آهن جن کي پنهنجي ئي گهر ڀرسان روزگار ميسر آهي، نه ته ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جا مهاجر ته لڏ پلاڻ کي پنهنجو پيشو بنايون ويٺا آهن. ويٽنام آزاد ٿيو آهي ته به هجرتن جا مزا ماڻڻ لاءِ ڪيئن ڏور اولهه جا ڪنارا وڃي ٿا وسائين. جيتوڻيڪ سندن لڏڻ جو هاڻي ته ڪو سبب به ڪونهي. افغان ڏس، اسان هتي جا اصلوڪا رهواسي به ڪچن گهرن ۽ جهوپڙين ۾ پيا آهيون. توهان کي ته وري به ٽي ڏهاڪا ٿيا. هي ته ڪلهه هتي آيا ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ. ڪارون، بنگلا، کاڌو، دوائون. ڪهڙيون سهوليتون کين ميسر ناهن.“ خير، توکي خارش جهڪي آهي يا اڃان ستائي ٿي؟“
”ڊاڪٽر، ايلرجيءَ جا سبب ته تون ٻڌائين نه ٿو، ڇڏيندي ڪيئن؟ ڪا پرهيز اهڙي به هوندي جنهن کان توهان آگاهه ئي نه ٿا ڪريو.“
”ڀائي صاحب! توهان سنڌين کي خارش هجي نه هجي، ڪا زائفان گهٽيءَ ۾ اڃان ڏسندؤ ۽ اڳ کنهڻ شروع ڪندؤ. خير هي گوريون وڃي کاءُ. توسان ڪچهريءَ تي دل به چوي ٿي پر اسپتال جو وقت پورو ٿي ويو آهي. تون نڪرندين ته زال کي سڏيندس. اها به ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ جڏهاڪون اسپتال کولي اٿم ۽ لي مارڪيٽ جا سنڌي اچڻ لڳا آهن ته، مون کي ڀتيون هڻي زال لاءِ اندر ڪمرو ٺاهڻو پيو آهي. توهان ڏائڻن جي گهورن کان بچائڻ لاءِ. چڱو، خدا حافظ“...
۽ هوءَ پارسي ڊاڪٽرياڻي! پٺاڻن جي ڪالونيءَ ۾ اچي هڪ اڪيلي ڪوٺيءَ ۾ ڪلينڪ کولي اٿائين. سمارٽ ڪيڏي آهي. منهن مهانڊي جي به واهه جي آهي. سياري ۾ به هاف سليوز جي شرٽ ۽ مٿان جينس جي پينٽ پائي ڪيئن مريض ۽ مريضياڻين وچ ۾ پئي ڦرندي ڦيريون پائيندي وتندي آهي. سگريٽ پاڻ به پيئندي آهي پر الائي ڪيڏيءَ مهل. ٻڌائيندي آهي ته ”پيئان ٿي“. مونسان ته هر ڀيري چڙيو پوي. سندس ڪلينڪ ۾ شايد مان ئي اڪيلو هوندس جو سندس جهلڻ کانپوءِ به سگريٽ دکائي پيئندو آهيان. بيزار ٿي پوندي آهي. ”تنهنجي اها هڪڙي ڳالهه مون کي اصل ڪانه ٿي وڻي مسٽر! سگريٽ هروڀرو ضروري ته ناهي ته منهنجي ڪلينڪ ۾ اچي پيئجي.“
”بهرحال ڊاڪٽر! ضد کي ڇڏيو. اهو ٻڌايو ته، توهان ڪتاب ڪهڙا ٿيون پڙهو.“
”فلاسافيءَ جا وڌيڪ.“
”ٻيا...“
”ٻيو تو وارو ڪتاب به پڙهيم، جيڪو تو آڻي ڏنو هو. انصاريءَ سنڌي معاشري جي اها ترتيب نه ٻڌائي آهي جيڪا ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ ڳولي ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. ڀٽائيءَ وٽ ڇا معاشري جو ڪو آدرش نه هو؟ اها ڳالهه ته توهان جي ليکڪن کي اڳ اڳ ۾ کڻڻ کپي. توهان جي مفڪرن جو سماج بابت ڪهڙو رويو هو اهو نه توهان جا اڄوڪا دانشور ٻڌائين ٿا نه ئي لائبريرين ۾ ان تي ڪو اهڙو ڪتاب مليو آهي، جنهن ۾ توهان پاڻ ڪجهه دنيا کي ڏنو هجي.“
”ڊاڪٽر! اهو ڪم طبقاتي معاشري ۾ پاڻ تي ڪوبه پاڻمرادو ڪونه کڻڻدو آهي. هرڪو پنهنجي ذميداريءَ کان ڪنڌ ڪڍائڻ چاهيندو آهي. ان کي ته توهان مڃو ٿيون نه؟“
”ها، پر وڏا ماڻهو ته مون کوڙ سنڌي ڏٺا آهن، ڪنهن کي به اها ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿئي؟ ۽ اها ڳالهه ڪيڏي عجيب آهي؟ آهي نه! خير، تون ٻڌاءِ ڪهڙي تڪليف اٿئي. مٿي جو سور اڃا ستاوئي ٿو؟“
”نه، ڊاڪٽر! اڄ مان هتان لنگهندي توهان جي ڪلينڪ ۾ گهڙي آيس. مڙئي ڪچهري ڪرڻ لاءِ.“
”چڱو ٿيو، پر ڪو ٻيو اهڙو ڪتاب آڻي ڏي جنهن مان سنڌين کي چڱي نموني سمجهي سگهجي. مان ڄائو ڄمائو ڪراچيءَ جي آهيان، جيڪا به سنڌ آهي پر مان توهان سنڌين کي منهنجي معنيٰ ۾ سڃاڻان ڪونه ٿي. ويهجانءِ، مريضياڻيءَ کي ڊرپ لڳائي اٿم ڏسي وٺانس. ڏاڍي سهڻي آهي، پر مڙسس چرس جي ڪاروبار ۾ روز ٻَڌبو آهي ۽ هيءَ ڳڻتين ۾ ڳري وئي آهي. ڪا ڪا زال ڏسندي آهيان ته مڙس لاءِ ڳڻتيون ٿي ڪري، خاص ڪري اڻ پڙهيل زائفون، تو واري ڳالهه ته ويچارين لاءِ ٻيو ڪو چارو به ڪونهي.“
        ... ۽ هوءَ سياڻيءَ وارن جي ڇن تي وڄ ڪري هئي ته ميڊيڪل آفيسر سڄي ڳوٺ کي تنگ ڪري وڌو. چئي، ”فوتڻ جو پوسٽ مارٽم ضرور ڪرڻو آهي.“ ويچارا سياڻيءَ جا والدين اچي پريشان ٿيا هئا. نيٺ مئل نوجوان ڌيءُ کي اڪيلي مرد ڊاڪٽر جي حوالي ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويا، پر ڊاڪٽر جي ٽن سؤ رپين جي خرچيءَ هڻي کين ڀڃي وڌو. اوڌر تي ڏوڪڙ وٺي ڏنائون. ڊاڪٽر مئل ماڻهوءَ تي به پئسا ٿا وٺن.
        ... ۽ هو مون وارو يار ڊاڪٽر... زال پئي ٻڌايو ته، ”مئو گهوري گهوري پيو ڏسي. سڀ دوائون اسٽور تان وتيونسين پر پوءِ به پڇا ڳاڇا ڪرڻ جا پنجٽيهه رپيا وٺي ڇڏيائين.“
        مون واري زال کي شايد اهو اندازو ناهي ته ڊاڪٽر ڊگريون ئي ان ڪري ٿا وٺن ته ان ۾ جهجهي ڪمائي آهي. گهٽ ۾ گهٽ ميڊيڪل ۾ داخلائن لاءِ ته ماڻهن کي ائين ڊڪندي ڊوڙندي ڏسبو آهي، ڄڻ ڪنهن حاصلات کان محروميءَ جو ڊپ هجين. ڪهڙي حاصلات؟ اها ظاهر ظهور ته رڳو ڏوڪڙ ڪمائڻ واري ٿي ڏسجي. سڄي ملڪ جو ڪو اهڙو ڊاڪٽر ڀلا سُجهي ٿو جيڪو ڪنهن کي علاج جو خرچ ڇڏي ڏيندو هجي؟ ۽ اڄڪلهه هي صحت جا وزير ته صفا ستي ڦڪيءَ واري علاج جي پويان اچي پيا آهن. شايد ڳوٺن ۾ علاج جي گهڻي کوٽ پئدا ڪرڻ ٿا چاهين. معاشرو قبل از تاريخ جهڙو ڏيک پيو ڏئي ۽ شهرن ۾ هنن ماڻهن جي ڀڄ ڊڪ وري ايڪيهين صديءَ جهڙي پئي ڀاسي. خير...
        هوءَ رضيه هن سال ڊاڪٽر بڻي آهي. رزلٽ نڪتي هئي ته پڻس خوشيءَ ۾ اسان جي دعوت ڪئي، جنهن ۾ هوءَ پاڻ شريڪ ڪانه ٿي. ڳوٺ جي پهرين زائفان جيڪا باقائدا پڙهي ڊاڪٽرياڻي بڻي آهي پر مون ته کيس هميشه ڳوٺ ۾ برقعي ۾ ئي ڏٺو آهي. اها علاج ڪيئن ڪندي. شايد شهر ۾ ڪا ڪلينڪ کولي ڏيندس يا نوڪري ڪرائيندس. ڳوٺ ۾ سک وري به ڪونه ٿيو. اشوڪ ٻن سالن کان هائوس جاب جي ڳولها ۾ آهي ۽ ڳوٺ ۾ به ڪونه ٿو ويهڻ چاهي. چئي، سنگت کان صفا ڇڄي وڃبو انڪري ڳوٺ ۾ اسپتال ڪانه کولبي.
..............................................................

        هاڻي ته ڪمري ۾ رڳو دونهون ٿو ڏسجي. چمنيءَ کي وسائي سمهي ٿو پوان. سيءُ به هارجي پيو آهي. ڪهاڻي لکڻي آهي سا کڻي سڀاڻي لکندس، ٻيو ڪو چارو به ڪونهي، پر انهن سڀني مان ڪهڙي ڊاڪٽر جي ڪردار کي کڻڻ گهرجي. اها ٽل مون کي هينئر کان ئي ڪرڻ گهرجي.

No comments:

Post a Comment