Sunday, July 23, 2017

ڪُٺيس ڪويڄن- ھدايت منگي

ڪُٺيس ڪويڄن
ھدايت منگي
ماڻهن مان هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ جو ڏانءُ صفا نڪري ويو آهي.
۽ ان جو مون کي جيترو ڏک ٿئي ٿو ان کان گهڻي وڌيڪ، پريشاني وڌي ٿي.
..........................................
ڪلهه هو اسان جي آفيس ۾ آيو هو.
گاديءَ واري شهر جي هڪ وڏي سنڌي ماهوار رسالي جو ايڊيٽر آهي. طبيعت جو، دوستن ۾ وڻندڙ، ۽ ساڳي ئي وقت نهايت ڏکوئيندڙ. پرپٺ سنگتين کي ماءُ تي گاريون ڏيندو، اگهاڙن عضون سان سندن شبيهون ملائيندو.


۽ روبرو هوندو ته رک رکاء کان ڪم وٺندو. وڌ ۾ وڌ لئه رکڻ جي ڪندو ته ڪچي گار به روبرو واري شخص تي وهائي ڪڍندو. ۽ اڃان به جيڪڏهن اڳلي شخص وڌيڪ موقعو ڏنس، ته ڀونڊا ڇڪڻ لڳندو. ۽ ائين جيستائين ڪو شريف ماڻهو گهروڙي ڀونڊو ڏئي هيسائيندس نه تيستائين، اڳلي کي هيسائڻ جي پيو ڪندو. پرپٺ دوستن کي ماءُ تي گاريون ڏيڻ واري ڳالهه ائين ئي ناهي ڪئي وئي. هو ڪنهن کي به نه بخشيندو آهي. هيلتائين جيڪي به ماڻهو سندس واقف ٿيا آهن، سڀني کي لتاڙيندو  رهيو آهي، سندن ڀيڻيون مائرون به لتاڙيندو آهي.
اوهان ڪنهن ڏينهن کيس اشارو ڏيو ته اوهان مارڪس کي چڱو ماڻهو نه ٿا سمجهو.
صدي ورائي، مارڪس کي اهڙو تنبيندو ڄڻ...
وري اوهان کيس جيڪڏهن مذهب سان ناراضگيءَ جو تاثر ڏئي ويٺئو ته پو سوا لک، واڌو خلقڻهار سڀني کي صفا رد ڪري بيهي رهندو.
اهو حال ان پڙهئي لکئي طبقي جي اٿيل ويٺل سنجيده ماڻهن جو آهي.
پڙهيل لکيل ماڻهن جي ڳالهه به اتي ڪانه کٽي. هڪڙو ماڻهو اهڙو به آهي، جنهن کي اسان جهڙو ماڻهو پرفيڪٽ ۽ هر پهلوءَ کان مڪمل سمجهڻ لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو آدرشن کي جوڙيندا آهن، اڻوسرندڙ آدرش بڻجي ويندا آهن، پر هن پنهنجي انهن ايڏن رتبن کي ڪيئن ٽوڙيو آهي اهو به ٻڌڻ کپي.
هڪ ڏينهن اسان پئي سندس ئي شخصيت تي ڳالهايو. هئاسون رڳو ٻه ڄڻا. شايد ڪنهن خميس جو ڏينهن هو. وڪالت کان هڪ ڏينهن جي موڪل ڪري ڳوٺ پنهنجين ٻنين ۾ انبن جون چڪيون ڪڍرائڻ آيو هو، ڪنهن وڏيري کي باغن رکڻ تي آماده ڪري وڌو هئائين ۽ پٽن جي خرچ پکي جا 5 هزار به کپندا هئس. وڪالت واري ڪمائي ٻارن جا خرچ پورا ڪري ئي نه ٿي سگهيس. سياست، ۽ سندس واري سياست جا آدرش لڀڻ ۽ انهن جي حاصلات تان هٿ کڻي، جيل ڀوڳيندي ڀوڳيندي جهور ٿي پيو آهي ۽ حوصلن کي محض پاڻ تائين محدود رکي وڪيل بڻيو آهي. سو، منهنجي هڪ مائٽ جو قصو اڌ مان ئي کڻي شروع ڪيائين. منهنجو اهو مائٽ غريب ماڻهو آهي (مون وانگرئي) ۽ سنوارت جو دڪان اٿس ڳوٺ ۾. وٽس ڪو گهڙي کن ويهي آيو هو ۽ ان جي هڪ ادا نه وڻي هئس.
حجام جي دڪان تي ڪو پڇي ڪونه ايندو آهي ته ”مان اڇوت آهيان، ڏاڙهي ڪوڙيندين؟“
اهو مٿس آهي ته اوزار بدلائي سنوارتون ڪري. ان ڏينهن هي به اتي وار ڇنڊرائڻ ويو هو. حجم هو هڪ وڏين مڇن واري جي ڏاڙهيءَ ۾ ڦاٿل. جنهن دڙڪو ڏنو هوس ته مڇ جو هڪڙو به وار ڪريو ته افٽ مئو پيو هوندو. ويچارو حجم نه رڳو هن جي ڏاڙهي لاهي رهيو هو پر سندس ڊاڙون به ٻڌي رهيو هو. چئي ”ڪهاڙيءَ سان سسي لاهي وڌيمانس. لئه پيو ڪري ملاکڙي ۾. رپيو رپئي مٿان پئي وسايائين پنهنجي تر جي ملهن تي. پاڻ واري ڀوتار اشارو ڪيو ته وڃي جهليانس. اهڙو ڪو موت کنيو بيٺو هوس جو جيئن جهليانس تيئن وڃي ٽرڙو ٿيندو. ٺڪاءُ جو ڪرائيمانس ته مُنڍي ٿڪ وانگي پري وڃي پيس. ملاکڙي ٽٽڻ کان پوءِ اسان جي ڪتن رت چٽي لست ڪئي هوندي. ڀوتار کي الله وڏي حياتي ڏئي، ٻن هفتن ۾ ضامن ڪرائي ڇڏائي آيو. هونئن هن ڌر وٽ پئسا ڏاڍا  آهن. ڇوڪرا ٻاڪرا نوڪرين ۾ هليا ويا اٿن ته جهيڙي جهٽي ۾ هٿ وجهڻ کان به ڪيٻائن ٿا. هاڻي ڳالهه آهي جج جي. ڏسون. ڀوتار آڙيڪاپ لڳو پيو آهي، الله چڱي ڪندو. ڪيئن ٿو سمجهين ڙي حجامڙا؟“
۽ حجم کڙين تي مٽ محسوس ڪندي کڻي جهٽ پٽ هائو ڪئي. ٻيءَ ڌر جو وڪيل هن گراهڪ کان پوءِ سندس ڪرسيءَ تي اچي ويهندو، جيڪو اڳ ئي ڪن لايون کين ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. ڇُٽي جي ڏاڙهي لهي چڪي هئي ۽ ڦوهاري کانپوءِ حجم ٽوال سان سندس منهن اگهي رهيو هو. تبت ڪولڊ ڪريم ۽ پائوڊر جو ٿپڪو ڏئي هن ڇٽي کي ڪنڌ سان سنوارت مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو ته هن اٿندي سوال ڪيس، ”بچو...! جج ڇڏيندو، ڪونه ڇڏيندو.“
”بس سائين ڇاٿو چئي سگهجي. انصاف آهي ڪٿي. وڪيلن ويچارن جو به چاڙهو ڪونهي“.
۽ اها هڪڙي سٽ منهنجي هن استاد ۽ وڪيل لاءِ ناقابل برداشت هئي. ايڏو سمجهو ماڻهو، پوءِ به اهو ذات تي حملو سمجهي هر هر پئي ”حجم هلڪي ذات“ جو ورد ڪيائين.
پنهنجي مورت کي، جا منهنجي من اندر مون تڪميل تائين اُڪيري هئي، ڊاهي، بيڊولو ڪري ڇڏيائين. صورتحال حجم جي دڪان واري ڏکي هئي، هن هڪڙي لاءِ نه.
پوزيشن - پوزيشن جو فڪر رکندڙ ڪهڙو وڪيل معتبر يا قابل اعتماد ٿي سگهي ٿو. خير. ذات تي ڏات ۾ هو يقين رکندو هوندو. مان اجايو پٺيانئس هوس. اهڙن ئي هزارين، لکين ڪروڙين ماڻهن، جن کي ساڃهه هوندي، پاڻ کي ذميدار سڏائيندي ذات کان نڪرڻ واڪ نه ٿيو هوندو، شايد انهن کي ئي ڇڏي گوتم سڀ ڪجهه تياڳيو هو.
مان اڃان ان ماڻهوءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان جنهن ٿورڙي عرصي ۾ نوجوانن توڙي پڪن پيٺن ماڻهن ۾ ڏاڍو مانُ حاصل ڪري ورتو آهي. مانُ. ڇا پنهنجي شخصيت سبب؟ پئسي ڏوڪڙ سبب؟ اختيار سبب؟ نه، نه. ٽئي ڳالهيون منجهس ڪڏهن اچي ئي نه سگهنديون. اها منجهس سگهه ئي ڪانهي. اداڪاريءَ کي دل ۾ سانڍيندو آهي، ڪنهن کي ان لاءِ چئي، کڄي نه سگهندو آهي، البت مذاڪرا ننڍي اسڪرين تي ڪرائيندو آهي. سندس ڳالهيون سمجهڻ ۾ صفا آسان هونديون آهن. مثال طور هو دنيا جي هر جوان عورت کي پنهنجي زال وانگر تصور ۾ رکندو آهي. نه رڳو ايترو پر ”ذهني مشت“ کانسواءِ... سندن جسماني اُڀارن کي نطرن سان ڇُهڻ وارو تصور به ڪري وٺندو آهي. نجي ڪچهرين ۾ به سندس موضوع عورت جي مرد سان برابري هوندو آهي، البت اندر ئي اندر ۾ ان جي آزاديءَ (جنسي) جو قائل آهي. بظاهر عورتن جي حقن وارين سرگرمين ۾ انهن سان ڪُلهي ۾ ڪُلهو ملائي هلندو آهي، جڏهن ته من ئي من ۾ کانئن پري رهي نه سگهندو آهي.
۽ هو ڏاهو، صحافي، جنهن کي ماڻهو آدرشي انسان سمجهي مانُ ڏيندا آهن. اعتبار ئي نه ايندو آهي ته، اهو ڪڏهن سياست کي، ته ڪڏهن سماج کي گاريون ڏئي، لاتعلقيءَ جو اعلان ڪندو آهي. ماڻهن کي مٺڙيون ڳالهيون ٻڌائي حيرت ۾ وجهندو آهي. شراب گڏجي پيئڻ ۾ لذت ماڻيندو آهي، سو به جڏهن قوم ۽ ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪندي، پنهنجي ماڻهن کي ئي ڄٽ ۽ اڻ سڌريل ڪوٺيندو آهي، تڏهن عجب وٺندو آهي. دل تي ان وقت مرشد جي هيءَ سٽ هُري ايندي آهي ته،

ڪُٺيس ڪويڄن، تن طبيب نه گڏيا، ...........

No comments:

Post a Comment