Saturday, July 29, 2017

شهزادي رابيل

شهزادي رابيل
ٻاراڻي ڪھاڻي
هڪڙو هو بادشاهه، جنهن کي رب جو ڏنو سڀ ڪجهه هو، پر اولاد ڪو نه هئس. ان ڪري پاڻ ۽ سندس راڻي، غم ۾ گذاريندا هئا. هڪڙي ڏينهن هڪڙو، فقير بادشاهه وٽ آيو، جنهن کيس چيو ”تو کي جلد هڪڙي ڌيءَ ڄمندي، پر تنهنجي زال ان جي ڄمڻ کانپوءِ جلدي مري ويندي.“
ائين ٿيو، جيئن فقير چيو ھيو. جلد ئي راڻيءَ کي ڌيءُ ڄائي. راڻي، ڌيءُ جي ڄمڻ وارن سورن ۾ ئي مري وئي. بادشاهه کي جيتري ڌيءُ جي ڄمڻ جي خوشي ٿي، اوترو ئي زال جي مرڻ جو ڏک به ٿيس.


نئين ڄاول ڌيءُ جا وار رات جي اونداهيءَ جهڙا ڪارا، ڳل گلاب جهڙا ڳاڙها ۽ رنگ رابيل جهڙو سفيد هو. سندس سونهن ڏسي، بادشاهه مٿس نالو رابيل ئي رکيو.
رابيل اڃا ڏهن سالن جي مس ٿي، ته بادشاهه ٻي شادي ڪئي. نئين راڻي ڏاڍي سهڻي هئي ۽ کيس پنهنجي حُسن تي ناز هو. هوءَ چاهيندي هئي ته ملڪ ۾ ڪو به ماڻهو اهڙو نه هجي، جيڪو سونهن ۾ مون کان وڌيڪ هجي.
هڪڙي ڏينهن هوءَ جادوءَ جي آئيني سامهون اچي بيٺي ۽ کانئس پڇڻ لڳي:
آئينا ڙي آئينا، مون کي ٻڌاءِ،
سونهن ۾ ڪا مون جهڙي آهه؟
ان تي آئيني کيس جواب ڏنو:
ڳالهه چوان مان تو کي ڪهڙي،
ڪائي نه آهي رابيل جهڙي!
اهو  ٻڌي راڻي ساڙ ۾ سڙي وئي. ٻئي ڏينهن هن پاڻ وٽ هڪڙي شڪاريءَ کي گهرائي چيو ته، ”هو رابيل کي پاڻ سان جهنگ ۾ وٺي وڃي ۽ هن کي اُتي ماري ڇڏي. جيڪڏهن شڪاري اهو ڪم پورو ڪندو ته کيس انعام ملندو، نه ته کيس مارايو ويندو.“
شڪاري، راڻي جو حڪم ٻڌي، رابيل کي مارڻ لاءِ جهنگ ڏانهن وٺي ويو. پر شهزاديءَ جي ننڍي عمر ۽ سونهن ڏسي، هن جي دل ۾ رحم پيدا ٿيو ۽ هن رابيل کي ٻڌايو ته؛ ”راڻيءَ هن کي چيو ته هو رابيل کي ماري ڇڏي پر آءٌ ائين نٿو ڪري سگهان، تنهنڪري رابيل کي ڪنهن اهڙي پاسي وڃڻ گهرجي، جيئن راڻي هن کي نقصان پهچائي نه سگهي.“
رابيل اهو ٻُڌي وٺي ڀڳي.
شڪاري پوءِ هڪ هرڻي ماري ان جون اکيون آڻي راڻيءَ کي ڏنيون، ڇاڪاڻ ته جيئن راڻيءَ کي رابيل جي موت جي پڪ ٿئي. راڻي هرڻي جي اکين کي رابيل جون اکيون سمجهي رابيل جي موت تي ڏاڍو خوش ٿي.
رابيل جهنگ ۾ پنڌ ڪندي رهي، تان جو هوءَ اهڙي هنڌ اچي پهتي، جتي هن ڏٺو، ته هڪڙو وڏو ميدان آهي، جنهن ۾ هڪ محل آهي، جنهن جهڙو سهڻو محل هن اڳي ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
رابيل محل ۾ اندر گهڙي وئي. هن ڏٺو ته کاڌي جي ميز جي چؤگرد سَت ڪُرسيون پيون هيون. چُلهه تي کاڌو تيار پيو هو پر گهر ۾ ڪو به ڪو نه هو. هن کي ڏاڍي بُک لڳي هئي سو کاڌو ڪڍي پيٽ ڀري کاڌائين. پوءِ هوءَ ٻئي ڪمري ۾ وئي، جتي هن ڏٺو ته سَت ڳاڙهيون کٽون پيون هيون جن تي ريشمي بسترا وڇايل هئا. هن کي ڏاڍو ٿڪ هو، تنهنڪري هوءَ انهن مان هڪ تي سُمهي پئي ۽ هن کي گَهري ننڊ اچي وئي.
اهو محل جنهن ۾ رابيل اچي سُتي هئي، ستن پرين جو هو، جيڪي هر روز صبح جو گڏجي دنيا جي سير تي هليون وينديون هيون، شام جو گڏجي موٽي اينديون هيون ۽ اچي محل ۾ آرام ڪنديون هيون. ان ڏينهن پريون جڏهن پنهنجي محل ۾ موٽيون ته هنن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته ڪنهن سندن کاڌي جو گهڻو حصو کائي ڇڏيو هو. هنن چيو ته اهو ماڻهو ضرور هتي ئي هوندو. هو جيئن ٻئي ڪمري ۾ آيون ته هنن ڏٺو ته هڪڙي ننڍڙي سهڻي ڇوڪري سندن کٽ تي سُتي پئي هئي.
جڏهن رابيل جي اک کُلي، ته هن پنهنجي چؤگرد ستن پرين کي ڏٺو، جيڪي هن ڏانهن نهاري رهيون هيون. سڀني پرين هڪ آواز ٿي رابيل کان پڇيو ”تون ڪير آهين؟ ۽ هتي ڇو آئين آهين؟“
رابيل هنن کي پنهنجو ڏک ڀريو سمورو احوال ڪري ٻڌايو، جنهن تي پَريُن جي دل ۾ هن جي لاءِ رحم پيدا ٿيو، ٿورن ڏينهن ۾ ئي رابيل پرين جي دل هٿ ڪري ورتي. پريون، سڄو گهر هن جي سنڀال هيٺ ڏيئي هليون وينديون هيون. وڃڻ وقت هن کي چئي وينديون هيون ته؛ پنهنجي ماٽيلي ماءُ جو خيال رکجانءِ. هن کي ضرور پتو پوندو ته تون هتي آهين ۽ هوءَ تو کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي، تنهنڪري ڪنهن کي به گهر ۾ اچڻ نه ڏجانءِ.“
هڪڙي ڏينهن راڻي جادوءَ جي آئيني جي سامهون اچي بيٺي ۽ آئيني کان پڇيائين:
”آئينا ڙي آئينا، مون کي ٻڌاءِ،
سونهن ۾ ڪا مون جهڙي آهه؟“
ان تي آئيني جواب ڏنس:
”ڳالهه چوان مان تو کي ڪهڙي،
ڪوئي نه آهي رابيل جهڙي!“
راڻيءَ وري به آئيني کان پڇيو: ڪهڙي جاءِ تي رابيل رهي ٿي؟
آئيني جواب ڏنس: ستن پرين جي محل ۾ رهي ٿي.
راڻيءَ کي هاڻي پتو پيو، ته شڪاريءَ هن سان ڪوڙ ڳالهايو هو، ان ڪري هن پنهنجي سر رابيل کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
راڻي پاڻ جادو ڄاڻندي هئي. هوءَ محل جي هڪڙي لڪل ڪمري ۾ وئي، جتي هن جادوءَ جي دوا تيار ڪري پيتي، جنهن جي پيئڻ سان هوءَ خوبصورت جوان عورت بجاءِ، سفيد وارن واري پوڙهي عورت ٿي پيئي. پوءِ هن جادوءَ جو ڪتاب کولي هڪ نسخو ڳولي ڪڍيو، جنهن ۾ لکيل هو ته جادو ڪيل صوف جي ڳاڙهي پاسي، هڪ ئي چڪ وجهڻ سان کائيندڙ اوستائين بيهوش ٿي ويندو، جيستائين ان سان ڪنهن محبت ڪندڙ جا ڳوڙها، ان جي مٿان نه ڪرندا.
راڻي يڪدم جادوءَ جو صوف تيار ڪري، سڌو ستن پرين جي محل ڏانهن وئي. جڏهن هوءَ اتي پهتي ته رابيل محل جي دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهي هئي. راڻي جيڪا هاڻي پوڙهيءَ جي شڪل ۾ هئي، تنهن رابيل کي چيو ته؛ ”مون وٽ سٺا صوف آهن جي تون خريد ڪندينءَ ته تنهنجي مهرباني ٿيندي.“
رابيل جو سهڻا ۽ سٺا صوف ڏٺا ته ان جي دل سرڪي پر هن کي چيائين ته ؛”نه، مان ڪنهن کان ڪا شيءِ خريد نه ڪنديس.“
منهنجي ڌيءُ! ان ۾ ڊپ جي ڪا به ڳالهه ڪا نه آهي. مان صوف کي وڍي اڌ پاڻ ٿي کاوان ۽ اڌ تو کي ٿي ڏيان.“ راڻيءَ رابيل کي چيو.
پوءِ صوف وڍي اڌ پاڻ کاڌائين ۽ جادوءَ وارو ڳاڙهو اڌ، رابيل کي ڏنائين. رابيل، ان مان اڃا ٿورو کاڌو ته بيهوش ٿي، پٽ تي ڪري پيئي.
جڏهن پريون محل ۾ واپس پهتيون ته هنن رابيل کي پٽ تي بيهوش پيل ڏٺو. اهي سمجهي ويون. ته اها حرڪت راڻيءَ جي آهي. هنن گهڻي ڪوشش ڪئي ته هوءَ هوش ۾ اچي، پر سڀ بيڪار.
اسان جيڪي ڪري ٿي سگهيونسين اهو ڪيوسون، پر رابيل اسان کان هميشه لاءِ ماٺ ٿي وئي! جيتوڻيڪ هوءَ مري وئي آهي پر هن جي منهن مان ائين معلوم نٿو ٿئي ڄڻ هوءَ زندهه آهي، پرين پاڻ ۾ چيو.
پوءِ هڪ پري صلاح ڏني ته ”جيتوڻيڪ اسان رابيل کي جيئرو نٿيون ڪري سگهون پر ان کي محفوظ رکي سگهون ٿيون.“
پرين رابيل جي جسم کي هڪ شيشي جي پيٽيءَ ۾ وجهي، جبل جي چوٽيءَ تي انهن گلن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ رکي ڇڏيو، جيڪي رابيل کي وڻندا هئا.
انهيءَ ڏينهن کانپوءِ، واري واري سان، هڪ پري رابيل واري پيٽيءَ وٽ، انهي لاءِ ويهندي هئي ته جيئن رابيل کي ڪو نقصان نه پهچي.
ڏينهن پٺيان مهينا، مهينن پٺيان سال گذري ويا ۽ رابيل شيشي جي پيٽيءَ ۾ اهڙيءَ ريت سُتل رهي، ڄڻ اجهو اُٿي پکين جون ٻوليون ٻڌندي، سهڻا ۽ رنگين گل پٽيندي.
پوءِ هڪڙي ڏينهن، هڪڙو سهڻو شهزادو گهوڙو ڊوڙائيندو، جبل جي انهيءَ چوٽيءَ تي اچي پهتو، جتي رابيل واري پيٽي رکيل هئي. جڏهن شهزادي، پيٽيءَ ۾ سُتل رابيل کي ڏٺو، تڏهن ڏسڻ سان مٿس عاشق ٿي پيو. پيٽي جي ڀرسان ويٺل پريءَ کان پڇيائين؛ ”هيءَ سهڻي ڇوڪري ڪير آهي، جيڪا اهڙي نموني سُتي پئي آهي؟“
پريءَ هن کي ٻڌايو ته؛ ”هيءَ شهزادي رابيل آهي.، جنهن کي گهڻا سال ٿيا، جو زهر ڏنو ويو هو.“ اهو ٻڌي شهزادي کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ پيٽيءَ جو پُڙ مٿي ڪري، رابيل جي چهري کي نهارڻ لڳو، ته سندس اکين مان ڳوڙها ڪري اچي رابيل جي ڳلن تي پيا. جيئن ڳوڙها رابيل جي ڳلن تي ڪريا ته هن جي جسم ۾ چُر پُر پيدا ٿي ۽ هن اهڙيءَ طرح اکيون کوليون، ڄڻ گهري ننڊ مان جاڳي هجي.

”ڇا ٿيو آهي، مان هن پيٽيءَ ۾ ڇو سمهي پئي هئس؟“ رابيل شهزادي کي ڏسي، پريءَ کان پڇيو. پريءَ رابيل کي جيڪي ڪجهه ٿيو هو، سو ٻڌايو ۽ ڊوڙي وڃي ٻين پرين کي وٺي آئي. سَت ئي پريون رابيل کي کلندو ۽ ڳالهائيندو ڏسي نچڻ ۽ ڳائڻ لڳيون. پوءِ هنن رابيل جي شادي شهزادي سان ڪرائي، جيڪو رابيل کي پاڻ سان گڏ گهوڙي تي سوار ڪري پنهنجي وطن وٺي ويو.

No comments:

Post a Comment