Sunday, July 16, 2017

شينھن کان حصو ڪير گھرندو؟ محمود شام

شينھن کان حصو ڪير گھرندو؟
محمود شام
شينهن، بگهڙ ۽ لومڙي گڏجي شڪار تي نڪتا. کين شڪار ۾ نيل ڳئون، جهنگلي ٻڪرو ۽ سيهڙ ئي هٿ آيا.
شينهن ڏٺو ته بگهڙ ۽ لومڙي به شڪار ۾ پنهنجي حصي جي خواهش رکن ٿا. هُن اُنهن جي نيتن جو اندازو لڳائي پهريان بگهڙ کي سڏايو ته هو انصاف سان ورهاست ڪري.


بگهڙ چيو؛ ”بادشاهه سلامت اوهان وڏا آهيو. نيل ڳئون اوهان جو حصو. جنگلي ٻڪرو وچولو آهي، اُهو منهنجو حصو. جڏهن ته سيهڙ، لومڙي جو حصو.“
شير چيو؛ ”منهنجي اڳيان تنهنجي ڪهڙي حيثيت آهي ته منهنجي هوندي تون انصاف ڪرين.“ ائين چئي ويجهو وڃي، کيس زور سان چنبو وهائي ڪڍيائين. جنھن سان بگھڙ ٿڏي تي مري ويو.
ھاڻي لومڙيءَ کي سڏي ورهاست لاءِ چيائين. لومڙيءَ باادب ٿي چيو؛ ”جناب ورهاست ڪهڙي. هيءَ نيل ڳئون اوهان جي صبح جو ناشتو آهي. جهنگلي ٻڪرو مانجهاندو آ ۽ رات جو سيهڙ جي گوشت مان لطف فرمائجو.“
شينهن کانئس خوش ٿيو ۽ سندس انصاف پسندي جو داد ڏيندي، کانئس پُڇيائين؛ ”اهڙي انصاف جي ورهاست تو ڪٿان سکي؟“
لومڙيءَ ورندي ڏنس؛ ”جناب! بگهڙ جي انجام منجھان.“
اهڙيءَ طرح شينهن خوش ٿي اُهي ٽئي شڪار لومڙيءَ کي بخش ڪري ڇڏيا.


(محمود شام جي ھڪ ڪالم جو ٽڪرو، جيڪو پڻ حڪايات رومي تان کنيل آھي)

No comments:

Post a Comment