Sunday, July 16, 2017

سنڌي ڪهاڻيون ۽ معاشري جو هاڻوڪو منظر آغا نور محمد پٺاڻ

سنڌي ڪهاڻيون ۽ معاشري جو هاڻوڪو منظر
آغا نور محمد پٺاڻ
ڪجھه ڏينهن اڳ اسانجي اسلام آباد ۾ قائم ٿيل انڊس ڪاٽيج لائبرري لاءِ سنڌي ٻولي جي هڪ منفرد ڪهاڻيڪار ۽ پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي پروڊيوسر بادل جمالي جو تازو ڪهاڻين جو مجموعو ”اويلو مسافر“ ٽپال جي ذريعي پهتو. هي ڪتاب سکر جي ماءِ پبليڪيشن پاران هن سال 2017ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ هي ان اشاعتي اداري جو 43 نمبر ڪتاب آهي. هي ڪتاب ليکڪ پنهنجي پياري ادبي دوست محمد علي پٺاڻ کي ارپيو آهي جيڪو پاڻ به ڪهاڻي، ناول ۽ شاعري جي ميدان ۾ هڪ وڏي مانائتي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ 8 ڪهاڻيون شامل آهن.


تقريباً 40 سال پراڻي ڳالهه آهي جو حيدرآباد جي فٽاز هوٽل ۾ سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي ڪتاب ”جيءَ جهروڪا“ جي مهورت ٿي هئي جنهن ۾ ان وقت جو اطلاعت کاتي جو سيڪريٽري ۽ معروف اديب، مزاح نگار علي احمد بروهي (مرحوم) مهمان خصوصي هيو ۽ بادل جمالي شايد ان وقت ٽيليويزن جو اسسٽنٽ پروڊيوسر هيو جنهن ڪتاب تي ڏاڍو سٺو ڳالهايو جنهن کي سڀني پسند ڪيو. بادل جمالي سنڌي ڪهاڻين ۾ جن موضوعن جي چونڊ ڪري ٿو اهي ڏاڍا نرالا آهن.
اها حقيقت آهي ته ڪهاڻيون اسانجي معاشري جي اهڙن موضوعن جي اپٽار ڪن ٿيون جيڪي اسان روز ڏسون ۽ ٻڌون ٿا ۽ انهن موضوعن کي بيان ڪرڻ جو بادل جماليءَ جو پنهنجو انداز آهي. ڪتاب ۾ هن ”منهنجو ادبي سفر“ جي عنوان سان پاڻ ئي مهاڳ لکيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي ڪهاڻين لکڻ جو آغاز سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ پڙهڻ سان ٻڌايو آهي.
هو ٻڌائي ٿو ته؛ ان وقت سنگت جو ماحول ڏاڍو شاندار ۽ دوستاڻو هيو، جنهن ۾ سينيئر ليکڪ ۽ نقاد شريڪ ٿيندا هيا ۽ دل کولي پيش ڪيل ادبي مواد جي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هيا. انهن ئي ڏينهن ۾ هن مسلسل 5 ڪهاڻيون لکيون ۽ داد حاصل ڪيو انهن ڪهاڻين ۾ خيرات، وندر، پاڙي ناهي پروڙ، خفتي، ماڳ سندو مامرو جهڙيون ڪهاڻيون شامل آهن.
”اويلو مسافر“ واري مجموعي جي پهرين ڪهاڻي امان جي نالي سان شامل آهي جنهن ۾ جيجل ماءُ سان محبت جو منظر پيش ڪيو ويو آهي. والده جو وڇوڙو هڪ عجيب روحاني ڪيفيت پيدا ڪري ٿو. هن ۾ ان شهيدن جي مقام جو ذڪر به ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هن جي والده رکيل آهي ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ ۾ بحريه يونيورسٽيءَ کان ٿورو اوڀر طرف بحريا جي آفيسرن جي قبرن جو به ذڪر ڪيو آهي جن ۾ آفيسرن جون قبرون عهدن، گريڊن جي حساب سان ٺهيل هونديون آهن پر اسان وٽ سنڌ جي تقريبن هر شهر ۾ شهيدن جا قبرستان آهن. شايد سنڌ ۾ شهيدن جو سلسلو قديم زماني کان وٺي هلندو اچي ٿو جيئن هاڻي لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ۾ به شهيدن جو قبرستان آباد ٿيو آهي.
ماءُ جي جهولي انسان جو پهريون درسگاهه آهي جنهن جي وڇوڙي سان تعليم ۽ تربيت کان علاوه دعائن جي درگاهه به ختم ٿي وڃي ٿي. ليکڪ ان ڪهاڻي ۾ هڪ خوبصورت جملو لکيو آهي ته جڏهن ماڻهو پنهنجي ماءُ جي ويجهو ويهي ٿو  ته ان جي عمر 68 سالن مان 8 وارو انگ غائب ٿي وڃي ٿو ۽ هو رڳو ڇهن سالن جو رهجي وڃي ٿو.
هڪ ٻي ڪهاڻي ”من جون اکيون“ ۾ ڪراچي ۾ گلشن اقبال جي پوش علائقي ۾ ٻن هزار گزن جي هڪ شاندار سينگاريل بنگلي ۾ شاديءَ جي دعوت جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن ان شاديءَ جي فنڪشن کي ائين ترتيب ڏنو هيو جيئن لاهور جي علائقي ماڊل ٽائون يا گُلبرگ ۾ اها شادي ٿيندي هجي ۽ ڪنهن ماهر جادوگر ان محل کي مهمانن سميت تريءَ تي کڻي اچي ڪراچي ۾ لاٿو هجي. ان ڪهاڻي ۾ جيرام ٻائي جي نالي هڪ ڳائڻي ۽ ان سان گڏ ان جي ٻن رقاصا ڌيئرن جو ڪردار پيش ڪيو آهي ۽ ڪهاڻيءَ جي پڇاڙي ۾ اهو راز افشان ٿئي ٿو ته انهن مان هڪ ان جي ڌيءَ نه پر پاليل هئي، رقاصائن  جو به ڪو عجيب نسلي پسمنظر ٿيندو آهي.
هن مجموعي جي ٽين ڪهاڻي ”ٽامي“ جي عنوان سان آهي. هن ڪهاڻي ۾ محمد قاسم جي نالي سان هڪ شريف نوجوان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ بهتر زندگيءَ جا خواب ڏسي ٿو پر هن کي ڪا نوڪري نٿي ملي جيئن اڄ ڪلهه هزارين گريجوئيٽ نوڪرين جي تلاش ۾ آهن. نيٺ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ گڏهه گاڏو وٺي مزدوري ڪري پنهنجو گھر جو گذارو ڪري ٿو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ ٽامي نالي هڪ گڏههِ جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي هو گڏهه گاڏي ۾ مزدوري لاءِ استعمال ڪري ٿو ۽ انهي جي کاڌي، خوراڪ ۽ صفائي سٿرائي جو خيال رکي ٿو.
ڳئون جي رسي ڇوڙي وئي ۽ ڳئون گهٽين مان گھمندي ڦرندي اسان جي گھر جي سامهون اچي رنڀڻ جو آواز ڪڍيو. مان ان وقت گھر ۾ ويٺو هيس ٻاهر اچي ڏٺم ته اسان جي اها چوري ٿيل ڳئون دروازي جي ٻاهران بيٺي آهي ۽ اهڙي قسم جا واقعا ڪتن ۽ ٻلين ۾ به ٿيندا رهن ٿا. قرآن شريف ۾ به اصحاب ڪهف سان گڏ غار ۾ هڪ ڪتو به ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو انهن جو وفادار ساٿي هيو. ان مان ثابت ٿئي ٿو جانورن جو به انسان سان هڪ رشتو هوندو آهي پر افسوس جو اڄ انسان انسان سان اهي رشتا نٿو نڀائي، چاهي اهي رت جا رشتا هجن يا ڪاروباري هجن. انسان کي الله تعاليٰ ”احسن تقويم“ بڻايو آهي پر هو پنهنجو مقام ڪيرائي ”اسفل سافلين“ تي پهچائي ڇڏي ٿو. اهڙو مثال هن جي هڪ ڪهاڻي ”اويلو مسافر“ ۾ نظر اچي ٿو جنهن ۾ هڪ نافرمان اولاد ۽ بيوفا گھرواري ڪيئن پنهنجي پوڙهي پيءُ ۽ حقدار مڙس سان ظلم ڪن ٿا.
اسان جي اڄوڪي ميڊيا اهو ئي سيکاري ٿي ته اصل زندگي فقط کائڻ، پيئڻ ۽ زندگي جا مزا وٺڻ آهي. باقي ماءُ پيءُ، ڀاءُ ڀيڻ ۽ پاڙيسري هر ڪنهن جو پنهنجو نصيب آهي. اهو ئي اسان روزانو ٽي وي جي مختلف چينلز جي اشتهارن ۾ خوبصورت چهرا ۽ خوبصورت کاڌا ڏسي زندگي ان طريقي سان گذارڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ۽ اسان جي غريب والدين جي اولاد ڪليم خان ۽ نديم خان وانگر ٿي رهي آهي جيڪي پوڙهي پيءُ کي پنهنجي ڪلاس جو ماڻهو نٿا سمجهن. ليکڪ جي ٻي اهم ڪهاڻي خان بلڊرس جي نالي سان هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪراچي تي قبضه ڪرڻ لاءِ لينڊ مافيه جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي. اها به 1970ع جي ڏهاڪي جي ڳالهه آهي جڏهن ڪراچي جا قديم ڳوٺ ڊاهي اتي بلڊرز مافيا پلازا ٺاهيا ۽ اتان جي اصل رهاڪن جو اهو حشر ڪيو جيڪو هنن هن ڪهاڻي جي مُک ڪردار ماسي حيلمه سان ڪيو، خبر ناهي ته هاڻي به جيڪي ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي ڊاهي وڏا وڏا ٽائون ٺاهيا وڃن ٿا، انهن ۾ ڪيترن ماڻهن جو اهڙو ئي حشر ٿيندو هوندو.
هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون رپورٽنگ  ۽ مقالمي واري گڏيل انداز ۽ وچولي جي نج سهڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. جيڪا هالا، سعيد آباد ۽ حيدرآباد جي علائقي ۾ ڳالهائجي ٿي ۽ وڏي سٺي ڳالهه آهي ته هر ڪردار شاهه لطيف جي شاعري سان جڙيل نظر اچي ٿو جيڪو ليکڪ جو ڪمال آهي. هن جا ٽي.وي ڊرامه به ڏاڍا سٺا هليا پي.ٽي.وي جي انهن ڊرامن کانپوءِ هاڻي پرائيويٽ چينلز ۾ ان معيار جا ڊرامه اسان وري ڪو نه ڏٺا آهن انهن ڊرامن ۾ رزاق مهر جو لکيل ڊرامو ”وڇوٽيون“ ۽ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ”قربتون ۽ فاصلا“ مقبول ڊرامه رهيا. جيڪي ليکڪ جي نگراني ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر پيش ڪيا.
هن جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو ”پاڙي ناهي پروڙ“ 1980ع ۾ ڇپيو هيو ۽ انهيءَ سال سنڌ گريجوئيٽ ايسوسئيشن طرفان ڪرايل چٽا ڀيٽيءَ ۾ هن جي ڪهاڻي جي ڪتاب ”پاڙي ناهي پروڙ“ کي پهريون نسيم کرل گولڊ ميڊل جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان کانپوءِ هن جو ٻيو ڪتاب ”سنگرام“ منصور پبليڪيشن حيدرآباد جنهن جو سربراهه محمد داؤد بلوچ (مرحوم) هيو ڇپرايو هيو. مونکي ياد آهي ته اڪيڊمي ادبيات پاران سائين غلام رباني آگري صاحب هن اداري لاءِ گرانٽ به منظور ڪرائي هئي. جنهن ۾ به تخليقي لحاظ کان معياري ڪهاڻيون ”ڀورو گلاڻي“، ”نوابي“، ”کتيرو“، ”ويچارو انسان“ ۽ ”سنگرام“ جهڙيون ڪهاڻيون شامل هيون ۽ هاڻي وري 31 سالن جي عرصي کانپوءِ هي مجموعو هن جو ٽيون ڪهاڻين جو ڪتاب آهي جيڪو ماءِ پبليڪيشن سکر پاران پڪي جلد سان 167 صفحن تي مشتمل شايع ڪيو ويو آهي.
بادل جمالي جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا آهن ۽ انهيءَ جي اُڻت اهڙي ته پُرڪشش آهي جو طويل هجڻ جي باوجود اڌ ۾ ڇڏڻ تي دل نه چوندي. هن محنت ڪئي ۽ ٽي.وي تي اچڻ کانپوءِ پنهنجي تعليم به جاري رکي ۽ ڪهاڻي جي فن کي سمجهڻ ۽ لکڻ تي ان نوجواني ۾ ئي پنهنجو نالو روشن ڪيو. هن جي ٻوليءَ ۾ اسان اپر سنڌ وارن لاءِ ڪجھه لفظ نوان آهن جيڪي هن استعمال ڪيا آهن يا اهي لفظ اسان وساري ڇڏيا آهن مثال طور کلم، باڙدي، پلاڻڻ، مڇلا، کودو، سودو ڏانئي اچڻ، کوکي، کڙهه، سنگھڙ، وارڙيو، منگھو، پُستيون، اڄهڻ، تهائين، پيٽ پارڻ، مڳلي، موڙهي، تڻڪڻ، ڇڙها، موٺڙي، چٻڙ، بوندي، بڏوڪڙي، هنبڙي وغيره مونکي نوان لڳا. ٿي سگھي ٿو ته ان علائقي جي ماڻهن لاءِ اهي لفظ عام هجن پر نج سنڌي لفظ آهن جن کي هن استعمال ڪيو آهي.

مونکي خبر آهي ته دادو ۽ سعيد آباد وارا جمالي ٻروچ، گھرن ۾ ٻروچڪي ڳالهائيندا آهن. ان جو اندازو مونکي ائين ٿيو جو منهنجو صحافي دوست علي حسن جمالي (مرحوم) ڪنهن زماني ۾ الوحيد اخبار ڪراچي مان ٻيهر ڪڍي هئي ۽ مونکي ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ دفعي هو مونکي بکر جمالي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو. اتي مونکي اندازو ٿيو ته هي ته سمورو علائقو بلوچستان لڳو پيو آهي. پر اسانجي دوست بادل جمالي جي سنڌي لکت ايڏي ته نج ۽ معياري آهي جو ان کي سنڌي جي نصابي ڪتاب ۾ جڳهه ڏيڻ کپي ۽ هن کي اهڙيون ڪهاڻيون مسلسل لکڻ کپن.

No comments:

Post a Comment