Tuesday, June 27, 2017

وڻجارو -شهباز پيرزادو

وڻجارو
ڪهاڻي
شهباز پيرزادو
سج اڀرڻ کان اڳ يا لهڻ کان پهريان ڳاڙهاڻ واري ماحول ۾ جڏهن ڪا ور جو اوسيئيڙو ڪندڙ درياءَ ڪناري سڀاڳن سڙهن جي متلاشي هجي ته سندس ڪيفيتون ڀٽ جي شاهه جهڙا شاعر پيدا ڪري وجهنديون آهن ..
آست کي ان ڪرڀناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا هوندي اڄ ستون مهينو آهي پر سندس ور ڪريم اڃان تائين ويڻي کي ور ئي ناهي ڏنو.


ڪريم جيڪو پنهنجي ديس جو قيمتي سامان ڏيسارو پهچائڻ لاءِ بندر گاهه تي ڪم ڪندو آهي ، ڳوٺ ۾ ٻه ٻارا زمين جا به هئس پر جڏهن به غربت سندس پيٽ ۾ خنجر هڻندي هئي  ته هي همراهه بندرگاهه جو رخ ڪندو هيو ..
پويان سندس وني پکي پکڻ کان ويندي هوا جي جهوٽي تائين هر شئي کي ڪريم ڏانهن واپس موٽڻ جا نياپا کڻائيندي هئي، باسون باسيندي هئي، درياءَ ڪناري روز اچي درياءَ کي عطر جو خوشبودار واس ڏيندي هئي ته من دادلو درياءَ هن اڀاڳڻ تي راضي ٿئي ۽ سندس سهاڳ کي واپس ورائي پر ڪريم ورلي ئي ڪي ورڻ جا سانباهه ڪندو هيو نه ته ٺهيو .
ستن مهينن کان بندرگاهه تي ويل ڪريم جي وني پنهنجي پيٽ ۾ آيل اڻڄاول ٻار سان پنهنجي پيءُ جا قصا سوريندي آهي ۽ لڙڪ لاڙيندي کيس سامونڊين سان سڱ ڪرڻ کان اڳواٽ ئي روڪيندي آهي .
سندس وس هلي ته هوءَ پنهنجا ڊگها ڪارا وار پگهه بڻائي پنهنجي ور جي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي ڄنگهن ۽ ٻانهن جي ڊگهين هڏين منجهان ونجهه ٺاهي يا پنهنجي پراڻي پوتيءَ منجهان سڙهه ٺاهي دريائي سفر ڪري ور کي ڏسي اچي پر سندس وس نه هليو .
سندس ور ڪريم کي غربت جي خنجرن ڏاڍا گهاءَ ڏنا هئا ، غربت جي گهاون کائُنس فراق جو احساس ئي ڦري ورتو هو هاڻ ته ڏور رهڻ سندس مجبوريءَ ۾ شامل ٿي پيو هو .
شام لڙي رهي هئي درياءَ ڪناري ٻيڙن جي لنگر جو وقت ٿيو هيو، ڳوٺ جي مسجد واري گهٽيءَ منجهان ڪنهن ٻيڙن جي اچڻ جو وڏي واڪي اطلاع ڏنو، جڏهن  اهو اطلاع آست جي ڪنن تائين پهتو ته هوءَ خوشيءَ ۾ ٻرندي اميدن جا انبار کنيو ڊوڙندي ڪناري تي پهچڻ لاءِ ڊوڙي پر سندس پيٽ ۾ آيل اڻ ڄاول کيس ڊوڙڻ جي اجازت نه پئي ڏني، سندس ئي ٻار سندس محبت ۾ ديوار ٿي پيو آهي پر هن ان ديوار کي ڀورا ڪري ساهڙ جي سڪ کي سيني ۾ رکيو ۽ تيز ڊوڙندي اچي ڪناري تي پهتي .
ڪناري تي پهچڻ شرط ئي سندس نظر پريان ايندڙ سڀاڳن سڙهن تي پئي، سڙهه ڏسڻ سان ئي سندس ڪاراٽيل چهرو نور جي تجلي جهڙو ڏيک ڏيڻ لڳو. هن دل ئي دل ۾ پور پئي پچايا ته ”ڪريم کي ٻيڙيءَ تان لهڻ شرط ئي دير سان اچڻ جون ميارون ڏيندس ۽ کيس ٻيهر بندر گاهه تي وڃڻ کان روڪيندس “
ماڻهن جي آواز جي شور تي سندس خيالن جي تند ٽٽي ۽ ٻيڙيءَ به اچي ڪناري تي لنگر ڪيو ..
کوڙ سارا ماڻهو ٻيڙي مان لٿا ، آست هر ايندڙ ماڻهو ڏانهن گهور سان ڏسي رهي هئي هوءَ جنهن ساهڙ جي سڪ جا پهاڙ کنيو انتظار ۾ بيٺي هئي اهو هن ٻيڙي مان به ڪونه لٿو-هن پنهنجي اميدن جو ڏونگر پرزا ٿيندي محسوس ڪيو ، صفا ساڻي ٿي پئي هئي ، ڪريم جي نه اچڻ جي درد هن کان وقت جو احساس ئي کسي ورتو هئو تان جو اچي رات ٿي ۽ چنڊ به کڙي چڪو.
سندس مٿي کي چڪر اچڻ لڳا هاڻ هيءَ ڪناري تي ڪريل آهي اڻڄاول ٻار به نڪرڻ جا سانباها ڪيا آهن ، هن جو ڊوڙڻ هن جي صحت لاءِ هاڃيڪار هيو هن کي هاڻ ڪنهن دائي جي گهرج هئي جيڪا هن جي سور کي جهڪو ڪري سگهي پر هن  درد قديمي ۽ درد جديدي محبوبن جي حب ئي سمجهيو هيو ساهڙ جو ديدار ئي هن لاءِ حڪيم ۽ ويڄ هيو هيءَ ساڻي ٿيڻ لڳي مٺيون زور سان بند ڪيا هن سڌي سئين ڪناري تي پيل هئي سورن جي شدت وڌندي وئي هيءَ هاڻ پاڻي بنا مڇيءَ وارو ڏيک ڏئي رهي هئي، سندس ڪارا وار واري لڳڻ سبب چمڪيلا ٿي پيا هئا هن پوري رات ڪناري تي لڇندي لڇندي گذراي هئي تان جو چنڊ به اها وارتا ڏسي نه سگهيو ۽ سورج کي تانگهه ۽ لوچ جي انتها ڏسڻ لاءَ ڌرتيءَ تي نگاهه وجهڻ لاءَ چيائين ..

هاڻ سورج به شاخ ڪڍي آهي ٻيڙين جي صبح واري لنگر جو وقت به اچي ٿيو آهي، ٻيڙيءَ مان لهندڙ ماڻهن ڪناري تي پيل عورت کي ڏٺو ۽ واڪا ڪري سڀني کي اطلاع ڏنو ماڻهن جو هجوم ان مٿان گڏ ٿي ويو ڪريم ٻيڙي مان لهي ماڻهن جو هجوم ڏسندي ئي اوڏانهن ويو تڪڙيون وکون کڻندو پيهه ۾ گهڙندو، ماڻهن کي ڌڪا ڏيندو، جڏهن ڪريل عورت تي نظر پئي ته سندس اکين جا بند ڀورا ٿيڻ لڳا، گوڏا ٻيڻا ٿي ويس ٿا، هو زمين تي ڪري پيو سامان جي ڳنڍ هيٺ ڪرڻ سبب وکري وئي.

No comments:

Post a Comment