Thursday, June 8, 2017

مهانگائيءَ خلاف مهم - ڊاڪٽر فهميده حسين

مهانگائيءَ خلاف مهم
ڊاڪٽر فهميده حسين
گذريل هفتي سول سوسائٽيءَ طرفان فروٽ يا ميوي جي رمضان شريف ۾ مهانگائيءَ  خلاف بائيڪاٽ ڪيو ويو. ٻڌو اٿم ته اهو ڪامياب بائيڪاٽ هو ۽ هاڻي فروٽ جون قيمتون گهٽ ٿي ويون آهن. الائجي ڪيترا ڏينهن اهي قيمتون گهٽ رهنديون سا ته خدا کي خبر پر منهنجو مشاهدو ڪجهه مختلف رهيو. آءٌ سالن کان پنهنجي پاڙي ۾ هڪ ڪمرشل ايريا ۾ گاڏي تي ميوو وڪڻندڙ هڪ ميمڻ ڳوٺ جي ڪڇي ڳالهائيندڙ ماڻهو کان خريداري ڪندي آهيان. ان ڪمرشل ايريا ۾ ٻه تمام وڏا ميوي جا جا دڪان آهن جن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون آهن ۽ گاڏي واري کان ٻيڻ تي هونديون آهن. انهن کي جڪڏهن چئبو ته؛ تنهنجو فروٽ هنن کان مهانگو ڇو آهي؟ ڪجهه گهٽ ڪر!“ سندن مٿو ايڏو خراب آهي جو اکيون ٻئي طرف ڦيرائي، چوندا آهن؛ پوءِ وڃي انهن کان وٺو نه! منهنجي فروٽ جي ڪوالٽي اي ون آهي.“ ٻئي طرف اڌ قيمت تي وڪرو ڪندڙ گاڏي واري سان ماڻهو ريڙهه پيڙهه ڪري اڃا به گهٽ پيا ڪرائيندا آهن. جيتريقدر ڪوالٽي (معيار) جو سوال آهي ته اوڻيهه ويهه جو فرق ضرور هوندو آهي. هن بائيڪاٽ کان گهڻا ڏينهن اڳ، هڪ ڀيري آءٌ فروٽ وٺڻ ويس ته اهو ئي ساڳيو گاڏي وارو زمين تي ڳوڻيون وڇائي پڙيءَ تي فروٽ وڪڻي رهيو هو. حيرت مان پڇيومانس؛ ڇو اڄ پَٽَ تي ويٺو آهين؟“ روئڻهارڪو ٿي چيائين؛ ڊي ايڇ اي وارا منهنجو گاڏو ضبط ڪري کڻي ويا آهن ۽ چيو اٿن ته مهيني کان پوءِ ڏنڊ ڀرڻ کانپوءِ واپس ملندو. آءٌ غريب ماڻهو، منهنجي ٻچن لاءِ روزگار ڪرڻ جو اهو ئي هڪڙو ذريعو هو سو به نه رهيو، مٿان ڏنڊ جا پئسا جمع ڪرڻا آهن، ڊي ايڇ اي آفيس جا ڏاڍا چڪر هنيا اٿم، ٻه ڏينهن ڊوڙ ڊڪ ۾ رهيو سهيو فروٽ به خراب ٿي ويو ۽ گهر ۾ مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان رهياسين، نيٺ هتي اچي پٽ تي مال رکيو اٿم ته من ٻه ٽي رپيا ملي پون ته گهر ۾ چلهه ٻري. پڇيومانس؛ ڊي ايڇ اي وارن ايئن ڇو ڪيو؟“ چوڻ لڳو؛ انهن چيو ته انڪروچمينٽ (والار) ڪريو بيٺو آهين، هتان هٽي وڃ. پهرئين ڏينهن ته منٿ ميڙ سان ڇڏي ڏنائون پر ٻئي ڏينهن وري آيا ۽ ماڳهين منهنجو ٺيلهو (گاڏو) ئي کڻي ويا. آءٌ مسڪين ماڻهو پنهنجو فروٽ جهولين ۾ ڀري بچائيندو رهيس پر اڌ کان مٿي مال به هليو ويو. وري آهستي سان چوڻ لڳو؛لڳي ٿو ته اهو هنن فروٽ جي دڪاندارن جي شڪايت تي ڪيو اٿن، جيڪي ساڳيو فروٽ ٻيڻي اگهه ٿا وڪڻن، ان ڪري ماڻهو اسان گاڏي وارن کان وٺندا آهن.“


منهنجي دل ڏاڍي ملول ٿي. مون کيس مدد جي آڇ ڪئي ته چيائين؛ نه باجي! الله وڏو آهي، روزي ڏيڻ وارو اهو ئي آهي. بس توهان فروٽ وٺي وڃو، مون ٻه ٽي ڏينهن لاڳيتو اڳي کان ڪجهه وڌيڪ فروٽ وٺي، ڄڻ حاتم طائي جي قبر کي لت هنئي. پر دل سچ پچ ته ڏاڍي ملول رهي.
هاڻي جڏهن هي بائيڪاٽ جا ٽي ڏينهن آيا ته ڏٺم ماٺ ڪريو پنهنجي زمين تي رکيل فروٽ تان ڪاٺيءَ ۾ ٻڌي ڪپڙي سان مکيون هڪلي اداس نظرن سان پئي ڏٺائين. هوڏانهن دڪان وارن کي ڪا پرواهه ڪا نه هئي. فروٽ جي دڪان جي اڳيان ڪار بيهاري اندر ويٺل بيگم صاحبائون ۽ صاحب رمضان رمضان شريف جي روزن ۾ فروٽ ۽ فروٽ چاٽ کائي ايمان تازو ڪرڻ سان گڏ وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ ڊائٽنگ جو ذريعو بڻائي اگهه پڇڻ بنا ئي ٿيلها ڀري ميوو وٺيو پئي ويا. مون محسوس ڪيو ته اسين جنهن طبقي کي سول سوسائٽي ٿا چئون اهو به گهڻو ڪري مڊل ڪلاس سان تعلق ٿو رکي. انهيءَ جيڪڏهن بائيڪاٽ ڪيو به ته انهن وڏن دڪاندارن تي ڪو به اثر ڪو نه پيو، جيڪي سو متاثر ٿيا سي اهي گاڏن واراپٽ تي رکيل پڙين وارا ۽ غريب گهورڙيا  ئي هئا، بائيڪاٽ جي ٻئي ڏينهن گهر ڏانهن ويندي ڏٺم ته اهو ڪلهن تي رکيل ڪنواٽ جهڙي ڪاٺيءَ ۾ ٻنهي طرف ٻه ٽوڪرا رکي هوڪا ڏيندو پئي ويو، هو منهنجي گهر جي ويجهو هو سو مون اشاري سان گهر ٻاهران اچي بيهڻ لاءِ چيو مانس، مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، چوڻ لڳو باجي جي توهان اجازت ڏيو ته آءٌ روزانو يا ٻئي ٽئين ڏينهن توهان کي در تي فروٽ ڏئي وڃان، هاڻي ته ڊي ايڇ اي وارا پٽ تي فروٽ رکي ويهڻ به نه ٿا ڏين، سو گهٽين ۾ هي هيڏو سارو وزن ڪلهن تي کڻي هوڪا ڏيندو آهيان، پر هتي ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ ماڻهو گهر جي در تان ڪنهن گهورڙيي کان ڪا شيءِ وٺڻ پنهنجي شان جي خلاف سمجهندا آهن ۽ واقعي اها حقيقت آهي.
هن ملڪ ۾ جيڪو باشعور طبقو آهي، سوشل ميڊيا تي اهڙيون تحريڪون ٿو هلائي، انهيءَ کي انهن غريب، مزدور طبقي جي ماڻهن کي نقصان کان بچائيندي اهڙي ڪا مهم هلائڻي پوندي. ڪنزيومرزم واري هن دور ۾ مهانگائيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪنزيومر يا گراهڪن کي اهڙي ڪا حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. مون ڏٺو آهي ته اڄڪلهه وڏين وڏين سپر مارڪيٽ ۾ عام مارڪيٽن کان اگهه گهٽ لکي رکندا آهن ۽ اسان جهڙا مڊل ڪلاس جا  ماڻهو خوش ٿي گرميءَ ۾ خريداري ڪرڻ بدران ان ايئرڪنڊيشن مارڪيٽ مان هفتيوار  يا پندرنهن ڏينهن گهر جو سيڌو سامان وٺي ايندا آهن. هائپر اسٽار، امتياز، اسپرنگس، چيز ۽ الائجي ڪهڙا ڪهڙا اسٽور نڪري پيا آهن. چري ڦٺ ۾ خوش. اهو ڏسي ئي ڪا نه  ته جڏهن بل ٿا ڏيون  ته ڪل قيمت جو ساڍا سترنهن سيڪڙو ٽيڪس معنيٰ سؤ تي ساڍا سترنهن رپيا ۽ هزار تي سؤ ستر رپيا مٿان ڏيو اچن. پوءِ به چوندا؛ فلاڻو اسٽور ڏاڍو سستو آهي. ان سان غريب پٿارن وارن يا گاڏي وارن ۽ ننڍڙن دڪاندارن جي واپار تي وڏو اثر ٿو پوي ۽ اميرن شاهوڪارن جا اهي وڏا وڏا اسٽور فائدي ۾ ٿا رهن. غريبن خلاف انهيءَ بائيڪاٽ کي اسان جي دانشورن پرنٽ توڙي سوشل ميڊيا تي ڪامياب مُهم قرار ڏنو آهي، ايتري قدر جو ڪن ماڻهن ان کي ترڪيءَ ۽ مصر ۾ آيل انقلابن سان ڀيٽ ڪندي سوشل ميڊيا جي طاقت کي ساراهيو آهي، بنا اهو سوچڻ جي ته اتي عام ماڻهن جي شعور جي سطح ڪهڙي آهي ۽ اسان جي فيس بڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيائي سائٽن تي ويٺل عام ماڻهو ته پري جي ڳالهه آهي، اسان جا اديب، دانشور ۽ پڙهيا لکيا باشعور ماڻهو ڪهڙيءَ طرح هڪ ٻئي جا پٽڪا ۽ پوتيون ڌوڙ  ڪري رهيا آهن. اخلاق جي دائري کان ٻاهر ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي تي لکيل پوسٽن کي تنقيد ڪوٺي،ان ذريعي ذاتي ڪردار ڪشي ۽ پلاند وٺن واري ذهنيت جو مظاهرو ڪري رهيا  آهن، شعور جي اها سطح پيدا ٿيڻ ۾ اڃا وڏو عرصو لڳندو،
انهيءَ سوشل ميڊيائي مهم کي مهانگائي خلاف استعمال ڪرڻ وارن ۾ سنڌ جا عام ماڻهو ڪو ايترو ڳنڀيرتا سان شامل به ڪو نه رهيا، وڏن شهرن ۾ هڪڙو مخصوص طبقو ضرور ان ۾ فعال رهيو، ان ڪري ان مهم کي جيڪڏهن اڳتي ٻين شين لاءِ استعمال ڪرڻو آهي ته سوچي سمجهي حڪمت عملي جوڙي ڪرڻو پوندو ۽ اها واقعي ته وقت جي وڏي ضرورت آهي. ان سان گڏ گهورڙين، گاڏن، ٺيلهن وارن، پٽ تي پڙي/ پٿارو لڳائي ويهڻ وارن سان اگهه گهٽائڻ لاءِ ريڙهه پيڙهه ڪرڻ واري حرڪت خلاف به ضرور شعور پيدا ڪرڻ گهرجي، وڏن وڏن مهانگن اسٽورن تان شاپنگ ڪندي مهل ته ڪير ڪڇي ڪو نه، باقي ڪو غريب ڳوٺاڻو اڳٺ، ڦڻيون يا صفائيءَ جا ڪپڙا وڪڻڻ ايندو ته ان سان پيا بحث ڪري اگهه گهٽائڻ لاءِ چونداسين. اسان کي پنهنجا رويا بدلائڻا پوندا ۽ پنهنجي غريب ۽ ضرورتمند ديس واسين جي سهائتا ڪرڻ لاءِ به سوشل ميڊيا ئي مهمون هلائڻيون پونديون.


No comments:

Post a Comment