Monday, April 17, 2017

مضمون نويسي يا مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

مضمون نويسي يا مقاله نگاريءَ جو تحقيقي جائزو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
مضمون جي صنف جي نثري ادب ۾ هڪ مڃيل حيثيت ۽ اهميت آهي. مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي. ضمن يا ”ارادو ڪيل“، ”گڏ ڪرڻ“ ۽ ”آڻڻ“ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. اردو ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ”مضمون“ کي ته انگريزي ۾ (Essay)  سڏيو وڃي ٿو، جيڪو فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ “Essai”  تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ ڪوشش ڪرڻ آهي. مضمون ڪنهن خارجي موضوع تي داخلي ڪيفيت جي ترجماني هڪ ڪوشش جي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ مضمون نگار جي اهليت، ذهانت، جذباتي، احساساتي لڳاءَ ۽ فڪر انهيءَ موضوع جي باري ۾ ظاهر ٿين ٿا.


مضمون نويسيءَ جي صنف فرانس جي دنياوي ادب ۾ آئي آهي ۽ مشهور ۽ اوائلي مضمون نگار مانيٽن پنهنجي مضمونن کي سندس شخصيت جي چترڪاري چوي ٿو. انهيءَ مان بلڪل ظاهر ٿئي ٿو ته مضمون نويسي ليکڪ جي ”داخلي ڪيفيت“ جي ترجمان آهي. لارڊ فرانسز بيڪن مضمون نويسيءَ جي دنيا ۾ ”بيڪنز ايسيز“ سان انقلاب آندو، سندس فلسفيانه 58 مضمون 1577ع کان 1621ع تائين جا لکيل هئا، جن جا موضوع حياتيءَ جي اهم رخن سان وابسته آهن ته اهي تحريري طور طويل به نه آهن. جامعيت، اختصار، انفراديت، اسلوب بيان جي سهڻائي ۽ موضوع جي مواد سان مماثلت مضمون جون اهم خوبيون آهن، جيڪي انهن مضمونن ۾ بدرجه اتم موجود آهن. فرانسيسي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي تمام گهڻي اهميت آهي، جتان ئي هيءَ صنف سڄي دنيا جي ادبن ۾ رائج ٿي. ميٿيو آرنلڊ مشهور اديب ۽ نقاد فرانسيسي ادب جي مضمونن کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:
“The power of French literature is in its prose writers (essay writers) and the power of English literature is in its poets.” (Matthew Arnold)
فرانسيسي ٻوليءَ مان مضمون جي صنف انگريزي ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ عام ٿي. دنيا جي تقريبن سڀني سڌريل ٻولين جي ادب ۾ مضمون نويسي رائج آهي ۽ اڄ تائين مختلف ٻولين ۾ هزارن جي تعداد ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيل آهن، جن مان ادب جا قارئين لاڀ حاصل ڪري رهيا آهن.
مضمون جي هيئت ۽ وصف بابت مختلف رايا آهن. شروعاتي دور ۾ ڏندڪٿائون، آکاڻيون، ٽوٽڪا، نقل، مختصر داستان، سوانح ۽ تاريخ، مضمون نويسيءَ ۾ شمار ٿيا، جيئن پرچرڊ (گريٽ ايسيز آف آل نيشن جو مرتب) پنهنجي آتم ڪهاڻي ۽ افسانن کي مضمون نويسيءَ جو حصو سڏيو آهي ته سنڌي نثر جي تاريخ ۾ منگهارام ملڪاڻي به ساڳيءَ ريت اهڙي نموني ڪجهه تاريخي ڪتابن ۽ سفرنامن کي مضمونن جا ڪتاب سڏيو آهي. وسعت حامل هئڻ جي باوجود جديد مضمون نويسيءَ ۾ اختصار کي ملحوظ رکيو ويو آهي. ڪنهن هڪ موضوع تي جامع خيالن جو عڪس ئي ”مضمون“ لفظ جي وضاحت آهي. موجوده هلندڙ رائج نظريي مطابق مضمون هڪ مناسب طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن جي ڊيگهه ٻن صفحن کان وڌ ۾ وڌ ٽيهن صفحن تائين هجڻ گهرجي. موضوعن جي لحاظ کان ان ۾ تنقيدي، تاريخي، سماجي، سياسي، اصلاحي، فڪري، سوانحي، مزاحيه، طنزيه، سائنسي، علمي، ادبي، فلسفيانه، مذهبي، منطقي ۽ ٻين نمونن جي موضوع تي مضمون لکي سگهجن ٿا پر انهيءَ ۾ ليکڪ جا ذاتي رايا ۽ ويچار هجڻ گهرجن، جن مان سندس تحرير جي قابليت ۽ لياقت نمايان ٿئي ٿي. مضمون ٻوليءَ جي لحاظ کان صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي، موضوع مطابق لفظ ڪتب آڻڻ ئي مضمون نگاريءَ جو فن آهي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي لکي ٿو ته:
تاريخي مضمون هجي ته ٻولي به تاريخي ڍنگ جي هجي، نه شاعراڻي ۽ نه جاهلاڻي، سياسي مضمون هجي ته سنجيده ۽ مدبرانه طرز ۾ لکيل هجي، نه ظريفانه ۽ غير شريفانه نموني، ظريفانه مضمون هجي ته ظرافت جي خلاف منجهس دل آزار جملا نه هجن. بهار جو ذڪر هجي ته بهار جي خوشحالي ۽ آباديءَ سان واسطو رکندڙ اسباب بيان ڪيل هجن. خزان جي خبر ڏجي ته خزان جي خرابيءَ ۽ برباديءَ جو پورو پورو نقشو ڇڪيل هجي.“
مضمون نثر ۾ لکيو وڃي ٿو، انهيءَ ڪري لکندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو نثر جي اصولن جو ڄاڻو هجي. بظاهر ته مضمون هڪ آسان صنف آهي ۽ عام طور اهو سمجهيو وڃي ٿو ته هر پڙهيل جنهن کي ادب تي ٿوري به گرفت آهي، مضمون لکي سگهي ٿو، پر ائين نه آهي. بظاهر سولو به هوندي سٺو ۽ معياري مضمون لکڻ ڏکيو آهي، انهيءَ ۾ فقط ڪنهن موضوع تي سرسري راءِ نه ڏني ويندي آهي پر انهيءَ موضوع جي اهميت علمي ۽ ادبي انداز سان بيان ڪري قاريءَ کي پنهنجن خيالن سان متفق ڪرڻو آهي. اها موضوع جي وضاحت ۽ اهميت مضمون نگار تڏهن پيش ڪري سگهندو، جڏهن کيس پوري ڄاڻ ۽ لکڻ تي عبور حاصل هوندو. ادبي ۽ علمي طور، ڪنهن موضوع تي پنهنجن خيالن کي چٽي نموني پيش ڪرڻ ۾ مضمون جي صنف جي اهميت هيڪاري وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار موجب ”اهي خيال هڪ ئي موضوع سان لاڳاپيل هجن.“
نه فقط اهي هڪ موضوع سان لاڳاپيل هئڻ گهرجن، بلڪه اهي (Positive) يعني هاڪاري ۽ مثبت پڻ هئڻ گهرجن، جو ادب مثبت خيالن کي فوقيت ڏيئي، سماج جي سڌاري جو پيغام ثابت ٿئي ٿو ۽ مضمون معرفت اهو پيغام سهڻي تحرير جو به محتاج آهي.
موجوده وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ ڏانهن توجهه گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن مضمون لکيا به وڃن ٿا ته ڇپيل مجموعن جي صورت ۾ موجود انگ ٿورو آهي. منگهارام ملڪاڻي جي ”نثر جي تاريخ“ ۾ 183 کان 285 صفحن تائين مضمون نويسيءَ جو باب ڏنل آهي، جنهن ۾ پاڻ مضمونن کي، داخلي يا شخصي مضمونن ۽ خارجي يا غير شخصي مضمونن ۾ ورهايو اٿن. پوئين حصي ۾ صحت تندرستي، تاريخ، تنقيد، سير ۽ سفر جا ڪتاب پڻ شامل ڪيا اٿن، ته ڌرمي، اخلاقي ۽ پنگتي مضمونن جي ڪتابن ۾ ڪيترا ئي ڌرمي جيئن ”تحفه اسماعيليه“، ”اشعار القرآن“، ”انجيل“، ”ٿياسافي“، ”ڀڳتن جون ساکيون“، ”مهاتمائن جا درشن“ نموني جا ڪتاب مضمون نويسيءَ جو حصو ڄاڻايا اٿن.
هاڻي ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن اڄ اسين مٿين نمونن جي ڪتابن کي مضمون نويسيءَ ۾ آڻيون ٿا ته پوءِ اسان کي اها واويلا بند ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سون جي تعداد ۾ ديني، تاريخي، تنقيدي، علمي، قومي، اخلاقي، سياسي ۽ ٻين موضوعن جا ڪتاب لکجي رهيا آهن، پر جيئن ته موجوده دور ۾ مضمون جي صنف لاءِ هڪ واضح چٽائي ٿي ويئي آهي ته مضمون هڪ مناسب ڊيگهه واري تحرير آهي، انهيءَ لحاظ کان انهن ڪتابن کي مضمونن جو حصو شمار نٿو ڪري سگهجي. مٿين سڀني موضوعن تي مضمون به لکيل موجود آهن پر ڪنهن به هڪ موضوع تي لکيل مڪمل ڪتاب مضمون نويسيءَ جو حصو شمار نه ٿيندا. سنڌي ادب ۾ موجوده وقت سفرناما، آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون ۽ ڪالم نثر جون الڳ الڳ ادبي صنفون شمار ٿين ٿا. مضمون نويسيءَ جي اصولن تي دنياوي ادب ۾ ڪافي احوال ملي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکڻ جي طريقي، طوالت، قسمن، ادبي ۽ علمي حيثيت ۽ ٻين فني رخن جي باري ۾ احوال گهٽ ملي ٿو.
جديد تحقيق مطابق مضمون/ مقالي کي تربيت مطابق ٽن حصن ۾ ورهائي لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پهرين موضوع جو تعارف ٻئي حصي ۾ موضوع کي مثالن سان سمجهائڻ ته ٽئين حصي ۾ سڄي ڄاڻ جو نچوڙ پيش ڪيو ويندو آهي. مضمون ۽ مقالي جي صنفن ۾ هڪ واضح فرق آهي. مقالو ۽ مضمون ٻيئي نثر جون اهم صنفون آهن. بظاهر ٻنهي ۾ ڪنهن هڪ موضوع تي ليکڪ پنهنجن خيالن ۽ ويچارن کي پيش ڪري ٿو پر مقالي ۾ ساڳئي موضوع تي ٻين جي ڏنل خيال ۽ نظرين تي بحث ڪري، دليلن سان پنهنجي موقف کي چٽائيءَ سان اڳيان آڻيندو آهي. مضمون ڪنهن به خارجي موضوع تي مضمون نگار جي سرسري اظهار خيال آهي ته مقالو پنهنجي موضوع جو اصولي ۽ عملي تجزيو آهي، جنهن ۾ فني ڇنڊڇاڻ سان گڏ تنقيد ۽ تحقيق جو حق ادا ٿئي ٿو. مقاله نگار لاءِ ضروري آهي ته هو مستند حوالن کي چڪاس ۽ ڌيان سان پيش ڪري. دليلن جي وضاحت سان گڏ سندس پيشڪش ادبي جي بجاءِ علمي هئڻ گهرجي ۽ مقالي مان سندس ذاتي نظرين، ڄاڻ، مطالعو، مشاهدو ۽ پُر دلائل انداز جهلڪن، مضمون ۾ مضمون نگار جو شخصي ۽ ادبي عڪس موجود هوندو آهي ته مقالي ۾ مقاله نگار جي علميت پوشيده آهي.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون لکجڻ ڪڏهن کان شروع ٿيا ۽ مضمونن جي شروعات طبعزاد مضمونن سان ٿي يا ترجمن سان؟ انهيءَ لاءِ اردو ٻوليءَ جي حوالي سان ذڪر ڪنداسين، ڇو ته اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ مضمون جي صنف تقريبن گڏ گڏ 19 صديءَ جي آخر کان شروع ٿي آهي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ کي ”مضمون نگاري“ ۽ گهڻو ڪري ”انشا پردازي“ سڏجي ٿو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”انشا پردازي“ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته،
اڳئين زماني ۾ فارسي زبان ۾ انشا پردازيءَ جو گهڻو رواج هو. قابل تعليم يافته انشا پردازيءَ ۾ وڏو نالو ڪڍندا هئا. قابل انشا پرداز کي ”منشي“ سڏيو ويندو هو. هو فارسيءَ ۾ مضمون لکندا هئا. ڄڻ موتي ويهي پوئيندا هئا ۽ اهي هر ڪنهن موضوع لکڻ تي قادر هوندا هئا ۽ ان وقت اصطلاحي طور سهڻي عبارت ۾ لکيل خطن جي مجموعي کي ”انشا“ سڏيو ويندو هو، ”انشاءَ ابوالفضل“ فارسيءَ ۾ ابو الفضل جي لکيل خطن جو مجموعو آهي، جيڪو وڏي درجي جو ڪتاب آهي ۽ اڃان به اهڙي ئي مجموعي کي ”انشا“ سڏجي ٿو.“
اڳيان اهو به ڄاڻايو اٿن ته ”انشا پردازي فقط خطن جي مضمونن تائين محدود نه آهي پر اها مضمون نويسيءَ جي اهڙي قابليت آهي، جو صرف، نحو، فصاحت ۽ بلاغت ۾ بلڪل ڪامل ۽ مڪمل هجي.“
اردو ٻوليءَ ۾ انشائيه جو لفظ فارسيءَ مان آيل ٿو ڀانئجي ته به اهو بلڪل واضح آهي ته ننڍي کنڊ جي مقامي ٻولين هندي، بنگالي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي مضمون نگارن جيئن ڊرائيڊن، ايڊيسن، جانسن، گولڊ سمٿ، ڪارلائيل، اسڪن، ليمب، ميٿيو آرنلڊ ۽ ٻين جي مطالعي سان جديد مضمون نويسي شروع ٿي. اردو ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات تقريبن 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. سر سيد احمد خان جا مضمون اوائلي شمار ڪيا وڃن ٿا. سندن ”تهذيب اخلاق“ اردو انشاپردازيءَ ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. محمد حسين آزاد جي ”نيرنگ خيال“ ۾ منفرد مضمون ملن ٿا. ان کانسواءِ علامه سيد سليمان ندوي، عبدالحليم شر، ڊاڪٽر وزير آغا، ڊپٽي نذير احمد، خواجه حسن نظامي، منشي پريم چند، مولوي عبدالحق، مرزا فرحت الله بيگ ۽ ٻين شروع دور ۾ مضمون لکيا.
سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات به لڳ ڀڳ 19 صديءَ جي آخر ۾ ٿي آهي. 1853ع ۾ عربي سنڌي آئيويٽا مقرر ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي ادب جون مختلف صنفون تحريري طور ميدان ۾ آيون، جن ۾ مضمون نويسيءَ کي هٿي اخبار نويسيءَ جي معرفت ملي.
جيئن ادب جون ٻيون شاخون گهڻو ڪري ڌرمي ۽ اخلاقي لکين سان شروع ٿين ٿين، تيئن سنڌي مضمونن جي شروعات به ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي ڪتابن سان ٿي، جن ۾ لکندڙن پنهنجا رايا ۽ خيال ڏيئي پنهنجي دماغي شخصيت ظاهر ڪئي. اهڙو پهريون ڪتاب سماج سڌاري جو هو. ديوان ڪوڙي مل جو ”پڪو پهه“ (1862 ڌاري) ۾.“
پڪ پهه“ ڪتابڙي ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ عنوان سان ڊگهو مضمون ڇپيو ۽ هيءُ ڪتابڙو جديد سنڌي مضمون نويسيءَ جي شروعات شمار ٿئي ٿو. پوءِ هڪدم ڪيترين ئي اخبارن جيئن ”سنڌ سڌار“، ”معين الاسلام“، ”پرڀات“، ”جوت“، ”سرسوتي“، ”اخبار تعليم“، ”ڀارت واسي“، ”روح رهاڻ“، ”هيت الامين“، ”الوحيد“، ”الجامع“، (رسالو)، ”بهارِ اخلاق“، ”مسلمان“، ”مسافر“، ”معاون“، ”نور الاسلام“، ”توحيد“، ”سنڌ“، ”مسلني“، ”مهراڻ“ ۽ ٻين مخزنن معرفت انيڪ مضمون ڇپيا، جن اخبارن جا منتظم پڻ مضمون نويس هئا، انهن ڇپيل مضمونن کي مجموعن جي شڪل ۾ آندو ۽ ٻيا به مجموعا ڇپيا، جن ۾ ”گل ڦل“، ”ادبي آئينو“ ”ادبي غنچو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”ادبي گلشن“، ”سنڌو“، ”گهرو علاج“، ”گلشن بهار“، ”ورق“، ”گلزار چنبيلي“، ”تهذيب اخلاق“، ”مقالات الحڪمت“، ”تيرهن ڄار مڪرن جا مار“، ”ڦول مالا“، ”ثمر حيات“، ”چڻنگون،، ”ڪچ ڪوڏيون“ وغيره. ”مقالات الحڪمت“ مضمونن جو پهريون مجموعو شمار ٿئي ٿو، جيڪو 1888ع ۾ مرزا قليچ بيگ فرانسز بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنز ايسيز“ تان ترجمو ڪيو.
1974ع کان اڳ جي مضمون نگارن ۾ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڏيارام گدو مل، ڏيارام منشا اماڻي،، ليکراج ڪشنچند عزيز، خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ديوان ڪوڙو مل، محمد هاشم مخلص، شمس الدين بلبل، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، عثمان علي انصاري، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، علي خان ابڙو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مولوي دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي، رام پنجواڻي، هرو مل سدارنگاڻي، ميران محمد شاهه، پرمانند ميوارام، آغا تاج محمد خان، پروفيسر عطا محمد حامي، لال سنگهه اجواڻي، لالچند امر ڏنو مل، تولارام ٻالاني، صاحب سنگهه چندا سنگهه شاهاڻي، ڊاڪٽر گربخشاني، ميلا رام واسواڻي، نارائڻ داس ملڪاڻي، نماڻو، ڊاڪٽر هرنامداس، گوبند ڀاٽيا، پروفيسر ڀمڀاڻي، غلام محمد شاهواڻي، منوهرداس، ڪوڙو مل، نگهارام مڪاڻي، مير محمد نظاماڻي، مرزا صادق علي بيگ، الهبچايو يار محمد سمون، عطا حسين شاهه موسوي، محمد صديق مسافر، ڀڳوان تولاڻي، علي احمد بروهي، ايم آر مائيداساڻي، ڏيارام وسڻمل، منگهارام وسواڻي، پروفيسر خوشي رام، علي نواز وفائي ۽ ٻيا هئا.
1947ع کانپوءِ به مضمون نويسيءَ جو فن جاري ۽ ساري رهيو. ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ڇپبا رهيا پر ڪتابي صورت ۾ گهٽ آيا ۽ هن دور ۾ مضمون نويسيءَ کان وڌيڪ مقاله نگاريءَ جو رجحان وڌي ويو. 1950ع کانپوءِ مقالاتي ادب ۾ گهڻي ترقي ٿي. جڏهن کان سنڌي ادب جي سڃاڻن لکيل علم ۽ ادب جي پرک شروع ڪئي، تڏهن کان تحقيق ۽ تنقيد جا رجحان شروع ٿيا. 1875ع ۾ سيد فاضل شاهه ”ميزان الشعراءَ“ لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي شاهه جي رسالي تي تحقيق ڪري سندس سوانح ۽ فن جي باري ۾ ”مقدمه لطيفي“ لکيو، جنهن جي جواب ۾ محمد بخش واصف ”شرح لطيفي“ لکيو. اهڙيءَ ريت تنقيدي ۽ تحقيقي لکڻين کي اهميت ملي ۽ انيڪ ڪتاب تحقيق ۽ تنقيد، تاريخ، لسانيات، لطيفيات ۽ ٻين موضوعن تي تجزياتي نموني لکجڻ ۾ آيا. ڪيترائي تحقيقي مقالا يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۾ منظور ٿيا آهن. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي کان علاوه ايم اي فائنل جا مونو گراف به تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪافي ڪتاب هن ڏس ۾ لکيا ويا آهن.
موجوده وقت هن ليک جي نسبت سان انهن مقالن کي موضوع جي دائري ۾ آڻجي ٿو، جيڪي مضمون جيان مناسب طوالت جا آهن ۽ مختلف اخبارن، مخزنن ۽ مقالن جي مجموعن جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. مثال طور فقط شاعريءَ ۾ ڇپيل مقالن کي ڏسنداسين ته ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ ان جا رجحانات“ غلام محمد گرامي“، ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“، ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“ شمشير الحيدري، ”جديد سنڌي شاعري“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”سنڌ ۾ هندي شاعري“، ”ڪبت نثر آهي يا نظم“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سومرن جي دور ۾ سنڌي شاعري“، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ٻيا ڪيترا شاعريءَ جي موضوع تي مقالا آهن، جن جو تعداد سون ۾ ٿيندو.
فقط لطيفيات ۾ لکيل مقالن کي ڏسنداسين ته اهي پڻ بي حساب آهن جيئن: ”شاهه جي شاعريءَ جي خوبين تي ڪٺو ويچار“ لال چند امر ڏنو مل، ”شاهه جي سنڌڙيءَ جي تهذيبي اهميت“ جي ايم سيد، ”شاهه جي صفويانه شاعري“، ڊاڪٽر دائودپوٽو، ”شاهه لطيف سنڌي قوم جو رهبر اعظم“، محمد ابراهيم جويو، ”هالن جا مخدوم صاحب ۽ ڀٽائي“، مخدوم طالب الموليٰ، ”شاهه جو پيغام هر دور لاءِ“ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ”شاهه جو بڻ بنياد“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”شاهه لطيف عزم ۽ استقلال جو داعي“، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ اقتصادي تعليم جا اهڃاڻ“، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ”مفتي منجهه ويهار“، ”شاهه جو رسالو ۽ قرآن پاڪ“ ڊاڪٽر خالد، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس“، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”شاهه جا پهاڪا، ڊاڪٽر اياز قادري“، شاهه جي بيتن جي تلاش“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”رسالي جي ڪهاڻين جو فني ۽ فڪري جائزو“، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ”سر ليلان چنيسر جو معنوي مفهوم“ الحاج رحيم بخش قمر، ”سر ليلان چنيسر جو روحاني راز“ پروفيسر عنايت الله زنگيجو، ”شاهه جي ڪلام ۾ اخلاق جو اڀياس“ ڊاڪٽر نسرين لطيف، ”شاهه جا سورما“ معمور يوسفاڻي، ”سر رامڪليءَ ۾ تاريخي اهڃاڻ، ”ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ”ڀنيءَ ٿيون ڀڙڪ“ محمد حسين ڪاشف، ”شاهه جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ”عاشق اهڙين اکرين لنگهيا لامڪان“ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ”شاهه عبداللطيف ۽ ڪلام تصوف“ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“ ڊاڪٽر درشهوار سيد، ”شاهه لطيف هڪ سماجي مفڪر“، ڊاڪٽر فهميده حسين، ”سر سورٺ جي ڪردار جو جائزو“ ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ”مٿي مارڳ ماڪ“ ڊاڪٽر سحر امداد، ”سورٺ سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار“ ڊاڪٽر تهمينه مفتي ۽ ٻيا ڪيترائي لطيفيات جا مقالا آهن.
مقاله نگاريءَ جي ترقيءَ ۾ عاون ادبي ميڙ ۽ علمي ڪانفرنسون آهن، جن ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنسون خاص طور اهم آهن. 1988ع ۾ اهڙي اهم ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪوٺائي ويئي هئي ۽ ڪجهه هندوستان ۾ پڻ ڪانفرنسون ٿيون آهن. موجوده وقت سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان انٽرنيشنل ادبي ڪانفرنسون سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو (ڊين فئڪلٽي آف آرٽس) جي سرپرستيءَ ۾ ٿي رهيون آهن، جن ۾ پراڻن محققن سان گڏ نون اسڪالرن به معياري مقالا پيش ڪيا آهن. اهڙيءَ ئي ريت ڏيئي مان ڏيئي جيان هيءَ لاٽ روشن رهندي.
مضمون نگارن ۽ مقاله نگارن مان جن ورهاڱي کانپوءِ ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ لطف الله بدوي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، احسان بدوي، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، مولائي شيدائي، غلام محمد شاهواڻي، محمد ابراهيم جويو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر درشهوار، سيد ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ڊاڪٽر حبيب الله مرزا، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر پرسس جيسارام گدواڻي، ڊاڪٽر موهن لال شرما، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، هري موٽواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر سنتداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، بدر ابڙو، امداد حسيني، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر عطا محمد حامي، محمد بخش مجنون، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر ثريا ڏيپلائي، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر سحر امداد، ڊاڪٽر قمر جهان مرزا، ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍڙ، ڊاڪٽر ملڪ نديم ۽ ٻيا ڪيترائي نالا آهن.
حاصل مطلب ته اڄ به جهجها ۽ معياري مقالا لکجي رهيا آهن ته چند سٺا مضمون پڻ لکجن پيا. ضرورت آهي ته ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي مجموعن جي صورت ۾ ڇپائي، مضمونن جي کوٽ کي پورو ڪندي، مضمون نويسيءَ کي هٿي ڏني وڃي. هتي سنڌي ٻوليءَ جي چند اهم مضمونن ۽ مقالن جي مجموعن جو ذڪر ڪجي ٿو.
مقالات الحڪمت“ جي عنوان سان شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ لارڊ بيڪن جي مضمونن کي 1877ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سندن ٻيو مضمونن جو مجموعو ”تهذيب الاخلاق“ پڻ تمام اهم آهي، جنهن جا مضمون عام رائج موضوعن تي مختصر ۽ اثر انگيز آهن. ”مقالات الحڪمت“ جا مضمون ڏاهپ ۽ حڪمت جا سخن آهن، جي اخلاقي، روحاني ۽ انساني عملي پهلوئن جي نمائندگي ڪن ٿا ته سندس سمجهه وڌائڻ ۽ شعور کي جلا بخشڻ ۾ معاون آهن. عام فهم ۽ اثرائتي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هنن مضمونن جي وڏي افاديت آهي. ليکڪ سک ۽ ڏک جي موضوع تي لکي ٿو ته، ”سکن ۾ پرهيز وڏي نيڪي آهي ته ڏکن ۾ همت ۽ صبر ڪاميابيءَ جي معراج آهي، جيئن سک اڪثر ڊپن ۽ خرابين کان خالي ناهن، تيئن ڏک به اڪثر سرهاڻين ۽ اُميدن کان خالي ناهن، ٻئي گڏ آهن.“
مشهور مضمونن جو مجموعو ”گل ڦل“ ٻن ڀاڱن ۾ 1928ع ۽ 1936ع ۾ شايع ٿيو. مضمونن جو هيءُ مجموعو پرمانند ميوارام جي اخبار ”جوت“ ۾ شايع ٿيل ٽيهن سالن جي مضمونن تي مشتمل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ 60 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 73 مضمون ڇپيا. اهي مضمون تاريخي، اخلاقي، سياسي، معلوماتي، سائنسي، ادبي سوانحي ته ڪجهه ناصحانه نموني جا پڻ آهن. نثر نويسيءَ جي مڙني خوبين سان معمور هيءُ مختصر مضمون پرلطف، اثر انگيز ۽ معلوماتي آهي. عمنوان هن ريت آهي ”چرچائي پکي“، ”پلو“، ”ماکيءَ جي مک“، ”تارن ڀري راتڙيءَ جو سنيهو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”جهنگل جو شيل“، ”ماءُ ته ههڙي“، ”سگهڙ زال“، ”تند نباتار“، ”صبر جن جو سير تير نه گُسي تن جو“، ”هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن“، ”آهي ننڍڙي پر وهه جي ڳنڍڙي“، ”ويل يل هٿ نه ايندي“، ”ڪاهوءَ جو دڙو“، ”موهن جو دڙو“، ”ڪوهستان جو سير“، ”مصر ڏيهه جا يادگار“. مطلب ته ٻين به گهڻن موضوعن تي مضمون ڏنل آهن.
گلدستو، ليلا رام پريمچند ۽ ڏيارام وسڻمل 1907ع ۾ شايع ڪيو. هن مجموعي جي مضمونن جا عنوان ”تاج محل“، ”اڪبر جو موت“، ”پريم“، سچو سينگار“، ”راڳ“، ”وويڪ“، ”گورستان مان گذر“ وغيره آهن، جن جا مضمون نگار ڪيولرام سلامت راءِ،، ”بولچند ڏيارام، بولچند ڪوڏو مل، نولراءِ اڌارام، ڪوڙو مل چند مل، مرزا قليچ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهرچند، محمد صديق ميمڻ، تارا چند شوقيرام آهن.
ادبي آئينو، ليکراج ڪشنچند جي ادبي مضمونن جو انعام يافته مجموعو 1941ع ۾ ڇپيو، جنهن جا ڪيترائي ڇاپا ڇپيا آهن ۽ يونيورسٽين ۾ ڊگري ڪلاسن جي نصاب ۾ مقرر هن ڪتاب چڱي مشهوري ماڻي آهي. ليکڪ هنن مضمونن کي سندس پريشان خيالن جو مجموعو ۽ خيالي بياني، مذاقي ۽ فلسفياڻي مضمون سڏيو آهي، پر ڪتاب جي مڪمل جائزي کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب ۾ آيل مضمون ٻين به گهڻن موضوعن تي آهن. علمي، ادبي، اخلاقي، سماجي ۽ مزاحيه مضمون پڻ آهن، جن ۾ خاص طور انساني خواهشن، نفساني سوچن، خودپسندي، لالچ ۽ حوس سان گڏ سندس ڏاهپ ۽ سمجهه جي رُخ کي ظاهر ڪندي، کيس خاص طور پاڻ سڃاڻڻ جي تلقين ڪيل آهي. ليکڪ لکي ٿو ته،
عشق جي غلبي ۽ محبت جي جوش جو اهو سهڻو مثال آهي ته ڪنهن جي طلب جي تار ۾ طالب کي وهڻ وه ٿي اچي ۽ ڪشالن کان ڪڪ نه ٿي پوي، ڇو جو جيسين پانڌيئڙو جيءَ کي جفا ڏئي، ساهه جو سانگو پلي، جهڙيون نه جهاڳيندو، تيسين سنسار ساگر ۾ مطلب جا موتي هٿ نه ايندس.“
سير ڪوهستان“ ۽ ”لاڙ جو سير“ الهه بچايو يار محمد سمون جو ”سير ڪوهستان“ 1942ع ۾ شايع ٿيو ۽ سندن ”لاڙ جو سير“ انهيءَ کانپوءِ ڇپيو. ”سير ڪوهستان“ ۾ آيل ويهه مضمون هڪ ئي علائقي جي رهڻي ڪهڻي، حڪومت جي انتظام ۽ عوام جي زندگيءَ جي حالتن جي باري ۾ آهن، جيڪي هڪ علائقي جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ تمدن کي بيان ڪن ٿا. اندازِ بيان تحقيقي ۽ علمي آهي ته هن مجموعي جي اهم خوبي ٻوليءَ جو سهڻو استعمال آهي. انيڪ هنڌائتا پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تجنيس حرفيءَ سان سجايل جملا ۽ موقعائتا بيت ڪتب آيل آهن. هن ڪتاب کي سنڌي لغت جو خزانو ۽ نج نبار سنڌي ٻوليءَ جو هڪ منفرد مضمونن جو مجموعي سڏي سگهجي ٿو، جنهن جو هڪ مضمون ”ڪوهستاني ڪچهري“ ٻارهين ڪلاس جي نصاب ۾ ڏنل آهي. ٻوليءَ جو مثال هن ريت آهي:
وڏي خوبي جا ڪوهستانين ۾ آهي، سا هيءَ ته پنهنجي پهلوانن جو وڏو احترام ڪندا آهن. هنن جي نالي ۽ يادگار زندهه رکڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪن. گيدپڻيءَ جو طعنو نه فقط گيديءَ کي هڻن، پر سندس سڄيءَ ڪُرَ کي لوئين، گيديءَ جي گلا ڪن، مانجهين جا مائيٽ، وڏيون رقمون ڏئي، پنهنجن جون ساراهون چوائين اها ئي تعليم آهي جا پهاڙي جوانن ۾ مردانگيءَ جو آنگ وڌائي ٿي.“
ساڳيءَ ريت لاڙ جو سير پڻ يارنهن مضمونن تي مشتمل لاڙ جي علائقي جي علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب آهي. هنن مضمونن جي ٻولي پڻ تمام وڻندڙ ۽ اثر انگيز آهي.
ادبي گلشن، 1946ع ۾ نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي ترتيب ڏنو. هن ڪتاب جي اعليٰ مضمون نگارن ۾ لطف الله آخوند، بولچند ڏيارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر دائود پوٽو، منگهارا، ملڪاڻي، محمد صديق ميمڻ، محمد بخش واصف، غلام حسين قريشي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪچ ڪوڏيون عنوان سان مضمونن جو مجموعو سيد عطا حسين شاهه موسيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ”حضرت انسان“، ”دل جا دليل“، ”ڪاري عينڪ“، ”شڪار“، ”ڪوڙ“، ”نشو“ ۽ ٻيا مضمون آهن، جي سهڻي اسلوب بيان باعث وڻندڙ آهن ته مواد، موضوع سان ٺهڪندڙ آهي. ڪچ ڪوڏيون، سنڌي مضمون نريسيءَ جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بهترين ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. ليکڪ جو ٻيو مضمونن جو مجموعي ”ڪشڪول“ 1992ع ۾ شايع ٿيو.
ڪَک هيٺان لک، ڪريم ڏني راڄپر جو لکيل آهي، جنهن ۾ ”ڪُڪڙ“، ”امداد باهمي“، ”کيتي سر سيتي“، ”ٻار ۽ ڀاڄيون“، ”جو وهي سو لهي“، ”گدا گري“، ”ڪک هيٺان لک“ ۽ ٻيا مضمون آهن. هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ شايع ٿيو.
رتيءَ جي رهاڻ، علي نواز وفائيءَ جي تاريخي، تنقيدي، سماجي، سياسي، علمي، ادبي، منطقي، ناصحانه، مزاحيه، طنزيه ۽ لطيفيات ۾ لکيل مضمونن جو مجموعو آهي. شاهه صاحب جي هن بيت مان ڪتاب جو عنوان چونڊيو ويو آهي:
اديون! آئون اڄاڻ، مون سڱ سُڃاڻي نه ڪيو،
هوند نه سَٺيم هيڙي، ڪوهياري جي ڪاڻ،
رتيءَ جي رهاڻ، جِي اڙايم جَتَ سين.
     (سر سسئي آبري، 5-19)
مٿي ڄاڻايل موضوعن مطابق مضمونن جا عنوان هن ريت آهن: ”تاريخ ساز شخصيتون“، ”سنڌ جا ڳوٺ“، ”اخبارون ۽ فلم“، ”ڏات ڌڻي ۽ ڏيهه ڌڻي“، ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون“، ”مينهوڳيءَ جا ماريل“، ”هيڻن جا حق هضم ڪرڻ“، ”سياسي ادب“، ”چونڊن جي چرپر“، ”صلح ۽ سانت“، ”ادب ۽ زندگي“، ”ٻوليون“، ”سنڌي پهاڪا“، ”قصيدو“، ”قلم ۽ اهل قلم“، ”ڪک هيٺان لک“، ”خوشامد“، ”تون ته ڪو قياس ڪر“، ”خليفو خيرو“، ”مستقبل جو معاملو“، ”ڀلارو ڀٽ ڌڻي“، ”ڪير پڇن ڪوڙيون“، ”نوريءَ جو نياز ۽ نوڙت“ ۽ ٻيا آهن. گهڻا تڻا مضمون هڪ کان ٻن صفحن جا آهن. هر مضمون جي آخر ۾ نصيحتي نڪتا، قول ۽ چوڻيون پڻ ڏنل آهن. پير علي محمد راشدي، قاضي عبدالمجيد عابد، شيخ عبدالحليم جوش طرفان پيش لفظ ۽ مهاڳ لکيل آهن. مولانا دين محمد وفائي جي هن فرزند جو ٻيو ڪتاب ”پلئه پايو سچ“ آهي. ليکڪ جي تحرير جو نمونو هن ريت آهي:
فلم بذات خود هڪ عجيب شيءَ آهي، ان جا ڪيئي قسم هوندا آهن، اهو لکندڙ تي دارومدار آهي ته اهلِ قلم، قلم کان ڪهڙو ڪم ٿو وٺي ۽ صاف شفاف پني جي سيني تي ڪهڙا ٿو جوهر جرڪائي، هونئن ته هر ڪنهن لکندڙ جي پنهنجي پنهنجي ادا، نمونو ۽ طرز تحرير هوندي آهي. ڪي اديبانه انداز ۾، سمورين لکڻين کي ادا ڪندا رهيا آهن، ڪي وري عام فهمي جي فرحتي فضا جا خدا، ڪي نج صحيح ۽ صاف اکرن جا استاد، ڪي وري ملاوٽ جا متوالا، ڪي وري نظم کي نثر ۾، ڪي نثر کي نظم ۾ پيا لکندا رهندا آهن“.
انسان جي اصليت کي پرکڻ لاءِ، هزارين ڪسوٽيون قائم ڪيل آهن. هن وقت اصليت ۽ ڪسوٽين جو پاڻ ۾ تڪرار ۽ ٽڪر شروع آهي، ڇاڪاڻ ته اسان کي، جيڪو معاشرو ورثي ۾ مليو آهي، ان ۾ اصليت جو احوال شروع کان وٺي خارج ٿيل آهي. باقي نقل جا ناز نخرا، نوان رنگ ۽ ڍنگ، زندگيءَ جي هر شعبي تي حاوي ٿيل آهن ۽ انهن جي ئي معاملن جا منجهائيندڙ مچٽ مڃيل آهن“.
سڏن مٿي سڏڙا علي احمد بروهيءَ جي هن علمي، ادبي، تاريخي، سوانحي ۽ سماجي مضمونن جي مجموعي جو عنوان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت مان چونڊيل آهي:
واڪو هڏ مَ لاهِه، سڏن مٿي سڏڙا،                  
مان تنهنجي ڪاءِ، سَڳرَ ۾ سارَ ٿئي. (سر حسيني، 10-3)
سنڌ هڪ مهمان نواز ڌرتي آهي. مهمان نوازي هتي جي ماڻهن جي تاريخي ۽ قديم روايت آهي. هي سندن ايمان آهي ته ماني موليٰ جي آهي. داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي. اڄڪلهه جي مهمانيءَ ۾ ڪجهه مقصد ۽ مطلب به سمايل ٿا ڏسجن. ڪي پيرن فقيرن کي مهماني کارائي ثواب دعا لاءِ کانئن هٿ کڻائين، ڪي وري وزيرن وڙن کي ست رڇيون کارائي، پنهنجي مشڪل ڪشائي ڪرائين، ڪي وري اهڙا سائين جا سنواريا، جو جن کي جيسين ڪو ٽيئڙ يا ٻرو نه چڙهي، تيسين ڳنڍ کي ڇيهه مور نه ڏين، ڪي وري سوداگر قسم جا مهمان نواز، جو ڪنهن کي ديڳ جي کرڙ کارائيندي ائين پيا ٽڳرندا، ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هنئي اٿائون، پر آئون صدقي وڃان انهن سٻاجهڙن تان، جي آئي وئي کي پڇ پاڻي پياريندي نه ذات پڇن نه پار پَتا نه ماني کارائيندي ڪا سوديبازي يا ڏيتي ليتي ڪن“.
هٻڪار، جي عنوان سان مختلف مضمون نگارن جي مضمونن جو مجموعو ڊاڪٽر نواز علي شوق 1975ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ ”علم سکڻ جي ضرورت“ (پڪو پهه مان ٽڪرو) ”سچ“، ”قلندري ميلو“، ”وهيو“، ”پريم“، آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق“، ”جيوت چٽاڀيٽيءَ جو سلسلو“، ”ڳوٺاڻي چهر“، ”نالا“، ”گنجي ٽڪر جو سير“، ”جي نوٽن جو مينهن وسي“، ”انسان“، ”شڪارپور“، ”سنڌي سٻاجهڙا“، ”مهمان نوازي“، ”وقت“، ”گداگري“، ”بي زبان دوست“، ”گهرجون“، ”مانيءَ جهڙو مٿو“، ”شڪار“ ۽ ٻيا چند مضمون شامل آهن، جن جا مضمون نگار ڪوڙومل کلناڻي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل ۽ صاحب سنگهه چندا سگهه شاهاڻي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، لال چند امرڏنو مل، نارائڻ داس ملڪاڻي، ميوارام ڀمڀاڻي، سيد ميران محمد شاهه، عطا حسين شاهه موسوي، ڪشنچند عزيز، پير علي محمد راشدي، محمد اسماعيل عرساڻي، هرمل سدار نگاڻي، ڪريم ڏنو راڄپر، عطا محمد حامي، گوبند ڀاٽيه، محمد بخش مجنون ۽ عطا محمد ڀنڀرو آهن. هي مضمون علمي ۽ ادبي طور تمام افاديت وارا آهن. هن ڪتاب جي اهم خوبي مرتب جو مضمون نويسيءَ جي باري ۾ شروع ۾ ڏنل ليک آهي ۽ سڀني مضمون نگارن جي مضمونن کان اڳ انهن جا تعارف ڏنل آهن.
چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا، 1980ع ۾ شايع ٿيل اهم ڪتاب نصاب ۾ پڻ مقرر رهيو آهي. هن ۾ آيل سڀ مضمون ۽ مقالا نامور عالمن ۽ اديبن جا لکيل آهن. اهي مضمون عام فهم ۽ دلچسپ آهن ته مقالن جو مدلل انداز اثرائتو آهي. آيل ليکڪ هن ريت آهن: ”ادب ۽ زندگي“، ”بارانِ رحمت“ علامه آءِ آءِ قاضي، ”گنجي ٽڪر جو سير“ ميران محمد شاهه، ”ڪوئل“، ”شڪار ڪندڙ پکي“، ”پلو“، ”سارنگ سانوڻ لايا“، ”خوشامد“ پرمانند ميوارام، ”لاڙ جي هڪ رات“ الهه بچايو يار محمد سمون، ”ڪوهستاني ڪچهري“ استاد عرس سمون، ”ماءُ جي دل“ محمد صالح ڀٽي، ”ڪوڙ“ عطا حسين شاهه موسوي، ”گل جي زباني“ ليکراج عزيز، ”نوٽڻ ۽ ملاکڙو“ منو تولارام گدواڻي، ”سنڌ جا سورهيه“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”شاعر جي عظمت“ ڊاڪٽر حيدر لغاري، ”پتلين جو تماشو“ غلام حسين شيخ.
مضامين خليل، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ادبي مضمونن جو هيءُ ڪتاب سندن وفات کانپوءِ 1982ع ۾ عبدالقيوم ترتيب ڏئي ڇپايو. هن ڪتاب جي مُنڍ ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جي پنجين سنڌ مشاعره ڪانفرنس 1944ع ۾ ڪيل تقرير ڏنل آهي ۽ ان کانپوءِ هيٺين شاعرن جي فن تي لکيل سندن سوانحي، علمي ۽ تنقيدي مضمون آهن، جن ۾ خليفو گل محمد هالائي، غلام محمد شاهه گدا، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد محمد فاضل شاهه، مرزا قليچ بيگ، حافظ محمد حيات شاهه ۽ صائب آهن، سندن طرزِ تحرير جو مثال هن ريت آهي:
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل مرحوم ڪٿي ڪٿي موزونيت کان بنهه ڪري پيو آهي ۽ اڪثر لفظن جي بيهڪ کي گهٽ وڌ ڪري ٿو، پر ياد رکڻ گهرجي ته اها شاعريءَ جي ابتدائي حالت آهي، جنهن ۾ سڀئي مشهور زبانن جا استاد ائين ڪندا هئا“.
مرزا قليچ مرحوم جو فقيريءَ ڏي گهڻو لاڙو ڏسجي ٿو. نهٺائي، نوڙت ۽ خلق سندس ڪلام مان پڌرو آهي. صوفياڻي مزاج رکڻ ڪري فقيري سندس هر هڪ شعر مان پڌري پسجي ٿي.“
مٿي مختصراً ڪجهه مضمونن جي ڪتابن جو جائزو ڏنو ويو آهي، ٻيا به گهڻائي ڪتاب مضمونن ۽ مقالن جا لکيا ويا آهن چند اهم ڪتابن ۽ مصنفن جا نالا هن ريت آهن:

ڦول ڦليل“ ديوان ڏيارام، ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ترتيب) ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، ”ادبي غنچو“ رام پنجواڻي، ”هيري جون ڪڻيون ساڌو هيرانند، ”ويچار“ لال سنگهه اجواڻي، ”گلزار نثر“ ڀيرو مل مهرچند، ”جوهر نثر“ منگهارام واسواڻي، ”ادبي تحفو“ خانبهادر محمد صديق ميمڻ، ”ادبي گلشن“ نارائڻ داس ملڪاڻي، ”چونڊ نثر ۽ نظم“ غلام محمد شاهواڻي، ”چڻنگون“ تيرٿ وسنت، ”گلزار نثر ۽ نظم“ محمد صديق مسافر، ”ڦلن مٺ“ لال چند امر ڏنو مل، ”ورق“، گوبند ڀاٽيا، ”پنگتي انقلاب“ ديوان واڌو مل، ”ثمر حيات“ پروفيسر عطا محمد حامي، ”ڪلاڪار جي دنيا“ پروفيسر خوشي رام، ”خيال خاطر“، سنڌي سٻاجهڙا“ اسماعيل عرساڻي، ”ويچار“ هرمل سدارنگاڻي، ”ڳالهه ٻولهه“ گرداس واڌواڻي، ”هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن رسول بخش پليجو، ”سڏن مٿي سڏڙا“ علي احمد بروهي، ”چار مقالا“ اسماعيل عرساڻي، ”رتيءَ جي رهاڻ“، پلئه پايو سچ“ علي نواز وفائي، ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ ڪماري ڪيسواڻي، ”مضمون ۽ مقالا“ علامه عمر بند محمد دائودپوٽو، ”ڪٺمال“ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ ماهتاب محبوب، ”نرتي تند نياز سين“، ”مقالا“ (بين الاقوامي ڪانفرنس 1988ع جا مقالا) سهڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ”شاهه لطيف جي شاعري“ ڊاڪٽر تنوير عباسي، ”مون مطالع سپرين“ ڊاڪٽر اياز قادري، ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ پروفيسر تنوير جوڻيجو، ”ڇڻن ڇُڻڪن چت ۾“، ”ٻولي منهنجي ماءُ“ پوپٽي هيرا ننداڻي، ”ادبي اهڃاڻ“ ڊاڪٽر خورشيد عباسي، ”پائي پٽ ڪڻا“ ڊاڪٽر نور افروز خواجا، ”لهرون لهرون لفظ“ سعيده بشير چانڊيو، ”وکر سو وِهاءِ“، ”اٿي رائو ريل“ پروين موسيٰ ميمڻ ۽ ٻين ليکڪن جا  ڪتاب آهن.

No comments:

Post a Comment